مهاڳ : دادا سنڌي
جڏھن کان ھيءُ خطو، اسلام جي نُور سان منور ٿيو ۽ ان کي ”باب الاسلام“ جو شرف حاصل ٿيو، تڏھن ھِت عالمن ۽ فاضلن جي سدائين ڪثرت رھي. جن ۾ برڪت سان سنڌ جو ھر شھر، قصبو ۽ ڳوٺ علماءِ ڪرام ۽ اولياءِ عظام سان پُر رھيو ۽ انھن جي ظاھري ۽ باطني فيض سان، ھتان جو ھر فرد ٻاھرين خوني انقلابن، طوائف الملوڪي جي تباھ ڪن اثرات ۽ جاگيردارانه نظام جي چڪيءَ ۾ پيسجڻ جي باوجود به ”تصوف“ جي ڇانوَ ۾ ساھ پٽي، خداسان لنوُ لايو آيو ۽ سنڌ جو چپو چپو ”نغمئه توحيد“ سان گونجندو رھيو.
تاريخ شاھد آھي ته ھن ايمان افروز دور ۾، سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾، ھڪ ئي وقت تعليم، تصوف ۽ روحانيت جا ڪيترائي مرڪز ھئا، جتي سوين عالم ۽ ھزارين اولياءَ، حق جي طالبن کي علوم دين جي تعليم ۽ تزڪيئه نفس جي تربيت ڏيئي، سنڌ کي ايمان ۽ اسلام جي روشنيءَ سان منور ڪري ڇڏيو. سنڌ جي انھن سپوتن، نه فقط، پنھنجي ساڻيھ جي سرزمين کي، پنھنجين صلاحيتن سان سينگاريو، پر ڏورانھن ڏيھن ۾ وڃي، پنھنجي علم، فضل، فھم ۽ فڪر جو ناماچار ڪيو. انھن سنڌي گوھر آبدارن جي علمي چمڪ دمڪ کان دنيا جي عالمن جو اکيون خيره ٿي ويون، ۽ سندن علمي سڳنڌ ۽ سرھاڻ پوري عالم انسان کي واسي ڇڏيو. سندن فيض سان ڪيئي مئل دليون جيئريون ٿيون. اھي اڄ به زنده آھن، ڇوته انھن جو ونڊيل علم جيئرو آھي. سچ آھي ته الناس موتيٰ، و اھل العلم احياءُ. ( ماڻھو ته مريو وڃن، پر اھل علم ھميشہ زندھ آھن.)
مون ھن ڪتاب ۾ جيڪي چار مقالا پيش ڪيا آھن، تن ۾، سنڌ جي انھن بزرگن ۽ عظيم انسانن جي سونھري ڪارنامن کي، تاريخ جي روشنيءَ ۾ پيش ڪري، سنڌ جي نئين نسل آڏو آڻيان ٿو ته اسانجو ھيءُ نوجوان طبقو، پنھنجن وڏڙن جي ورثي کان واقف ٿي سندن قائم ڪيل راھن تي ھلي، پاڻ ۾ پنھنجن وارا گُڻ ۽ صلاحيتون پيدا ڪري، قوم ۽ ملڪ سان گڏ ”عالم انسان“ کي چمڪائي ۽ روشن ڪري ۽ ائين ئي منھنجي ھيءَ محنت ڪامياب ٿيندي.
”دادا“ سنڌي
داد لغاري