تعارف : ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
هي مقالا، سنڌ جي ديني عالمن ۽ انهن جي ديني، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن بابت آهن. اها هڪ روشن حقيقت آهي ته سنڌ جي عالمن ئي، سنڌي زبان جي صورتخطي تيار ڪئي، ان ۾ ڪتاب لکيا ۽ سنڌي علم ادب جي پيڙهه جو پٿر رکيو. نه فقط ايترو، پر سنڌي زبان ۾تعليم ڏيئڻ جو رواج به، سنڌ جي ديني عالمن ئي وڌو. مسلمانن جي اچڻ کان اڳ ۾، سنڌ ۾ ڌرمي تعليم، سنسڪرت زبان ۾ ڏني ويندي هئي ۽ نه سنڌي ۾. ديني مدرسن ۾ جيتوڻيڪ عربي ۽ فارسي ۾، تعليم ڏني ويندي هئي، پر سنڌ جي عالمن، سنڌي زبان ۾ به، تعليم ڏيئڻ جو رواج وڌو ۽ سنڌي زبان ۾، الف اشباع جي سٽا ۾، ڪيترائي ديني ڪتاب لکيا. دادا سنڌي هڪ مقالي ۾ عالمن جي انهن ڪوششن جو جائزو ڏنو آهي، جيڪي هنن سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ورتيون.
سنڌ جا عالمن وقت جي حالتن کان غافل نه رهيا آهن. هو حق ۽ سچ جا علمبردار رهيا آهن ۽ ايماني جوش ۽ جذبي سان سياسي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن ۾ اهمڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. هنن پنهنجي ملڪ جي حاڪمن سان به مهاڏو ڏنو آهي ته ٻاهرين طاقتن سان مقابلو به ڪيو آهي. انهي ڪري کين ڪيتريون ئي تڪليفون رسيون ۽ ساهه نه قربان ڪرڻو پيو. پر هنن جيڪي حق ۽ سچ سمجهيو ان تي اٽل رهيا ۽ اڏول رهيا ۽ ڪڏهن به مصلحت کان ڪم نه ورتائون . سنڌي عالمن جي حق گوئي ۽ دليري جو هڪ مثال پيش ڪريان ٿو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ سندس چرچ تي مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جي شهادت جو اندوهناڪ واقعو ٿيو. انهي واقعي تي مخدوم غلام محمد بگائي (ويٺل لڳ مورو) پردرد مرثيو لکيو جيڪو جتوجمعي نماز جي موقعي تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي روبرو پڙهيو. ان ۾ ائين به چئي ڏنائين ته ”ايڏي ڦر نه ڦندءِ، نورا ناوجها“.
پياري دادا سنڌي هن طرف به توجهه ڏنو آهي ۽ هڪ مقالي ۾ سنڌ جي عالمن جي سياسي خدمتب جو جائزو ڏنو اٿس. ان ۾ هن حضرت مخدوم بلال، مخدوم نوح، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، حضرت پير صاحب پاڳاري، اتر سنڌ جي عالم حافظ محمد صادق، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا تاج محمد امروٽي ۽ٻين عالمن جي سياسي خدمتن جو مختصر مگر جامع نموني ذڪر آندو آهي. حقيقت اها آهي ته آزادي جي تحريڪ ۾ سنڌ جي عالمن نهايت اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. ان جدوجهد ۾ کين ڪيتريون ئي تڪليفون رسيون، جيل ڪاٽڻا پيا ۽ ڪيترائي ورهيه جلاوطن رهڻو پيو پر هنن ڪڏهن به پوئتي پير نه هٽايو.
سنڌ جي عالمن نه فقط پنهنجي ملڪ کي علم جي فيض سان مالا مال ڪيو پر سنڌ کان ٻاهر وڃي به پنهنجي علم ۽ فضل جو ڌاڪو ڄمايو ۽ خدا جي مخلوق کي مستفيض ڪيو. هنن سرزمين عرب ۾ وڃي علمي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ حديث، فقهه ۽ ٻين ديني علمن ۾ مشهور ۽ معروف ٿيا. ان کان سواءِ هو هندستان جي مختلف علائقن ۾ وڃي رهيا ۽ اتي به علمي فيض حاصل ڪيو. پياري دادا سنڌي جي ٻن مقالن ۾ اهڙن عالمن جو به مختصر احوال آندو آهي.
هنن موضوعن تي اڳ ۾به لکيو ويو آهي ۽ لکجي رهيو آهي، پر دادا سنڌي جي هي محنت ۽ ڪوشش به پنهنجي جاءِ تي تعريف لائق آهي . خاص طرح سان هڪ ئي سلسلي جي مقالن جو ڪتاب ۾ شايع ٿيڻ تمام سٺي ڳالهه آهي . ان مان سنڌ جي عالمن جي خدمت جو هڪ جامع تاثر ملي ٿو.
دعا آهي ته الله تعالي سندس ڪوششن کي مقبول بڻائي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
لاڙڪاڻو سنڌ
19 نومبر 1987