2. سنڌ جي عالمن جون سياسي خدمتون
سنڌ سونهاري جيئن ته عالمن ۽ بزرگن جو گهر آهي، ان ڪري انهن الله جي قانون جي ڄاڻو بندن هر دور ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪئي . اهي عالم علم جا ڀنڊار هئا. حق جا علمبردار هئا. سچ جا سرواڻ هئا. حاڪم کي هدايت ڪرڻ سندس روزمراهه جو شيوو هيو. هو چاپلوس نه هئا، خوشامدي نه هئا، ضمير فروش نه هئا. وقت جي حاڪمن کان سوکڙيون يا جاگيرون وٺي، غريبن جي داد رسي ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا هي گوشا نشين سنڌي بزرگ اسلامي توحيد جي تبليغ ڪرڻ کان سواءِ روحاني فيض جو به سلسلو جاري رکندا هئا. اهي هر حال ۾ امن ۽ صلح جا حامي هئا. اهڙي امن پسند پاليسي ۽ گوشي نشين زندگي گذاريندي به جڏهن عوام تي حڪومت پاران ڪا سختي نازل ٿيندي ڏسندا هئا ته حڪومت جي ڪاروبار ۾ واسطو نه رکندي به عوام جي ڀلي خاطر سياست جي ميدان ۾، بي دڙڪ ٽپي پوندا هئا ۽ طاغوتي طاقتن جو مقابلو ڪندي سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ کان ڪين گسندا هئا. ماضي ۾ سنڌ جي حڪومت جو نظام ، شخصي غير محدود هو. جيڪڏهن وقت جي حاڪم ۾، حڪومت هلائڻ جي صلاحيت هوندي هئي ته عوام جي زندگي، خوشحالي ۽ امن امان سان گذرندي هئي پر جيڪڏهن وقت جا حاڪم نالائق ۽ سندن اعمال راشي ۽ ظالم هوندا هئا ته عوام حڪومت کان بيزار ٿي ويندو هو. وقت جا خدا رسيده بزرگ جن جو حڪومت سان ڪوبه سروڪار ڪونه هوندو هو سي عوام جي بي چيني ۽ حڪومت جي ڪڌن ڪرتوتن تي، چشم پوشي ڪرڻ بدران، عمل جي ميدان ۾ ٽپي، عوام جي فلاح، بهبودي ، ڇوٽڪاري ۽ ملڪ جي سلامتي خاطر سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا ( مولائي شيدائي _ سه ماهي مهراڻ 1_2، 1958، ص نمبر 113) سندس سياسي تدبر، انتظامي صلاحيت، فهم فراست، ملڪي ڪاروبار هلائڻ جي صلاحيت ديسان ديس مشهور هئي، ان ڪر ي وقت جا حڪمران کانئن مدد به وٺندا هئا ۽ سندس ڏيڍي تي پهچي دعائون به وٺندا هئا.
اهڙن سياستدان عالمن مان چانڪيه پنڊت جو نالو مشهور آهي. وڏو مدبر ۽ سياسي بصيرت جو مالڪ هو. هن جو لکيل ڪتاب ارٿا شاستر (سياست نامو) هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سياست، حڪمت، طب، جهاز سازي، ملڪي تاريخ، حڪومتي انتظام، مرد شماري ۽ کاڻين کوٽڻ کان علاوه هندو معاشرت جي هر پهلوءَ تي نظر وڌي ويئي آهي. چيو وڃي ٿو ته افلاطون ۽ ارسطو جي سياسي ۽ سماجي تحريرن جي ڀيٽ۾، ارٿا شاستر مباحث زياده واقعي ۽ عملي آهن. هن ڪتاب جي پڙهڻ مان سياست جي اصليت بابت جيڪي معاملا معلوم ٿين ٿا، تن کي آڏو رکي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ سياست ذريعي انسان ذات جي آزادي کي ڪهڙي نموني ختم ڪري، ملڪي نظام جو استحڪام ۽ عام ماڻهن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو. هي ڪتاب جڏهن 1908 ع ۾ ترجمو ٿي، جرمني پهتو ته اتان جي سياسي مفڪرن ان ۾ ڪافي دلچسپي ڏيکاري، ايتري تائين جو ان کي ٻيهر شايع ڪرايو ويو. (سنڌ جي طبعي تاريخ _ جلد اول _ نياز همايوني )
مسلمان عالمن سياست کي عوام جي فلاح، بهتري ۽ بهبود لاءِ استعمال ڪيو. هنن سياست کي ملڪ پيداواري ذريعن تي قبضو ڪري، پورهتين جو رت چوسڻ جو وسيلو نه پر هنن انسان دوستي، ڀائپي ۽ عالمي امن جو پرچار ڪري عوام جي دلين تي حڪومت ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو وقت جا حڪمران هن طبقي جو احترام ڪندا هئا.
اسان جا سنڌي بزرگان دين جيئن ته جمهور نواز۽ حريت پرور هئا. ان ڪري سلاطين منجهان خوف نه رکندا هئا. ان ڪري اهي عالمن جي وجود کي پنهنجي شخصي استبدادي طرز حڪومت لاءِ خطرناڪ سمجهندا هئا، تنهنڪري هو عالمن ۽ اوليائن کي شهيد ڪرائڻ ۾ دير نه ڪندا هئا، پر اسان جا عالم سر تري تي رکي مظلومن جي داد رسي ۽ وطن، قوم ۽ زبان جي بقاءَ ۽ وقار لاءِ جابر کان جابر حاڪم آڏو، سينو سپر ڪري،جان قربان ڪرڻ ۾ هچڪ محسوس نه ڪندا هئا.
سمن جي دور ۾ اهڙا ڪافي بزرگ۽ ولي ملندا جن جو ظاهري طرح حڪومت سان ڪوبه واسطو نه هو پر جڏهن سندس جنم ڀومي تي ٻاهرين جي سازشين سان امن جو شيرازو بگڙجڻ لڳو ۽ مقامي ماڻهن جي حق تلفي ٿيئڻ لڳي، تڏهن انهن بزرگن کلي دل سان سياست ۾ حصو ورتو. سنه 1375 ع جي ڳالهه آهي ته ان زماني ۾ شيخ حماد نالي ۾ هڪ ولي الله ۽ ڪامل درويش، ساموئي ۾ مڪلي جي هيٺيان رهندو هو. هميشه پنهنجي حجري جي اندر رهندو هو، جتان پير به ٻاهر نه ڪڍندو هو. سندس طلب ۽ معتقد حجري جي ٻاهران فيض پرائيندا ۽ گفتگو ڪندا هئا. هو هڪ وڏو عالم به هو، جنهنڪري باطني فيض حاصل ڪرڻ وارن کانسواءِ، ظاهري علم جا طالب به کائونس فيض پرائيندا هئا. ( تذڪره مشاهير سنڌ _ ج ٽيون _ مولانا وفائي ص نمر 16) ان زماني ۾ سنڌ جو حاڪم ڄام جوڻو پٽ ڄام بابينو هو، جنهن کي فيروز شاهه تغلق پنهنجي وفا شعارانه خدمتن ڪري، دهلي مان ٻيهر سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو ڏنو. ان ڪري سنڌ جو عوام ڄام تماچي ۽ سندس پٽ صلاح الدين کي چاهڻ لڳو. اها خبر جڏهن ڄام جوڻي کي پيئي تڏهن هن ٻنهي پيءُ پٽنکي گرفتار ڪري دهلي فيروز شاهه وٽ موڪليو. شيخ حماد جڏهن سنڌ جي مقبول هيري جي گرفتاري جو ٻڌو، تڏهن جوش ۾ اچي ويو ۽ چيائين ته ؛ جوڻو مت اوڻو آءُ تماچي آءُ . سٻاجهي ٻاجهه پيئي، توسين ٺٽوراءِ. ( سنڌي ٻولي جي تاريخ ـ ڊاڪٽر بلوچ ص نمبر 104). ڄام جوڻي کي جڏهن خبر پئي ته هن اچي شيخ کي چيو ته ؛” اوهان فقير آهيو اوهان جو ملڪي معاملن ۾ ڇا وڃي؟“ جنهن تي شيخ کيس جواب ڏنو ته ؛ ”هن زمين جو وارث آئون آهيان جنهن کي وڻي تنهن کي ڏياريون.“ ان کان ستت پوءِ ڄام تماچي سنڌي عوام جي مدد سان سنڌ جي حڪومت سنڀالي. هي ڄام تماچي شاهه وارو تماچي آهي جيڪو سنڌي ادب جو لافاني ڪردار آهي.
سمن جي دور ۾ ڪنڌار کان شاهه بيگ ارغون، سنڌي حڪمران کان اقتدار کسي پنهنجي هٿ ۾ ڪرڻ لاءِ ڪاهه ڪئي. هن اچڻ سان ئي عام ڪوس ڪيو. رت جا دريا وهائي ڇڏيا. ان ڪري وسندڙ شهر ويران ٿي ويا. مدرسا اجڙي ويا. ” الله هو“ جي تنوار بند ٿي ويئي ۽ مئخانن جا دور شروع ٿي ويو. مولانا قدوسي لکي ٿو ته :
شاهه بيگ ارغون جو سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ڪارنامو نه ٿو ملي جنهن جو بنياد سنڌ وارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هجي. هن پنهنجي عهد حڪومت ۾ اهل سنڌ جي غلامي جي زنجيرن کي مضبوط کان مضبوط ڪيو ۽ سنڌ وارن کي، قتل ۽ غارتگري ۽ سنڌ جي تباهي جون سوکڙيون ڏنيون. هن جي دور ۾ سنڌ ۾امن ۽ سڪون نظر نه ٿو اچي ۽ سنڌ ۾ ڪونه اهڙو ماڻهو نه هوندو جيڪو هن ٻاهرين اقتدار مان خوش هجي. ( تاريخ سنڌ جلد اول ص نمبر 612)
هن ٻاهرين درندي حاڪم سان ان وقت جي مشهور عالم ۽ ولي الله مخدوم بلال رح جنگ ڪري ثابت ڪيو ته عالم مڙهون نه وسائيندا آهن پر هو وطن جي بقا ۽ سالميت لاءِ جان جي قرباني به ڏيئي سگهندا آهن. مخدوم بلال هڪ قومي درد رکندڙ عالم هو جنهن پنهنجي شاگردن ۾ قومي شعور ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي. تاريخ معصومي ۾آهي ته ” جڏهن شاهه بيگ ٽلٽي ۾پهتو تڏهن کيس خبر پئي ته ” هتي جا ماڻهو مخدوم بلال جا مريد آهن. جيڪو هن حد جو وڏو عالم ۽ شيخ آهي. سو ما ڻهن کي جنگ ۽ مقابلي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.“ شاهه بيگ اهو ٻڌي مخدوم تي لشڪر ڪشي ڪئي پهرين هنن سمن سان جنگ جوٽي ۽ مغلن زور زبردستي ٽلٽي جي ڪوٽ جا دروازا ڀڳا. سهتن ۽ سوڍن به بهادري سان جنگ ڪئي. اهي جنگ ۾ سڀئي جوڌا جوان محمود، مٺڻ، ڄام سارنگ ۽ رڻمل سوڍو مارجي ويا ۽ شاهه بيگ جي فتح ٿي. جنهن آخر ۾ مخدوم صاحب کي انهيءَ مثبتي سياسي ڪردار ادا ڪرڻ تي شهيد ڪرائي ڇڏيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي سندس ان ڪردار جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته ؛ ” مخدوم بلاول سنڌ کي غيرن جي غلامي کان بچائڻ لاءِ مجاهدانه جدوجهد ڪندي شهادت جو جام نوش فرمايو . سنڌ جي هن محب وطن ديس کي ڌارين جي غلامي کان بچائڻ لاءِ سنڌ جي سورمن ۾ ساڻيهه جي سڪ جو اهو روح ڦوڪيو جو ٽلٽي جي ميدان تي ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا. سنڌ جي هن سدا جيئري سالڪ ۽ سورهه نه سنڌ جي جوڌن جوانن کي سندن لشڪر سميت هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري قومي لڙائي لاءِ اڀاريو پر پنهنجن مريدن ۽ خليفن کي به لڙائي ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ جي هن سورمي جي ڪوشش جي باوجود به قضا جو قلم وهي ويو ۽ ڪيئي ڪوپا قربان ٿي ويا ۽ ديس ڌارين جي غلامي ۾ اچي ويو. ( روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر 1961 ص نمبر 15.)
مخدوم بلاول جي فيض يافتن مان سيد حيدر سنائي نه هڪ هو جيڪو وقت جو وڏو عالم بزرگ هو ۽ ولي الله هو قومپرست هو ۽ سنڌي تهذيب سياسي اقتدار ۽ اندروني خود مختياري ۽ ترقي جو قائل هو. ( پيغام لطيف جي ايم سيد ص نمبر 17) جڏهن شاهه بيگ ارغون جي اشاري تي پنهنجي سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ مهدي جونپوري هڪ نئون مذهبي فتنو سنڌ ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ آيو ۽ هتان جي عالمن کي ٻن گروپن ۾ ورهائي سنڌي عوام جو اتحاد ڪمزور ڪيو تڏهن حيدرسنائي ان نئين سياسي ڍونگ کي سڃاڻي ورتو ۽ هن پنهنجي نيشنلسٽ گروپ کي هن جي سازش کان آگاهه ڪيو ان ڪري مهدي جڏهن ڄام نندي وٽ آيو تڏهن نواب دريا خان ( جيڪو حيدرسنائي جو دوست هو ) ڄام صاحب کي هن جي حلقئه اثر ۾ اچڻ کان روڪي ميزباني جا فرائض ادا ڪري جلد بنا مطلب حاصل ڪرڻ جي کيس اجازت ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو . سيد محمد اتان رخصت ياب ٿي ٻيڙين جي قافلي ذريعي دريا رستي سنڌ ۾ پنهنجي تحريڪ تبليغ ڪندو سکر طرف افغانستان ڏي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. جڏهن اها خبر سيد حيدر کي پيئي تڏهن هن ان تحريڪ کي ملڪي سالميت ۽ قوم پرستي جي اصولن خلاف سمجهي سندس ٻيڙين جي قافلي کي ٻوڙائي ڇڏيو. ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته سيد حيدر مهدي جونپوري خلاف قتل جي فتوي ڏني هئي. جنهن ڪري سيد صاحب سندس تحريڪ لاءِ حالتون ساز نه ڏسي سنڌ ۾ وڌيڪ تبليغ بند ڪري سڌو افغانستان هليو ويو. ( سنڌ جاسورما ؛ جي ايم سيد ص نمبر 15). جڏهن شاهه بيگ سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهائي ڇڏيو ۽ حيدر سنائي تي سخت نظر داري ۽ چوڪسي ڪرائي ته جيئن هو هن ڌاري ۽ ٻاهرين حڪومت خلاف ڪا بغاوت نه ڪري سن ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي. اها نظر داري ۽ چوڪ چوڪسي ان وقت تائين هلي آئي تان جو سيد حيدر رح 4 شعبان 937 ۾ وفات ڪئي (تاريخ تمدن سنڌ ؛ مولائيشيدائي ص نمبر 335)
مخدوم نوح غوث الحق رح وڏو عالم، بزرگ ۽ ولي الله هو . هو تصوف ۾ وڏي ڄاڻ رکندا هئا، ان ڪري ٻانهن جي حقن کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ خلق جي خدمت کي عظيم عبادت سمجهند هئا . مخدوم صاحب مرزا محمد باقي ترخان کان وٺي ويندي اڪبر جي سنڌ تي قبضي ٿيئڻ تائين حال حيات هئا ان ڪري هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترن ئي بادشاهن کي ڏٺو ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيون. ڪوبه سائل ڪنهن به وقت جي حاڪم خلاف ڪا دانهن کڻي ايندو هو ته مخدوم صاحب ان کي انصاف وٺي ڏيئڻ لاءِ سفارشي چٺي لکي ڏيندو هو ۽ مظلومن کي حق وٺي ڏيئڻ ۾ مدد ڪندو هو. 962 هجري ۾ سنڌ جو حاڪم مرزا باقي هو جيڪو هڪ ظالم ترين حڪمران هو. تاريخ سندس خوني ڪارنامن ۽ سياهه ڪارين سان ڀري پئي آهي. هو ايڏو ته سخت هو جو معمولي ڳالهين تي سخت سزائون ڏيندو هو. جهڙوڪ ڏاڙهي کي پٽڻ، نڪ ۽ ڪن ڪپڻ، هاٿين جي پيرن سان ٻڌي گهٽين ۽ بازارين ۾ گهمائڻ، پٽ جي موت جي خبر ٻڌي شڪ ۾ محل جي زالن جيسٿڻين ۾ ٻليون وجهرائي، سندس ارهه وڍرائي ڇڏيائين ۽ مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌرائي گهٽين ۽ بازارين ۾گهمايائين . پنهنجي ماٽيلي ماءُ ماهه بيگم کي جيل ۾ وجهي بکون ۽ اڄون ڏيئي مارائي ڇڏيائين. ڪيترن ئي عالمن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. مخدوم نوح رح جڏهن هن جا ظلم ۽ ايذاءَ ڏٺاتڏهن ٺٽي ويا اتي مير علي شيرازي وٽ مهمان هئا ته مرزا باقي ساڻن ملڻ آيو. پاڻ کين چيائون ته حڪومت جي استحڪام لاءِ ٽي قلعا آهن . پهريون مٽي جو ڪوٽ يعني رعايا. جيڪڏهن رعايا کي انصاف پلئه پوي ٿو ته خوشحال آهي ۽ اهڙوانتظام مٽي جي قلعي وانگر آهي ٻيو لوهو قلعو يعني فوج جنهن جي مضبوطي لاءِ خزانو کپي، جيڪڏهن رعايا فاغ البال هوندي ته پڪ حڪومت کي ڍلون پهچنديون ۽ اهڙو انتظام لوهي قلعي وانگر آهي ۽ ٽيون فولادي قلعو يعني اهل الله جيڪڏهن عالمن، شاعرن ۽ اديبن کي حڪومت پاران ڪافي وظيفا ملندا ته پڪ ملڪ ۾ تعليم پکڙجي ويندي ڇاڪاڻ ته عالم اديب ۽ شاعر، فڪر معاش کان آزاد رهي نه رڳو تندهي سان تعليم جي خدمت ڪندا، پر سندن دعائون حڪومت لاءِ فولادي قلعي وانگر آهن. ( مولائي شيدائي ؛ سه ماهي مهراڻ _31958/4 )
مرزا جهڙو سخت گير ۽ ظالم حاڪم اهي لفظ ٻڌي چپ ٿي ويو ۽ هليو ويو. هن مان مخدوم صاحب جي سياسي بصيرت، بي باڪي، دليري ۽ بي خوفي نمايان آهي. هن ئي زماني ۾عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاهي آيو هن شهرن جا شهر ويران ڪري ڇڏيا. سخت ڏڪار پئجي ويو . هڪ سال جنگ هلندي رهي . سنڌي عوام سان ويل ٿي ويو جڏهن مخدوم صاحب اها حالت ڏٺي هو خان خانان سان روبرو مليو ۽ کيس هدايت ڪئي تڏهن هن اهو ظلم بند ڪيو. مولانا وفائي لکي ٿو ته ” اهو قصو مرزا باقي جي وقت اڪبري لشڪر بابت آهي. “
مغلن جي دور ۾ سنڌ ۾ گورنر مرڪز کان مقرر ٿي ايندا هئا جن هت ظلم ٻاري ڏنو هو، اهو جاگيردانه دور هو . سنڌ جي هارين سان ناحق هو . بٽئي، لاپو، ڇيڙ ۽ ونگار ڪري ڪري سنڌ جو هي پورهيت طبقو بنهه مفلوج ٿي چڪو هو. بقول مير يوسف ” جنهن بيدار نگريءَ، بيڪن ۽ ويچارن جي ڏيهه ۾ اڻ ڳڻيا بگهڙ ۽” راڪاس “ موجود هجن اتي غريب هارين جي بي ڪسي جو ڇا ذڪر ڪجي. هو زمين کيڙيندا راهيندا ۽ فصل ا پائيندا رهيا پر زمين تي سندن ڪنهن به قسم جو اختيار ڪونه هيو نه عارضي نه مستقل جو اناج هو پنهنجي پورهئي سان اپائيندو هو ان جو وڏو حصو جاگيردار، ٺيڪيدار، معافي دار ملا، مشائخ ۽ سيد ۽ زميندار کڻي ويندا هئا. جو پاڇي بچندو هو ان مان ڪيتريون ئي رسمون ادا ڪرڻيون پونديون هيون. ان جو نتيجو هي نڪرندو هو جو پيداوار وڌائڻ بجاءِ هو سرڪاري ڪارندن ۽ اجاري دارن جي، ڦرلٽ کان تنگ ٿي پوندي هئي“(تاريخ مظهر شاهجهاني _ مترجم نياز همايوني.)
ان زماني ۾ جهوڪ شريف ۾ شاهه عنايت پٽ فضل الله رهندو هو جيڪو باڪمال درويش ۽ صوفي منش انسان هو. هن جڏهن سماج جي هڪ طبقي سان اهڙو ظلم ٿيندي ڏٺو تڏهن هن پيداواري عمل ۾ مساوي شرڪت تي زور ڏنو. هن جو اٽل ۽ پڪو عقيدو هو ته مساوات محمدي جي بنيادي گهرج اها آهي ته کيتي واڙي اجتماعي اصولن تي ڪئي وڃي.پيداواري عمل ۾ سڀ ماڻهو برابر جا شرڪت دار ٿين ۽ پيداوار کي ضرورت پٽاندڙ پاڻ ۾ ورهائين ۽ ونڊين. صوفي جي پوئلڳن اها رٿ خوشي سان قبولي ۽ اجتماعي ڪاشتڪاري ۾ رڌجي ويا. صوفي جي اها تحريڪ عين اسلام هئي ڇاڪاڻ ته زمين ان جي ملڪيت آهي جيڪو ان کي کيڙي ٿو. پاڻ سڳورن به زمين هارپ يا بٽئي تي ڏيئڻ کي روڪيو آهي. ان ڪري صوفي صاحب وٽ جيڪي به هاري پهتا تن کي نه بٽئي ڏيئڻي پوندي هئي نه ڇيڙ وهڻي پوندي هئي ۽ نه وري ڊل يا آبياڻو ڏيڻو پوندو هو. ان ڪري هر جڳهه هاري به اهڙو مطالبو ڪرڻ لڳا ۽ فقير به اجتماعي زراعت جي تبليغ ڪرڻ لڳا انڪري زميندارن، جاگيردارن، وڏيرن ۽ حڪمرانن گڏجي شاهه عنايت جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ وڏو لشڪر وٺي مٿس حملو ڪيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪري سندس سر مبارڪ کي دهليءَ کڻي ويا ۽ فقراءَ کي ماڪوڙين وانگر ماريو ويو ۽ 13کوهن ۾ دفن ڪيو ويو. اهڙي طرح هي اجتماعي ڪاشتڪاري جي تحريڪ ختم ٿي وئي جيڪا ان دور ۾ عظيم سياسي تحريڪ هئي. سبط حسن لکي ٿو ” صوفي شاهه عنايت فيوڊزم جي دور ۾ اجتماعي زراعت، يعني سوشلسٽ طريقي واري پيداوار ۽ ورهاست جي طريقي کي رواج ڏيئڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سندس هي قدم لک شاباس ۽ ساراهه جوڳو عمل آهي ۽ سندس ساٿين جو قربانيون لک احترام ۽ عزت جوڳيون آهن. هن اجتماعي کيتي جو ڪامياب تجربو ثابت ڪري ڇڏيو ته جاگيردار ۽ زميندار وچ ۾ نه پون ته کيتي واڙي وڌيڪ وڻندڙ نموني ان ٿي سگهي ٿي ۽ ڪروڌ ۽ دشمني بجاءِ ايڪي ۽ امداد باهمي جا جذبا اڀري سگهن ٿا. صوفي جي عمل مان اهو ظاهر ٿيو ته رياست جي قوت ۽ طاقت حق ۽ انصاف جي حمايت ڪرڻ بجاءِ هيل تائين هميشه عوام خلاف مٿين طبقن جي مفاد جي حمايت ڪندي رهي آهي”. ( جڏهن جهوڪ جهريو ص _ 23)
ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي وڏو عالم، بزرگ ۽ ڪامل درويش ٿي گذريو آهي. هو مخدوم محمد زمان لنواري واري جي خاص خليفن مان هو شريعت اسلامي جو پورو پابند هو. حڪومت جي نشي ۾ جڏهن ميان سرفراز ڪلهوڙي، مير بهرام خان ٽالپر ۽ سندس ننڍي پٽ مير بجار خان کي مارائي ڇڏيو تڏهن ٽالپر حضرت گرهوڙي جي خدمت ۾ حاضر ٿي داد لاءِ دانهون ڪيون. پاڻ کانئن پڇيائون ته جيڪڏهن اوهان کي حڪو مت ملي ۽ اوهان جي حڪومت جي زماني ۾ شرعي ضرورت پيش اچي ته اوهان منهنجي مدد ڪندا ٽالپرن وعدو ڪيو ۽ پوءِ حضرت گرهوڙي دعا گهري آخر ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي سندن حڪومت جي زماني ۾ حضرت گرهوڙي کي مهاڏيو جي مڙهي جي مهنت جي ڪڌن ڪرتوتن جي خبر پيئي. کيس اهو به معلوم ٿيو ته هو ڪفر ڦهلائي رهيو آهي ۽ خدا جي ٻانهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، نه فقط ايترو پر هو مسلمانن کي به پنهنجي اثر هيٺ آڻي دين تا ٿيڙي رهيو آهي. اهو احوال ٻڌي حضرت گرهوڙي هن سان جهاد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. پنهنجا ساٿي تيار ڪري جهاد جي ارادي سان روانو ٿيو. تياريءَ وقت ميرن ڏانهن خط لکيائين ته جنهن لاءِ مون اوهان کان وعدو ورتو هو اهو وقت اچي ويو آهي پنهنجو لشڪر موڪليو ته مون سان هلي جهاد ۾ شريڪ ٿئي. ٽالپرن اها ڳالهه لنوائي ڇڏي ۽ جهاد لاءِ لشڪر ڪونه موڪليائون. اهو حال ڏسي حضرت گرهوڙي چيو ته ” ٽالپرن شريعت جي معاملي ۾ مدد ڪانه ڪئي، هينئر هنن جي حڪومت هلي ڪانه سگهندي“. ٿيو نه ائين. ( سلطان الالياءَ جو تاريخي ڪردار، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پيغام 1980ع ). هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته فقير کي ذاتي مفاد ڪونه هو. پر هو اسلامي رياست جي ڀلائي ۽ مسلمانن جي فائدي لاءِ وڙهي رهيو هو. گرهوڙي رحه جي نظر ۾ اها مسلمان حڪومت گهڻو وقت هلي نه سگهندي، جيڪا شريعت جي نفاذ لاءِ لاپرواهي کان ڪم وٺندي گرهوڙي صاحب جو هي بيت به :
حاڪمن ۽ سرمائيدارن جي خلاف، گرهوڙي رحه جو رويو ڏيکاري ٿو :
متان کائين کچڻي، حاڪماڻي هنڌا
رڌي هوندائون رت ۾، ماري مسڪينا
1824 جو زمانو هو سنڌ ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي حڪومت هئي هن دور ۾ سنڌ جو هڪ جيد عالم سيد صبغت الله شاهه بن محمد شاهه هو. هو شريعت جو پابند، جهاد جو ڪوڏيو، سنڌ جو عاشق، اسلام جو شيدائي ۽ آزادي جي تحريڪ جو روح روان هو. هن جي ڏينهن ۾ پنجاب ۾ سکن رڻ ٻاري ڏنو، مسجدن ۾ گهوڙن جو ڪڙهيون ٺاهيون ويون. مسلمان عورتون سکن ۽ مرهٽن جي گهرن ۾ نوڪريون ڪنديون هيون. مسلمانن جي جائداد ۽ ملڪيت ضبط ٿيل هئي. اتان جا مسلما ن غلامي جي ذليل زندگي گذاري رهيا هئا ۽ سڃي قوم محرومي،بي اعتمادي ۽ بي عزتي جو شڪار هئي. حاڪمن جي ظلم ۽ زيردستي، اسلام دشمني ۽ فوجين جي درندگي ، فساد قتل۽ غارتگري، ڦرلٽ ، عورتن جي آبرو ريزي ۽ اغوا جا واقعا عام هئا. پنجاب جي مسلمان قومن ڏاوڻن،سيالن ۽ قصور جي پٺاڻن مان ڪنهن کي به مجال نه هئي، جو سکن سان مقابلو ڪري سگهن . ان ڪري سيد احمد شهيد بريلوي سکن خلاف جهاد في سبيل الله جو اعلان ڪيو ۽ ان جي مدد لاءِ سنڌ ۾ اچي حضرت پير صبغت الله صاحب سان مليو ۽”شاهه صاحب پڪو خيال ڪيو ته هو پنهنجي تحريڪ جومرڪز سنڌ کي بڻائيندو ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو همدرد آهن.“ ( علماءَ ان پاليٽڪس _ اشتياق احمد قريشي ص نمبر 132). پير صبغت الله شاهه سکن جي وڌندڙ اقتدار کي اقتدار کي غور سان ڏسي رهيو هو جن سنڌ تي قبضو ڪري پنجاب واريون حالتون هت ڪرڻ پئي چاهيون . 1818ع ۾ جڏهن رنجيت سنگهه ملتان کي فتح ڪيو تڏهن سنڌ اترئين ڀاڱي ۾ اک وڌي. 1823 ع ۾ هن سنڌ تي ڪاهيو پر اها مهم ناڪام ويئي. مورخ لکن ٿا ته رنجيت سنگهه پاڻ ته شڪارپور کي فتح ڪري نه سگهيو پر يقينن هن ميرن جي پوزيشن کي ڪمزور ڪيو ته ان ڪري شاهه صاحب سيد صاحب جي وڏي جاني ۽ مالي مدد ڪئي هن پنج سو سرفروشن ۽ جانبازن مجاهدن جي هڪ جماعت تيار ڪري کين خاص قسم جون ڊريسون پارائي روانو ڪيو. پير صاحب هن قافلي کي هڪ هزار روپيا نقد، هڪ بندوق ۽ هڪ خنجر جي جوڙي به سوکڙي طور ڏني . هن جهاد ۾ ٻيا به ڪيترائي سنڌ جا عالم، مجاهد ۽ بزرگ شريڪ ٿيا. اڪوڙهه جي جنگ ۾ سيد عبدالرحمان ۽ حسن خان سنڌي شهيد ٿيا. محمد صالح، متارو سنڌي، نجم الدين شڪارپوري ۽ قاضي محمد عثمان سنڌي جا نالا قابل ذڪر آهن. ( سرگشت مجاهدين _ غلام رسول مهر) . جن سکن سان لڙايون ڪري پنجاب ۽ سرحد جي مسلمانن کي نجات ڏياري ۽ اسلامي جهاد ۽ ديني غيرت جو شعور ڏنو.
فيبروري 1843 ع جي صبح جو انگريزن جو لشڪر مياڻي جي ميدان ۾ اچي لٿو ۽ شاهداداڻي ۽ ماڻڪاڻي ٽالپرن کي چوائي موڪليائين ته ” اچي پيش پئو نه ته حيدرآباد کي ساڙيندس“. سر چارلس نيپيئر خردماغ انگريز جي جواب ۾ سنڌ جي مشهور عالم ۽ صوفي بزرگ سيد فتح محمد شاهه لڪياري رح اهل سنڌ کي انگريزن خلاف جدوجهد ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ۽ پنهنجن مريدن جو دستو موڪليو، مياڻي جي ميدان ۾ بلوچي لشڪر سان اچي شامل ٿيو. سندن دعوت تي گهڻن ئي سنڌي ساداتن، انگريزن خلاف جنگ ۾ حصو ورتو . جنگ جي دوران انگريزن جي گوليباريءَ ڪري ٽن ڪلاڪن جي جنگ کان پوءِ پهريائين لغارين ۽ ڦوڙهن فراري اختيار ڪئي ۽ تنهن کان پوءِ ڀرڳڙين ۾ ڀاڄ پيئي ليڪن سادات ڪرام پڇاڙيءَ تائين دوبدو جنگ ڪندي شهيد ٿيندا ويا پر ميدان ڇڏي ڪونه ڀڳا. ( مولائي شيدائي سه ماهي مهراڻ _ 1_2، 1958 ص نمبر 119). هن جنگ ۾ سنڌي سوڍن ۽ سورمن جنهن بهادري ۽ جوانمرديءَ جو مظاهرو ڪيو سو سندن مرشد سيد فتح محمد شاهه جي هدايت جو نتيجو هو جنهن سمجهيو پئي ته انگريزن پنهنجي چالبازي ۽ حرفت سان ضرور سنڌ تي قابض ٿيندو پر جنم ڀومي جي آزاديءَ لاءِ وڙهڻ مردن جو شيوو آهي.
1843ع کانپوءِ جڏهن انگريز سامراج ملڪ جي ماڻهن کي ذهني غلام بڻائي نئين يورپي تعليم جو بنياد وجهي بي ديني، بد اخلاقي، ظلم، بربريت، تشدد، فتنه انگيزي، غلامي ۾ محڪومي جو راڄ شروع ڪيو. تڏهن اسانجي هن قابل احترام طبقي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار خلاف جو علم بلند ڪيو ۽ قوم کي متحد ڪري برطانوي حڪومت سان باقاعدي جنگ جو آغاز ڪيو. 1857 ع جي جنگ آزادي هجي، خلافت جو سوال هجي، هجرت تحريڪ هجي، قطع تعلقات هلچل هجي اسانجن هنن جليل القدر ۽ صاحب اقتدار مردن هر موقعي ۽ مرحلي تي هر قسم جو قربانيون ڏيئي هتان جي عوام کي غفلت ۽ غلامي جي گهري ننڊ مان سجاڳ ڪيو. علماءِ ڪرام جي انهيءَ جدوجهد کي ڏسي برطانوي سماج هنن حق جي داعين تي تشدد شروع ڪيو. کين ڪال ڪوٺڙين ۾ هڏ ٽوڙ سزائون ڏنيون ويون. سوين عالمن کي توبن جي منهن ۾ ڏنو ويو . هزارين سچ جي سرواڻن کي سوئرجي کل ۾ سيرائي باهن ۾ ساڙيو ويو. لکن کي گولين سان اڏايو ويو. مطلب ته جيترو به تشدد کانئن ٿي ٿي سگهيو انهن جي بي گناهه ۽ معصوم جان سان رت جي راند کيڏي. پر تاريخ شاهد آهي ته انهن مجاهدين سنڌ جي پائيه ثبات ۾ ذري برابر به لغزش نه آهي. سندن همت عزم واستقلال ۾ لوڏو نه آيو ۽ هو هر هر مشڪل جي باوجود نهايت بي جگري سان وڙهندا رهيا. آخر دين حق جي انهن جيالن ۽ لشڪر مجاهدين اسلام جي سپهه سالارن جي انهيءَ مشن انگريزي اقتدار کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ ڪفر جي ڪوٽن کي لوڏي ڇڏيوجنهنجي نتيجي ۾ انگريزن کي مجبور ٿي ملڪ ڇڏڻو پيو.
سيد عنايت شاهه 1957ع جي جنگ آزادي جو عظيم سورمو آهي جيڪو شاهپور ضلع جيڪب آباد جو ويٺل هو. وڏو عالم ۽ بزرگ هو .قلات، ڀاڳناڙي ۽ اپر سنڌ ۾ چڳي مڃتا هئن. خاص ڪري غير بلوچ ابڙن، سومرن، سرڪين، چاچڙن، ٻٻرن ۽ جتن وغيره قومن جي هنن سيدن سان چڱي عقيدتمندي ۽ روحاني رشتو قائم هو. لاشاري ۽ بگٽي قبيلي جا ماڻهو سيد عنايت شاهه جي جد امجد سيد حسن شاهه جا وڏي تعداد ۾ مريد هئا. محترم برڪت علي آزاد لکي ٿو ته : حيڪب آباد جي مجاهدن کي وقت به وقت هن علائقي جي مکيه روحاني مرڪز، شاهه پور وارن شهيدن کان اهي هدايتون ملنديون رهنديون هيون ته ڪنهن به قيمت تي دين جي دشمن فرنگين کي هن سر زمين تي قدم رکڻ جي اجازت نه ڏني وڃي . شاهه پور جي سيدن کي هن جهاد آزادي سان جيڪا نسبت هئي ان جو اندازو هن مان ته لڳائي سگهجي ٿو جيڪب آباد ضلعي جي آزادي جي جنگ جي ٻنهي اڳواڻن سردار دريا خان جکراڻي ۽ مير دلمراد خان کوسي جو فڪري ۽ روحاني پيشوا شاهپور وارو سيد عنايت شاهه ئي هو جيڪو اڳتي هلي نه رڳو هنن سان هن مقدس جهاد ۾ اچي شريڪ ٿيو پر هنن سان گڏ گرفتار نه ڪيو ويو. ان وقت انگريزي فوج شاهپور جي درگاهه ۽ ڳوٺ کي گهيرو ڪيو. سيد عنايت شاهه مردانگي سان مقابلو ڪيو پر آخر گرفتار ٿيو. کيس توٻ جي سامهون آندو ويو پر اها نه ڇٽي ان ڪري کيس آزاد ڪيو ويو . جيستائين هي مرد مجاهد حيات هو تيستائين انگريزن جي خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندو آيو. هن سلسلي ۾ هو سدائين پنهنجي گهر کان ٻاهر مهينن جا مهينا جهنگ جهاڳيندو وتندو هو ۽ آخر هن مقدس جهاد ۾ ئي 1678هجري ۾ بگٽين جي علائقي سوئي لڳ هڪ ڳوٺ ۾ دم ڏنائين . اهڙي طرح هو پڇاڙي تائين پنهنجي مقصد سان سچو رهيو ۽ ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ظالم ۽ جابر دشمن اڳيان جهڪڻ لاءِ تيار نه هو.( ويڪلي آزاد 21_4_ 1975).
حافظ محمد صديق رح اتر سنڌ جو چوٽي جو عالم ۽ سياستدان هو. سندن والد جو نالو ميان محمد ملوڪ هو. پاڻ 1624 هجري ۾ ڀرچونڊي ضلع گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو. قرآن شريف احمد يورامه جي ڳوٺ جندو ماڙي ۾ حفظ ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سوئي شريف ۾ ميان محمد حسن شاهه جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ظاهري ۽ باطني علمن ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڀرچونڊي ۾ موٽي آيو. روحاني فيض به محمد حسن شاهه کان ورتائون ۽ خلعت به اتان ئي عطا ٿين بعد ۾ ڀرچونڊي شريف ۾ اچي دعوت ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪيائين. پاڻ جمادي الثاني 1308 هجري ۾ وفات ڪيائون.
حافظ صاحب پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ سياسي بصيرت رکندڙ بزرگ هو. جڏهن سيد احمد شهيد بريلوي سنڌ ۾ آيو تڏهن هو پير پاڳاري جي حڪم تي سوئي شريف به آيو جتي سندن ملاقات حافظ صاحب سان ٿي. حافظ صاحب به ان گروپ سان واسطو رکندڙ هو جيڪي انگريز سامراج جي پاڙ پٽڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوشان هئا. حافظ صاحب به اهڙن عالمن ۽ انقلابي بزرگن سان رهاڻيون ڪندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي لکي ٿو ته : منهنجو مرشد محمد اسماعيل شهيد جي طريقي تي شرڪ ۽ بدعت کان روڪيندو هو . پاڻ صدر شهيد ۾ جي صحبت ۾ رهيو هو جڏهن اهي افغانستان ڏانهن ويندي سنڌ مان لنگهيا هئا ۽انهن جي صحبت مان فيض حاصل ڪيو هيائون. ( التهميد بحواله شريعت سنواح نمبر ص 15). مولانا اسماعيل شهيد، سيد احمد شهيد ۽ پير صاحب پاڳاري جي صحبت حافظ صاحب تي وڏو اثر وڌو ۽ منجهن سياسي جان، قومي شعور ۽ خدمت جو جذبو پيدا ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ پنهنجن مريدن ۾ به اهو ئي رنگ پيدا ڪرڻ لڳا. سندس ملڪي خدمت ۽ سياسي عظمت هن مان نمايا آهي ته برضغير جا ٽي مشهور ۽ معروف بزرگ ۽ عالم جن اڳتي هلي سياست ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو آزادي جي تحريڪ کي منظم ڪيو سندن ئي فيض يافته آهن منجهن سياسي ۽ انقلابي شعور حافظ صاحب ئي پيدا ڪيو. مولانا غلام محمد دين پوري، مولانا تاج محمد امروٽي رح ۽ مولانا عبيدالله سنڌي رح. ان کان سواءِ حافظ صاحب جا ٻيا به ڪيترا مريد هئا. جن مقامي سطح تي سنڌي عوام ۾ سياسي ۽ انقلابي ڄاڻ پيدا ڪئي. وعظن ۽ تقريرن رستي هتان جي عوام احساس بالاتري ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيدا ڪيو. جنهن جذبي اڳتي هلي سنڌي عوام ۾ انگريزن سان مقابلي ڪرڻ جي جرئت پيدا ڪئي ۽ اهڙي طرح تحريڪ آزادي کي تقويت ملي.
مولانا عبيدالله سنڌي رح جو نام نامي اسم گرامي ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي . هو علم ۽ تربيت جي لحاظ کان سنڌ جي پيداوار آهي. ان ڪري ئي هو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر ڪندو هو ۽ سنڌ۽ سنڌي ٻولي کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. هو اصل سک هو ۽ سندس والد بوٽا سنگهه چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جو رهاڪو هو. سنڌ ۾ ڀرچونڊي ۾ اچي حافظ محمد صديق رح جي هٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيو. پاڻ لکن ٿا ته مان حافظ صاحب جي صحبت ۾ ٻه مهينا رهيم هو پيءُ وانگر شفقت سان منهنجو خيال ڪندا هئا. فرمائيندا هئا ته ڍ” عبيدالله خدا ڪارڻ اسان کي پنهنجو پيءُ ماءُ بنايو آهي. انهيءَ گفتي جو منهنجي دل ۾ خاص قسم جو اثر محفوظ آهي. آءُ انهن کي پنهنجو ديني پيءُ سمجهان ٿو ۽ فقط انهي ءَ لاءِ سنڌ کي پنهنجو وطن نڻايم مون قادري راشد طريقي موافق حضرت سان بيعت ڪئي. ا نهيءَ جو نتيجو هيءَ ظاهر ٿيو جو وڏي ماڻهو جو رعب منهنجي مٿان نٿو ٿي سگهي“.(التهميد بحواله شريعت سنواح نمبر ص 15)
مولانا عبيدالله سنڌي تحريڪ آزادي جو عظيم اڳواڻ هو. هن برطانوي سامراج جي پاڙ پٽڻ لاءِ هلايل ” ريشمي رومال تحريڪ“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. هن تحريڪ موجب افغانستان ٻين اسلامي ملڪن سان گڏجي هندستان تي حملو ڪري ۽ اندروني طور هتان جو عوام بغاوت ڪري انگريزن کي تڙي ڪڍي هي اسڪيم آزادي جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. رلٽ ڪاميٽي جو مرتب لکي ٿو ته سئو ملڪن تي ڇانيل برطانوي اقتدار جنهن جي حدن ۾ ڪڏهن سج نٿو غروب ٿئي. ان کي پاڙ کان اکيڙي اڇلائڻ ۽ ان جي جاءِ تي اسلامي اقتدار جنهن جا ساٿي مددگار گهڻي ئي غير مسلم به انقلابي مشن جو منصوبو هو ۽ هن جو مرڪزي ڪردار عبيدالله سنڌي آهي “ . (تحريڪ شيخ الهند _ محمد ميان رح ص نمبر 428) جڏهن هيءَ تحريڪ ناڪام ويئي تڏهن انگريزن مولانا صاحب کي ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏي ان ڪري هو روس، ترڪي ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ رهي به آزادي لاءِ ڪم ڪندو رهيو. سندس شمار دنيا جي بين الاقوامي ليڊرن ۽ برصغير جي چوٽيءَ جي عالمن ۾ ٿئي ٿو.
حضرت مولانا تاج محمد امروٽي رح سنڌ جو وڏو سياسي بصيرت مجتهدانه فڪر ۽ قومي شعوري رکندڙ بزرگ ۽ عالم دين هو. سنڌ جي مسلمانن ۾ جيڪا سياسي بيداري ۽ قومي سجاڳي جي لهر پيدا ٿي. تنهنجو مرڪز ڪردار ۽ نقطه آغاز، مولانا ئي هو. سنڌ ۾ مسلمان جي ڪا به اهڙي تحريڪ نه هئي جنهن ۾ پاڻ سرگرمي سان حصو نه ورتو هجين. کين انگريزن کان ڏاڍي نفرت هوندي هئي. هو کين حقارت جي نظر سان ڏسندو هو. ان جو پاڻ هي سبب ڏيندا هئا ته مشرق ۽ مغرب ۾ اسلام ۽ مسلمانن جو بي حد خطرناڪ ۽ چالباز دشمن انگريز ۽ انگريزي اقتدار آهي سڀ نصراني حڪومتون اگرچه اسلام ۽ مسلمانن جون پڪيون دشمن آهن پر انهن سڀني ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچائيندڙ ۽ ڪٽر دشمن انگريز آهي. (مولانا عبدالڪريم چشتي _ يادگيريون _ ماهوار پيغام مارچ 1980ع ). اهو ئي سبب آهي جو پاڻ هر سياسي تحريڪ ۾ حصو ورتائون. هندستان جي مرڪزي ليڊرن جهڙوڪ شيخ الهند، مولانا آزاد، حسين احمد مدني، اشرف علي ٿانوي ۽ سياسي ليڊرن سان خاص تعلقات هئا. مولانا حسن احمد مدني لکي ٿو ته حضرت شيخ الهند سان مولانا امروٽي جا گهرا ناتا هئا. هو ڪيترائي دفعا کين ملڻ لاءِ امروٽ ۾ آيا ۽ آزادي جي مشن ۾ مولانا کي شريڪ ڪيائون. سندن ڳوٺ سنڌ جي انهن ضلعن ۾ شيخ الهند جي مشن جو مرڪز هو . (هفتيوار ترجمان اسلام _ لاهور ) مولانا صاحب ريشمي رومال تحريڪ ۾ خاص حصو ورتو. امروٽ شريف ان تحريڪ جو مرڪز هو . هن مولاناسنڌي کي ڪابل وڃڻ ۾ به جوڳي مدد ڪئي. خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ جو روح روان به هو. 1920ع ۾ جيڪب آباد جي جلسي ۾ هن ” عدم تعاون“ جي رٿ پيش ڪئي. ان کان پوءِ مولانا صاحب هجرت تحريڪ تي زور ڏنو، جنهن موجب هندستان کي ” دارالعرب“ قرار ڏيئي سنڌ مان افغانستان هجرت ڪرڻي هئي. پاڻ به هجرت لاءِ تيار ٿيو سندن ئي راين کي پوءِ مهاتما گانڌي به قبول ڪيو. ان کان سواءِ شڌي ۽ سنگهٽي تحريڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ هن تحرير ۽ تقرير کان ڪم ورتو. مطلب ته مولانا امروٽي سنڌ جو اهو قومپرست ۽ بي باڪ عالم هو. جنهن جي زندگي جو لمحو لمحو ۽ دل جو هر ڌڙڪو ” آزادي“ لاءِ هو ۽ هر موڙ تي هن انگريز سامراج سان مقابلو ڪيو. سندس فرمودو هو ته مان انگريز جي رت جو پياسي آهيان. جيڪڏهن جيئرو رهيس ته انگريزن جون رنون ٽڪي ٽڪي ۾ نيلام ڪندس، انگلينڊ جي قيمت اسان جي مسجد جي موريز جي هڪ پٿر جي برابر به نه آهي. ” پاڻ انگريزن لاءِ چوندا هئا ته اهي برطانيا جا ڀولا اسان جا حاڪم ٿيندا اهي سئو سئو نطفن مان ڄاول آهن. انهن کي پنهنجي مٿان حڪومت ڪرڻ نه ڏينداسين . اسان سچا مسلمان آهيون ۽ سچن مسلمانن جي اولاد آهيون ڪتن کان ڇو ڊڄون ؟ جيڪڏهن ڏهه انگريز منهنجي مقابلي ۾اچن ۽ هنن جو هڪڙي چماٽ سان ساهه نه ڪڍان ته مان ڀورل شاهه جو پٽ ئي نه آهيان“. پاڻ مسرت وچان چوندا هئا ته هي لنڊن جا ڀولا هيڪر مون سان هٿ ته اٽڪائن هي مون سان ڇو نه ٿا جنگ ڪن. هي مون کي ٻڌين ته سهي ته کين ڏينهن جا تارا ڏيکاريان. (ماهوار الصادق _ امروٽي امروٽي نمبر ص نمبر 50 )
مولوي عبدالله لغاري پٽ نهال خان لغاري، ڳوٺ دادلغاري ۾ ڄائو سندس وڏا هر دور ۾ آزادي جي راهه ۾ لڙندا رهيا. سندس ڏاڏا ميان احمد خان لغاري، مير شير محمد جي ساٿين ۽ سپهه سالارن مان هو، جنهن ” ڪونهيري واري جنگ“ ۾ ميرن جو ساٿ ڏنو .(تاريخ سنڌ _ ج ٻيو _ مولانا قدوسي ص نمبر 423 )
مولوي عبدالله لغاري جي 1316 هه ۾ مولانا سنڌي ۽ مولانا امروٽي سان ملاقات ٿي جنهن سندس زندگي ۾ انقلاب آندو ۽ کيس تحريڪ آزادي جو علمبردار بنايو. آگسٽ 1915ع ۾ جڏهن مولانا سنڌي تحريڪ آزادي جي سلسلي ۾ ڪابل ويو تڏهن مولوي صاحب ساڻن گڏ هو جتي هو سندس خاص صلاحڪار ٿي رهيو ۽ وڏن وڏن سياسي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيائون. اتي 2 سال رهڻ کان پوءِ مولانا سنڌي جا ڪي خاص خط کڻي هندستان آيو ۽ هتان جي عالمن کان انگريزن جي خلاف جهاد جي فتوي ورتائين . ان ڪري کيس 3 سال جيل ۾ وڌو ويو. اتان پوءِ کين گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. ( سه ماهي مهراڻ سنواح نمبر _ ڊاڪٽر بلوچ ص نمبر 228 ) هو مولانا سنڌي سان مرڻ گهڙي تائين گڏ رهيو. هو مولانا جو مخلص دوست، عقيدتمند ۽ سندس فلسفي فڪر ۽ سياسي تحريڪن جو پورو پورو پوئلڳ هو. رولٽ ائڪٽ ڪميشن وارو سندس سياسي رول بابت لکي ٿو ته مولوي عبدالله، پير غلام محمد آف دينپور جو مريد آهي. ڪجهه عرصي تائين پير جهنڊي اسڪول ۾ فارسي جو استاد رهيو آهي. جولاءِ 1915ع ۾ هو مولانا سنڌي سان گڏ ڪابل ويو. 1916 ع ۾ ڪجهه شازشمين لاءِ کڻي آيو. خطن پهچائڻ کان پوءِ هو ڪابل واپس نه آيو. سيپٽمبر 1916 ع ۾ ان کي گرفتار ڪيو ويو. هو جنودربانيه جي لسٽ ۾ ڪرنل آهي. (تحريڪ شيخ الهند _ محمد ميان ص نمبر 438)
سيد رشدالله شاهه پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو . مولانا سنڌيءَ جو رايو آهي ته هو حديث جو عالم هو. مولانا سنڌي کي پير جهنڊي ۾ هڪ مدرسو ” دالرشاد“ کولي ڏنو ۽ کيس ڪتب خانو به قائم ڪري ڏنو.، سيد صاحب تحريڪ آزادي جو به سرگرم ڪارڪن هو. لاڙڪاڻي ۾ خلافت ڪانفرنس جي صدارت به ڪيائين. مولانا مدني ۽ شيخ الهند جو خاص صحبتي هو. ريشمي رومال تحريڪ ۾ سندس وڏو هٿ هو. انگريز سرڪار هن بابت تحريڪ ۾ ورتل رول لاءِ لکي ٿي ته ” مشهور پير ڏاڍو تعصبي ۽ جنوني آهي سنڌ، ڪاٺياواڙ، بلوچستان، رياست پهاولپور وغيره ۾ 6 لک مريد اٿس.گهڻو ڪري پنهنجن عقيدت وارن ۾ گشت ڪندو رهي ٿو پير رشدالله ڪٽر وهابي آهي. هن مجاهدن کي هڪ ڀيري نمائندي هٿان روپيا به موڪلياهئا. انگلينڊ جو سفر به ڪري چڪو آهي. عبيدالله جو خاص ساٿي آهي جنهن کي ڪابل وڃڻ ۾ مدد ڪيائين. کيس ڪابل مان هڪ خط مليو هو جنهن ۾ کيس درخواست ڪئي وئي هئي ته جهاد لاءِ مدد ڪري ۽ ايم احمد عليءَ جي هٿان هڪ هزار موڪلي جنگ شروع ٿيئڻ کان ڇهه ست سال اڳ هو مذهبي جنون جو اظهار ڪندو هو. پنهنجي بيان مطابق انگريزي تهذيب ۽ عيسائي مذهب جي براين جي مذمت ڪندو هو. جنگ لڳڻ کان پوءِ هن کلي طرح جرمن جي فتح جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ جڏهن ترڪي به جنگ ۾ شريڪ ٿيو ته ترڪي جي ڪاميابي جو ڳالهيون شروع ڪيائين. رشدالله شاهه جو واسطو ديوبند جي سازشين سان به هو . هو پنهنجن موريدن کان جهادجي بيعت به وٺندو هو“. (تحريڪ شيخ الهند _ محمد ميان ص نمبر 438)
مولانا محمد صادق ولد مولوي عبدالله جدوجهد آزادي ۾ وڏو پارٽ ادا ڪيو هو. 15 مارچ 1874ع ۾ ڪراچي جي کڏي محلي ۾ ڄائو هو. اعلي تعليم لاءِ ديوبند ويو جتي شيخ الهند سندس استاد ۽ مولانا مدني ۽ مولانا سنڌي جهڙا آزادي جا متوالا ۽ چوٽي جا سياستدان سندس هم سبق هئا. اتان واپس اچي هن مدرسه مظهر العلوم کي سنڀاليو. هن مدرسي ديني ماڻهن جي هر فرقي ۽ مذهب وارن کي انگريز دشمني ۽ آزادي جي جنگ لڙڻ جي دعوت ڏني. قوم ۽ وطن جي نوجوانن کي حب الوطني جو درس ڏنو. هن غلامي کان نفرت ڪرڻ ۽ آزادي جو قدر ۽ قيمت ڪرڻ سيکاري ۽ديسي ماڻهن کي فرنگين سان وڙهڻ جا گر سيکاريا. شيخ الهند سندس مستقل مزاجي، تعليمي صلاحيت، ذهني لياقت ۽ حق گوئي کان متاثر ٿي هن کي رازدان خصوصي سمجهي سنڌ ۾ تحريڪ آزادي جو سربراهه بنايو هن پنهنجي وطن توڙي اسلامي دنيا کي مغربي حڪومت خاص ڪري برطانوي سامراج کان آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي . 1914 ع ۾ پهرين عالمي جنگ وقت انگريزي حڪومت کي ڪمزور بنائڻ لاءِ هند جي مسلمانن هڪ انجمن ” جميعت الانصار“ قائم ڪئي مولانا ان جو بنيادي رڪن هو ۽ پاڻ فتوي ڏنائين ته ” انگريز جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿي ترڪي سان وڙهڻ ڪفر آهي.“ ڇو ته برطانيه ان وقت فرانس، روس ۽ آمريڪا سان گڏجي هندستان لشڪر سان عراق تي حملو ڪيو هو جيڪو ان وقت ترڪن جي هٿ ۾ هو. مولانا جي فتوي اهو اثر ڏيکاريو جو هتان لشڪر جي ڀرتي بند ٿي وئي. ان ڪري ترڪن جي گهيري هيٺ آيل جنرل نائون شيڊ کي هتان فوجي مدد نه ملي سگهي ۽ هو مجبور ٿي ترڪن اڳيان پيش ٿيو. (1). ان ڪري انگريز سرڪار کيس چار سال جيل جي سزا ڏني. مولانا صاحب خلاف تحريڪ ۾ شريڪ ٿي آل انڊيا خلافت ڪاميٽي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو . طرابلس ۽ بلقان جي جنگين جي موقعن تي هندستان مان فنڊ ڪٺو ڪري فلسطين جي مهاجر مسلمانن جي مدد ڪيائين. (جنب گذاريم جن سين _ جي ايم سيد ص نمبر 256 )
تحريڪ ريشمي رومال ۾ به مولوي محمد صادق جو وڏو هٿ هو. ڪراچي مرڪز جا پا ڻ صدر هئا، انگريز ي سي آءِ ڊي وارا لکن ٿا ته ” مولوي صاحب جنوب ربانيه ۾ ڪرنل آهي. جنگ لڳڻ کان پوءِ هي ماڻهو روپوش ٿي، جهاد جي پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي. عبدالله پير جهنڊي واري ۽ ٻين ڦريل سرهندي سنڌي پيرن سان هن جو تعلق آهي. 1915_16 واري قلات جي شورش ۾ هن جو هٿ آهي. ( تحريڪ شيخ الهند _ ص نمبر 456)
سيد صبغت الله شاهه ثاني رحه به وڏو عالم هو. کيس آزادي جو جذبو مورثي عطا ٿيل هو. سنڌ کي انگريز جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سانگهڙ جي ڀرسان گڙنگ لڳ بنگلي کي پنهنجي نئين تحريڪ جو مرڪز بنايو. هن حرن جي هڪ جماعت تيار ڪري کين غازي جو لقب ڏيئي سپاهيانه زندگي جي تربيت ڏياري سندس هن جماعت ٺاهڻ جو مقصد ئي آزادي حاصل ڪرڻ هو. ان وقت کائنس ڪنهن فقير پڇيو ته قبلا انگريزن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيندا ته پاڻ چيائون ” انشاءَ الله توهان ۽ اسان مان جيڪي هوندا سي پاڻهي ئي ڏسندا.“ انهن مجاهدن جي سرگرمين کي نظر ۾ رکي انگريز سرڪار کين گرفتار ڪري ڦاهي ڏني جنهن ڪري سنڌ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿي. (سه ماهي مهراڻ سنواح نمبر 1957ع ص نمبر 105 ).
مارشلا لڳي حرن قربانيون ڏنيون ۽ هنن پنهنجي ملڪ جي دشمن خلاف لڙڻ کي زندگي جو شيوو بنيايو ۽ برطانيه سرڪار کي مجبور ٿي ملڪ ڇڏڻو پيو. هن تحريڪ 1941ع کان 1944 تائين هلي جنهن ۾ ڪيترائي عظيم سنڌي سورهيه شهيد ٿي ويا پر سندن قربانين جو هي نتيجو هي نڪتو جو آخر انگريزن کي هتان وڃڻو پيو.
لاڙڪاڻي جو پير تراب علي شاهه به تحريڪ آزادي جو مشهور اڳواڻ آهي . سندس والد جو نالوعبدالله هو . پاڻ 2 نومبر 1857ع ۾ ڄائو. هو انگريزن جو سخت مخالف هو . سندس تدبر تقرير ۽ تحرير کان مولانا ابوالڪلام آزادس ۽ حڪيم اجمل خان ڏاڍا متاثر ٿيا. هن سنڌ ۾ خلافت تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو جنهن ڪري وڌ ۾ وڌ تڪليفون سٺائين. لاڙڪاڻو ضلعو هن جي ڪري ئي
تحريڪ جو مرڪز بڻيل رهيو. هجرت تحريڪ لاءِ گهڻو ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي مان جيڪا پهرين ٽرين پشاور رواني ٿي پاڻ ان ۾ ويو، تحريڪ جو سمورو پنهنجن ڪلهن تي کنيائين. هو پنهنجي اصول جو ايڏو ته پڪو هو جو ڪنهن به انگريز آفيسر جي سلاميءَ تي نه ويو حالانڪ انهن ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
حڪيم فتح محمد ولد ميان محي الدين صديقي هڪ علمي خاندان جو فرد هو. سيوهڻ ۾ 1882ع ۾ ڄائو 1906ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جو استاد مقرر ٿيو. پينشن وٺڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ مطب کولي سياست ۾ قومي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ لڳو. دولت خاني تي قومي گڏجاڻيون ٿينديون هيون . وطن پرست ۽ قوم پرست خيالن جو هو. سندس رايو هو ته سياسي شعور کان سواءِ انسان بي جان بت وانگر آهي. هن سنڌي مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ” ڪمال ۽ زوال“ نالي ڪتاب لکيو. هن هڪ عيسائي پادري جي جواب ۾ ” فتح محمدي“ ڪتاب لکيو. مذهبي اخلاق ۽ ايماني جذبو سندس ڪردار جو اهم خصوصيون هيون. عملي طرح به سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتائين. سن ۾ ٽئين خلافت ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. 1917ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي باني ميمبرن مان هو ۽ ڪيترو وقت ان جو خزانچي ٿي رهيو ” انجمن علماءِ سنڌ“ جو باني به هو. شيخ عبدالمجيد سنڌي جي قائم ڪيل ” سنڌ آزاد پارٽي“ جي ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر ٿي رهيو. هن پارٽيءَ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرائڻ ۾ اهم حصو ورتو. سنڌ اتحاد پارٽي ۽ سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي ۾ نه ڪم ڪيائين. (ماهوار پيغام ڊسمبر 1982 ع، درمحمد پٺاڻ )
فيض الڪريم جي جواب ۾ هڪ ڪتاب لکي خلافت تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪم ڪيائين. سندس ئي ڪوششن سان جميعت علماءِ سنڌ جو تاريخي اجلاس ٿيو. جنهن جي صدارت مولانا حيسن مدني رح ڪئي.
مولانا محمد سليمان ولد حاجي هارون 1854ع ۾ ڄائو عربي فارسي دينيات ۽ٻين علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪري ڪراچي ۾ مدرسه مظهر العلوم ۾ مدرس ٿيو. اتي مولانا محمد صادق جي صحبت ۾ رهڻ ڪري سياسي ۽ مذهبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. مدرسي ۾ سنڌ ۽ هند جي چوٽي جي سياسي ليڊرن سان ملاقاتون ڪيائين . 1923 ع تائين ” خلافت هلچل“ جو مکيه ڪارڪن ٿي رهيو. جميعت العلماءِ هند جو بنيادي ميمبر هو . آزادي جي تحريڪ ۽ برطانوي راڄ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي جلسن ۾ تقريرون ڪيائين ۽ اخبار ۾ ليک لکيائين.سندس ئي ڪوشش سان لاڙ ۾ هڪ ادبي انجمن قائم ٿي جنهن اتان جي عوام ۾ سياسي شعور ۽ انقلابي جذبو پيدا ڪيو. جنهن ڪري هو اڳتي هلي تحريڪ ۾حصو وٺڻ لڳا. (جبب گذاريم جن سين _ اول ص نمبر 222)
علامه قاضي سيد اسدالله ولد ميان الله بخش شاهه ٽکڙ جو رهاڪو هو. هو 30 نومبر 1819 ع ۾ ڄائو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. علم حديث جي سکيا لاءِ ديوبند ويو، جتي نهايت محنت ۽ جفاڪشي سان پڙهندو رهيو اتي شيخ الهند حضرت محمود الحسن ۽ مولانا حسين مدني جو مٿس وڏو اثر پيو. ان ڪري تحريڪ آزادي ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. جڏهن خلافت هلچل شروع ٿي تڏهن اتي نروار ٿيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي، نور محمد وڪيل ۽ پير غلام مجدد سرهندي جهڙن سياسي ليڊرن سان سندس گهرا لاڳاپا هئا. جن سان گڏجي ساري سنڌ جو دورو ڪري عوام۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪيائين. سندس تقرير اثرائتي ۽ دل پذير هوندي هئي. جڏهن هو انگريزن جي ظلمن جو ذڪر ان ڪندو هو تڏهن غصي کان منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽ اهڙي ته پرجوش تقرير ڪندو هو جو ٻڌندڙ بروقت متاثر ٿي، آماده عمل ٿي ويندا هئا. جڏهن انگريز سرڪار خلافت تحريڪ کي ناڪام بنائڻ لاءِ مولوي فيض الڪريم کان هڪ ڪتاب ” تحقيق الخلافت“ لکرايو تڏهن شاهه صاحب ان جي جواب ۾ هڪ سياسي ڪتاب ” اثبات الخلافت الدوات العثمانيه“ لکي فيض الڪريم جي سازش کي ٻنجو ڏيئي ” خلافت تحريڪ“ کي تقويت پهچائي. ( لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ _ ڊاڪٽر الانا ص نمبر70 3 )
سيد عبدالرحيم ولد محمد رحيم شاهه سجاول جو مشهور عالم ٿي گذريو آهي. جيڪو 18 مارچ 1978ع ۾ ڄائو. هن 1930 ع ۾ سجاول ۾ ذاتي خرچ سان هڪ عظيم درسگاهه ” دارالفيوض هاشميه “ جو بنياد رکيو ۽ ان جي انتظام لاءِ هڪ مشاورتي ڪاميٽي قائم ڪيائين.هڪ ٽرسٽ بورڊ ٺاهي 336 ايڪڙ زرعي زمين جايون ۽ دڪان ان جي حوالي ڪيائين جنهن جي پيدائش مان مدرسي جي پورائي ڪئي ويندي هئي. هن مدرسي اڳتي هلي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شاهه صاحب سياست ۾ علمي حصو ورتو، مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سان گڏجي خلافت هلچل ۾ ڪم ڪيائين . سرڪاري القاب ۽ اعزاز کي ٺڪرائي ڇڏيائين. جميعت العلما ءِ هند سان وابسته هجڻ ڪرڻ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا مدني مفتي ڪفايت الله جهڙن چوٽي جي سياسي ليڊرن سان لاڳاپا رهيا. ريشمي رومال تحريڪ ۾ خاص حصو ورتائين ۽ شيخ عبدالرحيم سان گڏجي سياسي ليڊرن کي خطن پهچائڻ جو ڪم ڪيائين، سندس سرپرستي هيٺ شاهبندر سب ڊويزن جي عالمن هڪ جماعت ” دارالفتوي“ قائم ڪئي. جنهن عوام مان معاشرتي برائيون ۽ سماجي خاميون دور ڪري منجهن احساس بالاتري پيدا ڪري سياسي ساڃهه جو روح ڦوڪيو.
مولانا دين محمد وفائي پنهنجي ساري عمر علوم دينيه ۽ سنڌي ادب جي خدمت ۾ گذاري.هن جي ملڪي، وطني سياسي ۽ صحافتي زندگي قابل قدر آهي. هو عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي جو عالم اديب هو. هن پنهنجي آخري زندگي الاهي فلسفي جي سنڌ ۾ پرچار لاءِ وقف ڪئي. سياسي طرح هن جميعت العلماءِ هند، امن سڀا، خلافت تحريڪ ۽ مسلم جا دور ڏٺا. شڌي ۽ سنگهٽي تحريڪن جي پاڙ پٽڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيائين. جميعت العلماءِ سنڌ جي ناظم ۽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ دهلي، آگري، لکنئو، امرتسر ۽ ديوبند جا سفر ڪري خلافت تحريڪ ۽ جميعت جي فڪري، نظري، علمي ۽ ديني جدوجهد کي هموار ڪيائين. ان دور ۾ هن تقرير ۽ تحرير رستي دل ۽ دماغ سان آزادي جي تحريڪن ۾ ڪم ڪيو .عيسائي مبلغن ۽ آرايه سماج وارن اسلامي اڪابرن ۽ اسلام جي مخالفت ۾تقريرون ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي. ان زماني۾ مولانا ساڻن علمي بحث ۽ مناظرا ڪري کين مات ڪري ڇڏيو خلافت تحريڪ کي ناڪام بنائڻ لاءِ حڪومت ” امن سڀا“ جو ڍونگ رچائي، ترڪي جي خلافت خلاف هڪ ڪتابچو لکرايو. مولانا وفائي رحه شيخ عبدالمجيد سنڌي سان گڏجي رسالي جي برخلاف تقريرون ڪيون ۽ حضرت امروٽي رح جي نظرداري هيٺ ان ڪتابچي جي رد ۾ ” اظهار الڪراست“
لکي 1920 ع ۾ لاڙڪاڻي جي خلافت تحريڪ ۾ ورهايو . جڏهن سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جي تحريڪ شروع ٿي تڏهن ان ۾ نه سرگرمي سان حصو ورتائين. مسجد منزل گاهه واري تحريڪ ۾ به مسلمانن سان گڏ رهيو ساڳئي وقت روزنامه الوحيد اخبار ۽ توحيد رسالا جاري ڪري تحريڪ آزادي کي منظم ڪيائين ۽ سنڌي عوام ۾ سياسي شعور، قومي سجاڳي ۽ ديني تڙپ پيداڪئي. جنهن جدوجهد آزادي کي هموار ڪيو. ( تذڪره وفائي _ مرتب علي نواز وفائي ص نمبر 155)
مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله چشتي 1896ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو، 1917 ع ۾ علمي منزلون طئي ڪري سنڌ جو مشهور عالم ۽ حڪيم ٿيو. جڏهن امروٽ شريف ۾ سندس ملاقات حضرت امروٽي رحه سان ٿي تڏهن منجهنس انقلابي شعور پيدا ٿيو ۽ اڳتي هلي هو آزادي جي هلچل جو هڪ بيباڪ مجاهد بنيو. وهين صدي جي پهرئين اڌ ۾ هن بزرگ انهي تحريڪ ۾ حصو ورتو جنهن جو مقصد آزادي، شعائو اسلام جي حفاظت ۽ انساني اقتدار جي بحاليءَ هئي . سندس راءِ اثرائتي ۽ وزنائتي هئي. هو آزادي جي تحريڪ ۾ پيش پيش رهيو. 1917ع ۾ جڏهن هندستان ۾ آزادي جي پهرين لهر آئي ۽ ڊاڪٽر ايني بيسنت، انڊين هوم رول ليگ جو بنياد رکيو تڏهن مولانا ان ۾ داخل ٿيو. 1918ع ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿيو .ان زماني ۾ هن ” انجمن مجاهديان اسلام “ قائم ڪري مسلمانن ۾ دين جي ڄاڻ اڪابرين اسلام لاءِ محبت ۽ شرعي حڪمن جي تنظيم جو جذبو پيدا ڪيو . جنگ عظيم جي خاتمي کان پوءِ جڏهن خلافت ڪاميٽي جو ميمبر ٿيو ۽ هڪ مجاهد جي حيثيت ۾ انگريزي استبداد جي مخالفت ڪيائين. ان وقت شڌي ۽ سنگهٽي تحريڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ تحرير ۽ تقرير کان ڪم ورتائين ۽ اهڙي طرح سنجوڳي شيخن ۾ صحيح اسلامي روح پيدا ڪيائين. قطع تعلقات واري هلچل ۾ ٽي دفعا جيل ۾ ويو. ٽي مهينا بنا پگهار ۽ اجوري جي ڪانگريس ۽ خلافت جو ڪم ڪيائين.آزادي جي تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ اجمير، ملتان، خانپور، لاهور،دهلي ۾ لکنو جو گشت ڪيائين . هو سنڌ خلافت ڪاميٽي جو صدر، جميعت العلماءِ سنڌ جو نائب ناظم ۽ آزاد قومي پارٽي جو به ناظم ٿي رهيو. پوئين دور ۾ ” تحريڪ تحافظ مساجد“ ۾ جوش سان ڪم ڪيائين . مطلب ته مولانا چشتي پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي هر سياسي ۽ اسلامي تحريڪ ۾ مخلصانه ڪم ڪندي گذاري. (ماهوار پيغام – مارچ 1980ع – ص نمبر 72) هو اعلى پايي جو صحافي به هو ۽ هڪ ايڊيٽرجي حيثيت ۾ آزاد جي جدوجهد ۾ گهڻو ڪم ڪيائين . ان وقت سندس اخبارون عوام ۾ ڏاڍيون مقبول هونديون هيون. جنهن جا خاص ڪري ادارتي نوٽ، برصغير جي عوام جي سياسي امنگن جا آئيندار هئا.
مولانا محمد صالح عاجز مشهور اديب، عالم، محقق ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي. هو ڪيترن ئي اخبارن جو ايڊيٽر به رهيو . هو سنڌ جو زنده دل فرزند، محب وطن مجاهد ۽ جنگ آزادي جو سورمو هو. عاجز برصغير جي آزادي واري هلچل ۾ پاڻ خود شريڪ رهيو. ٻي مها ڀاري لڙائي ڇڙڻ کان پوءِ سنڌ ۾ هندستان جي بچاءُ وارن قانونن جو پهريون قيدي محمد صالح عاجز هو. تربپوره واري مشهور ڪانگريس جي گڏجاڻي ۾ محمد صالح عاجز هڪ سنڌي ڪائونسلر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀاش چندر بوس کي صدارت لاءِ ووٽ ڏنو هئائين. هو پنهنجي زندگي ۾ برصغير جي گهڻو ڪري سڀني چوٽي جي ليڊرن سان ملي چڪو هو . (ماهنامه پيغام_ مارچ، اپريل 1984ع عبدالواحد آريسر جو مضمون ). سندس آزادي جي تاريخ ۾ نالو هميشه زندهه رهندو.
مولانا نور محمد نظاماڻي سنڌ جو مشهور ديني عالم صحافي ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي.جنهن علمي خواهه قلمي طرح آزادي جي تحريڪ ۾ اهم حصو ورتو . هو ٽنڊي سومري ضلع حيدرآباد ۾ 1982ع ۾ڄائو. سندس والد جو نالو محمد علي هو.هو فارسي، عربي ۽ سنڌي جو ماهر هو . ڪيترن ئي مدرسن ۾ ديني تعليم ڏيندو رهيو. هن جي قلم ۾ وڏي قوت هئي. نثر ۽ نظم ٻنهي تي کيس عبور حاصل هو. نور اسلام، مرغ فلڪ ۽ طيرا ابابيل اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ان دور ۾ شدي ۽ سنگهٽي تحريڪن اسلام مسلمانن ۽ سندن آزادي جي مخالفت ڪئي. ان جي مقابلي لاءِ ميدان ۾ آيو. حافظ خير محمد اوحدي سندس ان رول بابت لکي ٿو ” نور محمد نظاماڻي پنهنجون صلاحيتون اڪثر ڪري آريه سماج وارن هندن جي شرارت خلاف استعمال ڪيون ۽ هو ان ڪم کي جهاد سمجهندو هو. هن پنهنجي قلم کان تلوار جو ڪم ورتو ” مولانا خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. منجهس تحرير سان گڏ تقرير جي صلاحيت به موجود هئي. تحريڪ خلافت دواران اهڙي شلعئه بيان تقرير ڪندو هو جو ماڻهو جلسي ۾ ئي برطانيه جي ڪارخانن جاٺهيل ڪپڙا لاهي انهن کي باهه لڳائي ڇڏيندا هئا. ان طرح هو انگريز سرڪارسان بائيڪاٽ۽ نفرت جو اظهار ۽ اعلان ڪندو رهندو هو. سندس ٽنهي اخبارن، تحريڪ آزادي کي زور وٺرايو هو. انهن اخبارن ۾ قومي مسئلن تي نهايت بي باڪي ۽ جرئت سان لکندو هو. (پرين جي پچار، محمد موسى ڀٽو ص نمبر 315 ) ۽ اهڙي طرح هو سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي شعور ۽ آزادي جي تڙپ پيدا ڪرڻ ۾ رڌل رهيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي دفعا سندس اخبارون بند رهيون ۽ مٿس ڪيس هليا پر هو آزادي جي ميدان ۾ سڀ کان اڳرو رهيو ۽ مٿس ڪيس هليا پر هو آزادي جي ميدان ۾ سڀ اڳرو رهيو ۽ هر موڙ تي تڪليفن کي منهن ڏيندو رهيو . سچ پچ ته هو آزادي جي تحريڪ جو بي باڪ سپاهي هو.
مولوي الله بخش اٻوجهي کي اسان جي قومي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هو عربي فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن جو ماهر هو . سندس انهيءَ لياقت کي ڏسي کيس سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي ۾ 1889ع ۾ فارسي ز بان جو استاد مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ سندس سياسي ڪردار الطاف حسين حالي کان گهٽ نه آهي. هو پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن نغمه نوازري رستي سنڌ جي رهاڪن ۾ سياسي سجاڳي ۽ قومي شعور پيدا ڪيو . سندس شاهڪار ڪتاب ” مسدس اٻوجهو “ تحريڪ آزادي جو اهم دستاويز آهي. هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سنڌ جي رهاڪن غفلت، سستي ۽ خودفراموشيءَ ترڪ ڪري تحريڪ آزادي ۾ حصو ورتو. مولانا اٻوجهي نه صرف لفظي پر عملي طرح به آزادي لاءِ ڪوششون ورتيون.1884ع ۾ جڏهن مرحوم حسن علي آفندي سنڌ جي مسلمانن لاءِ تعليمي تحريڪ شروع ڪئي ۽ هڪ جماعت ” مجمع محمدي “ قائم ڪئي. تڏهن مولانا ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هن جماعت پنهنجي سر پاڻ مسلمانن جي تعليم لاءِ ٻن قسمن جا اسڪول کوليا . هڪ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۽ ٻيو ملا مڪتب جيڪي پرائمري تعليم جا شروعاتي ادارا هئا. هن معاون ” مجمع محمدي “ نالي هڪ اخبار به جاري ڪئي. جنهن مسلمانن ۾ علمي شعور ۽ سياسي سوچ پيدا ڪئي.
حضرت مولانا حمادالله هاليجوي رحه اترسنڌ جو وڏو عالم، قطب ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. هو 1300 هه ۾ هاليجي شريف تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. روحاني ۽ سياسي طور حضرت امروٽي رحه جو پوئلڳ هو. مرشدن جو ساڻن ايڏو ته پيار هو جو فرمائيندا هئا ته ” مکڻ حمادالله کڻي ويو باقي ماڻهن لاءِ لسي ڇڏي ويو “ . مولانا امروٽي رحه جي اثر جي ڪري هو هر سياسي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لڳو آزادي جي جنگ ۾ هڪ سپاهي وانگر پوري طرح مسلح ٿي ڪري ميدان ۾ آيو. شڌي سنگهٽي تحريڪن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ اٺن تي چڙهي پري تائين وڃي تبليغ ڪندا هئا ۽ ماڻهن سان سماجي براين کي ڪڍي کين توحيدي تعليم ڏيئي منجهن سياسي شعور ۽ ديني غيرت پيدا ڪندا هئا. جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي تڏهن ان ۾ وڏي جذبي ۽ شد مد سان ڪم ڪيائين . هجرت تحريڪ ۾ عملي حصو ورتائين ۽ ان ڪامياب بنائڻ لاءِ ٻارن ٻچن سميت افغانستان ڏانهن روانا ٿيا. پر جڏهن اتان جي امير ۽انگريز ن جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو تڏهن خانپور کان واپس موٽي آيا. سندن ڪوشش سان پني عاقل ۾ 1962ع ۾ هڪ عظيم الشان اجتماع ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ مولانا حسين احمد مدني سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حفظ الرحمان به شريڪ ٿيا. سندس سياسي مقام هن مان ظاهر آهي ته جڏهن 1936ع ۾ ڪل هند جميعت جو جلسو ٿيو تڏهن پاڻ ان جي صدارت ڪيائون جنهن ۾ هندستان جا چوٽي جا سياسي ليڊر شريڪ ٿيا. (ماهنامه شريعت _ سنواح نمبر _ ايڊيٽر مولوي عبدالوهاب چاچڙ )
مولوي محمد هاشم ولد الله بخش لغاري، ڳوٺ دادلغاري تعلقه ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي جو بي باڪ حق گو ۽ مخلص مبلغ هو. سچ ۽ حق هر ماڻهو کي منهن تي چئي ڏيندو هو پوءِ ڇونه ڪو خان خانان جو پٽ هجي جڏهن دادلغاري ۾ مولانا سنڌي رحه ۽ هتان جي جامع مسجدن ۾ تقرير ڪئي تڏهن محمد هاشم نوجوان هو. مولانا سنڌي کيس مدرسه پير جهنڊي وٺي ويو. اتي ڪجهه تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ديوند ويو. جتي جي ماحول ۾ هن تي انقلابي رنگ چڙهيو ۽ هن آزادي جي مفهوم کي سمجهيو . سياسي طرح سندن واسطو ” جميعت العماءِ هند“ سان هو. پاڻ هر سياسي تحريڪ ۾ حصو ورتائين. خلافت تحريڪ جو نڊر سپاهي هو . سندس چوڻ هو ته پاڻ ڪجهه عرصو مهارنپور جيل ۾ به رهيا.
ديوبند مان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ مولوي صاحب دادلغاري ۾ اچي مدرسو کوليو ۽ سياست ۾ به ڪم ڪندو رهيو. سندس تعلق حضرت امروٽي ۽ حضرت هاليجوي سان به رهيو. مجلس خلافت صوبه سنڌ جي سکر ضلع شاخ جو ڪافي وقت ميمبر ٿي رهيو. سندس ڪوشش سان ڳوٺ دادلغاري ۾ جميعت خلافت جي شاخ کلي ۽ پاڻ ان جو صدر ٿي رهيو. سندس ئي روز تي عوام تحريڪ خلافت ۾ ڀرپور حصو ورتو. سياسي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ ڪري ئي هڪ سال جيل ۾ به رهيو. سندس دستور هندو هو ته پيادل وڃي عوام ۾ تبليغ ڪندو هو ۽ سماجي رسومات بدعت ۽ شرڪ کان سندن ذهنن کي صاف ڪري احساس ڪمتري ڪڍي منهجن احساس خودشناسي پاڻ سڃاڻڻ ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پوئين زماني ۾ ” تحريڪ ختم نبوت“ ۽ ايوبي آمريت کي ختم ڪرڻ واري هلچل ۾ وڏو حصو ورتائين . اسان جي ايراضي ۾ مولوي عبدالله لغاري کان پوءِ هي آزادي جي تحريڪ جو ٻيو بي باڪ مجاهد ۽ ليڊر هو.
مولانا يار محمد چاچڙ اوٻاوڙي تعلقي جي بنهه ننڍي ڳوٺ راڄنپور جو ويٺل هو. سندس والد جو نالو مولانا دين محمد هو. علم حديث جو مڃيل عالم هو. راڄنپور ۾ سندس عظيم ديني درسگاهه هئي. سندس شاگردن مان مولانا صالح محمد سوئي شريف وارو، مولانا امروٽي رحه، خليفو غلام محمد دين پوري، مولانا خدا بخش ڀٽو، پير فخرالدين شاهه گهوٽڪي وارو ۽ مولانا نورمحمد جهڙا عالم، سياستدان ۽ سماجي ورڪر آهن. حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري سان سندس گهرا ناتا هئا. سندس نس نس ۽ رڳ رڳ ۾ جهاد جو جذبو رچيل هو. عوام ۾ سندس بيحد مقبوليت هئي. پاڻ هر وقت پبلڪ ۾ آزادي جي احساس ڏيارڻ ۽ غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ تقريرون ڪندو هو. هن ئي پنهنجن شاگردن ۾ سياسي شعور ۽ آزادي جو ولولو پيدا ڪيو. حضرت امروٽي، مولانا محمد انڍڙ جهڙا آزادي جا عظيم اڳواڻ سندس ئي پيدا ڪيل هئا. انگريز سرڪار ڪيترائي دفعا پنهنجن ڇاڙتن جي معرفت کيس زهر ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. (ماهنامه شريعت _ سنواح نمبر _ مولوي عبدالوهاب چاچڙ )
مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻوي ولد مولوي حيات شيخ پنهنجي دور جو چڱو عالم هو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد جي مدرسي ۾ پڙهڻ ويٺو . ان کان سواءِ امروٽ شريف جي ديني درسگاهه ۾ مولانا سنڌي وٽ شاهه ولي الله جو فلسفو پڙهيائين ۽ اتي قائم ڪيل اشاعت گهر ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. مٿن مولانا سنڌي ۽ حضرت وٺڻ شروع ڪيائين . انگريزن جو سخت دشمن هو. شرڪ ۽ بدعت جو شديد مخالف هو. خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. تحريڪ تحفظ مساجد ۽ مسجد منزل گاهه هلچل ۾ به حصو ورتائين. ان ڪري ڪيترائي دفعا جيل ۾ به ويو. ان کان سواءِ مختلف سياسي جماعتن جو سرگرم ڪارڪن نه ٿي رهيو. مولانا امروٽي رح کان پوءِ سندس سياسي مسلڪ کي پاڻ گهڻي هٿي ڏنائين. (ماهنامه شريعت _ سنواح نمبر _ مولوي عبدالوهاب چاچڙ)
علامه ظهور الحسن درس اعلي مقرر، خطيب، بي لوث قومي رهنما ۽ سياسي ليڊر ٿي گذريو آهي. پاڻ 1905ع ۾ عبدالڪريم درس مهتم ” مدرسه درسيه “ جي گهر ۾ ڄاوا. هو انگريزي، اردو، عربي، فارسي، بلوچي، گجراتي، سرائڪي ۽ هندي زبانن جا وڏا ڄاڻو هئا.درس صاحب هڪ عالم دين سان گڏ تحريڪ آزادي جا بيباڪ سپاهي هئا. جنهن لاءِ هن سنڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قائداعظم کي کيس ” سنڌ جو بهادر يار جنگ“ چوندو هو . هن جوشيليون ۽ انقلابي تقريرون ڪري سنڌ ۾ آزادي جي پهرين لهر پيدا ڪئي . جنهن ڪري انگريز حڪومت سندس زمين ۽ ملڪيت ضبط ڪري ڇڏي. پر پاڻ مردانه وار سختين جو مقابلو ڪندا رهيا ۽ مسلم ليگ جو هر جلسو اٽينڊ ڪندا رهيا. برصغير جا وڏا سياسي ۽ سماجي ليڊر سندس احترام ڪندا هئا.
مولوي عبدالرزاق ولد حاجي ڪماالدين پيرزادو ڳوٺ فراش تعلقي سکر جو ويٺل هو . عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي جو وڏو عالم هو. پهريائين پاڻ سرڪاري ملازم هو پر پوءِ حضرت امروٽي رحه سان تعلق پيدا ٿيئڻ ڪري سندس آزادي پسند طبع ۽ جذبئه حريت کيس سرڪاري نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ هو فرنگي سامراج جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو . خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. جڏهن هجرت تحريڪ شروع ٿي ته پاڻ به سوين مسلمانن سان گڏجي هجرت ڪيائين. تحريڪ تحفظ مساجد ۾ به خاص ڪردار ادا ڪيائين. ” هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جو مصنف سندس سياسي رول جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي ” مولوي عبدالرزاق نهايت قابل، ڏاڍو سنجيده ۽ خوش خطي جو وڏو استاد هو، خلافتي هو، الوحيدي هو، ضلع اند ر جيڪي به تحريڪون اٿيون تن سڀني ۾ هن ڪم ڪيو. مولانا عبدالڪريم چشتي سان سندس گهرا لاڳاپا هئا ۽ ان سان ئي گڏجي هن ديني، سياسي ۽ سماجي تحريڪ ۾ بهرو ورتو. ( ماهنامه شريعت _ سنواح نمبر _ ايڊيٽر مولوي عبدالوهاب چاچڙ ص نمبر 163)
حافظ مولانا محمد هاشم قاسمي ڳوٺ ڦلپوٽو ضلع لاڙڪاڻي ۾ 1889ع ۾ ڄائو. مولانا امروٽي جو مريد هو. جنهن کيس انگريزن خلاف جهاد ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ان ڪري مولوي صاحب پنهنجي مدرسي هلائڻ سان گڏ تحريڪ آزادي ۾ به سرگرمي سان حصو وٺڻ شروع ڪيو. ريشمي رومال تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ ۾ وڏي جوش سان ڪم ڪيائين. هن چار نوجوان تيار ڪيا هئا. جيڪي سريلي آواز سان گڏ جوشيلن نغمن ذريعي عوام کي قطع تعلقات ۽ هجرت لاءِ اڀاريندا هئا. مولانا امروٽي رحه کين ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ کين ” بلبلان سنڌ“ جو لقب ڏنو هئائين. مولانا محمد هاشم انگريزن جي مخالفت ڪرڻ سبب 1921ع کان 1923ع تائين جيل ۾ به رهيو. آزاد ٿيئڻ کان پوءِ به تبليغ ۽ تدريس جي ذريعي آزادي جي راهه کي هموار ڪندو رهيو ۽ انگريزن خلاف عام راءِ کي همٿائيندو رهيو.
مولانا نور محمد ولد محمد نواز انڍڙ 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪري اعلى ديني تعليم لاءِ ديوبند ويو. اتان فارغ التحصيل ٿي گهوٽڪي جي مدرسي قاسم العلوم درس ڏيڻ لڳو. مٿس ديوبند جي تعليم ۽ مولانا امروٽي جي صحبت جو اثر هو، ان ڪري سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. هن انگريزن خلاف سخت تقريرون ڪيون ۽ هجرت تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ ۾ خاص حصو ورتائين. هجرت تحريڪ جي سلسلي ۾ گهر جو سمورو سامان وڪڻي هجرت ڪيائين. پر پشاور پهچڻ وقت خبر پيس ته پٺاڻن دغا ڪري انگريزن سان ٺاهه ڪيو آهي تڏهن واپس آيا. قطع تعلقات تحريڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيائين. هڪ دفعي سکر جي ڪليڪٽر گبن صاحب کيس گهرائي چيو ته ” اسان ٻڌو آهي ته اوهان ماڻهن ۾ بغاوت پکيڙيو ٿا. “ مولوي صاحب نهايت بي باڪ ۽ جرئت سان کين جواب ڏنو ته ” اسان پنهنجو حق گهرون ٿا، بغاوت نٿا پکيڙيون. هي ملڪ اسان جو آهي نه توهان جو. اسان آزادي گهرون ٿا ڪو گناهه ڪونه ٿا ڪيون . (ماهوار شريعت _ سنواح نمبر 162)
مولوي عبدالخالق ڪنڊياري جو بلند پايه عالم ۽ صحافي ٿي گذريو آهي، هو نواب شاهه جي جامع مسجد جو پيش امام ۽ خطيب هو. هن چاهيو پئي مذهبي ۽ ديني علم سان گڏ سياسي بيداري ۽ صحيح نموني سياسي جاڳرتا پيدا ٿئي ۽ ساڳي وقت ان سان گڏ صحتمند اسلامي معاشرو قائم ٿئي. ان لاءِ هن وقت قلمي جهاد ڪيو. ڪيترائي ڪتاب ۽ سوين مضمون لکيائين. علمي طرح به آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين. خلافت تحريڪ ۾ وڏو ڪم ڪيائين ۽ تقريرون ڪري انگريز سرڪار خلاف عوام کي اڀاريائين.
مولانا خير محمد نظاماڻي سنڌ جو مشهور عالم ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. هو 1908ع ۾ ڳوٺ لم ليار ضلع حيدرآباد ۾ حاجي محمد سليمان گهر ڄائو. هو چوٿين درجي ۾ هو جو خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتائين. ان کان پوءِ انگريز سامراج جي پاڙ پٽڻ لاءِ خاڪسار تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو ۽ ڪيترائي دفعا جيل ۾ ويو. هو مجسم جوش سراپا انقلاب هو. ملڪ جي آزادي سامراج جي پاڙ پٽڻ ۽ دين جي غلبي جي لاءِ سندس قربانيون ياد گار رهنديون. يوسف علي خان بلوچستان کيس ” سنڌ جو ابوالڪلام آزاد “ سڏيندو هو. پاڻ ڪيترن ئي اخبارن جو ايڊيٽر هو. جن مان طالب علم، بيداري، خادم الاسلام، ڪاروان، غازي، قرباني، مهراڻ ۽ الوحيد اچي وڃن ٿيون. جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو تڏهن هن قرآن جي آئين ۽ سنڌ جي حقوق لاءِ مسلسل ايڊيٽوريل لکيا ۽ تقريرون به ڪيائين.
مولانا عزيزالله سنڌ جو مشهور عالم دين ۽ بزرگ هو جيڪو مدرسه ولهيٽ جو مهتمم اعلى هو . هو جميعت العلماءِ اسلام ٿرپارڪر جو ناظم اعلى ٿي رهيو ۽ انهيءَ جماعت جي پليٽ فارم تان هن ڪيترن ئي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي پر اثر تقريرن سان آزادي جي تحريڪ ۾ نئو ن روح ڦوڪيو. هن هڪ رسالو ” قرآني ولهيٽ “ جاري ڪيو جيڪو ديني تعليم لاءِ وقف هو. هن رسالي تحريڪ ختم نبوت ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو.
حڪيم مولانا محمد صادق راڻيپوري سنڌ جو مشهور عالم ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هو حڪمت جي فن ۾ يگانه روزگار شخص هو. طب کان سواءِ ادب ۽ صحافت ۾ به سندس خدمتون تاريخي حيثيت رکن ٿيون. سنڌ جي ” قاديانيت“ کي روڪڻ لاءِ هن جي رسالي صحفيه قادريه ڪم ڪيو.
مولوي محمد رمضان ولد الهڏنو خان لغاري، دادلغاري جا ويٺل هئا. پاڻ عالم دين مبلغ اسلام ۽ سٺا سياستدان هئا. وزيرآباد ( پنجاب) ۾ وڏو مدرسو هو. سندن دين جي اشاعت ۽ توسيع ۾ سندن وڏو هٿ هو. ” تحريڪ ختم نبوت“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائون. پنجاب ۾ سندن ڪافي مريد آهن.
مطلب ته سنڌ جي عالمن هر دور ۾ وطن جي بقا، سالميت،آزادي ۽ خودمختياري لاءِ پاڻ ملهايو
آهي. جڏهن به ۽ جتي به وطن واسين ۽ خدا جي مخلوق سان ظلم، ناحق ۽ ڏاڍائي ڏٺائون ڊوڙي اچي ان کي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيائون. سندن سياسي ڪردار هميشه تعميري، صحتمند ۽ مثبتي رهيو آهي. باقي اهي عالم جيڪي ڌارين جا چمچا ٿيا شير شاهه جا شڪرا بڻجي گهر جا ڪڪڙ ماريائون. اڄ تاريخ ۾ انهن جو نالو عزت سان نه ٿو ورتو وڃي. هن وقت ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان انهن عالمن ۽ اڪابرين ملت جي سياسي ڪردار ۽ سندن مجاهدانه ڪارنامن تي وڌيڪ تحقيق ڪري نئين نسل کي سندن سونهري ڪار گذارين کان واقف ڪري، تاريخ کي نئين سر زندهه ڪيون. ڇاڪاڻ ته قومون اهي زندهه رهي سگهنديون آهن جيڪي پنهنجن سوڍن ۽ سورمن ليڊرن ۽ اڳواڻن جي ڪردار ۽ ڪارنامن کي سامهون رکي پاڻ به ان تي عمل ڪنديون آهن.