سنڌ شناسي

سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما

هي مقالا، سنڌ جي ديني عالمن ۽ انهن جي ديني، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن بابت آهن. اها هڪ روشن حقيقت آهي ته سنڌ جي عالمن ئي، سنڌي زبان جي صورتخطي تيار ڪئي، ان ۾ ڪتاب لکيا ۽ سنڌي علم ادب جي پيڙهه جو پٿر رکيو. نه فقط ايترو، پر سنڌي زبان ۾تعليم ڏيئڻ جو رواج به، سنڌ جي ديني عالمن ئي وڌو. مسلمانن جي اچڻ کان اڳ ۾، سنڌ ۾ ڌرمي تعليم، سنسڪرت زبان ۾ ڏني ويندي هئي ۽ نه سنڌيءَ ۾. ديني مدرسن ۾ جيتوڻيڪ عربي ۽ فارسيءَ ۾، تعليم ڏني ويندي هئي، پر سنڌ جي عالمن، سنڌي زبان ۾ به، تعليم ڏيئڻ جو رواج وڌو ۽ سنڌي زبان ۾، الف اشباع جي سٽا ۾، ڪيترائي ديني ڪتاب لکيا. دادا سنڌي هڪ مقالي ۾ عالمن جي انهن ڪوششن جو جائزو ڏنو آهي، جيڪي هنن سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ورتيون.
  • 4.5/5.0
  • 4794
  • 1111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي عالمن  جا سونهري ڪارناما

1. اھل مدارس جو سنڌي ادب ۾ حصو

سنڌ سونھاريءَ جي سرزمين، علم، فن ۽ علوم عاليه جو پراڻي زماني کان سر چشمو رھي آھي. ھتي جا عالم ۽ فقيھه عالمي شھرت جا مالڪ رھيا آھن، جن جي علمي عظمت جو ڌاڪو ساري دنيا ۾ ڄميل رھيو آھي، جنھن جو اعتراف، مشھور محققن ۽ مؤرخن به ڪيو آھي. ابن صبعيه لکي ٿو ته ”سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت جو وڏو ذخيرو موجود آھي. مون کي معلوم آھي ته، يونان ۾ اھو سارو ذخيرو سنڌ مان ويو.“ ابو معشر لکي ٿو ته- ”سنڌ جي علم ۽ فن، حڪمت ۽ فلسفي ۽ ان کانسواءِ ساري دنيا جي قومن کان وڌيڪ، سنڌين جي علم ڏانھن رغبت جو اعتراف، دنيا جي سڀني قومن ڪيو آھي.“ اخبار الحڪماءِ ۾ آيل آھي ته ”دنيا جي سڀني قومن ۾، سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آھي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پھريون مرڪز آھي، اسان جي ملڪ کان دور ھئڻ ڪري، سنڌ جا ڪتاب، اسان جي عالمن تائين گھٽ پھتا آھن، تاھم به اسان وٽ جو ڪجھ به آھي اھو تمام گھڻو آھي“ حضرت علي رضه فرمايو آھي ته ”سنڌ جي سرزمين اُھا علم ۽ برڪت واري زمين آھي جتان علم ۽ عرفان جو سج اڀريو“ (مولانا گرامي صاحب سه ماھي مھراڻ 2- 1975 ص نمبر 210)
تاريخ شاھد آھي ته، اسلام جي آمد کان گھڻو گھڻو اڳ ھِت علم جو سرچشمو جاري ھو. ان دور ۾، سنڌي ٻولي جيڪا ذريعه تعليم ھئي، نه صرف ڳالھائي ويندي ھئي، پر لکي به ويندي ھئي، آرين جي دور ۾، قديم سنڌي ٻولي سان ٽڪرجڻ ڪري، سنسڪرت صرف پنڊتن تائين رھجي ويئي، جنھن ڪري قديم سنڌي ٻولي، نئين آريائي ٻوليءَ تي اثرانداز ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ، سنسڪرت سان گڏجي ويا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته ”سنڌي ھڪ قديم آريائي ٻولي آھي، جنھنجو بڻ بنياد سنڌو ماٿر جي، سنسڪرت کان اڳ واري دور جي، ڪا ھند آريائي ٻولي آھي. لَھندا ۽ ڪشميري، ھن جون ڀينرون آھن. سنڌي ٻولي خاص ڪري، موھن جي دڙي واري تھذيب جي قديم ٻولي، جا سميرين ۽ بابل جي ٻولين سان نسبت رکي ٿي، کان ئي اثر قبول ڪيا (جامع سنڌي لغات- مھاڳ ص نمبر 19) اھڙي طرح سنڌ ۾ قديم دور کان وٺي سنڌي ٻولي ھئي ۽ ان جي لکڻ پڙھڻ جو رواج ھو.
دراوڙن جي دور ۾، سنڌ ۾ عظيم تمدن ۽ سڌريل زبان جي ان وقت مندرن ۽ پاٽشالائن ۾ تعليم ڏني ويندي ھئي. انھن پاٽشالائن جي پروھتن ويدانت، الاھيات، فلسفي، طب، نجوم، ادب ۽ اخلاقيات تي ڪيئي ڪتاب لکيا. سنڌ جي چپي چپي تي پاٽشالائون ھيون. موھن جي دڙي مان، ھڪ وڏي وڏي درسگاھ جا کنڊرات مليا آھن، جنھنجي چئن ئي پاسن کان، ننڍا ننڍا ٻه ماڙ ڪمرا آھن، جنھن ۾ شاگرد رھندا ھئا، اھا جاءِ ھڪ وڏو پاٽشالا ھو. (سنڌو ماٿر جي تھذيب- محمد ادريس صديقي ص نمبر 42) آرين دراوڙي عالمن جو قدر ڪري، پاڻ سان ملائي، کانئن معلميءَ جو ڪم ورتو. ھن زماني ۾ رشي ۽ براھمڻ عام ماڻھن جا وديا گرو ھئا ۽ کين آتمڪ سکيا يا روحاني تعليم ڏيندا ھئا. ان روحاني تعليم کي عرفان جو درجو مليو ھو ۽ شاگرد استاد جي باري ۾ آيل آھي ته – ”اي اشوني ڪمار ديوتائون! جيڪي اتساھي پوڄاري اوھان جي دل جان سان پوڄا ڪن ٿا، سي توھان جي رٿ گاڏيءَ جي چوڌاري، بيھي اوھان جي ڏات مان، ائين لاڀ ٿا پرائين، جيئن وڌيارٿي (شاگرد) سکيا وٺڻ لاءِ، پنھنجي گرو (استاد) جا ٻول ڌيان ڏئي ٻڌندا ھئا.“ (قديم سنڌ- ڀيرومل مھرچند- ص نمبر 72) ان زماني ۾ زناني تعليم جو به رواج ھو ۽ ڪيئي ھوشيار عورتون پاڙھينديون ھيون جن مان ”گوشا“ نالي ھڪ ماسترياڻي مشھور آھي. ھن ئي زماني ۾، انھن پنڊتن ۽ معلمن ويدن کي لکيو. مورخ سنڌ مولائي شيدائي جو چوڻ آھي ته ”اھي ويد اوائل ۾ سنڌونديءَ جي ڪپ تي لکيا ويا. جڏھن آرين سرسونديءَ کان وٺي، سمنڊ تائين، سنڌونديءَ جي ميدان تي بيٺڪون وڌيون ھيون- “ (تاريخ تمدن سنڌ- ص 61) اھي چار ويد آھن، جن مضمونن جي ورڇ ھيٺينءَ ريت آھي.
(الف) رگ ويد: ھن ۾ ايشور جي استتي، ديوتائن جي ساراھ، سنڌنديءَ جي واکاڻ آھي ۽ پوتر ويچارن ۽ براين کي نندڻ جا بيان آھن
(ب) بحر ويد: ھن ۾ ايگين جي وڌين جي وستار آھي.
(ث) شام ويد: ھي ايشور جي استتي ۽ سوم يگيه بابت آھي. ھندي ۽ سنڌي سنگيت انھيءَ تان ٺھي راس ٿيو.
(ج) اترويد: ھن ڄمڻ کان مرڻ تائين، جيڪي سنسڪار ڪرڻا ٿا پون، تن جي اپٽار ۽ ٽوڻن ڦيڻن توڙي علاجن جا بيان اچي وڃن ٿا. (قديم سنڌ- ڀيرومل مھرچند- ص 76)
ھي ويد، ان دور جي عظيم تخليق ھئا، جن جي ھاڻي به ايتري اھميت آھي.
اشوڪ جي زماني ۾، سنڌ ۾ وڏا وڏا درسگاھ ھئا، جتي پري پري جا عالم اچي تعليم وٺندا ھئا. ان دور ۾، مندرن ۾ تعليم ڏني ويندي ھئي. اتي پوڄاري، محرر، محاسب، معلم، طبيب، جادوگر، خزانچي. مھتمم ۽ جوتشي ھوندا ھئا. انھن مندرن ھڪ طرف تحرير کي فروغ ڏنو، علم ھيئت جي ترقي ٿي، حساب جو ڪم اوج تي رسيو ته ٻئي طرف طب جو ڦھلاءُ ٿيو. گپت گھراڻي جي ڏينھن ۾، سنڌ ۾ پنجن ھزارن کان وڌيڪ پاٺشالائون ھونديون ھيون ۽ ھر ھنڌ ننڍا وڏا مڪتب ھئا. ڪيترن ئي مندرن ۾، پڻ تعليم جو بندوبست ھوندو ھو، جتي ھر قسم جي تعليم تربيت ڏني ويندي ھئي. مندرن ۾ پروھت پاڙھيندا ھئا. چيني سياح فارھيان لکي ٿو ته: ”405ع کان 411ع تائين، سنڌوندي جي علائقن ۾، ڪيئي مندر، مڪتب ۽ دارالعلوم عوام جي تعليم لاءِ وقف ھئا، جتي ھر قسم جي تربيت ڏني ويندي ھئي. ان وقت نالندا ۾، مشھور درسگاھ ھئي، جتي ڏھ ھزار شاگرد ۽ ٻه ھزار استاد ھئا-“ ان دور ۾، انھن مڪتبن جي استادن روايت قائم رکندي، ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ۾ وراھ مھروم جو ڪتاب سوريه سڌانت، آريه ڀٽ جو ڪتاب جوتش جو فن، برھم گيت جو ڪتاب ”اشقت سڌا“ ۽ کنڊڪار مشھور آھن. سرسوتي ۽ سمرتي جا ڪتاب به ھت لکيا ويا. ان کانسواءِ ”علم الحساب“ تي به ڪافي لکيا ويا.
برھمڻي دور ۾، سنڌ ملڪ آسودو ۽ خوشحال ھو. تعليم مندرن ۾ ڏني ويندي ھئي، جن مان ديبل، ھيروا، برھمڻ آباد، پاري نگر، مھانگر، سلقان، نگر ڪوٽ، سيوي، ھنگلاج ۽ اروڙ جا مندر تعليم جا مکيه مرڪز ھئا. انھن مندرن ۾ مذھبي تعليم سان گڏ، ٻين علمن ۾ به تربيت ڏني ويندي ھئي. ھنن مندرن ۾ وڏا وڏا ڪتب خانه ھئا، جن ۾ ھر قسم جو ادب محفوظ ھوندو ھو. سنڌ جي برھمڻ آباد جي، نو وھار مندر ۾، سڀ کان گھڻا ڪتاب ھئا. ان زماني ۾، سنڌ جي غير مسلم عالمن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان مشھور آھن، برھمسپت، شرت، مجمع التواريخ، ادب الملوڪ. کنڊيڪ وغيره. ھي سڀ ڪتاب پوءِ عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا.
بھرحال اسلام کان اڳ، مڪتبن جي عالمن ڪتابي دنيا ۾ پاڻ چڱو ملھايو.
711ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪري اسلامي حڪومت قائم ڪئي. ھنن سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ لاءِ، ڪافي ڪوششون ڪيون ۽ ان ڏَس ۾ سڀ کان پھريائين اھو ڪم ڪيائون جو، سنڌ کي پنھنجو مادر وطن تسليم ڪيائون، پوءِ ھتي جي تھذيب ۽ تمدن کان واقف ٿي ھتي جي ئي دستور ۽ زبان کي قائم رکيائون، ۽ عام تعليم ۽ ان جي تحقيق ۽ تلاش جو ڪم شروع ٿيو. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ سان، ھزارھا ھندو اسلام ۾ داخل ٿيا ۽ عربن ڪيترن ئي ھنڌن تي مسجدون جوڙايون ۽ نون مسلمانن کي نماز سيکارڻ ۽ قرآن شريف پاڙھڻ جو بندوبست ڪيائون. ڪيترائي ئي نو مسلم عربي ٻولي پڙھڻ سکيا ۽ سنڌ ۾ اھڙي طرح عالم ۽ مولوي وڌيا. (سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) اسلام جي ان اوائلي دور ۾، محمد بن قاسم فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون ۽ سنڌ جي وڏن شھرن ديبل، نيرون ڪوٽ، سيوستان، برھمڻ آباد، الور، ملتان، ديبالپور ۽ قنوج ۾ جامع مسجدون تعمير ڪرائي، منجھن مواعظ ۽ مؤذن مقرر ڪيا، جتي اسلامي تعليم ۽ مسائل سيکارڻ لاءِ استاد مقرر ڪيا. ھن ئي دور ۾، سنڌ ۾ مدرسن جو رواج پيو، جنھن کي اڳتي جحضرت عمر بن عبدالعزيز باقاعدي مستحڪم ڪري، ھن نظام کي تعليم لاءِ اپنايو. انھن مدرسن جي ھڪ خصوصيت ھيءَ ھئي ته اھي حڪومت جي دٻاءَ ۽ اثرات کان گھڻو محفوظ ھئا ۽ مدرسن جي فضا بلڪل آزاد ھئي. ھر مدرسو پنھنجي نصاب، تعليم ۽ طلبه پاليسي جي باري ۾ آزاد ھو، ان سان گڏ مسلمان حڪمران، مدرسن جي ديني، مِلي ۽ علمي معيار کي سامھون رکي انھن جي مالي مدد به ڪندا ھئا. مسلمانن جو اھو تعليمي نظام عوامي ضروريات ۽ حالات جي عين مطابق ھو. انھن مدرسن ۾، جتي قرآن، سنت ۽ فقہ جي تعليم ڏني ويندي ھئي، اتي ٻيا علم به پڙھايا ويندا ھئا. علم الحساب، علم الجغرافيه، علم الطب، علم المنطق، علم التاريخ وغيره. اھوئي سبب آھي جو انھن درسگاھن مان فارغ ٿيڻ وارا فرد جتي اسلامي علم جا عالم، فاضل ۽ ماھر مڃيا ويندا ھئا، اتي ٻين علمن ۾ به گھٽ نه ليکيا ويندا ھئا. ان تعليم جو سڀ کان وڏو فائدو ھي ھو ته ھڪ طرف حڪومت جي انتظامي امور لاءِ افراد ملي ويندا ھئا ۽ ٻئي طرف قوم کي ڊاڪٽر، عالم ۽ استاد مھيا ٿي ويندا ھئا. انھن خصوصيتن ڪري ھي نظامِ تعليم معاشري جي ديني ۽ دنيوي، ٻنھي ضرورتن جي پورائيءَ جو انتظام موجود ھو. جيڪڏھن معاشري کي وڏن طبيبن جي ضرورت پئي ٿي ته مشرقي طب جا ماھر، انھن مدرسن مان آسانيءَ سان ٿي ملي سگھيا. جيڪڏھن حڪومت جي رڪارڊ کي محفوظ رکڻ ۽ بيروني ملڪن سان خط ۽ ڪتابت جي ضرورت ٿي پئي ته انھن ئي مدرسن مان ڪاتب مليو ٿي ويا. (اسلامي معاشري جي تشخص ۾ ديني مدرسن جو ڪردار- نئين زندگي 2/ 1982ع ص 45) انھن مدرسن ۾ پاڙھيندڙ استادن، تدريسي خدمتن سر انجام ڏيڻ کانسواءِ تصنيف ۽ تاليف جي ميدان ۾، جيڪي ڪارناما ڏيکاريا آھن سي اسان لاءِ روشني جي مينار وانگر آھن. علمي ۽ ادبي دنيا ۾ سندن خدمتون، سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. انھن مدرسن جي عالمن، مسجدن سان گڏ ڪَچن ۽ ڪکائن حُجرن ۾ ويھي تحقيقي ڪتاب لکيا. اھڙن سنڌي عالمن جا فقہ ۽ حديث تي لکيل ڪتاب اسلامي دنيا ۾ عموماً ۽ ٻاھرين علمي دنيا ۾ خصوصاً مقبوليت حاصل ڪري چڪا آھن. اسلاميات جي پوري ذخيري ۾ ڪيترائي عالم، ڪن اھم ديني موضوعات تي اوليت جو شرف حاصل ڪري چڪا آھن. مثلاً سَن وار سيرت نبي صه ۽ مڪائيب نبوي صه پاران اھم ڪتاب، اول سنڌ ۾، انھن مدرسن جي استادن لکيا ۽ ان کانپوءِ عرب ۽ عجم ۾. سرت ۽ مغازي تي ڪتاب لکيا ويا. اھڙي طرح ساري اسلامي تاريخ ۾، سنڌ جي عالمن کي سَنَد جو درجو مليو ۽ عراق، شام، حجاز، ايران خواھ ھندوستان انھن جھڙو مثال پيش ڪرڻ کان قاصر آھي. مولانا عبيدالله سنڌي رحه، اھڙن عالمن بابت چيو ته ”اوھان سنڌ جي مُلن ۽ مسجد ۾ پڙھائيندڙ امامن کي، حقارت جي نظر سان نه ڏسو، اھي ٿوري علم وارا سنڌي ڪتابن پڙھڻ کانپوءِ، فقہ ۾ اھڙا ته ھوشيار، قابل، ماھر ۽ نڪته سنج آھن جو انھن سان ھندوستان جو ڪو وڏو مفتي، فقيہ ۽ صدر مدرس به فقہ جي مسئلن ۾ مقابلو ڪري نٿو سگھي.“ (تذڪره مشاھير سنڌ- ج اول- مولانا وفائي) ساڳي طرح مولانا گرامي رحه اھل مدارس جي علمي خدمتن بابت لکي ٿو ته ”انھن عالمن، تيل جي ڏيئن تي نور نچوئي، مطالعو ڪري، فقر و فاقه جي زندگي گذاريندي تَڏن تي ويھي ڪِلڪن سان تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪيو ۽ اھڙا فصيح ۽ دقيق ڪتاب لکيا جن عرب عجم ۾ سنڌ جي ھاڪ ۽ ڌاڪ پيدا ڪئي. سندن قلم ھلندو رھيو، ورق گرداني ٿيندي رھي، حوالا چونڊبا رھيا، عميق ۽ دقيق مسئلن جو تخمينو ٿيندو رھيو ۽ علم جي جوت جلندي رھي.“ (سه ماھي مھراڻ 2/ 1975ع ص 256)
ھن مقالي ۾، مدرسن جي انھن استادن؛ جن سنڌي ادب جي اشاعت، توسيع ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو، تن جو تفصيلي ذڪر ڪجي ٿو.
اسلام جي اوائلي دور ۾، جڏھن سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جي شروعات ھئي، تڏھن ديبل کي مرڪزي حيثيت حاصل ھئي ۽ اھو علمي شھر بنجي پيو. ھت پھريون اسلامي مدرسو کليو، ھت وڏا وڏا عالم پيدا ٿيا، جن کي ديبلي سڏيو ويو. انھن ۾ ابراھيم بن محمد، ابو قاسم شعيب، ابوالعباس، محمد بن عبدالله اھڙا عالم ھئا، جن کي حديث جي علم تي عبور حاصل ھو. ابو جعفر ديبلي پھريون سنڌي عالم ھو جنھن نبي صلعم جي لکيل خطن تي تحقيق ڪئي. ھنن عالمن تصنيف ۽ تاليف جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو. محمد بن قاسم 93ھ ۾ اروڙ ۾ اسلامي درسگاھ قائم ڪري، موسيٰ بن يعقوب ثقفي کي صدر مدرس، شھر جو قاضي ۽ خطيب بڻايو. ھي مدرسو شھر جي جامع مسجد ۾ ھو. وليد بن عبدالملڪ جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ باقاعدي مدرسا کليا ۽ قرآن شريف جي تعليم کي لازمي قرار ڏنو ويو. حضرت عمر بن عبدالعزيز، مسجدن کي تعليم جو مرڪز بڻايو ۽ شاگردن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 19- (2)
عربي حڪومت کي جڏھن استحڪام مليو، تڏھن ھنن سنڌ ۾ نوان شھر منصوره، محفوظه ۽ بيضا تيار ڪرايا، جتي عظيم درسگاھون جوڙيون ويون، جن ۾ عراق ۽ بغداد جا عالم اچي اسلامي تعليم ڏيندا ھئا. ان دور ۾ منصوره ۾ يونيورسٽي جي ليول تي ھڪ وڏو مدرسو ھو، جنھنجو صدر مدرس قاضي ابو محمد منصوري ھو. منصوره علمي لحاظ کان، ان زماني ۾ بغداد جو ھم پلئه ھو. ھن مدرسي ۾ عربي سان گڏ، سنڌي ٻولي به پڙھائي ويندي ھئي. مسعودي لکي ٿو ته ”ملتان ۽ منصوره ۽ آسپاس جي علائقن ۾، عربي ۽ سنڌي زبانون ڳالھايون وڃن ٿيون. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص 34) ان ڪري ھنن مدرسن ئي سنڌ جي ديني ادب کي فروغ ڏنو. جناب غلام علي الانا لکي ٿو ته ”دراصل مذھبي تعليم تدريس ۽ مدرسن، سنڌي علم ادب جي ترقي ۽ سنڌي زبان جي واڌاري ۾ اھم ڪم ڪيو. ھن دور جا وڏا وڏا عالم، سنڌي ٻوليءَ جا نامور شاعر ھئا-“ (ماھنامه نئين زندگي- فيبروري 1982ع ص 35) ھن ئي زماني ۾ منصوره جي رھاڪن جي زبان سنڌي ۽ عربي آھي.“ ابن موقل لکي ٿو ته: ' ملتان منصوره جي حاڪم، عبدالله عمر کي، الور جي راجا مھروگ لکيو ته ”ڪنھن عالم کان اسلامي اعتقادات لکرائي وٽس روانا ڪري ته جيئن ھو اسلامي اصولن ۽ عقيدن کان واقف ٿئي. ان ڪري ھڪ سنڌي عالم، اسلامي عقيدن کي، ھڪ قصيدي ۾ لکي راجا ڏانھن موڪليو. راجا قصيدو پڙھي، شاعر جي قادر ڪلامي، ۽ لياقت جي بي انتھا تعريف ڪري، کيس پاڻ وٽ گھرايو. ھن سنڌي عالم، راجا جي درٻار ۾، ڪيترائي سال رھي، قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ڪري، راجا کي ڏنو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 134) ھن واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ھن دور ۾، سنڌي ٻولي مدرسن ۾ پڙھائي ويندي ھئي. ھي تفسير ۽ ترجمو، ھن امر جي به گواھي ڏئي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڪتاب، مدرسي جي ھڪ فرد لکيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان وقت ايڏي صلاحيت ھئي جو ان کي قرآني تشريح جو ذريعو بڻايو ويو. ھن زماني ۾ منصوره کانپوءِ ديبل، بکر ۽ سيوھڻ به اعليٰ اسلامي تعليم جا مکيه ۽ اھم مرڪز ھئا. انھن علمي مرڪزن مان ڪيترائي عالم فارغ التحصيل ٿي نڪتا، جن جون تصنيفون مشھور آھن. ان زماني جو عالم ابوالقاسم ديبلي، مشھور محدث ٿي گذريو آھي. مطلب ته عربي دور ۾، سنڌ جي مدرسن ايڏا ته بلند پائي جا عالم پيدا ڪيا، جن علمي ۽ ادبي دنيا ۾، پنھنجا اڻ مٽ نشان ڇڏيا ۽ سندن ڌاڪو عرب دنيا ۾ به قائم ٿي ويو.
عربن کان پوءِ سومرن جو دور اچي ٿو، جن سنڌ تي ڪل ٽي صديون حڪومت ڪئي. ديسي مسلمانن جي ھيءَ پھرين وطني حڪومت ھئي، جنھن سنڌ جي تاريخ، ادب، تھذيب ۽ ثقافت ۾ اھم مقام حاصل ڪيو. سندن بھادرانه ڪارناما ۽ رزمي داستان، سنڌ جي تاريخ جو رنگين باب آھن. ھي زمانو، سنڌين ۽ سنڌي زبان لاءِ جاڳرتا جو ھو. ھن دور ۾؛ سنڌي زبان کي پھريون ڀيرو مذھبي تعليم ۽ ديني پرچار جو واحد ذريعو بنايو ويو. ھن دور جو تبليغي ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آھي. 1079ع ۾، سيد نورالدين، سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات ۾ آيو، جنھن اسماعيلي مسلمانن کي اسلام جا عقيدا سمجھايا. ھن شريعت جا مسئلا، ويدانيت ۽ تصوف جا اصول، سنڌي شعر ۾ سمجھايا. سندس تبليغي ادب سنڌ جو وڏو ادبي خزانو آھي. (جنت السنڌ- ص نمبر 215) ھن دور ۾ اسلاميات جي تعليم لاءِ خاص جايون ٺھرايون ويون. عالمن کي مدرسن لاءِ، حڪومت ۽ اميرن کان امدادون ملنديون ھيون. سنڌ جي انھيءَ دور جي مدرسن جي عالمن جي مسند درس تان ڪيترن عالمن فيض حاصل ڪيو. خصوصاً منصوره علمي حيثيت کان اھم مرڪزي شھر ھو، ليڪن محمود غزنوي جي حملي ان شھر کي ھميشه لاءِ ويران ڪري ڇڏيو. سومرن جيڪي نوان شھر جناني، محمد طور، ٿري، وگھيه ڪوٽ ۽ دمريلا تعمير ڪرايا، انھن ۾ وڏي پايي جا مدرسا ۽ مسجدون ھيون جتي گھڻا ئي عالم رھندا ھئا. شھرن جي مسجدن لاءِ فقيہ امامت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا؛ جيئن فقہ حنفي کان مسلمان واقف رھن. اھڙن علمائن لاءِ مدرالصدور سفارش ڪندو ھو ۽ شھرن جا قاضي، علمي ادارن جي صدارت ڪندا ھئا. علماءَ کي ھر طرح ديني آزادي مليل ھئي. مفلس شاگردن جي رھائش، کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو بار، حڪومت برداشت ڪندي ھئي. (فرشته- ج اول- اردو ترجمو ص نمبر 108) زماني ۾ اگھم ڪوٽ ۾ ھڪ وڏو مدرسو ھو، جتي ھڪ ئي وقت پنج سؤ شاگرد تعليم وٺندا ھئا. سندن رھائش، خوراڪ ۽ پوشاڪ جو سمورو خرچ امير درويش دائود، ميان حمل ۽ اسماعيل ڪندا ھئا. سيوھڻ جو مدرسو، جنھن کي ”فقھاءِ اسلام“ چوندا ھئا، تنھن کي يونيورسٽي جھڙي حيثيت حاصل ھئي. ھتي مصر جا شاگرد پڙھڻ ايندا ھئا. مخدوم نورالله، شاھ عبدالله، مخدوم عبدالرحمان ۽ مخدوم فاضل شاھ اعليٰ پايي جا عالم ھئا، جن علمي دنيا ۾. پنھنجو نالو ڪڍيو. حضرت برھان الدين بکر جو وڏو عالم ھو، جنھن جي مدرسي جي ھاڪ، دھليءَ تائين پھتل ھئي. ھن زماني ۾ ڪيترن ئي بزرگن تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪيو. ابو اسحاق ابراھيم سنڌي، امام غزاليءَ جي ڪتاب ”مقدمه التعليم“ جو رد لکيو. (سنڌ جا اسلامي درسگاھ- (ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ص نمبر 139)
سمن جي دور حڪومت ۾، اسلامي علوم گھڻي ترقي ڪئي. ان جو خاص سبب ھي ھو جو؛ سما سردار ۽ حاڪم پاڻ به علوم ۽ فنون جا قدردان ھئا ۽ علماءُ ڪرام جي عزت افزائي ۽ حوصله افزائي ڪندا ھئا. بادشاھ، ڄام نندو اھل علم، پرھيزگار ۽ خدا ترس انسان ھو. سندس دور ۾ عالم ۽ فاضل وڏن وڏن عھدن تي مقرر ٿيل ھئا. ھن جي علم پروري ڪري، ڪيترائي عالم لڏي اچي ٺٽي ۾ رھيا. ٺٽو ان وقت اسلامي تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز بنجي پيو ۽ بغداد ۽ قرطبه جي ڏِک پئي ڏنائين، جتي خراسان ۽ ايران جا عالم درس ڏيندا ھئا. اھڙي طرح ھي شھر دارالعلوم جي حيثيت حاصل ڪري ويو ۽ جيئن پوءِ تيئن ھت مدرسن جو تعداد وڌڻ لڳو. ھن زماني ۾، مدرسن لاءِ جدا جدا عمارتون ھيون. ھر ڳوٺ ۽ شھر ۾، وڏيون درسگاھون کليون. بکر، درٻيلو، ٻٻرلوءِ، پاٽ، ٺٽو، ھالڪنڊي، سيوھڻ ۽ نصرپور، اسلامي تھذيب ۽ ثقافت سيکارڻ جا اڏا ھئا، جتي عالي دماغ بزرگ ۽ بلند پايي جا عالم درس ڏيندا ھئا. حاڪمن طرفان، ھر مدرسي کي خاص گرانٽ ڏني ويندي ھئي. سمن جي اوائلي دور ۾ سنڌي عالمن علم تفسير، حديث ۽ صرف و نحو تي زور ڏنو ۽ ڄام نندي جي زماني ۾ فلسفي ۽ منطق تي توجھ ڏنو ويو ۽ معقولات کي نصاب ۾ داخل ڪيو ويو. علم فقہ تي به ڪافي زور ڏنو ويو ۽ ڪيترن سنڌي عالمن فقہ ۽ منطق تي ڪتاب لکيا. ھن دور ۾ ديني تعليم سان گڏ، شاگردن کي طبي تعليم به ڏني ويندي ھئي. اھڙي طرح شاگرد علمي ميدان ۾، پنھنجو روزگار به حاصل ڪري سگھندا ھئا. ٻي اسلامي دنيا سان رابطي رکڻ لاءِ ٻيون ٻوليون به سيکاريون وينديون ھيون. ھن دور جا مدرسا بغداد، دمشق ۽ ڪوفي جي مدرسن جي ھم پلئه ھئا.
سمن جي دور ۾ بوبڪ جو مدرسو عظيم درسگاھ ھو، جنھن کي مخدوم عبدالڪريم ميران برپا ڪيو، جنھن مان نه رڳو سنڌ پر پوري برصغير فيض پرايو. ھن ئي زماني ۾ مخدوم جعفر بوبڪائي وڏو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آھي. ھو پھريون سنڌي عالم آھي، جنھن تعليم جي اصولن تي ڪتاب لکيو، جنھن جو نالو آھي نھج التعليم. ھن سموري حياتي پڙھڻ پڙھائڻ ۽ لکڻ ۾ پوري ڪئي. ڄام نندي جي ڀاءُ جو ملتان ۾ اعليٰ پايي جو مدرسو ھو. ٺٽي ۾ شيخ عبدالوھاب پوراني، بکر ۾ شاھ قطب الدين، ھالن ۾ مخدوم عبدالرشيد، ڳاھن ۾ مخدوم فخر پوٽي ۽ ٽلٽيءَ ۾ مخدوم بلاول جا مدرسا ھئا، جتي شاگردن کي ديني تعليم سان گڏ قومي ۽ دفاعي ڄاڻ به فراھم ڪئي ويندي ھئي ۽ زندگيءَ جي ھر موڙ تي، مصيبتن کي منھن ڏيڻ جا اسرار و رموز به سيکاريا ويندا ھئا. ھن دور جو عالم مخدوم بلاول رح قابلِ ذڪر آھي. جنھن لاءِ تاريخ معصوميءَ وارو لکي ٿو ته، ھو تفسير ۽ حديث جي علم ۾ تمام ماھر ۽ بلند درجي جو مالڪ ھو. سندس درسگاھ ظاھري علم جي پالوٽ سان گڏ روحاني فيض جو به وڏو مرڪز ھو. سندس شاگردن اڳتي ھلي علمي دنيا ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو، جن ۾ مخدوم ساھڙ لنجار، مخدوم رڪن الدين ۽ مخدوم حسن جا نالا قابلِ ذڪر آھن. مخدوم بلاول، سنڌي زبان جو به ھڪ سٺو شاعر ھو. ھي شعر سندس ئي آھي.
سر جنين جا سٽ ۾، پيتي تن پڪا
سرڪ انھيءَ ھيڪڙي، گھائي گھوٽ وڌا.
ان کانسواءِ، مولانا برھان الدين، شيخ محمد بغدادي، سيد ابولغيث بکري به وڏا وڏا عالم ھئا. ھن دور ۾ ملڪ محمد عرف انڙ ولد ڄام فتح علي خان، علم منطق تي ھڪ بھترين ڪتاب ”لذبده“ لکيو جيڪو ان وقت مدرسن ۾ عام طور پڙھايو ويندو ھو. ھن زماني ۾ سنڌي ٻولي ئي مذھبي پرچار ۽ ديني تعليم جو ذريعو ھئي.
1521ع ۾ شاھ بيگ ارغون جڏھن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏھن ھت رت جا درياءَ وھائي ڇڏيائين. ھن کان پوءِ ترخانن به سنڌ ۾ اصلي رھاڪن سان سٺا پير نه کنيا. شاھ بيگ مقامي زبان جي ادارن کي ختم ڪري فارسيءَ کي زور وٺرايو. ھن سنڌ جي ماڻھن کي فارسي تعليم ڏيارڻ لاءِ سادات شڪرالاھي، سادات مازندراني، سادات ميرڪ سبزواري ۽ سادات حسني ھرات، قنڌار ۽ شيراز کان گھرايا. انھن مان ھر ھڪ خاندان شعر، حديث، فقہ ۽ منطق وغيره جي علمن ۾ بلڪل قابل ھو ۽ انھن فارسي شعر جي تعليم ۽ طرز سنڌ ۾ پکيڙي. (سنڌي شاعري- حافظ احسن چنه- نئين زندگي مارچ 1967ع ص نمبر 15) حڪومت جي زبان فارسي ھئڻ ڪري، ان زبان زور ورتو. علماءَ، مورخ ۽ شعراءَ سڀ فارسيءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳا. ھن زماني ۾، سنڌ جا ٻه تخت گاھ ٺٽو ۽ بکر علمي لحاظ سان ”ارض معموره“ سڏجڻ لڳا. (جنت السنڌ- ص نمبر 167) ارغونن ۽ ترخانن ترڪستان ۽ ايران مان ڪافي بزرگ عالم ۽ اھل قلم گھرائي سنڌ ۾ رھايا.
ارغونن جي اوائلي دور ۾، سيوھڻ ۾ قاضي ڏنو سيوھاڻي مدرسو ھلائيندو ھو، جنھن ۾ سنڌ جي حاڪم، مرزا شاھ حسن تعليم ورتي. قاضي ڏنو علم حديث جو ماھر ھو. شيخ عبدالوھاب پوراني به وڏي پايي جو عالم ھو، جنھن جو ٺٽي ۾ مدرسو ھو، جنھن ۾ پاڻ ديني علمن جو درس ڏيندو ھو. ھو علم فقہ جو ماھر ھو جنھن علم تي ھن جو ھڪ ڪتاب ”جامع فتويٰ پوراني“ مشھور آھي، جيڪو ان وقت ٺٽي ۽ بکر جي مدرسن ۾ پڙھايو ويندو ھو. شاھ حسن ارغون جي ڏينھن ۾، سنڌ ۾ علمي ماحول زور ورتو. جيئن ته ھو عالمن جو قدردان ھو، ان ڪري ڪيتريون درسگاھون ٻيھر کوليون ويون. قاض شرف الدين ۽ مخدوم ميان محمد جو سيوھڻ ۾ مدرسو ھو. مخدوم عبدالعزيز جو ڪاھان ۾ ۽ مولانا قاسم جو بکر ۾ مدرسو ھو. شيخ قطب الدين پٽ شاھ محمود، جيڪو خراسان جو ويٺل ھو، بکر ۾ اچي درسگاھ کوليائين. جمعي تي واعظ به ڪندو ھو. شاھ حسن کيس بکر جو ”شيخ الاسلام“ مقرر ڪيو. ارغونن جي زبان فارسي ھئڻ ڪري، فارسي ٻولي ۽ ادب تي، وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو ويو. سنڌي عالمن به فارسي زبان ۾ مھارت حاصل ڪري، عربي وانگر فارسي ۾، ايڏا ته بلند پايي جا ڪتاب لکيا، جيڪي فارسي جي ”ادب عاليه“ ۾ شمار ٿين ٿا.
ارغونن ۽ ترخانن کان پوءِ، سنڌ مغلن جي چنبي ۾ آئي. 1612ع ۾، اڪبر بادشاھ پنھنجي استاد ۽ سپھ سالار خان خانان کي، ھڪ وڏو لشڪر ڏيئي، پنھنجي جنم ڀوميءَ تي، رتُ وھائڻ لاءِ موڪليو، جنھن ٺٽي تي ڪاھ ڪري، خون جا درياءَ وھائي سنڌ کي پنھنجي تسلط ھيٺ آڻي، ھِت اُھي قھر ڪيا، جيڪي اڳتي ھلي شاھ عنايت رح جي شھادت جي صورت ۾ ظاھر ٿيا. خان خانان شھرن تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ، ماڻھن جي اندر ٻاھر اچڻ جا رستا بند ڪرائي ڇڏيا. جيڪو ٻاھر ٿي نڪتو، تنھن تي توب ۽ تفنگ جا گولا وسايا ٿي ويا ۽ جيڪي اندر رھيا سي ٻارين ٻچين موت جي منھن ۾ ويندا ٿي رھيا. ھنن کي کائڻ لاءِ اَن جو داڻو ته ڇا، پاڻيءَ جو ڍُڪ به نصيب نه ٿي ٿيو. (سنڌ جي طبي تاريخ- ”حصو ٻيو“ نياز ھمايوني ص نمبر 58) انھن ظلمن ۽ سفاڪين کي سھندي به، ھن دور ۾ سنڌ پنھنجي علمي عظمت کي قائم رکيو. ٺٽو، نصرپور، سيوھڻ، بکر، روھڙي ۽ سکر تعليم جا مرڪز ھئا. ھن زماني ۾، ٺٽو تعليمي لحاظ کان عروج تي ھو. ھئملٽن لکي ٿو ته ٺٽي جو شھر دينيات، لسانيات ۽ سياست جي تدريس ۽ تعليم جي سلسلي ۾، شھرت جو مالڪ آھي. ھتي چار سؤ ڪاليج آھن، جن ۾ نونھالن کي انھن علمن جي تعليم ڏني وڃي ٿي. (تاريخ تمدن سنڌ- ص نمبر 172) ھنن ڪاليجن مان مراد مدرسا ئي ھئا، جيڪي ٺٽي وانگر سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙچ ۾، ڄار وانگر وڇايل ھئا. شيخ فريد بکري لکي ٿو ته ”ٺٽي جي اوليائن، عالمن ۽ شاعرن جو ڳاڻيٽو محال آھي. ھتي صرف، نحو، دينيات ۽ شاعري عام آھي. مختصر طور اِئين چئجي ته ٺٽو عراق ثاني آھي. (بحواله جنت السنڌ- ص نمبر 618) مغلن جي ڏينھن ۾، دھلي ۽ ملڪ جي ڪند ڪڙڇ کان، ڪيترائي عالم سنڌ ۾ آيا ۽ وري ھتان جي عالمن به ھندوستان جي، ٻين حصن ۾ وڃي علم جي شمع روشن ڪئي. شيخ ابوالحسن، ان وقت سنڌ ۾ وڏو محدث ۽ عالم ھو، جنھن جو بکر ۾ وڏو مدرسو ھو، جنھن ۾ غلام مجددالدين محمد بن طاھر فتي پڙھيو. ھن 133 اعليٰ ڪتاب لکيا. مخدوم ابوالقاسم ٺٽي جو مشھور عالم ھو جنھن وٽ مخدوم محمد ھاشم رح پڙھيو. مخدوم محمد ابراھيم ٺٽوي به ھن دور جو وڏو عالم ھو، جنھن ”شرح مخزن الاسرار“ نالي ڪتاب لکيو. ھن ئي دور ۾ مخدوم نوح رح ولد مخدوم نعمت الله صديقي مشھور عالم ٿي گذريو آھي، جنھن جو سينو دنيا جي سمورن علمن سان ڀرپور ھو. کيس قرآن شريف جي اسرارن تي وڏو عبور حاصل ھو. ھالا ۾ قرآن شريف جو درس ڏيندو ھو. پاڻ قرآن شريف جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائون، جيڪو بر صغير ۾، پھريون فاسي جو ترجمو آھي، جنھن کي ھاڻ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آھي. سندس ڪتابن ۾ قلمي گنج ۽ ٻين علمن کان سواءِ طب تي به قلمي بياض اچي وڃن ٿا. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر ھو. ھن بيت ۾ سندس معاشرتي شعور ۽ نازڪ خيالي ڏسو:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه پسو ماڻھنئان
روئي ڏنو رات، ڏسي ڏکوئين کي.
شاھ ولي الله محدث دھلوي رح، ھن ئي دور ۾، سنڌ جي ھڪ وڏي عالم، شيخ الفقراءَ قاري محمد فاضل سنڌيءَ کان، قرات جو فن سکيو. مولوي محمد شريف بن حسين، شاھ ولي الله کان باطني فيض حاصل ڪيو. ھن ئي دور ۾، مٽياري ۾ مخدوم ضياءُ الله جو اعليٰ پايي جو مدرسو ھو. مخدوم صاحب پنھنجي وقت جو وڏو ديني عالم، سنڌي ٻوليءَ جو ماھر ۽ ڪھنه مشق اديب به ھو. پاڻ سنڌي نثر ۾، قرآن شريف جو ترجمو به ڪيائون جيڪو ان زماني جي لحاظ کان وڏي ادبي خدمت ھئي.
ڪلھوڙن جو دور (1737ع -1872ع) سنڌي علم و ادب جو سونھري دور آھي. ھي زمانو سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون ڌارائون کڻي آيو. ھنن ڏينھن ۾، سنڌي ٻولي ادب جي ترقيءَ ۾، اھل مدارس اُھي عظيم خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪي ھن ڏس ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. ھن وقت جا وڏا وڏا مدرس، سنڌي زبان جا نامور شاعر به ھئا. ٺٽي جي انھن مدرسن جي استادن ئي، سنڌي ٻوليءَ کي، ھڪ رسم الخط ڏيئي ان کي ھميشہ لاءِ زنده جاويد بڻائي ڇڏيو. مخدوم ابوالحسن، سنڌي ٻوليءَ لاءِ نسخ خط مقرر ڪري، ھڪ صورتخطي ٺاھي ان ۾ “مقدمة الصلوات” ڪتاب لکيو. ھن ڪتاب جي لکجڻ سان، ٻن ڳالھين کي ھٿي ملي. ھڪ ته سنڌي زبان مدرسن ۾ باقاعدي ذريعئه تعليم جي حيثيت سان ڪم اچڻ لڳي، جنھن کي ساري سنڌ جي عالمن تسليم ڪري، پنھنجن مڪتبن ۾ جاري ڪيو ۽ ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ، سنڌ جي سڀني مدرسن ۾ اصولي طور ھڪ صورتخطي منظور ڪئي ويئي. (خواجه غلام علي الانا- ماھنامه نئين زندگي سيپٽمبر 1971ع) مخدوم ابوالحسن، جيڪو ھڪ مدرسي جو استاد ھو، سو لسانيات جو ماھر ھو ۽ ھن جو ھي ڪتاب سنڌي زبان جي بنيادي ڪتابن مان ھڪ آھي ۽ اسان جي اوائلي ديني ادب ۾، وڏي اھميت رکي ٿو. ھن ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ ۾ “لکڻ جي تحريڪ” کي زور وٺرايو ۽ ان کانپوءِ نسخ رسم الخط ۾ ڪتاب لکجڻ لڳا. مخدوم ابوالحسن، سنڌي ٻوليءَ جي صوتخطيءَ لاءِ، عربي حرفن کي بنياد بڻائي، سنڌي آوازن لاءِ حرف مقرر ڪيا ۽ جيڪي حرف عربي زبان ۾ نه ھئا، مثلاً ٻ، ٽ، ٿ، پ، ڄ، ڃ، ۽ ڇ، تن لاءِ مرڪب اکر تيار ڪيائين. سندس انھن خدمتن جو ذڪر ڪندي، ھڪ ھندو مؤرخ لکي ٿو ته: ٺٽي جو ھڪ مولوي ابوالحسن نالي ھو، جو مسلمانن کي مذھبي تعليم ڏيندو ھو. ھن صاحب سن 1700ع، ڌاري ھڪ ڪتاب “مقدمة الصلوات ” نالي لکيو، جنھن ۾ نماز پڙھڻ، وضو سارڻ ۽ ٻين اھڙين ديني ڳالھين جو ذڪر آھي. ھي سنئون سولو ڪتاب، مولوي ابوالحسن سنڌيءَ ۾ جوڙيو، تنھن ڪري ھو صاحب، سنڌي علم و ادب يا ساھت جو بنياد وجھندڙ آھي. ان وقت مسلمان عالم، عام طرح عربي ۽ فارسي ۾ ڪتاب لکندا ھئا. اھي بزرگ اڪثر ٺٽي، سيوھڻ ۽ ٻين ھنڌن جا ھئا. مولوي ابوالحسن جا لکيل ڪي ڪتاب اڳي ئي ھئا پر ھينئر ھي ڪتاب پھريون گھمرو، سنڌي شعر ۾ لکيائين. ان وقت کان وٺي، ٻيا ڪي مسلمان عالم اھڙا ديني ڪتاب لکڻ لڳا. اھڙي طرح جملي پنجاھ کن ڪتاب ابوالحسن جي سنڌي جي نموني لکيل موجود آھن. (سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڀيرومل مھرچند ص 228) ساڳي طرح ھڪ ٻئي مدرسي جي سنڌي عالم، مخدوم ضاءُالدين، جنھنجي درسگاھ ۾، مخدوم محمد ھاشم تعليم ورتي، تنھن سنڌي ادب جي خدمت ڪندي اسلامي فقہ ۽ عقائد تي، ھڪ تفصيلي ڪتاب لکيو جنھن کي “ضياءُالدين جي سنڌي” چئجي ٿو.
مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي ھن دور جو جيد عالم ٿي گذريو آھي، جيڪو فقہ، حديث، رجال، علم معقول ۽ تفسير وغيره جي سڀني علم ۾ دسترس رکندڙ ھو. کيس سنڌ جو شاھ ولي الله چئجي ٿو. پاڻ مارچ 1724ع ۾ جڏھن عربستان ويا تڏھن مڪي ۽ مديني ۾، شيخ عبدالقادر صديقي ۽ شيخ ابو طاھر مدني کان حديث ۽ ٻين علم جون سَندون وٺي 1127ھ ۾، ٺٽي ۾ “مدرسه ھاشميه” کولي، درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائون. سندس علمي شھرت جو آواز ديسان ديس پکڙجڻ لڳو. مخدوم صاحب اعليٰ پايي جو مصنف ھو. ھن ديني خدمت جي ضمن ۾ سنڌي ساھتيه جي خدمت شروع ڪئي ۽ ان ۾ ھر موضوع تي ھزارين صفحا لکيا. مخدوم صاحب اٽڪل ڏيڍ سؤ ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌي ڪتابن جو تعداد تمام گھڻو آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ 514 صفحن جي ڪرائون سائيز تي لکيل قرآن شريف جو تفسير “تفسير ھاشمي” جي نالي سان مشھور آھي. حضور صلعم جي معجزن ۽ فضائل تي مشتمل ڪتاب “ قوت العاشقين” ٻن جلدن ۾ لکيائون. “بناءَالسلام” ۾ قبر ۽ حشر جو احوال ڏنل آھي. فرائض الاسلام، راحته المومنين، مظھرالانوار ۽ زادالفقير سندن لکيل ڪتاب آھن. مخدوم صاحب ھي سڀ ڪتاب پنھنجي مدرسي ۾ پاڙھيندو ھو. سندس تدريسي خدمتن جي ھاڪ ايڏي ته ڦھلجي ويئي جو سيد عبدالرحمان مڪي، عربستان مان ھلي وٽڻ پڙھڻ آيو. ھنجي وفات کان پوءِ، سندس ٻن پٽن عبدالرحمان ۽ عبداللطيف مدرسي کي جاري رکيو. ھنن ٻنھي ڄڻن سنڌي ادب جي خدمت به ڪئي ۽ پنھنجي اباڻي علمي شان و شوڪت جو اعزاز به برقرار رکيو. مخدوم عبداللطيف مدرسي ۾ پڙھائڻ سان گڏ، روزانو عصر جي نماز کان پوءِ، مسجد ۾ حديث جو درس به ڏيندو ھو ۽ ھر جمعي تي جامع مسجد ۾ واعظ به ڪندو ھو. ھن سنڌي ٻوليءَ بابت ڪجھ ڪتاب به لکيا. سندس علمي معيار ڏسي وقت جي حاڪم ميان سرفراز خان ڪلھوڙي کيس فوج ۾ قضا جي عھدي تي فائز ڪيو. سندس فرزند مخدوم محمد ابراھيم به علمي دنيا ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. ھو جيد عالم ۽ مجتھد ھو. ھن کي تقرير ۽ تحرير، ٻنھي ۾ عبور حاصل ھو. ھن ڪيترن ئي مسئلن تي، تحقيقي ڪتاب لکيا. مخدوم غلام محمد، محمد ھاشم ٺٽويءَ جو ڏھٽو ھو ۽ وڏو عالم ھو. ھن پنھنجي ناني جي تصانيف ۽ علمي خدمتن تي ھڪ ڪتاب لکيو. ھو “مدرسه ھاشميه” ۾ مدرس ٿي رھيو.
مخدوم معين ٺٽوي رو ح هن دور جو وڏو عالم آهي. سندس علمي مقام کي ڏسي کيس شاهه ولي الله چيو هو ته ” ومن الرديف لفذر ڪبت غضرا ” تحقيق تون شينهن تي سوار آهين“، تنهنجو ڪوبه ٻيلهه نه ٿو ٿي سگهي. هو شاهه ولي الله جي فرزند سراج لهند شاه عبدالعزيز جو استاد هو . شاهه صاحب کيس استادنا ۽ سيد لکئي يو آهي . (1مولانا گرامي _ سه ماهي مهراڻ _ 1975_2) مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. شيخ محمد حيات عادلپور جي مسجد مان هڪ سر هٿ آئي آهي جنهن تي لکيل آهي ته ” هي اها عظيم درسگاهه آهي، جنهن مان علم ۽ تقوى، فقه ۽اجتهاد جو نور هندستان جي ڏور انهن علائقن تائين پکيڙيو. (مولانا گرامي _ سه ماهي مهراڻ _ 1975_2) علامه صاحب عربي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. مخدوم عبدالله جيڪو مخدوم محمد هاشم جي مدرسي ۾ پڙهيو هو. تنهن سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو. هن سنڌي ٻولي ۾ هزارين صفحن جا ڪتاب لکيا. جهڙوڪ ڪنزالعبرت، خزانئه اعظم، قمرالهند، بدالمنير، نور الابصار، هفت بهست، تفسير سوره يوسف وغيره، مخدوم عبدالواحد دين محمد به وڏو عالم ۽ مفتي هو. درس ۽ تدريس جو شغل ڪندو هو. هو سنڌي ۽ فارسي جو سٺو شاعر هو. سندس ويهن کان به مٿي ڪتاب لکيل آهن. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي به هن دور جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو. هن ننڍپڻ ۾ ئي تفسير، حديث ۽فقهه ۾ مهارت حاصل ڪئي. ننڍي هوندي کان ئي ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هو ۽ ايتريقدر علمي تبحر حاصل ڪيائين جو انهيءَ زماني ۾ ساري سنڌ ۾ ٺٽي کان ملتان تائين جهڙس عالم ڪونه هو. مباحثي ۽ مناظري ۾ وڏو دسترس هوس ۽ ڪوبه مٿس غالب پئجي نه سگهندو هو. فقه جي ڪتابن تي اعتماد ڪونه هوس ۽ هميشه پنهنجي اجتهاد تي هلندو هو. (ڊاڪٽر دائود پوٽو رح _ ابيات سنڌي ص نمبر 15) گرهوڙ ۾ سندس وڏي درسگاهه هئي جتي پنهنجن مريدن ۽ شاگردن کي درس ڏيندو هو. سنڌي ٻولي جو سٺو شاعر ۽ تصانيف نويس به هو. گرهوڙي جي سنڌي ۽ ابيات سنڌي، سندس مشهور ڪتاب آهن. حاجي فقيرالله علوي، شڪارپور جو وڏو عالم هو، جنهن جي ظاهري ۽ باطني علمن مان هزارين ماڻهن فائدو ورتو. هن جي ڪتبخاني ۾ سوين ناياب ڪتاب هئا. حاجي صاحب عربي ۽ فارسي ۾ ٻارنهن ڪتاب لکيا. مير علي شير ” قانع“ به هن دور جو وڏو عالم ۽ شاعر آهي، جنهن تاريخ نويسي جي فن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. هو مخدوم معين ۽ مخدوم رحمت الله جي مدرسن ۾ پڙهيو. سندس ڪتابن جو تعداد ٽيهن کان به مٿي آهي جيڪي عربي ۽ فارسي ۾ آهن. مخدوم عبدالواحد به هن دور جو عالم هو جنهن جون ٽي تصنيفون مشهور آهن.
مطلب ته ڪلهوڙن جي راڄ ۾ سنڌ ۾ آسودگي، خوشحالي، مذهبي تبليغ، تصنيف ۽ تاليف جو عروج هو ۽ هتان جي بزرگن جي هاڪ عرب ۽ عجم تائين ڦهليل هئي. سنڌ ۾ لاڙ کان سري تائين وک وک تي علماءَ سڳورا، صوفياءَ عظام، اولياءَ اڪرام۽ شيرين زبان شاعر موجود هئا. جن مدرسا،درگاهون ۽ خانقاهون کولي سنڌي عوام، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي.
ٽالپرن جي دور ( 1782_1743) ۾ سنڌ ۾ مدرسن جو ڄار وڇايل هو. سنڌ گزيٽيئر ۾ آهي ته ميرن جي دور ۾ روهڙي ۽ ٺٽو گويا سنڌ جون يونيورسٽيون هيون. انهن کان سواءِ سيوهڻ، ٽلٽي، کهڙا، مٽياري، ولهار ۽ چوٽياريون علمي مرڪز هئا. جن کي رچرڊ برٽن ان دور جا ڪاليج لکيو آهي. هر هڪ مدرسي ۾ 5 کان 10 تائين استاد مقرر هوندا هئاب. جن کي 30 کان 60 روپين تائين پگهار ملندو هو. مدرسن ۾ شاگردن کي کاڌو ۽ ڪپڙو مفت ملندو هو. مٽياري جي مدرسي ۾ ويهه ڪمرا هئا. مدرسن کي حڪومت کان گرانٽ به ملندي هئي. (تاريخ تمدن سنڌ _ مولائي شيدائي ص 382) شهرن کان سواءِ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ ۾ مڪتب ۽ مدرسا هئا. خود وقت جا حاڪم عالمن جو قدر ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته اهي به علم دوست ۽ سخدور شاعر هئا. دولت کان وڌيڪ ڪتابن کي پسند ڪندا هئا. قيد ٿيڻ وقت به دنيا، دولت، هيرن ۽ جواهرن کي ڇڏي ڪتاب کنيا هئائون. عالمن، درويشن ۽ شاعرن کي وظيفا ڏيندا هئا. مير ڪرم علي ان جو تخلص ڪرم، مير صوبدار جو مير، محمد نصير خان جو حسن ۽ مير علي نواز جو ناز هو. مير حاڪم پاڻ به صاحب تصنف هئا. مير فتح علي خان سسئي پنهون جي قصي کي لکيو. مير مراد علي خان طب ۽ محڪمئه صدوري ڪتاب لکيا. ان کان سواءِ مير ڪرم علي خان جو شاعري جو ڪتاب ” ديوان ڪرم“ مشهور آهي. مير نصير خان ” ديوان جعفر “ تصنيف ڪيو. مير علي مراد خان قرآن شريف هٿ سان لکيو. جيڪو هن وقت ميوزم ۾ موجود آهي. اهڙي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ مدرسن جي عالم استادن، تعليم ڏيڻ سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو شغل جاري رکيو ۽ سنڌي ادب کي مالامال ڪيو.
آخوند عزيزالله مٽيارن جو مشهور بزرگ هو. حديث، تفسير، فقهه، تصوف، تاريخ، ادب ۽ عربي زبان تي عبور حاصل هوس. هو مذهبي تعليم مفت ڏيندو هو. غريب ۽ ضرورتمند شاگردن کي قرآن شريف ۽ ٻيا ديني ڪتاب، پنهنجي هڙان خريد ڪري ڏيندو هو. آخوند صاحب سنڌي نثر ۾ پهريون دفعو باقاعدي قرآن شريف جو ترجمو ڪيو. آخوند صاحب جو اهو ڪم سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. مخدوم عبدالواحد جو پٽ دين محمد وڏو عالم ۽ فقهه هو . سيوهڻ ۾ سندس عظيم درسگاهه هئي. عربي، فارسي، ۽ سنڌي ۾ سندس ويهه ڪتاب لکيل آهن. سندس فتواحن جو مجموعو ” بياض واحدي“ جي نالي سان مشهور آهي. سيد علي محمد شاهه جي دائري ۾ وڏي درسگاهه هئي. جتي شاگردن لاءِ هاسٽل ۽ لنگر جو انتظام هوندو هو. شاهه صاحب کي سنڌي ادب سان وڏي محبت هئي. هن مصلح الفتاح جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو جيڪو سيدن جي سنڌي جي نالي سان مشهور آهي. هي ڪتاب 583 صفحن تي لکيل آهن جيڪو سندس علمي وسعت، تحقيق ۽ تدقيق، فقهي فهم ۽ فڪر تي شاهد آهي. ڪڪڙ جي ٻانگ جي فضيلت تي فارسي ۽ سنڌي ۾ ڪتاب لکيائين. مخدوم فضل الله صديقي پاٽائي به سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. هن ترتيب الصلوات، تصوف نامو، وحدت نامو، نڪاح نامو، زيور نامو، معجزو، سامونڊي، سوداگر ۽ چاليهه حديثون ڪتاب لکيا. مخدوم عبدالصمد قرآن شريف جو تفسير ۽ شرائط الجمع ڪتاب لکيا. ولهار جي مدرسي جو باني، ميون صابر وڏو عالم ۽ سنڌي ٻولي جو شاعر هو. مخدوم نودنگزار و به سٺو شاعر هو. جنهن سنڌي ۾ تفسير تنويرالايمان ۽ تحفته الاسلام ڪتاب لکيا. مير غلام علي مائل ٺٽوي به اعلى پائي جو عالم ۽ شاعر هو. سندس ٻه ڪتاب ڪليات مائل ۽ تذڪره مجمع البغاءَ مشهور آهن. مولوي نورمحمد بوبڪائي ۽ مير حسن الحسيني به درس ڏيڻ سان گڏ، فارسي ۾ ڪافي ڪتاب لکيا. ان کان سواءِ مير صابر علي ۽ خليفو عبدالله نظاماڻي جا نالا به قابل ذڪر آهن. جن عالمن سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي.
1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هنن جڏهن سنڌ جو تعليمي نظام ۽ تعليمي معيار ڏٺو تڏهن سندس ڏندين آڱريون اچي ويون ۽انهن انهيءَ جو فراخدلي سان اعتراف ڪيو. سروليم هنٽر لکي ٿو ته ” اسان جي اچڻ کان اڳ ملڪ ۾ مسلمان نه صرف سياسي اعتبار کان بلڪ ذهن ۽ فراست جي لخاظ کان به وڏي طاقت جا مالڪ هئا. سندس نظام تعليم اعلى درجي جي ذهني تربيت جو حامل هو ۽ ٻين مڙني تعليم جي نظامن کان گهڻو مٿي هو“. ساڳي طرح جنرل نيلبين لکي ٿو ته ” دنيا شايد اهڙيون قومون تمام گهٽ آهن جن ۾ هندوستاني مسلمانن کان وڌيڪ تعليم جو رواج هجي. جيڪي اسان جا شاگرد يوناني ۽ لاطيني زبانن جي ذريعي سکن ٿا. هتان جا طالباءَ عربي ۽ فارسي جي ذريعي سکن ٿا. ستن سالن جي مطالعي کان پوءِ هتان جو مسلمان نوجوان، علم جي انهن شاخن جو ايترو ئي واقف ٿئي ٿو. جيترو آڪسفورڊ جو ڪوئي تعليم يافته نوجوان اهي به اهڙي طرح سقراط، ارسطو، بقراط جالينوس ۽ بو علي سينا جي تعلق، سولائي سان گفتگو ڪري سگهن ٿا“. (روشن مستقبل 5 _ ص نمبر 356 ) سنڌ جي تعليم بابت ” ايلس“ لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ عربي ۽ فارسي جا مڪتب، دور دراز ڳوٺن ۽ ننڍن ننڍن شهرن ۾ پکڙيا پيا آهن. جن ۾ استادن جي مهارت قابليت جي ناسوري ڪري اوسي پاسي ۽ ڏورانهن هنڌن کان شاگرد وڃي گڏ ٿيندا آهن. ” عادلپور ۾ هڪ بزرگ کي پنجاهه شاگرد پرهائيندي ڏٺو ويو. جن مان اڪثر شاگرد پرانهين پنڌ کان وٽس آيل هئا. هي مڪتب گذريل پنجاهه سالن کان چمڪندو رهيو. پراڻن بيسوده تعليم جي طريقن تي وڏن شهرن ۾ ڪيترائي ادارا قائم ٿيا.جن ۾ اهڙا استاد هئا جي پنهنجن وڏن کان وٺي درس تدريس جو شغل جاري رکندا آيا. اهڙو ٻيو اسڪول ٺٽي ۾ هو. جنهن ۾ هڪ سئو شاگرد هئا. انهيءَ اسڪول جي فارغ التحصيل شاگرد ن کي يڪدم سرڪاري ملازم ڪري رکيو ويندو هو.“ (سنڌ جا اسلامي درسگاهه) انگريزن سنڌ تي مڪمل قبضي ڪرڻ لاءِ ضروري ڄاتو ته هتان جي نظام تعليم کي ختم ڪجي ڇو ته بقول هڪ انگريز ” جڏهن به ڪو ملڪ غلام بنايو ويندو آهي ته فاتح سڀ کان پهريائين هي ڪم ڪندو آهي ته ان قوم جي تعليم کي تباهه ڪيو ويندو يا ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته علم ۽ غلامي گڏ رهي نٿا سگهن. ان ڪري ئي سنڌ ۾ به انگريزن اهو ڊرامو کيڏيو. هنن هتان جي رهاڪن جي آزادي ختم ڪري ٻارهن سون ورهين جي نظام کي پاڙان پٽي لارڊ ميڪالي جي هڪ رپورٽ مطابق هت اهڙي تعليمي پاليسي نافذ ڪئي، جنهن اسان جي ديني ۽ ملي تقاضائن کي ختم ڪري، خودداري ۽ عزت نفس جي ٻيڙي ٻوڙي ان منزل تي آڻي بيهاريو، جتي سندن ئي لفظن ۾ ” اسان رنگ ۽ نسل ۾ ته هندوستاني ئي نظر آياسون پر شڪل شباهت ۽ عادات و اطوار ۾ انگريز بڻجي وياسون“. ان جو نتيجو هي نڪتو جو اسان جي تعليم ۾ ماديت خدا فراموشي ۽ اسلام دشمني جو وجود پيو. ان ڪري هتان جو نسل الحاد، دهريت ۽ مغرب پرستي جو مجسمو بڻجي پيو. تڏهن به ان وقت جي هنن ئي بزرگن پيٽ سان پٿر ٻڌي مڪتب ۽ مدرسا هلائي دين جي حفاظت سان گڏ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي. حالانڪ حڪومت انهن عالمن کي ملا “ Mulla” لکيو آهي جن کي انگريزن طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون. مدرسن جو گرانٽون بند ڪيون ۽ ڪن عالمن کي پئسا ڏئي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي پر هي مرد مجاهد اڳي کان اڳرا رهيا. کين حڪومت جو چمچو بنائڻ لاءِ هن حڪومت ڌارا، ملا ملا مڪتب جاري ڪري کين سرڪاري پگهار به ڏني پر هنن خود دار انسانن، ان کي ٺڪرائي ڇڏيو. انهن ئي مولوين انهيءَ دور ۾ به علم جا ڏيئا روشن ڪري الحاد ۽ مغرب پرستي جو مقابلو ڪيو ۽ سنڌ جي اٻوجهه عوام ۾ احساس خودشناسي ۽ احساس بالاتري پيدا ڪيو. سنڌ جو هڪ ڪمشنر سر هينري لارينس لکي ٿو ته ” هنن ملن وحشي ۽ اڻ سڌريل قبائلي ماڻهن کي تنظيم ۽ فرمانبرداري سيکاري آهي. ابتدائي وقت ۾ ٻارن کي اطاعت جو اهم سبق سيکاريو وڃي ٿو ۽ هي ” ملا“ جو وڏو احساس آهي.“ (امداد باهمي ۽ تعليم، ڪريم بخش خالد ص نمبر 22)
انگريزن جي شروعاتي دور ۾ ڪيترائي خانگي مڪتب هئا، جتي مولوي ۽ ملا، عربي، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم ڏيندا هئا. 1834ع کان 1852ع تائين سنڌ ۾ اهڙا 633مڪتب هئا جتي 8443 شاگرد پڙهندا هئا. جن مدرسن ۾ صرف عربي ۽ قرآن شريف پڙهايو ويندو هو تن مڪتبن جو تعداد 278ع هو ۽ 1906 شاگرد، تعليم حاصل ڪندا هئا. جن مدرسن ۾ عربي ۽ فارسي ٻنهي زبانن جي تعليم ڏني ويندي هئي تن جو تعداد 275 ۽ شاگردن جو تعداد 321 هو. اتر سنڌ ۾ روهڙي، گهوٽڪي، ريتي ۽ وچولي سنڌ ۾ هالا ۽ نصپور تعليمي لحاظ کان مشهور هئا. استادن جي اجرت مختلف هئي جيڪا شاگرد ادا ڪندا هئا ڪي شاگرد گهٽ ڏيندا هئا ته ڪي سرنديءَ وارا وڌيڪ ڀريندا هئا. بلڪل غريب شاگرد مفت پڙهندا هئا. ڪيترن ئي مدرسن جو خرچ پکو زميندرا ڀريندا هئا جنهن ڪري انهن اسڪولن ۾ مفت تعليم ڏني ويندي هئي. ڪي ڳوٺن ۾ آخوند ۽ ميانجي اجرت ملڻ کان سواءِ پڙهائيندا هئا پر هر فصل تي کين ان جو مقرر حصو ملندو هو ۽ عيد براد يا خوشي جي موقعي تي کين سوکڙيون پاکڙيون ملنديون هيون. ايلس لکي ٿو ته اها حيرت جي ڳالهه ڪانه هئي ته ڪو استادن جي ٿورائي هئي يا گهٽ تعليم يافته هئا پر حقيقت اها آهي ته انهي دور ۾ سٺي تعليم ۽ ڄاڻ رکندڙ استادن جي ڪابه کوٽ ڪانه هئي. هو ڪي چند مثال ڏئي ٿو جيڪي دستوري استادن وانگر نظر نه ٿي آيا. سيد ميران ان علي شاهه پنهنجن چوڏهن شاگردن کي مفت پڙهائيندو هو به هو ته وري سندن کاڌي پيتي، رهڻ سهڻ ۽ پوشاڪ جو پڻ مفت بندوبست ڪندو هو. سونگ اٻاوڙي ۾ هڪ موچي جي گهر واري ٻن ڇوڪرن ۽ هڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي خرچ تي مفت تعليم ڏيندي هئي ۽ تانگا اٻاوڙي ۾ هڪ نابينا عورت ٻن ڇوڪرن کي ساڳئي نموني مفت پڙهائيندي هئي. اهڙي سهوليت واري مفت قسم جي تعليم ڪا ورلي ملي هوندي. (سنڌ جا اسلامي درسگاهه _ ص نمبر 389) 1857ع کان پوءِ جڏهن انگريزن جي پاليسي سخت ٿي ويئي ۽ برطانوي تعليم ڪري عوام مان ديني جذبو ۽ اسلامي شعور ختم ٿيڻ لڳو تڏهن سنڌ جي عالمن مدرسن ۽ مڪتبن هلائڻ سان گڏ سنڌي ادب ۽ ٻولي جي به خدمت ڪئي. ڇو نه هنن محسوس ڪيو ته قوم اها ئي زندهه رهي سگهندي جنهن کي پنهنجي ادب ۽ ٻولي جي بقا ۽ سالميت جو اونو هوندو. جناب قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته ” انگريزن جي صاحبي ۾ نين ايجادن ۽ نئين تعليمي رجحان سببان سنڌ جي مذهبي عالمن اهو محسوس ڪيو ته ديني تعليم ۽ ديني علمن کي عام ڪرڻ لاءِ اهڙو ڪو طريقو اختيار ڪجي جو ان مان هر سنڌي مسلمان علمي ۽ ديني فائدو حاصل ڪري سگهي. ان ڪري مذهبي عالمن، سنڌي زبان ۾ ديني ماهوار رسالا جاري ڪيا جن ۾ اسلام جي اصولن، اسلامي تاريخ، تصوف، فقهه ۽ ديني مسئلن تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي زبان ۾ ايتري وسعت ۽ ڪشادگي آهي جو هن ۾ اسلامي علمن جي اصطلاحن، محاورن ۽ خالص مذهبي زبان ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. (ماهنامه نئين زندگي _ مئي 1986 ع نمبر 15) اهو ئي سبب آهي جو ان دور جي عالمن پڙهائڻ سان گڏ ” لکڻ “ کي به اپنايو ۽ اهي واهڙ وهايائون جيڪي اڄ به علمي پياسن جي پياس اجهائڻ لاءِ ڪافي آهن.
ان دور جي عالمن مان حضرت تاج محمد امروٽي رح جو نالو سر فهرست آهي. جيڪو هڪ عالم دين سان گڏ اعلى پايي جو اديب، شاعر، مدرس ۽ سياستدان هو. حضرت جن 1308هه ۾ امروٽ شريف ۾ هڪ ديني درسگاهه جو بنياد رکيو، جنهن کي ديوبند مدرسي جي طريقي تي جاري رکيو ويو ۽ ان جي معائني ۽ امتحان لاءِ حضرت شيخ الهند کي به گهرايو ويندو هو. هن مدرسي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي به پڙهائيندا هئا. امروٽي رح ذڪر ۽ فڪر کان پوءِ قرآن مجيد جي ترجمي ۽ تفسير جو درس به ڏيندا هئا. مولانا سنڌي ادب جي به وڏي خدمت ڪئي. سندس قرآن شريف جو ترجمو سنڌي نثر جو شاهڪار آهي، جنهن کي ” سنڌي ٻولي“ جو اعجازي ترجمو چئي سگهجي ٿو. يوسف زليخا عرف پريت نامو، عروضي شاعري ۾ لکيل هڪ مثنوي به اٿن. ان کان سواءِ سنڌي صحافت جي ميدان ۾ به ” محمود المطابع“ نالي هڪ پريس قائم ڪري اخوان المسلمين نالي رسالو به ڪڍيائون. (حضرت مولانا امروٽي رح _ دادا سنڌي _ ماهنامه الصادق امروٽي نمبر ) مولانا امروٽي سان گڏ هڪ ٻيو به سنڌي عالم مولوي عبدالغاري به درسگاهه ۾ استاد هو،جيڪو ڳوٺ دادلغاري جو رهاڪو هو. هن پريس ۾ به ڪم ڪيو، هو اعلى پايي جو اديب به هو. سندس قرآن شريف جي ڪن سورتن جو تفسير مشهور آهي. سورت يوسف تي فل اسڪيپ سائين 3 سئو صفحن تي ۽ سورت مريم جو تفسير 2 سئو صفحن تي لکيائون. سندس اردو ۾ هڪ ڪتاب ” سرگذشت ڪابل“ ڇپيل آهي. هو سٺا شاعر به هئا. حضرت پير رشدالله شاهه راشدي به سٺا عالم هئا. پاڻ پير جهنڊي واري درسگاهه دارلارشاد“ جا باني هئا. جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، مولوي محمد لغاري ۽ مولوي عبدالله لغاري استاد هئا، حضرت پير صاحب عربي ۽ فارسي ۾ 12 ڪتاب لکيا. مولوي محمد لغاري اصل ڳوٺ دادلغاري جو ويٺل هو. سٺو ليکڪ به هو عربي ۾ شاعري به ڪندو هو. سندس هڪ ڪتاب شهيل المقالت هالا ولى من اقليدس مشهور آهي. مولانا عبدالڪريم چشتي 1946ع ۾ شڪارپور ۾ هڪ ديني درسگاهه ” حماديه“ قائم ڪيائون، سنڌي جا سٺا اديب ۽ صحافي هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏهه ڪتاب لکيائون ۽ ڪيترن ئي اخبارن جا ايڊيٽر به ٿي رهيا. مولانا نور محمد عادلپوري گهوٽڪي ۾ هڪ مدرسي ۾ استاد هو. پاڻ عربي ۽ سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب لکيا اٿن. مولوي محمد يعقوب بخاري جو ڳوٺ دادلغاري ۾ مدرسو هو. هو عربي، فارسي ۽ سنڌي جو وڏو ڄاڻو هو. فارسي ۾ 6 ۽ سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب لکيا اٿن. مولان بهاءُ الدين ڀائي، سنڌ جي سعدي جو هڪ مدرسو هو. پهريائين دادلغاري جي ڀرسان ڳوٺ مٺي لغاري ۾ ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کوليائين. فارسي ۾ 8 ڪتاب ۽ سنڌي ۾ 10 ڪتاب لکيا اٿس. هو هڪ سٺو صحافي به هو . هڪ پريس ”مطبغ بهائيه“ به قائم ڪئي هئائين. مولانا عبدالغفور همايوني جو ڳوٺ همايون ۾ مدرسو هو. هن درس وتدريس سان گڏ سنڌي ۾ ديوان مفتون، فرهنگ همايوني ۽ مجربات همايوني ڪتاب لکيا. مولانا عبدالرحمان شڪارپوري پنهنجي وقت جو بي مثال عالم، فقهه ۽ حديث جو زبردست ڄاڻو ۽ بي نظير مدرس هو. سندس سنڌي، عربي ۽فارسي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. جن مان فضائل سيد المرسلين، فضائل جلفاءِ راشدين، مجموعه فتوى ۽ مجموعه رسائل قابل ذڪر آهن. مولانا حسن الله صديقي، پاٽ جو رهاڪو وڏو عالم، متڪلم، مناظر، محقق ۽ فقيه هو. پاٽ ڌرٻيلو، مٽياري ۽ ٻين ڪيترن شهرن جي مدرسن ۾ پڙهائيندو هو. سوني جتوئي ۾سندس مدرسو ” دارالفيض“ نالي هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿن. جن مان نورالعين ۽ تحفته الطالب مشهور آهن. مولانا وفائيءَ جو چوڻ آهي ته ” هو ڏاڍو سٺو لکندڙ هو“ . مولوي عبدالله جو بنگل ديري۾مدرسو هو. سٺو اديب به هو. فتوى ۽ تحرير نويسي جو ڪم آخر تائين نه ڇڏيائين. طب اڪبر جو فارسي مان سنڌي ۾ ترجمو به ڪيائون. مولوي محمد قاسم جو ڳڙهي ياسين ۾ مدرسو هو. هو فارسي ۽ سنڌي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو.فتوى نويسي جي فن ۾ سندس تحريرون سنڌ جي ديني ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون. سندس فتوائن جو مجموعو ” فتوى قاسميه“ ڇپيل آهي. ديني تعليم جي مسئلن تي ٻه جامع ڪتاب لکيائون. مولوي محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينوي مدرس سان گڏ هڪ بهترين مصنف به هئا. سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ 12 ڪتاب لکيا اٿن. مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو مقرر سان گڏ مدرس به هئا. پنهنجي مدرسي ۾ مولوي عبدالحق شيخ کي استاد مقرر ڪيو هئائون. سنڌي ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب لکيائون. مولانا حاجي محمود هالائي به هن دور جو عالم ۽ مفتي هو. حديث، فقه ۽ تصوف ۾ لاثاني لکيو ويندو هو. سندس عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ 19 ڪتاب لکيل آهن. مولانا عبدالڪريم ڏيرو ڳوٺ رضا محمد ڏيري ۾ هڪ مدرسي جو مهتم هو. هو عربي، فارسي ۽ سنڌي جو سٺو عالم هو. سنڌ ۾ علم قرآت کي زور وٺرايائين ۽ هن فن تي سنڌي ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيائون. عربي ۾ چار ۽ فارسي ۾ 25 ڪتاب لکيا اٿس. (ماهنامه شريعت سنواح نمبر _ ايڊيٽر مولوي عبدالوهاب چاچڙ ) مفتي صاحبداد خان جمالي، سلطان ڪوٽ ۾ هڪ عظيم درسگاهه کولي. پاڻ وڏا عالم، اديب ۽ صحافي هئا. سنڌي ۾ ڪيترائي ديني ۽ تبليغي رسالا جاري ڪيائون. ان ۾ ابلاغ المبين، مطالبئه حق، نصرت حق، السلام ۽ الهمايون اچي وڃن ٿا. مولوي عبدالخالق ڪنڊياروي وڏا عالم ۽ صحافي هئا، هو نوابشاهه جي جامع مسجد جا پيش امام ۽ خطيب هئا جتي عشاءَ جي نماز کان پوءِ حديث شريف ۽ فجر جي نماز کان پوءِ قرآن شريف جو درس ۽ تفسير بيان ڪندا هئا. پاڻ بلند پائي جا اديب ۽ صحافي به هئا. توحيد ۽ الوحيد ۾ مستقل لکندا هئا. سورت الڪوثر جو ترجمو ۽ تفسير ” تعارف القرآن“ جي نالي سنا لکيائون. صحيح بخاري ۽ مثنوي مولانا رومي جو تفسير به لکيو اٿن. معارف نالي هڪ سنڌي ماهوار رسالو به جاري ڪيائون. جيڪو خالص مذهبي رسالو هو. مولانا دين محمد وفائي هن دور جا اعلى پايي جو اديب، صحافي ۽ محقق ٿي گذريا آهن. هو 22 سال الوحيد جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ پنجاهه سال سنڌي ادب جي خدمت ڪيائين. 30 سالن کان ماهوار رسالو توحيد ڪڍندو رهيو. 1916 ع ۾ ڪاشف رسالو جاري ڪيائين. ان کان سواءِ هن نصف صدي اندر سنڌ ۾ جيڪي روزانه هفتيوار ۽ ماهنامه نڪتا. تن سڀني کي مولانا پنهنجن مضمونن سان مزين ڪندو رهيو. صحيح بخاري جو ترجمو الهام باري 5 جلدن ۾ ڪيائين. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون _ سيد حسام الدين راشدي) ان کان سواءِ لطف الطيف شاهه جو رسالو جو مطالعو، تذڪره مشاهير سنڌ ( ٽن جلدن۾) سندس ادبي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب آهن. خواجه محمد حسن سرهندي مدرسن هجڻ سان گڏ اعلى پائي جو حديث جو عالم هو. عربي، فارسي۽ سنڌي شاعري جو شاعر به هو. سندس ڪتابن ۾ ”تذڪره اصحابه“ به مشهور آهي . مولانا نورمحمد نظاماڻي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي سومر ۾ نورالهدى مدرسي جو بنياد وڌو. ڪجهه وقت بٺوري ۾ هڪ مدرسي ۾ استاد ٿي رهيو هو سنڌي سان گڏ عربي، فارسي ۽ اردو زبانن جو به ماهر هو. سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ سندس مقام اوچو آهي.تاريخ سنڌ (ٻن جلدن ۾ ) جهاد اڪبر سندس مشهور ڪتاب آهن. صحافت جي دنيا ۾ نورالالسلام، طيرا ابابيل ۽ مرغ فلڪ مشهور رسالا ۽ اخبارون آهن، مولانا وفائي سندس وفات تي لکيو هو ته مرحوم جي وفات سنڌي علم و ادب، شاعري ۽ ظرافت نويسي جي لاءِ وڏو صدمو آهي. موصوف جي وفات ڪري سنڌ جي علم و ادب ۽ صحافت ۾ جيڪا خلا پيدا ٿي آهي ويجهڙائي ۾ ان جو ڀرجڻ ڏکيو آهي. (پرين جي پچار _ محمد موسى ڀٽو ) هنن چند لفظن مان مولانا جي ادبي مقام جي خبر پوي ٿي. مولانا حاجي محمد شفيع ڳوٺ سوڍر ۾ درس وتدريس جو ڪم ڪندو هو. پاڻ ادب، منطق، حڪمت، فلسفي،فقهه ۽ فتوى نويسي جي فن جا ماهر هئا. عربي، فارسي ۽ سنڌي جا سٺا شاعر به هئا. پير مظهرالدين ابوالقاسم ٺلاهه ضلع لاڙڪاڻي ۾ هڪ مدرسي جا باني هئا. پاڻ سٺي صحافي به هئا. مطبع مظهرالعجائب نالي هڪ لٿو پريس قائم ڪري اتان ماهوار رسالو ” الاخوان المسلمين “ جاري ڪيائون. هي هڪ مذهبي رسالو هو. جنهن ۾ دين اسلام جي تبليغ، شريف ۽ طريقت جا احڪام ڏنا ويندا هئا. مولانا عبدالحق رباني وڏا عالم، مقرر، اديب ۽ صحافي هئا. هو جتي به مدرسه دارالعلوم لڳ حيدرآباد اسٽيشن جا مدرس هئا. ماهوار مبلغ، ماهوار موحد، 15 روزه الفاروق ۽ هفتيوار هلچل جا ايڊيٽر ٿي رهيا. سندن ” زباني پرٽنگ پريس“ به مشهور هئي. (سنڌي رسالن جي تاريخ _ الهرکيو ٻٽ ) مولانا محمد سليمام ٻنوي مشهور ديني درسگاهه ” مظهرالعلوم“ جو باني هو . هن دڙي، ٻني، ٽنڊي حافظ شاهه ۽ ڪوٽڙي ۾ مدرسا قائم ڪيا. هن سنڌي ٻولي جي به وڏي خدمت ڪئي. سندس ڪافيون، مولود ۽ مداحون مشهور آهن. مولوي محمد عثمان نورنگزادو مدرس هجڻ سان گڏ سنڌ جو مشهور اديب نه هو. هن سنڌي ۾ قرآن شريف جي تفسير سان گڏ اٺ ڪتاب به لکيا آهن. هڪ ڪتاب ” علم جعفر“ تي به لکيائين، جنهن جو نالو آهي ” اڪيرالاحمر“ ” في اسرار جز“ پاڻ هڪ سنڌي رسالي ” منٿلي مدرسه“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن رسالي سالن جا سال مسلمانن ۾ تعليم لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ زبردست ڪم ڪيو. اعلى پئماني جا ادبي، معلوماتي، تاريخي ۽ تعليمي مضمون هن رسالي جي زينت بڻيا رهيا. قابل استادن جي سرپرستي ڪري سندس معيار اعلى هو. علامه علي محمد مهيري به وڏو عالم هو. هو لغت جو زبردست ڄاڻو هو. انهيءَ فن تي هن هڪ ڪتاب به لکيو صلح حديبيه ۽ قصيده برده سندس مشهور ڪتاب آهن. مولانا حاجي محمد مرحوم ” مدرسيه محمديه“ جا باني هئا. سنڌي ۽ عربي ۾ هن 19 ڪتاب لکيا.
انگريزي دور جي هنن عالمن، مدرسن ۾ ويهي هڪ طرف سنڌ جي نئين نسل کي الحاد، مغرب پرستي ۽ ديني کان بچائي، قرآني تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ته ٻئي طرف منجهن سياسي شعور پيدا ڪري، اسان جي تاريخ ۾ ايڏو ته عظيم ڪردار ادا ڪيو جو سندس سونهري ڪارناما پئي پراڻ نه ٿيندا. مولانا امروٽي کان وٺي ويندي مولانا سليمان ٻنوي تائين ڪراچي کان سوئي شريف ۽ ريتي جهڙن ننڍڙن ڳوٺن تائين هنن مدرسن جي ملن ۽ حريت پسند عالمن ڪنهن نه ڪنهن طرح آزادي جي راهه هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٽئين طرف انهن ئي باريش بزرگن،ڪکائن حجرن ۾ ويهي ڪاني جي ڪلڪ ۽ ڪاري مس سان ايڏا ته وڏا ڪتاب لکيا جن سان جي ادب ۾ هڪ طرف واڌارو ڪيو ته ٻئي پاسي سنڌي ٻولي کي لازوال حيثيت بخشي. سنڌي صحافت ۾ انهن بزرگن خاص پارٽ ادا ڪيو . اهڙي طرح جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو تڏهن انهن ئي مدرسن جي مولوين وري به مڪتبن هلائڻ سان گڏ سنڌي ادب سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت جي خدمت ڪرڻ جو عظيم مقصد پنهنجي آڏو رکيو ۽ ان سلسلي ۾ پاڻ لکيو اهڙن ئي مردن ۾ مولانا احمد ملاح مرحوم جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. هو لاکو پير ۽ بدين جي مدرسن ۾ استاد ٿي رهيو. مولوي صاحب عربي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. قرآن شريف جو منظوم سنڌي ترجمو، سندس ديني ۽ وطني خدمت جو زنده ثبوت آهي. ان کان سواءِ سنڌي شاعري ۾ سندس ٻيا نه اٺ ڪتاب آهن. حضرت مولانا حمادالله هاليجوي جو نالو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. پاڻ ڪيترو ئي عرصو مدرس ٿي رهيا. عربي ۾ ڪافي ڪتاب لکيائون. سنڌي ۾ ”لغت القرآن“ ۽ ” توحيد“ ڇپيل آهن. مولوي محمد يعقوب پانڌي ڳوٺ دادلغاري ۾ ” مدرسه دارلهلى“ جو باني هو. پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ دارالاشاعت قائم ڪري سوين ڪتاب ڇپرايائين. عبدالمجيد سنڌي ڳوٺ دادلغاري ۾ نورالاسلام مدرسو کولي، درس وتدريس ۾ مشغول رهيو. ان سان گڏ اردو ۽ سنڌي ۾ ڪجهه ڪتاب لکيائين. عربي، صرف ونحو جو وڏو ڄاڻو شاعر به سٺو هو. عربي، اردو ۽ سنڌي ۾ سندس ڪلام ملي ٿو. مولوي عبدالغفور سيتائي ” مدرسه مظهرالعلوم ۾ استاد ٿي رهيا. پوءِ صحافت جي دنيا ۾ گهڙيا. الوحيد ۽ نواءِ سنڌ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ گهڙيا. الوحيد ۽ نواءِ سنڌ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت جي وڏي خدمت ڪيائين. مولانا جي مشهور درسگاهه ” وصل اوهيه“ ۾ ڪجهه وقت درس ڏنائون مولانا بهترين اديب ۽ شاعر هو. فارسي ۽ سنڌي ۾ به سندس 18ڀ ڪتاب ڇپيل ۽ 12 ڇپيل آهن. مولانا عبدالرحمان ضيائي، مولانا ڀائي جو پٽ، مختلف جاين تي ديني تعليم ڏيندو رهيو. پنهنجي والد جي مدرسي ۾ به ڪجهه وقت درس ڏنائين. هو سنڌي فارسي ۽ عربي جو بهترين شاعر هو. سنڌي رسالن ۾ به سندس شعر ڇپبو رهيو آهي. فارسي ۾ ٻه ۽ سنڌي ۾ ” مجيع الغزليات“ ڪتاب لکيا اٿس. مولانا مخدوم امير احمد نوشهري ۾ هڪ مدرسو کوليو. جتي ڪيترائي سال، ديني تعليم ڏيندو رهيو. ان سان گڏ هن سنڌي ادب جي به سٺي خدمت ڪئي. سندس تاريخ جي سلسلي ۾ ڪيل خدمتون يادگار رهنديون. چچ نامو تحفته الڪرام، تاريخ معصومي ۽ ٻيا ڪيترا ئي فارسي ۽ عربي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. ان کانسواءِ ڪافي ادبي ۽ تاريخي مضمون به لکيائين. مولانا الهورايو بروهي ” مدرسه مظهر العلوم “ ڪراچي ۾ مدرس هو. پاڻ سنڌي عربي، فارسي ۽ اردو جو عالم فاضل هو. مولانا بروهي هڪ بي باڪ اديب نه هو. روزانه مهراڻ، هفتيوار آزاد، نئين زندگي ۽ سه ماهي مهراڻ ۾ سندس ادبي مذهبي، تاريخي ۽ تنقيدي مضمون شايع ٿيندا رهيا. مولانا غلام محمد گرامي رحه، ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. طالب عربي فارسي، اردو ۽ سنڌي جو وڏو عالم هو. هو مدرسي جو پڙهيل هو. هي ” جامع عربيه “ ۾ دينيات جو استاد به رهيو. سه ماهي مهراڻ ۽ شاعر رسالن جي رستي سنڌي ادب ۽ صحافت جي وڏي خدمت ڪيائين. ڪجهه ڪتاب به ايڊٽ ڪيائين. پاڻ اعلى پائي جا شاعر به هئا. مولانا محمد سليمان مدنائي سنڌي جو وڏو عالم هو. دارلهلى ٺيڙهي ۽ مظهرالعلوم ڪراچي ۾ عربي جا استاد ٿي رهيا. دادو ۾ مدرسه جامع مسجد جيوڻ شاهه جا صدر مدرس ۽ دارالفيوض دادو ۾عربي جا معلم به هئا. پاڻ قلم جا ڌڻي هئا. سنڌي عربي ۽ فارسي جا سٺا شاعر هئا. سندس هڪ شعر آهي ؛
اول ڪاتي قرب جي، ڌتاري دل ڪهڻ منهنجي
ڏئي ڳڻتي ويهي ڏک ۾، پوءِ دلداري ڏکي آهي
مولانا جان محمد ڀٽو به هن دور جو وڏو عالم هو. ڪيترن ئي استادن کان ديني تعليم حاصل ڪيائين. 1942ع ۾ سندس دستاربندي ٿي. هو عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين جو وڏو ڄاڻو هو. تقرير ۽ درس قرآن، سندس اصل شغل هو، 1950ع کان 1982ع تائين قرآني درس ڏيندو رهيو. مولانا مرحوم تقرير ۽ تحرير ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب لکيا اٿس. مولانا مودودي جي تفسير تفهيم القرآن جا 11 پاره ترجما ڪيائين. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ديني ڪتاب ترجمو به ڪيائين ته تاليف به ان ڪري سندس ادبي مقام بلند ۽ بالا آهي . حڪيم تاج محمد مشتاق ديني علوم ۽ اسلام جي تبليغ کي وڏو فروغ ڏنو. هو عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو. عالم سان گڏ سٺو شاعر به هو. هڪ طبي ماهوار رسالو ” پيام شفا“ جو ايڊيٽر به هو. سندس 3 ڪتاب، ڪتاب الحميات، شرح قالونچ ۽ طب ساغر ساقي مشهور آهن. مولانا حاجي محمد جي هالار ۾ ” محمديه“ نالي مشهور درسگاهه هئي. هو عالم ۽ مفتي هو . حديث فقهه ۽ تصوف تي کيس عبور حاصل هو. سندس عربي ۽ سنڌي ۾ 18 ڪتاب لکيل آهن. قاضي نظر محمد سومرو بلند پايه عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. پنهنجي ڳوٺ ديهات ۾ سندس مدرسو هو. هن جا ڪيترائي قلم ڪتاب سندس پوين وٽ محفوظ آهن.
موجوده دور ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙين لکين مدارس آهن. جتي هر وقت ديني علوم جي صدا جاري آهي. اتان جا عالم، ديني تعليم سان گڏ سنڌي ادب جي به خدمت ڪندا رهن ٿا. اهڙن مدرسن مان مظهر العلوم کڏه ڪراچي جو نالو قابل ذڪر آهي. هن مدرسي جو موجوده مهتمم حضرت حافظ محمد اسماعيل سنڌي ادب جي خدمت لاءِ ماهنامه الصادق جاري ڪيو آهي، جنهن جو مقام اسان جي صحافت ۾ اعلى آهي. حافظ صاحب اعلى پائي جو عالم پايي جو عالم ۽ اديب آهي. الصادق جا ايڊيٽوريل سندس علمي بصيرت جي گواهي ڏين ٿا. سندس ڪجهه تاريخي مضمون به ڇپيا آهن. مولانا عزيزالله ٻوهئي جو نوشهره فيروز ۾ مدرسو آهي. الصادق ڪجهه وقت اسسٽنٽ ايڊيٽر به ٿي رهيو. اعلى پائي جو اديب آهي. سندس قلم ۾ جدت ۽ نواڻ آهي. مولوي عبدالوهاب چاچڙ اتر سنڌ جو عالم ۽ صحافي آهي. پاڻ روهڙي جي ” مدرسه دارالعلوم شرعيه“ جا نائب مهتم ۽ صدر مدرس آهن. ان سان گڏ سنڌي صحافت ۾ سندس اعلى مقام آهي. ماهنامه شريعت جا ايڊيٽر آهن، جنهن جو ٻه خاص نمبر فتوى نمبر ۽ سنواح نمبر سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. مولانا صاحب جا ڪيترائي ديني، علمي، تنقيدي، تاريخي ۽ اصلاحي مضمون رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب سنڌ جا جيد ۽ شهريت يافته عالم آهن. عربي زبان تي وڏو عبور حاصل اٿن. ٻير شريف ۾ سندن ذاتي مدرسو به آهي. سنڌي ٻولي ۾ انسان جي عظمت ۽ شمائل ترمذي ڪتاب لکيااٿن. حافظ محمد موسى ڀٽو سنڌي ۽ اردو جو مشهور صحافي، مدرسه دارالقرآن ۾ حفظ قرآن ڪيو. دارالعلوم منزل گاهه ۽ مدرسه دارالسلام ميرپور خاص ۾ عربي ۽ فارسي پڙهيو. حافظ صاحب سنڌي ۽ اردو جو اعلى پايي جو اديب آهي. سنڌي ۾ مٽ مئي جا نه ٿيا، سنڌ جا مسئلا، چونڊ سنڌي مضمون ۽ پرين جي پچار ڪتاب لکيا اٿن. جيڪي سندس تاريخي ڄاڻ، سياسي شعور، ديني لڳاءُ، مذهبي يگانگت ۽ قلم تي دسترس جو زنده ثبوت آهي. خاص ڪري اردودانن کي سنڌ جي عظيم تاريخ ۽ ادب کان واقف ڪرڻ لاءِ سندس تحريري خدمتن کي وساري نٿو سگهجي. مولانا غلام مصطفى قاسمي جنهن تي اسان جيترو به فخر محسوس ڪيون سو گهٽ آهي. اهو به هڪ مدرسي جي پيداوار آهي. پاڻ دارلسعادات گورو پهوڙ ۽ درسگاهه ميرپور ڀٽو ۾ مدرس ٿي رهيو ۽ اها درسگاهه شاهه ولي الله جي فلسفي ۽ فڪر جو مرڪز ٿي پيئي. مولانا قاسمي صاحب شاهه ولي الله اڪيڊمي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي معرفت سنڌي ادب ۾ رسالو الرحيم به ڪڍي رهيو آهي. الحاج رحيم بخش قمر سنڌي ٻولي جو سٺو شاعر آهي ۽ ” هجري ايوارڊ“ به وٺي چڪو آهي سوبه هڪ مدرسي جي پيداوار آهي. مولوي محمد عالم ” اختر“ سومرو عربي، فارسي ۽ سنڌي جو وڏو عالم آهي. ميرپور ماٿيلو جو رهاڪو آهي. مولانا بهاءُ الدين جو شاگرد آهي. جواني ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم به ڪيائين. سنڌي جو سٺو شاعر آهي.سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي ڪتاب به لکيا اٿس. تازو هجره ڪاميٽي طرفان سندس قرآن شريف جو سنڌي ۾ ترجمو به ڇپيو اٿس. هنن عالمن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪافي بزرگ آهن. جيڪي عربي علوم سان گڏ سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهن ٿا.
هن وقت ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان ديني مدارس ۾ هڪ خاص سبجيڪٽ ” سنڌي ادب“ جو به رکون. ڇو ته ادب هر ٻولي جو ضروري جز آهي. ان ڪري ئي حضرت عمر رضه فرمائيندا هئا ته ” الشعر ديوان لعرب“ ادب جي مطالعي سان ئي شاگردن ۾ سياسي شغور، ذهني سجاڳي، قومي سوچ ۽ علم لاءِ شوق پيدا ڪري سگهبو. هن وقت ته مون کي معاف ڪيو وڃي. مدرسي جو شاگرد سنڌي اخبار پڙهڻ کي به گناهه ٿو سمجهي پر ڪو وقت جو ٺٽي جي عالمن فارسي کي ڇڏي سنڌي ٻولي جي آئيوڊيٽا پاڻ تيار ڪري ڪتاب لکي مدرسي ۾ پڙهيا ۽ ڪو وقت جو مخدوم بلاول مڪتب ڇڏي تڏا ويڙهي طالب وٺي شاهه بيگ ارغون اچي مقابلو ڪيو. اهو سڀ ڪجهه ديني تعليم ۽ سنڌي ادب جي مطالعي جو ئي اثر هو. منهنجي مضمون لکڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته مان پنهنجن مدرسن جي استادن کي سندس اسلاف جي اعلى ادبي ڪارنامن کان واقف ڪريان ته جيئن هو سنڌي ٻولي جي معياري، ديني ۽ صحتمند ادب کي پڙهي پنهنجن شاگردن ۾ اهو ولولو ۽ جذبو پيدا ڪن جيڪو مولانا تاج محمد امروٽي رحه، مولانا چشتي ۽ مولانا وفائي رحه پيدا ڪيو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته حضرت امروٽي کي ” شاهه جي رسالي“ سان وڏي محبت هئي هئي. ان ڪري اسان جيڪڏهن ٻيو نه ته سنڌي طالبن ۾ شاهه جي رسالي جي مطالعي جو شوق پيدا ڪريون. پر افسوس آهي جو اڄ سنڌ جي مدرسي ۾ شاهه جو رسالو ئي ڪونه هوندو. حالانڪ مدرسو ” علم جو گهر“ آهي. اسان جا علماءَ ڪرام هن وقت هن نازڪ دور ۾ ديني علم رستي، نوجوان نسل کي جنسي بي راهه روي ۽ مغرب جي انڌي تلقيد کان محفوظ رکيو ٿا اچن ته اتي منهنجي کين هيءَ به پرزور اپيل آهي ته سائين ! اڳين برزگن جي تحريري ڪارنامن کي سامهون رکي نه صرف پاڻ سنڌي ادب سان چاهه رکي به انهن عالمن جي سونهري ڪارنامن کان واقف ڪري، منجهن علمي ڪتابن پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو. اڄ ته اسان جو مدرسي جو استاد هجي يا شاگرد سنڌي ۾ خط لکڻ به عار محسوس ٿا ڪن. سائين ياد رکو ته قوم تڏهن زندهه رهندي جڏهن زبان زندهه رهندي.