سنڌ شناسي

سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما

هي مقالا، سنڌ جي ديني عالمن ۽ انهن جي ديني، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن بابت آهن. اها هڪ روشن حقيقت آهي ته سنڌ جي عالمن ئي، سنڌي زبان جي صورتخطي تيار ڪئي، ان ۾ ڪتاب لکيا ۽ سنڌي علم ادب جي پيڙهه جو پٿر رکيو. نه فقط ايترو، پر سنڌي زبان ۾تعليم ڏيئڻ جو رواج به، سنڌ جي ديني عالمن ئي وڌو. مسلمانن جي اچڻ کان اڳ ۾، سنڌ ۾ ڌرمي تعليم، سنسڪرت زبان ۾ ڏني ويندي هئي ۽ نه سنڌيءَ ۾. ديني مدرسن ۾ جيتوڻيڪ عربي ۽ فارسيءَ ۾، تعليم ڏني ويندي هئي، پر سنڌ جي عالمن، سنڌي زبان ۾ به، تعليم ڏيئڻ جو رواج وڌو ۽ سنڌي زبان ۾، الف اشباع جي سٽا ۾، ڪيترائي ديني ڪتاب لکيا. دادا سنڌي هڪ مقالي ۾ عالمن جي انهن ڪوششن جو جائزو ڏنو آهي، جيڪي هنن سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ورتيون.
  • 4.5/5.0
  • 4794
  • 1111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي عالمن  جا سونهري ڪارناما

ٻه اکر : ناز سنائي

”سنڌ جي عالمن جا سونھري ڪارناما“، سنڌتحقيقي بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ ۽ ڇپائڻ واري سلسلي جو ٻيو ڪتاب آھي جيڪو سنڌ تحقيقي بورڊ جي لائق ميمبر، محترم دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ دادا سنڌيءَ جو نالو ڪو نئون ڪونھي. انھن سمورن کي ڄاڻ آھي ته سنڌ جي تاريخ لاءِ جيڪي ماڻھو جھد پٽي رھيا آھن ۽ جن کي اھو درد آھي ته سنڌ جي تاريخ کي گڏ ڪجي، لکجي ۽ منظر عام تي آڻجي انھن ۾ دادا سنڌي به شامل آھي.
ساڳي طرح سنڌ جي تاريخ سان سمورن واسطيدار ماڻھن کي پروڙ آھي ته سنڌ جي تاريخ لکڻ ڪيڏو نه ڏکيو ۽ ڪٺن ڪم آھي. قلم ڪڍي، ڪاغذ آڏو رکي ليڪا ڪڍڻا ڪونھن، خيالي پلاءَ پچائڻا ڪونھن پر رُڪ جا چڻا چٻڻا آھن، پنھنجي سوچ ۽ عقل کي اھڙي ڪنڍيءَ ۾ ڦاسائي لڇڻو ۽ تڙپڻو آھي، جنھن سان ڪنھن شيءِ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اھو چئي سگھجي ته واقعي ڪا شيءِ لکي وئي آھي ۽ ان شيءِ کي قبوليو وڃي. اختلاف راءِ ته ھر قبوليل ڳالھ ۾ به ٿي سگھي ٿو، رکي سگھجي ٿو ۽ رکڻ به گھرجي ۽ اھو حق ھر ھڪ کي آھي. ھر ھڪ ماڻھو پنھنجو اھو حق استعمال ڪري سگھي ٿو.
تاريخ لکڻ لاءِ ڪيترين ڳالھين جي گھرج پوي ٿي، جن جي پورائيءَ کانسواءِ، تاريخ لکڻ ناممڪن آھي. انتھائي گھرو مطالعو، وسيع مشاھدو، تاريخي مواد ۽ تاريخ سان لاڳاپيل ھر اھا شيءِ، جنھن کي اسين لکڻ وقت ڪم آڻي سگھون، ان جو موجود ھجڻ، ان بابت معلومات جو ھجڻ، انتھائي ۽ اشد ضروري آھي ۽ جيستائين ڪنھن به تاريخ لکندڙ کي، اھي سھولتون ميسر ناھن، ايستائين ان مان ڪا چڱي توقع رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ مثل آھي.
ڇوته اسان پنھنجي م‍ؤرخن لاءِ نه اھڙا موقعا فراھم ڪيا آھن ۽ نه سرڪار اھڙيون سھولتون ڏنيون آھن. ان ھوندي به اسان جي مؤرخن ذاتي طرح دلچسپي وٺي اھڙو مواد گڏ ڪري، پنھنجي ليکي جيڪا جستجو ۽ جاکوڙ ڪئي آھي اھا لائق تحسين آھي، سَوھا ڀيرا داد جي لائق آھي ۽ ان صورت ۾ ته اڃا ڳالھ وڌي ٿي وڃي جڏھن مؤرخ، شھرن کان ۽ انھن سمورين سھولتن کان محروم ھجي، جيڪي اتي ان سلسلي ۾ ملي سگھن ٿيون.
دادا سنڌي، ميرپور ماٿيلي کان به پري، ننڍڙي ڳوٺ داد لغاريءَ ۾ ويھي، جتي اخبار ملڻ به مشڪل ھجي، سڄي دنيا کان پري ويھي به جيڪڏھن ھو ڪا شيءِ اسان کي ڏئي ٿو ته اھا سندس سنڌ جي تاريخ سان محبت آھي. سنڌ جي تاريخ ٻڏل ٻيڙيءَ جيان آھي، جيڪا ھزارين طوفانن جي ضد ۾ اچي نيست ۽ نابود ٿي ويئي آھي ۽ سنڌ جا سمورا مؤرخ ۽ عالم ان ڳالھ ۾ رُڌل آھن ته اسان کي اھا ٻيڙي وري نئين سر جوڙڻي آھي، جنھن ۾ اسان سمورن کي چڙھي تاريخ جو طويل ۽ ڏکيو سفر طئه ڪرڻو آھي. جيستائين اھا ٻيڙي ٺھي راس ٿئي، تيستائين ان ٻڏل ٻيڙيءَ جو ھريڙون به اسان لاءِ چڱيون آھن.
”ڀڳي سائي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.“
اسان توڙي سڀ ڄاڻون ٿا ته، اسان جنھن ڪم جي شروعات ڪئي آھي اھو ڏاڍو ڏکيو ۽ ڪَٺن ڪم آھي. گھڻا دوست دل ٿا وڌائين ۽ ڪي کِلي مذاق ٿا اُڏائين، بھرحال سڀ شيون اکين تي، اسان پنھنجو ڪم ڪري ڏيکارينداسين.
پھرين ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جا تحقيقي مسئلا“ سان اسان شروعات ڪئي ھئي ۽ اھو سمورو ڪتاب رڳو ان موضوع تي ھو ته اسان جي تاريخ جا مسئلا ڪھڙا آھن؟ اسان سان ان سلسلي ۾ ڪھڙي ويڌن ۾ آھيون؟ ان جو تدارڪ ڪيئن ڪجي؟
ھي ٻيو ڪتاب ”سنڌ جي عالمن جا سونھري ڪارناما“ به اسان جي تاريخ جو حصو آھي، جنھن ۾ محترم دادا سنڌي، سنڌ جي عالمن جو علم ادب توڙي سياست ۾ ادا ڪيل ڪردار ۽ انھن جي اڻ مٽ ڪارنامن جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪو پنھنجي لحاظ کان سٺي معلومات ڏيندڙ آھي.
اسان سمورن ماڻھن کي نه رڳو اسان جي ھن پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ اپيل ٿا ڪريون پر ھي به عرض ٿا ڪريون ته ھو سنڌ جي تاريخ بابت ڪتاب گڏ ڪرڻ ۾ ”سنڌ تحقيقي بورڊ“ جي مدد ڪن ۽ اسان اھا اميد؛ سمورن ساٿين ۾ رکون ٿا.


ناز سنائي
ٺٽو - 28- فيبروري 1989ع