سنڌ شناسي

سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما

هي مقالا، سنڌ جي ديني عالمن ۽ انهن جي ديني، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن بابت آهن. اها هڪ روشن حقيقت آهي ته سنڌ جي عالمن ئي، سنڌي زبان جي صورتخطي تيار ڪئي، ان ۾ ڪتاب لکيا ۽ سنڌي علم ادب جي پيڙهه جو پٿر رکيو. نه فقط ايترو، پر سنڌي زبان ۾تعليم ڏيئڻ جو رواج به، سنڌ جي ديني عالمن ئي وڌو. مسلمانن جي اچڻ کان اڳ ۾، سنڌ ۾ ڌرمي تعليم، سنسڪرت زبان ۾ ڏني ويندي هئي ۽ نه سنڌيءَ ۾. ديني مدرسن ۾ جيتوڻيڪ عربي ۽ فارسيءَ ۾، تعليم ڏني ويندي هئي، پر سنڌ جي عالمن، سنڌي زبان ۾ به، تعليم ڏيئڻ جو رواج وڌو ۽ سنڌي زبان ۾، الف اشباع جي سٽا ۾، ڪيترائي ديني ڪتاب لکيا. دادا سنڌي هڪ مقالي ۾ عالمن جي انهن ڪوششن جو جائزو ڏنو آهي، جيڪي هنن سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ورتيون.
  • 4.5/5.0
  • 4794
  • 1111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي عالمن  جا سونهري ڪارناما

حوالا

مٿين مضمونن جي تياري لاءِ هيٺين ڪتابن کي سامهون رکيو ويو.

1. تاريخ جنت السنڌ مولائي شيدائي
2. تاريخ تمدن سنڌ مولائي شيدائي
3. تاريخ سنڌ مولانا اعجاز الحق قدوسي
4. سنڌي جي طبعي تاريخ ٻه جلد نياز همايوني
5. سنڌي موسيقي جي تاريخ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
6. تذڪره لطفي _ ج اول لطف الله بدوي
7. سنڌي ادب ڪي مختصر تاريخ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي
8. تاريخ سنڌ ( عهد ڪلوڙ ا) مولاناغلام رسول مهر
9. تاريخ معصومي مير معصوم بکري
10 . تاريخ مير معصوم بکري سيد حسام الدين راشدي
11. تاريخ مظهر شاهجهاني نياز همايوني
12 . تحفته الڪرام مير قانع ٺٽوي
13 . تذڪره مشاهير سنڌ مولانا دين محمد وفائي ( 3 جلد)
14 . عظيم سنڌي انسان ميمڻ عبدالغفور سنڌي
15. تذڪره صوفياءِ سنڌ مولانا اعجاز الحق قدوسي
16. برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ مطيع الله برهانپوري
17. تذڪره خوش نويسان مطيع الله برهانپوري
18. مقالا شعراءِ فارسي قانع ٺٽوي
19. قديم سنڌ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
20. عرب و هند ڪي تعلقات سيد سليمان ندوي
21. سنڌ عهد رسالت ۾ قاضي اطهر مبارڪپوري
22. سنڌ ۾ عربون کي حکومتين قاضي اطهر مبارڪپوري
23. آئينه حقيقت نما
24. مسلمانان ڪراچي و سنڌ مصطفى علي بريلوي
ڪي تعليم
25. سنڌين جي فوجي مهارت دادا سنڌي
26. سنڌ جا اسلامي درسگاهه ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپور
27. سه ماهي مهراڻ ( مضمون) قريشي حامد علي خانائي
28. سه ماهي مهراڻ گرامي نمبر
29. سه ماهي مهراڻ مخدوم امير احمد ۽ حافظ
محمد اسماعيل جا مضمون
31. سه ماهي مهراڻ سنڌ عرب سياحن جي نظر ۾
32. نئين زندگي هجري نمبر
33. ماهوار شريعت سکر فتوى نمبر ۽ سنواح نمبر
34. الوحيد سنڌ آزاد نمبر
35. روزانه جنگ ويڪلي ايڊيشن
36. سه ماهي الرحيم
37. روزانه هلال پاڪستان ماهوار ايڊيشن