3. اهل سنڌ ديار عرب ۾
تجارتي لحاظ کان سنڌين جو عرب سان تمام گهاٽو تعلق هو. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ” عرب واپاري هزارين ورهيه اڳ هندستان جي ڪناري تائين ايندا هئا ۽ هتان جي واپار ۽ پيداوار کي مصر ۽ شام ذريعي يورپ تائين پهچائيندا هئا ۽ اتان جي سامان کي هندستان جي ڀر وارن ٻيٽن، چين ۽ جاپان تائين نيندا هئا. (ماهوار پيغام _ مئي جون 1980 ع ) مولانا ابوالجلال ندوي جو رايو آهي ته قديم زماني ۾ سنڌ جا عرب دنيا سان گهاٽا لاڳاپا هئا ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون عرب قومون اچي آباد ٿيون“. (عرب و هند ڪي تعلقات _ ص نمبر 5) نه صرف عربستان جا تاجر هت آيا پر پهرين سنڌي واپاري عربستان ويا جن اتان جي ماڻهن کي سنڌ جي زرخيزي مان واقف ڪيو ۽ اهڙي طرح هنن ٻنهي قومن جا پاڻ ۾ ناتا پختا ٿيا. جيڪي سنڌي ذاتيون هتان لڏي عربستان وڃي رهيون، تن مان زط، ميد،،سيابچ، احاصره، اساوره، بياسره ۽ تڪاڪره (ٺڪر) مشهور آهن. سنڌ جون هي قديم ذاتيون جيڪي سنڌي قوم سان واسطو رکندڙ هيون ساري عرب مثلن عمان، مسقط، قطيف، بحرين، قطر، ڪويت ۽ بصري کان سواءِ عرب جي ريگستاني علائقن نجد ۽ وچ ۾ عرب جي مڪي ۽ مديني ۾ گهڻائي ۾ رهڻ لڳيون. (ماهنامه ماهه نو _ ڪراچي ) ان ڏينهن ۾ اسلام کان اڳ جو جيڪو دور هيو عربستان ۾ سنڌين جي ايتري ته گهڻائي هئي ۽سندن واپاري مرڪزن ۾ ايڏو ته گهڻو تعداد رهندو هو جو ڊاڪٽر اوليئري لکي ٿو ته ” قديم عيسائي مذهبي ڪتابن ۾ عربن کي هندستاني (سنڌي) چيو ويو آهي. سنڌي تاجرن عربستان جي وڏن وڏن تجارتي ميلن ۾ به شريڪ ٿيندا هئا. ابو زيد لکي ٿو ته ” سنڌي واپاري سيراف ۾ ايندا آهن ته ڪو عرب تاجر،سندن دعوت ڪندو آهي ته هو ڪڏهن هڪ ته ڪڏهن سئو کان به وڌيڪ هوندا آهن،“ عرب ناکڻي بزرگ بن شهريار سنڌي تاجرن کي ” بانا نيهه “لکيو آهي ته اهي عراق، بحرين، سوڍان، ۽ مصر ۾ آهن ۽ عربي تمام سٺي ڳالهائيندا آهن ۽ اتي سندن تجارت آهي تجارت کان سواءِ زندگي جي هر شعبي ۾ سنڌين عربستان ۾ جوهر ڏيکاريا. زط ۽ ميد جنگجو ۽ فوجي فن جا ماهر هئا. ايران جي فوج ۾ به هو شامل هئا. بصري جي ڀرسان بطلاع جي ماٿري ۾ هنن جو وڏو تعداد رهندو هو. جتي هو رزاعت به ڪندا هئا. پوءِ لڏي هو انطاڪيه ويا.هنن جي ڪوششن سان عراق ۽ شام ۾ سنڌي مينهون پهتيون. هڪ ڀيري ڏکڻ عرب ۾ ايران جي لشڪر کي شڪست ملي ۽ يمن تي حبشين قبضو ڪيو. جڏهن ان جو اطلاع ايران جي شهنشاهه ڪسرى کي مليو تڏهن هن چيو ” يمن تي ڪهڙن ڌارين ماڻهن قبضو ڪيو آهي. سنڌين يا حبشين“. (سيرت ابن هشام ص 11 محمد اسماعيل پاڻيپتي )
جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ اسلام جو پيغام آندو ۽ تبليغ شروع ڪئي، تڏهن سنڌ جي هنن سوڍن پاڻ سڳورن ﷺ جو ساٿ ڏنو ۽ ساڻن گڏ رهيا. هڪ حديث ” نرمذي ابواب الامثال “ ۾ آهي ته ” عبدالله ابن مسعود رضه هڪ اصحابي حضور ﷺ سان گڏ هڪ ماڻهو کي ڏٺو جنهن جي شڪل ۽ شبيهه لاءِ ان چيو ته ان جو مهانڊو جاٽ يا زط وانگر هو“. (عرب اور هند ڪي تعلقات _ سيد سليمان ندوي ) هن مان صاف ظاهر آهي ته عرب ۾ رهندڙ سنڌين بروقت اسلام قبول ڪيو هو. ابن حجر عصقلاني الاصابه لکي ٿو ته ” حضرت پير زطن سنڌي جنهن حضور ﷺ جي دور ۾ اسلام قبول ڪيو. (مهانمه اظهار _ جولاءِ 1982ع) هن ئي زماني ۾ يمن جي ايراني حاڪم باذان اسلام قبول ڪيو. هن حاڪم جي سرڪردگي ۾ سنڌي ذات اساوره به يمن ۾ رهندڙ هئي ان ڪري هي سڀ سنڌي ماڻهو مسلمان ٿي ويا ۽ جڏهن باذان وفات ڪئي تڏهن هو پاڻ سڳورن جي انتظام هيٺ زير ناف بن بدر جي حوالي ڪياويا. حضورﷺ سنڌي ماڻهن کي چڱي نموني سڃاڻيندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ سڳورن کان صحابه ڪرام پڇيو ته ” يا رسول الله اوهان موسى کي ڏٺو ” پاڻ فرمايائون ته موسى اهڙو آهي جهڙو سنڌي ماڻهو“ هڪ ٻي تاريخي روايت ۾ اچي ٿو ته ” جڏهن بخران جا ڪجهه عيسائي پاڻ سڳورن سان ملڻ آيا ۽ مسجد نبوي جي در تي اچي گڏ ٿيا تڏهن پاڻ ڪريمﷺ کيس ڏسي صحابه کان پڇا ڪئي ته هي ڪير آهن ۽ ائين چوندي هي لفظ چيائون ته ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن. “ (سه ماهي مهراڻ گرامي نمبر ) سنه 6هه ۾ پاڻ سڳورن 5 اصحابن کي سنڌ ڏانهن دعوت اسلام لاءِ موڪليو . جن مان 3 هت اسلام جي اشاعت لاءِ ترسي پيا ۽ ٻه ڪجهه سنڌي ماڻهن سان واپس مديني ويا. حضرت علي رضه فرمايو ته هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن وٽ ٻه وفد آيا، هڪ سنڌ مان ۽ ٻيو آفريڪا مان جن رضا خوشي سان اسلام ۽ فرمانبرداري کي قبول ڪيو ۽ پاڻ سڳورن جي اقوال مبارڪ کي ٻڌو.“ (ماهوار شريعت _ مولانا قاسمي جو مضمون ) هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي حضور ﷺ جي دور کان اڳ عرب ۾ پهچي چڪا هئا ۽ مسلمان به ٿيا. اهي سنڌي پنهنجي فن ۾ مثالي حيثيت رکندا هئا. مسلمان به ٿيا. حضور ﷺ جن جي حرم پاڪ جو علاج به سنڌي طبيب ڪيو. امام بخاري جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته ” هڪ دفعي حضرت بي بي عائشه رضه بيمار ٿي پئي ته سندس ڀائيٽن هڪ زط سنڌي طبيب کي علاج لاءِ گهرايو. (سه ماهي مهراڻ _ 2 _ 1980) عربستان ۾ رهندڙ سنڌي سپاهين اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي وڏا جوهر ڏيکاريا. پهريائين سنڌي سوڍا عربن جي جهازن جي نگراني ڪندا هئا ۽ سامونڊي قزاقن جو مقابلو ڪري عرب جي جهازن کي محفوظ ڪنارن تائين پهچائيندا هئا.بلازري لکي ٿو ته ۾ ” حضرت علي رضه جڏهن بصره فتح ڪيو تڏهن سندس خدمت ۾ ستر سنڌي سوڍا حاضر ٿيا ۽ چيائون” ته توهان حق تي آهيو اسان جي مدد اوهان کي آهي نصرت هميشه حق جي ٿيندي آهي. “ (سه ماهي مهراڻ _ گرامي نمبر )جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾هو ته حضرت علي رضه جا ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. يوم مسعود ۽ يوم ربذه ۾ به سنڌين خاص حصو ورتو ۽ بهادري ۽ روايتي مثال قائم ڪيائون. حضرت علي رضه کانئن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بصري جو خزانو سندن حوالي ڪيائين. اموي دور ۾ امير معاويه ۽ وليد بن عبدالمالڪ رومين جي مقابلي ڪرڻ لاءِ سنڌي جتن جي ڪجهه قبيلن کي شام جي ڪناري تي آباد ڪيو. ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عه جي ستر ڄڻن ۾ ڪجهه سنڌي سپاهي به هئا. (سه ماهي مهراڻ _ گرامي نمبر) مختيار ثقفي جڏهن انتقام حسين رضه لاءِ لشڪر گڏ ڪيو ۽ شامي فوج سان وڙهڻ لاءِ ابراهيم الشتر کي ويهه فوج ڏيئي روانو ڪيو. تڏهن ان ۾ سمورا ڪوفي ۾ رهندڙ سنڌي سپاهي هئا، جن کي مورخن ” حمراءَ“ لکيو آهي ڇاڪاڻ ته هو گيڙو ڪپڙا پائيندا هئا. (عرب اور هند ڪي تعلقات _ قاضي الهرمبارڪپوري ) عبدالرحمان بن اشعت جڏهن بنو امسيه ۽ حجاج بن يوسف جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف هڪ فوجي جماعت ٺاهي ميدان ۾ آيو. تڏهن بصره ۾ رهندڙ سنڌي فوجي به هن سان شامل ٿي ويا ۽ ” حجاجي آمريت“ جي پاڙ پٽيائون. پر پوءِ هو حجاج جي عتاب هيٺ آيا. جنهن سندن گهر ڊهرائي کين جلاوطن ڪري ڇڏيو. ابن زبير رضه جي زماني ۾ ربدهه جي جنگ ۾ هڪ سنڌي جماعت شريڪ ٿي گهڻن ئي ماڻهن کي پنهنجن تيرن سان هلاڪ ڪيائين. ڇو ته سندن ڪو به شانو خطا ڪونه ٿي ٿيو. اهي سنڌي زط هئا. جيڪي بصره ۾ آباد هئا. عباسين جي دور ۾ سنڌي تمام گهڻي تعداد ۾ عربي لشڪر ۾ والنٽيئر فوج جي حيثيت ۾ اجين، ڀڙوچ ۽ ٿٻيٽ تائين جنگين ۾ حصو ورتو. بغداد سترهن هز ار هو، سامونڊي ٻيڙن رستي عراق تي حملو ڪيو. ان کان پوءِ هو سيلشيا ۾ آباد ٿيا. جتان پوءِ ٿريش ۾ وڃي رهيا ( سنڌين جي فوجي مهارت _ دادا سنڌي ) هڪ شاعر هنن سنڌي سپاهين جي بهادري کي ساراهيندي چئي ٿو ” رڃي هاٿي جو ڪنهن هند سيابچ سان مقابلو ٿي وڃي ته سيابچ ۽ ان جي ڳچي ۽ هڏيون ڀڃي وجهندو. ” سنڌي نه فقط فوج ۾ پر تعليم، طب، موسيقي، حساب نجوم ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري چڪا آهن.طب ۾ به هو ٻين کان گهڻو اڳتي آهن. خاص ڪري خطرناڪ بيمارين دفع ڪرڻ لاءِ وٽن بهترين علاج موجود آهن. هنن وٽ تصوير ڪشي ۽ بت گري جا هنر آهن. هنن جي موسيقي تمام دلچسپ آهي. هنن جا مخصوصه آداب ۽ اطوار آهن . هنن وٽ اهڙي قسم جو رسم الخط آهي جيڪو زبان جي سڀني حرفن جو جامع سڏجي ٿو. فلسفي توڙي ادب تي به هنن کي عبور حاصل آهي. هنن جا رايا پسند پيل ۽ سندن خصلتون تعريف لائق آهن. هڪ خصلت اها اٿن ته هنن وٽ جيڪا امانت رکي ٿي وڃي سا سلامت رهي ٿي. هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي عرب دنيا ۾ پنهنجي عظمت هر فن ۾ مڃرائي چڪا هئا. هت اهڙن سنڌي عالمن، شاعرن، موسيقار ۽ طبيبن جو ذڪر ڪجي ٿو جن عرب ۾ پنهنجي حيثيت آهر خدمت ڪري سنڌ جي نالي کي روشن ڪيو.
(1). حضرت پير زطن ؛ حضرت پير زطن سنڌي نسل جاٽ مان هو، جيڪو يمن ۾ رهندو هو. هو پنهنجي وقت جو ماهر طبيب هو .شيخ حسن ڪتاب السوانح لکي ٿو ته ” پير زطن، شاهان ايران جي زماني جو هڪ پوڙهو هو. هو ڀنگ سان علاج ڪرڻ ۾ مشهور هو. جنهن کي انهيءَ طرف سڀ کان پهرين هن رواج ۾ آندو ۽ يمن ۾ سندس مشهوري ان ڪري ٿي هن اسلام جو دور ڏٺو ۽ ان کي قبول ڪيو ” قاضي اطهر مبارڪپوي لکي ٿو ته ” حضرت پير زطن سنڌي رضه پهريان خوشنصيب هندستاني آهن جن پاڻ سڳورن جو زمانو يا گهٽ گهٽ پاڻ سڳورن جي دور جي ويجهو رهيا. هو قربت زماني سان گڏ قربت مڪاني ۾ به پهريان هندستاني آهن.“
(2). ابو معشر سنڌي ؛ ابو مشعر نجيح بن عبدالرحمان ٻي صدي هه جي مشهور هڪ حديث جي راوين مان آهي هن جو پيءُ هڪ هو جيڪو سنڌ جي فتح کان جلد پوءِ سنڌ خير آباد چئي يمن ويو. جتي وڃي سڪونت اختيار ڪيائين . ابو معشر اتي ئي ڄائو ۽ نپنيو، يمامه ۽ بحرين جي لڙائين ۾ گرفتار ٿي مديني آيو، جتي کيس ام موسى بنت منصور خريد ڪيو بنو هاشم جي ميراث ۾ نه آيو، پوءِ هو نيم آزاد ٿيو ۽ بنو محزوم جو شرطي آزاد ٻيو، جنهن کان پوءِ مقرر رقم ادا ڪري آزاد بڻيو جنهن کان پوءِ علم حاصل ڪري وڏي درجي تي رهيو. هن کي سنڌي هجڻ تي فخر هو جيئن ته ” ابونعيم چيو ته مان ابي معشر کان ٻڌو ته هو چوندو هو ته منهنجي پيءُ سنڌي هو“
ابو معشر سنڌي، علم حديث، مغازي ۽ فقه ۾ خاص درڪ رکندو هو. جامع ترمزي ۾ سندس روايتون موجود آهن. سندس علمي مقام بابت امام احمد بن حنبل فرمائي ٿو ته ” هو فن مغازي ۾ بصيرت رکندو هو، سچو هو پر استاد ياد رکي نه سگهندو هو“. خليل جو چوڻ آهي ته ” ابومعشر کي علم دين ۽ تاريخ ۾ هڪجهڙو مرتبو حاصل هو“. هن جي تصنيف ڪتاب المغازي مشهور آهي.“ ابو معشر 170هه ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جنازي نماز خليفي هارون الرشيد پڙهائي.
(3) امام ابو حنيفه ؛ امام اعظم ابو حنيفه نعمان بن ثابت، شام ۽ عراق ۾ ڄائو پر سندن بزرگ اصل سنڌي هئا. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته امام اعظم سنڌي نسل جو آهي، هو زط قبيلي مان هو، ڪن لکيو آهي ته سندن والده سنڌياڻي هئي. هن جو زمانو 80هه کان 150 هه آهي . امام ابو حنيفه اسلام جو پهريون قانون ساز ۽ فقيه، مجتهد ۽ صائب راءِ امام آهي. جنهن جي اجتهاد تي اسلامي دنيا کي فخر حاصل آهي. سندس علم ۽ جلالت متعلق امام شافعي فرمايو آهي ته ” ماڻهو فقهه ۽ ابو حنيفه “ جو عيال آهن. هي اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جو سنڌ جو فرزند دنياءِ اسلام ۾ امام اعظم بڻيو.
(4) ابو عبدالمالڪ؛ مشهور محدث ابو معشر سنڌي جو لائق پٽ هو جيڪو بغداد ۾ رهندو هو. هو پنهنجي زماني جي زبردست عالمن مان هو. حديث جي علم ۾ وڏي مرتبي جو مالڪ هو. پنهنجي والد جي ڪتاب ” المغازي“ جو راوي هو. خليفو مهدي سندس وڏي عزت ڪندو هو. سندس شاگردن ۾ سندس پٽ دائود ۽ حسن کانسواءِ ابو حاتم محمد بن ادريس رازي، محمد بن لبيهه جوهري ۽ ابو يحى موصلي آهن. جيڪي کائنس ۽ حديث جي روايت ڪن ٿا. هن 244 هه ۾ وفات ڪئي.
(5) امام اوزاعي؛ شيخ الاسلام عبدالرحمان بن عمرو امام اوزاعي 88هه ۾ ڄائو ۽ 156هه ۾ وفات ڪيائين. هو اصل سنڌ جي ان خاندان مان هو جيڪو قيد ٿي عرب ملڪن ڏانهن ويو هو ” امام اوزاعي وڏو عالم ۽ فاضل هو . هو انهن آئمه اسلام مان آهي جيڪي فقهه جي هڪ مذهب جا باني آهن. ابو مهدي چوي ٿو ” حديث جا چار امام آهن، اوزاعي، مالڪ، ثوري ۽ حماد، شام ۾ سنت جي سمجهڻ وارو، اوزاعي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڪونه هو . ” شام ۽ اندلس ۾ هن جو تعداد تمام گهڻو هو . امام اوزاعي جي ساري زندگي علم ۽ دين جي خدمت ۾ گذري . دنوي جاءِ جلال کان کيس نفرت هئي. قضا جو عهدو کيس آڇيو ويو پر انڪار ڪيائين . سندس تصنيفات ۾ ڪتاب السنن، ڪتاب المسائل ۽ ڪتاب التفسير مشهور آهن. ڪجهه ڪتاب حديث تي به لکيائين.
( 6)حافظ ابو محمد ؛ ابو محمد خلف بن سالم سنڌي حديث جي مشهور حافظن مان هو. بغداد جي ” محلي محزم ۾ رهندو هو ان ڪري کيس محزومي سڏن ٿا. هو اصل سنڌي هو ۽ آل مهلب جو غلام رهندو آيو. زهبي جو بيان آهي ته ” ابو محمد سنڌي مهالي آل مهلب بغداد جي وڏن حديث جي حافظن مان هو ۽ سنڌي هو هو مختلف علمن ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سندس حديث جون روايتون امام نسائي پنهنجي ڪتاب سنن سناني ۾ درج ڪيون آهن. جنهن مان هن جي عظمت نمايان آهي.
(7) ابو نصر سنڌي؛ ابو نصر بن عبدالله سنڌي آل حڪم جو غلام هو جن پوءِ کيس آزاد ڪري ڇڏيو . هن مختلف علمن ۾ فقه، ڪلام وغيره ۾ مهارت ڪئي. فقه جي تحصيل ابو علي ثقفي کان ڪيائين ۽ حديث جي روايت حسد بن صفيان کان ڪيائين. کيس عرب ۾ فقيه ۾ متڪلم سڏيو ويندو هو. وٽس هر وقت شاگردن جو ميڙ رهندو هو. هن تابعين کان حديث جي روايت جي سعادت حاصل ڪئي ۽ پاڻ ٻي صدي هه ۾ ٿي گذريو آهي.
(8) ابو عبدالله ؛ ابو عبدالله محمد بن رجاءُ سنڌي اسفرائن ۾ رهندو هو. بغداد ۾ حديث جي روايت ڪيائين. سندس پيءُ ۽ پٽ سڀئي علم جو گهر هئا. هن جو پٽ ابوبڪر محمد حديث جو حافظ هو ۽ صحيح مسلم جي نموني تي هڪ اهم ڪتاب ” مستخرج علي صحيح مسلم “ لکيائين .
(9) ابو عبدالله محمد ؛ ابو عبدالله محمد بن عبدالله محمد بن عبدالله زاهد اصل ديبل جو رهاڪو هو ۽ شام ۾ رهي علم ۽ عرفان جي پالوٽ ڪندو رهيو. هي صوفي بزرگ هڪ پاسي وڏو اهل الله هو ته ٻئي پاسي قرآن حڪيم جو قاري به هو. علامه ابن جوزي لکيو آهي ته ابو عبدالله، جعفر بن سقريط کان قرات ورتي ۽ حروف جي عبدالرزاق بن حسن ۽ مڪن بن بڪرويه کان روايت ڪئي .
(10) احمد بن محمد؛ هي درويش ۽ زاهد ديبل جو هو جنهن جي سڪونت مصر ۾ ٿي هو هڪ وڏو فقيه هو علم جي کيس عمدي ڄاڻ هئي . امام شافي جي مذهب جو فقيه ٿيو. سندس زهد جو عالم هي جو مصر ۾ ڪنهن کان به پاڻي نه گهريائين . احوال ۽ مڪاشفي وارن صالح انسانن مان هو.
(11) ابو ضلع سنڌي ؛ سنڌ جو هي قابل فخر فرزند غلام ٿي عرب پهتو، عربي جو تمام وڏو شاعر آهي. سندس سٺ صفحن جو هڪ ڪتاب لکيل آهي. هو جڏهن عرب پهتو تڏهن ڏٺائين ته اتان جا رهاڪو سندس وطن جي گلا ڪري رهيا آهن. مادر وطن جي هن غيور شاعر اهو نه سٺو ۽ ديس جي ساراهه ۾ هڪ طويل قصيدو لکيائين. جناب مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” هن شاعر پهريون وطني ترانو جوڙيو، جنهن مان سنڌ جي فضيلت جي خبر پئجي سگهي ٿي. “
(12) ابو عطا سنڌي ؛ هن جواصل نالو افلح بن يسار هو، جيڪو بندو اسد جي غلامن ۾ عراق پهتو، جتي بنو اميه وٽ غلام ٿي رهيو. بعد ۾ کيس آزاد ڪيو ويو . ابو عطا بنو اميه جي خليفن وٽ رهيو ۽ انهن جا جنگي ڪارناما بيان ڪندو رهيو. نصر بن يسار هن جو وڏو قدردان هو، جنهن هڪ دفعي کيس ڏهه هزار دينار ٻئي دفعي 74 هزار دينار ۽ ٽئين دفعي خوبصورت ٻانهي ڏني.
(13)ابو اسحاق؛ ابراهيم ابو اسحاق بن نصر، سلامه شهر جو قاضي هو، هو بنيادي طرح سنڌي هو جنهن جا وڏا سنڌ مان عباسين جي دور ۾ بغداد پهتا. هن بغداد جي نظاميه ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ ان کان پوءِ سرڪاري طرح سلامه جو قاضي مقرر ٿيو. هو هڪ اعلى پايي جو شاعر به هو.
(14) سنڌي بن شاهڪ ؛ سنڌي بن شاهڪ خليفي منصور جو آزاد ڪيل غلام هو. مهدي ۽ هادي جي زماني ۾ وزير مواصلات رهيو. ان کان ٻيا به ڪيترائي عهدا سرانجام ڏنائين، جاحظ جو بيان آهي ته ” هي شام ۾ جڏهن هڪ اهم عهدي تي مامور رهيو، تڏهن سندس سياست اها هوندي هئي ته يمن وارن توڙي عدن وارن، قيسين ۽ترارين سان بلڪل هڪ جهڙو سلوڪ ڪندو هو“.
(15) ڪٿام سنڌي ؛ هي نائين صديءَ جو هڪ مشهور عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو شاهڪ سنڌي هو . هن جو هڪ ڪتاب ٻه سئو صفحن جو نظم ۽ ٻيو ڪتاب نثر ۾ ملي ٿو.
( 16) منصور سنڌي؛ هو خوصويه نالي هڪ عرب جو غلام هو. جيڪو سنڌ مان ٿي ويو. هو عربيءَ جو سٺو شاعر به هو. هن ادب ۾ هڪ تصنيف يادگار ڇڏي آهي.
(17) ابراهيم بن السنڌي بن شاهڪ؛ هو سنڌي بن شاهڪ جو پٽ هو ۽ دولت عباسيه ۾ ملازم هو . هو زبردست خطيب ۽ انساب جو ماهر هو. هو هڪ اعلى پايي جو محدث، فقيه، نحوي ۽ شاعر پڻ هو. ان سان گڏ هو نجوم ۽ طب جو ماهر به هو. فلسفين جو ته سردار سڏيو ويندو هو. تمام گهٽ ننڊ ڪندو هو، حافظو به تيز هوندو هوس.
(18) ابن الاعربي سنڌي؛ ابو عبدالله محمد بن زياد ابن الاعربي سنڌي بنو هاشم جي آزاد ڪيل غلامن مان هو . سندس والد زياد هڪ سنڌي غلام هو. هو لغت ۽ ادب جو وڏو امام هو. ابو العباس ثعلب جو چوڻ آهي ته ” ابن الاعربي جي مجلس ۾ سوين ماڻهو ايندا هئا ۽ ان کان سوال ڪندا هئا ۽ پڙهندا هئا هو هميشه بغير ڪنهن ڪتاب جي جواب ڏيندو هو. پر ڪڏهن به هن جي هٿ ۾ ڪو ڪتاب ڪونه ڏٺو ويو ۽ هن جو ڪجهه به ماڻهن کي لکايو هو اهو علم ڪتابن ۾ لکي جيڪڏهن تورجي ته گهڻن ئي اٺن جو بوجهه ٿي پئي.
(19) ابو طوطه السنڌي ؛ سندس نالو ابراهيم بن عبدالسلام السنڌي البغدادي آهي. هو سنڌي بن شاهڪ جو ڀائيٽو هو ۽ عباسين جو دور ۾ وڏي سرڪاري عهدي تي فائز هو.
(20) مائڪ سنڌي ؛ سنڌ جو هي لائق فرزند سنڌ جي راجا جو خانداني طبيب هو، جيڪو سنڌي کان سواءِ عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ هندي زبانن جو ماهر هو. جڏهن خليفو هارون الرشيد بيمار ٿيو تڏهن هن سنڌ مان مائڪ کي پنهنجي علاج لاءِ گهرايو خليفي کي هن سنڌي طبيب جي دوا سان شفا ٿي ان ڪري هن کيس بيت الحڪمت ۾ وڏي عهدي تي مقرر ڪيو . مائڪ هتي علاج جي شغل سان گڏ ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا. جن مان ” سشدت سنگهتا“ ڪتاب مشهور آهي.
(21) ڀلو سنڌي ؛ هو سنڌ جو مشهور طبيب ۽ حاذق حڪيم هو . بغداد ۾ سندس هاڪ هئي، يحى بن خالد برمڪي، سنڌ مان عالمن جي جماعت بغداد گهرائي، ان جي هي به هڪ رڪن هو. ڀلو پهريائين بغداد جي ” دارالترجمه“ ۾ هندي ڪتابن جي ترجمي لاءِ مامور ٿيو. جنهن ڪري سندس علميت جو ڌاڪو ڄميو. هو سنڌي کان سواءِ عربي، فارسي ۽ هندي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو.
(22) صالح بن ڀلو؛ هن کي ماليها به چوندا هئا. پنهنجي پيءُ وانگر طبيب ۽ عالم هو. ابن ابي اصبيعه کيس هتان جي انهن برک حڪيمن مان شمار ڪيو آهي. جيڪي بغداد ۾ قيام پذير هئا ۽ عام خاص طبقي ۾ مقبول هئا. خليفي هارون الرشيد جو خاص مقرب ۽ طبيب هو.
(23) هارون ديبلي؛ سنڌ جو هي بهادر شخص بغداد ۾ بادشاهن جي هاٿين کي ترتيب ڏيندو هو. جاحظ لکي ٿو ته ” هڪ دفعي جنگي هاٿين کي ترتيب ڏيندي هن جو مقابلو هڪ خوفناڪ هاٿي سان ٿيو ۽ وڏي بهادري سان مقابلو ڪندي هاٿي کي مات ڪري ڇڏيائين.
(24) سند باد؛ هي سنڌ جو مشهور ويد ۽ عالم هو، جيڪو يحى بن خالد برمڪي جي گهر تي بغداد ويو. جاحظ لکي ٿو ته هي پنهنجي وقت جو مشهور عالم هو.
(25) رجاءِ السنڌي ؛ محمد بن رجاءِ اصل سنڌي هو. جنهن حديث وغيره جي علم سکڻ لاءِ گهڻائي پنڌ ڪيا. حاڪم چئي ٿو ته هو هڪ ديندار، عالم، خدا ترس ۽ پنهنجي زماني جو بزرگ هستين۾ مان هو. هڪ هن جي تصنيفات الصحيح لاءِ ” سفرائيني ۽ مستخرج ابي بڪر السندي علي ڪتاب مسلم“ آهن. هن 286هه ۾ وفات ڪئي.
(26) مڪى بن عبدالله ؛ ابو عبدالله مڪحول بن عبدالله شامي قيس قبيلي جو هڪ آزاد ڪيل غلام هو ۽ هو سنڌي زبان جو صاف نه هئي.هو شامين جو عالم هو. زبردست فقيهه ۽ حديث جو حافظ هو. سندس گهر دمشق ۾ سوق الاص جي پاسي ۾ هو. زهري جو چوڻ آهي ته مڪحول کان وڌيڪ فقيه شام ۾ منهنجي علم ۾ ٻيو ڪونهي سعد بن العاص چوي ٿو ته ” محڪول زهري کان وڌيڪ فقيه هو“. هن 113هه ۾ وفات ڪئي.
(27) قاري منصور سنڌي ؛ منصور بن محمد مشهور قاري ۽ مجدد هو. سندس ڪيترائي شاگرد آهن. هو چوٿين صدي جي عالمن مان هو.
(28) ابو جعفر السنڌي ؛ جعفر السنڌي وڏو محدث هو، قاري ۽ مجدد هو .سندس ڪيترائي شاگرد آهن. هو چوٿين صدي جي عالمن مان هو.
(29) سنڌي بورچي؛ عباسين جي دور ۾عرب ۾ ڪيترائي سنڌي قابل بورچي هئا. جن اتي رڌپچاءُ ۾ نالو ڪيو ۽ عربن کي سنڌي طعام کان واقف ڪيو. عرب ۾ سنڌي بورچي جا ٻه پلاءُ تمام مشهور ٿيا هڪ ليميه ۽ ٻيو مهليبه پلاءُ مهلبي گورنرن جي نالي پٺيان سڏيو ويو. انهن گورنرن اهو پلاءُ دمشق ۽ بغداد ۾ مروج ڪيو. حافظ سنڌي بورچين بابت لکي ٿو ته ” رڌ پچاءُ ۾ سنڌين کي ڏات حاصل آهي. انبن جو شربت ۽ مربي کان سواءِ ڀت به سنڌي نهايت ۽ نفاست سان تيار ڪن ٿا“.
(31) ڀونگر سنڌي؛ هن کي عربي ۾ فاياغر ۽ جيڪر لکيو ويو آهي. هو يحى بن خالد برمڪي جي طلب تي بغداد ويو. هو علم نجوم جو ماهر هو. هن جو ڪتاب جيڪو علم نجوم تي هو محمد بن ابراهيم عربي ۾ ترجمو ڪيو.
(32) گنگا سنڌي؛ سنڌ جو هي مشهور ويد، خليفي هارون الرشيد جي علاج ڪرڻ لاءِ بغداد آيو، جنهن کي خليفي پاڻ گهرايو هو. هن خليفي جي درٻار ۾ رهي سندس علاج ڪيو.
(33) بن ڌنا؛ سنڌ جو هي مشهور عالم هندي، عربي، فارسي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. هو برامڪه جي بميارستان جو اعلى عهديدار هو. هن سنسڪرت ۽ هندي مان عربي ۾ طبي ڪتابن جو ترجمو ڪيو. انهن ڪتابن مان چرڪ سنگهتا ۽ اشٽ انگ هردي مشهور آهن. هو علم طب جو به وڏو ڄاڻو هو.
(34) سند باد؛ هي به سنڌ جو هڪ مشهور ويد ۽ عالم هو، جيڪو يحى بن خالد برمڪي جي طلب پتي سنڌ مان بغداد ويل ويدن ۽ پنڊتن ۾ شريڪ هو . جاحظ لکيو آهي ته ” هو پنهنجي وقت جو مشهور عالم هو“.
(35) برمڪي خاندان؛ برمڪ اصل ۾ هندي لفظ پر مک آهي جو ٻڌ مذهب جي پوڄارين ۽ پڻ معزز ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ” برمڪي اصل ۾ سنڌي جا هئا ۽ٻڌ ڌرم جا پوڄاري هئا. عباسي خلافت ۾ هن خاندان کي وڏي عرصي تائين حڪومتن جي ڪمن ۾ وڏو هٿ رهيو. هنن کي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن سامان اص دلچسپي هئي. هنن سنڌ مان پنڊتن کي گهرائي پنهنجي درٻارين ۾ جاءِ ڏني. سنڌ جي عالمن، ماهرن ۽ طبيبن کي گهرائي بغداد جي دارلترجم ۽ شفاخانن ۾ مقرر ڪيو. مذهبن ۽ دوائن جي تحقيقات لاءِ سنڌ ڏانهن وفد موڪليا.
(36) احمد بن عبدالله ديبلي؛ ابو العباس احمد بن عبدالله ديبلي زاهدن، عابدن ۽ درويشن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو سنڌ مان نيشاپور ويو، جتي شادي ڪيائين. سندس شاگردن جو حلقو وسيع آهي.
(37) ابو العباس محمد؛ ابو العباس محمد بن عبدالله ديبلي سنڌي زهد ۽ عبادت ڪري، زاهد جي لقب سان مشهور آهي. هي بزرگ صالح ۽ عالم هو. ابو عبدالله جنهن ڪتاب المتدرڪ لکيو، سوهن جو شاگرد آهي. هن 345 هه ۾ وفات ڪئي.
(38) حسن بن حامد ؛ ابو محمد حسن بن حامد ديبلي محدث ۽ تاجر هو. ان سان گڏ اديب ۽ شاعر به هو. بغداد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هو انسان دوست، عالمن ۽ اديبن جو قدردان هو. بغداد ۾ غريبن لاءِ هڪ سراءِ تعمير ڪرايائين. هو حديث جو راوي به هو.
(39) هارون ملتاني؛ هو عبدالله جو پٽ هو ۽ بنو ازد جو آزاد ڪيل غلامن مان هو. هو پنهنجي شجاعت جون ڪهاڻيون ۽ سنڌي سوڍن جي بهادري جو جنگي احوال شعر ۾ لکندو هو.
(40) سندي بن صدقه ؛ هو شاعر، عالم، فاضل ۽ ڪاتب هو. اصل سنڌ جو رهاڪو هو .سنڌ جو رهاڪو هو. سندس عربي شاعري ۾ سئو صفحن جو هڪ ڪتاب مليو آهي.
(41)؛ اسحاق متوفي؛ هي به سنڌ جو عالم ۽ شاعر هو جو 849 ع ۾ عباسي درٻار جو مشهور راڳي هو. سندس هڪ منشي سنڌي بن علي هو. جنهن راڳن جي باري ۾ ” ڪتاب الشرڪته“ لکيو. جنهن ۾ ڏهه باب هئا. انهي منشي اسحاق جي مرڻ کان پوءِ بغداد جي ” طاق الذبل“ نالي پاڙي ۾ ڀاڄين جو دڪان کوليو. جنهن مان پنهنجو پيٽ قوت ڪندو هو.
(42) شيخ محمد حيات ؛ شيخ محمد حيات سنڌي عادلپور تعلقه گهوٽڪيءَ جو رهاڪو هو سندس والد جو نالو ملا ڀلايو چاچڙ هو. هن شروعاتي تعليم مخدوم محمد معين ٺٽوي کان حاصل ڪئي ۽ حجاز هليو ويو ۽ مديني شريف ۾ وڃي رهيو. جتي مسجد نبوي ۾ درس حديث ۽ وعظ شروع ڪيائين. سندس علم جي فيض مان شام، مصر، مراڪش، يمن، عراق، الجزائر ۽ ٻن ڪيترن ئي ملڪن جي هزارين عالمن فائدو ورتو. هن لاڳيتو 34 سال مسجد نبوي ۾ پڙهيايو. مدرس کان سواءِ هو محقق ۽ بينظير مصنف هو. هن جو بيشمار تصنيفون آهن. جيڪي سندس علمي بصيرت جي گواهي ڏين ٿيون.
(43) شيخ رحمت الله ؛ هو قاضي عبدالله درٻيلي واري جو پٽ هو جيڪو سنڌ تي ارغونن جي ڪاهه کان پوءِ مديني ۾ وڃي رهيو ۽ علم حديث جي تحصيل کي انتها تي پهچايو. هن سان گڏ ٻيو سنڌ جو عالم عبدالله متقي به هو هنن بزرگن، علم حديث جو حرمين ۾ايترو درس ڏنو جو ٻنهي کي شيخن يعني استاد مرشد چوندا هئا. شيخ رحمت الله يگانه عصر ۽ وحيد دهر آهي .مناسڪ حج تي سندس 3 ڪتاب لکيل آهن. مولوي عبدالحئي لکي ٿو ” رحمت بن عبدالله السنڌي فقيه الحنفي عمل وارن عالمن ۽ صالحن ٻانهن ۾ هڪ وڏو فرد هو“.
(44) عبدالله متقي؛ عبدالله ولد مولانا سعد درٻيلي جو رهاڪو هو. جيڪو پوءِ مديني لڏي ويو. علم تفسير ۽ علم حديث ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن مان تمام گهڻن ماڻهن اتي فيض حاصل ڪيو. سمورن علمن ۾ هن جو بي نظير تصنيفون موجود آهن.
( 45) شيخ محمد عابد سنڌي؛ شيخ محمد عابد احمد علي بن محمد مرد سيوهڻ جو رهاڪو هو. جنهن يمن ۾ وڃي اتان جي علمي مرڪز زبيد ۾ سڪونت اختيار ڪئي. قاضي محمد بن علي شوڪاني لکي ٿو ته ” شيخ محمد عابد سنڌي کي علم طب ۾ وڏي دسترس حاصل هئي. نحو، صرف، فقه، حنفي ۽ اصول هئي. کيس معرفت ۽ ڄاڻ هئي . سندس سمجهه صحيح ۽ تيز هئي. کيس وقت جي خليفي امام منصور بالله ح۾ ديده مان پاڻ وٽ گهرايو ” عابد سنڌي گهڻو وقت تصنيف، تاليف ۽ درس تدريس ۾ مشغول رهيو. هن عربي ۾ ننڍا وڏا ڇهه ڪتاب لکيا آهن جن مان عرب ۽ عجم جي متجر ۽ مجتهد عالمن وڏو فائدو حاصل ڪيو ۽ انهي موضوع تي وڌيڪ تاليفون ڪيون.
(46) مخدوم عبدالڪريم سنڌي؛ مخدوم عبدالڪريم سنڌ جي چونڊ محققن ۽ اڳواڻن عالمن مان هو. سندس ٻه ڪتاب ” درمختيار“ تي حاشيو ۽ بياض عالمن لاءِ مشعل راهه بنيا. هو دائري واري درسگاهه جو استاد ۽ مدرس هو. کائنس هند ۽ سنڌ جي عالمن فيض حاصل ڪيو. انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو. تڏهن هن خوددار عالم دين، ڌارين جي غلامي ۾ رهڻ نه قبوليو ۽ پيري سيان جهاد جي طاقت نه ساري، مڪه معظمه هليو ويو جتي علم ۽ عرفان جو فيض ڏيندو رهيو. هن 1265هه ۾ وفات ڪئي.
اهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن عربن سان مٽيون مائٽيون ڪري تهذيبي، تمدني ۽ نسلي لحاظ کان به سنڌ ديار عرب ۾ پاڻ موکيو. ڪيترائي عرب قبيلا سنڌي نسل سان واسطو رکن ٿا خاص ڪري سادات امام حسين رضه جي صاحبزادي امام زين العابدين جي نسل مان آهن . امام زين العابدين جي والده عرب نه هئي. ڪن مورخن کيس سنڌي سڏيو آهي. اها تحقيق ابن قتيبه جي آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته محمد بن علي زين العابدين جي ماءُ به سنڌي هئي. ٻي هڪ معتبر روايت موجب علي الاصغر بن زين العابدين علي بن الامام حسين رضه جي والده ماجده به سنڌڻ هئي. جنهن سان کيس مقصل ۽ عبدالمالڪ ٻه پٽ ٿيا. اميه خاندان جي سپهه سالار ابن هبيره الفزاري جي ماءُ سنڌڻ هئي جنهن جو نالو ” مائي ڀلي “ هو، جا نهايت خوبصورت عورت هئي.
مطلب ته سنڌ علمي، ادبي، تمدني، تجارتي، طبي ۽ ثقافتي لحاظ سان هر دور ۾ عرب جي خدمت ڪندي رهي ۽ اهڙي طرح پياري نبي صه جي پياري ديس سان دلي محبت ۽ عقيدت جو ثبوت ڏيئي تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا، جيڪي سنڌ واسين جي تاريخ جو املهه ۽ بي بها خزانو آهن. جن کي وقت جي وير مٽائي نه ٿي سگهي.