4. سنڌ جا سپوت هند ۾
هونئن ته هندستان ۾ سڀ کان پهرين اسلامي تصوف جو سلسلو ڇهين صدي هه ۾ خواجه معين الدين اجميري جي ذريعي پکڙيو جيڪو ” چشتي طريقو“ سڏجي ٿو . ان کانپوءِ حضرت بهادالدين ذڪريا، ملتاني، سهروردي طريقي سان هندستان کي متعارف ڪرايو. شاهه نعمت الله قادري 15 صدي هه ۾ ” قادري طريقو“ آندو ۽ خواجه ” باقي بالله “ ” نقشبندي طريقو“ آندو، پر هي تاريخي حقيقت آهي ته ڇهين صديءَ کان اڳ هندستان ۾ تصوف جو ذوق موجود هو ۽ انفرادي طور ڪي بزرگ تزڪيئه نفس ۽ اصلاح باطن ۾ مصروف هئا. هندو پاڪ ۾ هي شرف حاصل آهي ته هندستان جو پهريون صوفي ۽ درويش شيخ ابو تراب، هن سرزمين ۾ مدفن آهي. جيڪو ٻي صدي هه جو پهريون صوفي آهي. سندس نالو ابو تراب هو ۽ عباسيه خان طرفان سنڌ جي ڪن حصن تي حاڪم مقرر هو. سندس شمار تبع تابعين ۾ ٿئي ٿو. پاڻ سنڌ جي شهادت حاصل ڪيائون (تذڪره صوفيائي سنڌ ص 36). اهڙي طرح سنڌ سونهاري هر دور ۾ علم ۽ تصوف جي ميدان ۾ اڳ کان اڳري رهي. هتان جي عالمن ۽ بزرگن ساري دنيا ۾ علمي ڌاڪو ڄمايو. عربن کان پوءِ سومرن، سمن جي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ سياسي طرح امن ۽ سڪون هو تڏهن عرب، عراق، عجم، مصر ۽ موراڪو تائين هلندڙ هو. هن زماني ۾ فنون لطيف جي تحقيق ۽ تربيت جي لحاظ سان جنت السنڌ جي خاڪ عراق ۽ عجم کان به ممتاز هئي. اسلام سنڌين جي ان خاص جوهر کي وڌيڪ چمڪايو ايتريقدر جو اسلامي دنيا جو علم ادب ۽ شاعري هڪ طرف ۽ سنڌ جو علم ادب ۽ شاعري ٻئي طرف ڀيٽ لاءِ پيش ڪي سگهجن ٿا. هن دور ۾ ڪيترائي سنڌي عالم، بزرگ، شاعر ۽ صوفياءَ ڪرام ٿي گذريا آهن. جن علمي ادبي سماع ۽ سرور جون محفلون برپا ڪيون. سهروردي، چشتي، بخاري، قادري طريقن جي فقيري عام پکڙيل هئي. ملتان ۽ اچ کان وٺي ڪڇ جي رڻ ۽ گجرات تائين، درويشن روحانيت جي تبليغ ڪئي. شيخ حامد السنڌي بخاري سيد جلال الدين جهان گشت، امير سيد قطب الدين مدني الجيلاني ۽ حضرت قلندر لعل شهباز جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري سنڌين فيض حاصل ڪيو. غوث پوٽن رهاڻ پوٽن، نورنگ زادن ۽ صوفي درويشن جون درگاهون ان زماني ۾قائم ٿيون. (سنڌ جا اسلامي درسگاهه _ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ) سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ” عراق ۽ عجم مان جيڪي صوفياءَ ڪرام برصغير ۾ آيا، انهن مان اڪثر هتان جا ٿي ويا. شيخ ترابي، شيخ نوح بکري، عثمان مروندي هن خاڪ پاڪ ۾ مدفون آهن. خواجه معين الدين اجميري جڏهن هندستان ۾ آيو ته هو اتي وڃڻ کان اڳ مرشد حضرت عثمان هاروني سان گڏجي سنڌ پهتو ۽ سيوهڻ ۾ رهي اتان جي عارف ڪامل شيخ صدرالدين محمد احمد هاروني جو ” چله ڪشي“ جو حجرو اڃان تائين سيوستاني جي پهاڙي تي آهي“. ( تذڪره صوفيائي سنڌ _ مولانا قاسمي)
سمن جي دور ۾ سرزمين سنڌ دمشق ۽ بغداد جو همه پلئه هئي. سمن حاڪمن جي علم پروري جي هاڪ ٻڌي ڪيترائي عرب عالم ڪهي اچي سنڌ ۾ سڪونت پزير ٿيا. مشهور سمو سلطان ڄام نظام الدين وڏو علم دوست ۽ عالمن جو سرپرست هو ۽ وٽس چڱو ڪتبخانو هو. سندس ڀاءُ ڄام بايزيد به عالم هو. سندس درٻار۾عالم ۽ فاضل رهنداهئا . شيخ جماالدين قريشي جيڪو عالم قريشي جي اولاد مان هو ۽ مختلف علوم وفنون جو ماهر هو، تنهن کي بايزيد پنهنجو وزير مقرر ڪيو . سندس علم دوستي کي ڏسي خراسان ۽ هند جا ڪيترائي عالم وٽس اچي گڏ ٿيا. ڄام فيروز هڪ صلح پسند، ديندار علم پرور حاڪم هو. هن پنهنجي حڪومت جي چاليهن سالن ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مدرسه ٺهرايا.
1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪري هتان جي علمي عظمت ۽ ادبي عروج کي ختم ڪري ڇڏيو . علم دربدر ٿيئڻ لڳا ۽ مدرسا ويران ٿي ويا.پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته ” ارغون جي قبضي کان پوءِ سنڌ ۾ امن ۽ سڪون جو شيرازو ٽٽي پيو. سنڌ مٿان اداس شام مسلط ٿي وئي. جنهن تاريخي آزادي ۽ خودمختياري جي سج کي صدين تائين اڀرڻ نه ڏنو. پوري هڪ صدي سنڌ ۾ قيامت صغرى رهي. جنهن ۾ سنڌ علمي ۽ مادري لحاظ کان بلڪل تباهه ٿي وئي. سمن حاڪمن جيڪي خوشيون ملڪ کي بخشيون ملڪ کي بخشيون هيون. ان کان کسجي ويون. انهن جون بنايل فلڪ بوس عمارتون ۽ رنگينيون باهه، خاڪ، دونهين ۽ طوفان ۾ بدلجي ويون. علم ۽ فضل جون رونقون ختم ٿي ويون. روحاني فيض ۽ ارشاد جا اهي خانقاهون جن ۾ معرفت ۽ عظمت الاهي جي تنوار هوندي هئي ويران ٿي ويون. ارغوني حاڪمن جي ظلمن کي ڏسي ڪيترائي عالم، مڪي، مديني، دکن گجرات ۽ برهانپور لڏي ويا. ( سيد حسام الدين راشدي مهاڳ تذڪره صوفيائي سنڌ ص نمبر 5) جن جو تفصيلي ذڪر برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ ۾ ملي ٿو .ان کان پوءِ سنڌ جي عالمن علم کي ڦهلائڻ ۽ اسلام جي اشاعت ڪرڻ لاءِ سنڌ مان نڪري هندستان ۾ قدم رکيو. خاص ڪري مغلن جي دور ۾ سنڌ جا سادات ڪرام ۽ صوفياءَ عظام سنڌ کان نڪري هندستان جي مختلف شهرن ۾ قيام فرمايو ۽ اتي اسلامي تبليغ لاءِ درسگاهون کوليون. سندن روحاني فيض گجرات، دکن، بنگال ۽ دهلي تائين پهتو. مغلن جو دور علميت ڪري مشهور آهي. هن خاندان جي بادشاهن جا اسلامي دنيا سان گهرا ناتا هئا، ان ڪري علمائن جي اچ وڃ جاري رهي ۽ جيئن ته سنڌ سرحدي صوبو به هو، ۽ ان جي علمي عظمت به هئي. ان ڪري ايران جا چوٽي جا عالم، شاعر ۽ مصور هندستان ويندي هتان گذرندا هئا ۽ ڪجهه عرصو سنڌ ۾ رهي پوءِ هتان گجرات، دکن ۽ هند ويا. مغل نواب ۽ حاڪم عالمن جو قدر ڪندا هئا. ان ڪري جونپور احمدآباد، دهلي، سيالڪوٽ، لاهور، ملتان ۽ ٺٽو ڪوششن ڪري اسلامي علوم جي اشاعت جا مرڪزي بڻجي پيا. اڪبر جي دور ۾ خان خانان جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن هن هتان ڪيترن ئي عالمن کي نيو مغليه دور ۾ گهڻي کان گهڻا سنڌي عالم هندستان جي مختلف شهرن شاهجهان آباد، فتحپور سيڪري ۾علمي فضيلت ڪري نيڪنامي حاصل ڪئي. ڪيترائي سنڌي عالم گجرات ۾ درس تدريس سانگي پهتا. (مولانا دين محمد وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ج اول ص 217) هت سنڌ جي عالمن ۽ صوفي بزرگن جو مختصر تعارف پيش ڪجي ٿو جن هند جي جدا جدا شهرن ۾ وڃي فيض جا درياءَ وهايا ۽ علم عرفان جا قنديل روشن ڪيا.
(1) مخدوم آدم تقشبندي ؛ مخدوم صاحب جو نالو آدم پٽ عبدالاحد ۽ لقب ذو آهي. پاڻ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ سنڌ نقشبندي طريقي جو پهريون بزرگ آهي، مخدوم صاحب ٺٽي مان دهلي ويا، جتي سندن ملاقات حضرت خواجه محمد معصوم بن حضرت مجدد الف ثاني سان ٿي، جنهن سندس صاحبي استعداد کان متاثر ٿي کيس پنهنجن ٻارن جي تعليم لاءِ استاد مقرر ڪيو. مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ صوفي هو ۽ سلسلئه نقشبنديه ۾ عالي مقام تي پهتل هو، دهلي ۾ ڪيترن ئي ڀٽڪيل انسان کائنس فيض حاصل ڪيو، سندن ٻ فرزند مخدوم فيض الله ۽ مخدوم اشرف به علم وفضل، زهد ۽ تقوي ۾ قابل هئا. اهي ٻئي سرحد ۾ ويا جتي فيض عام ڪيائون .
(2) شيخ رڪن الدين ؛ پاڻ علاءُ الدين سمناني جي اولاد مان هئا ۽ شيخ عبدالوهاب پوراني جي ڀيڻ سان شادي ڪئي هيائون . نهايت خوش طبع ۽ لطيف گوهر هئا. صورتخطي جي فن ۾ مهارت حاصل هين. سلطان محمود غزنوي جي ڏينهن ۾ ٺٽي کان بکر آيا ۽ ٻه سال هت رهي دهلي ويا هليا ويا. جتي سندن علمي ڌاڪ ڄمي ويئي. پاڻ اتي ئي 98هه ۾ وفات ڪيائون.
(3) شيخ عبدالله ؛ شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعد سنڌي، درٻيلي جو رهاڪو هو. سمورن علمن ۾ وڏو ماهر هو. خاص ڪري علم تفسير ۽ علم حديث ۾ کيس وڏو عبور حاصل هو. ارغونن جا سنڌ ۾ ظلم ڏسي گجرات لڏي ويا جتي هڪ ديني درسگاهه کوليائون. سندن علميت جي شهرت دهلي تائين پهتي . هن جي درسگاهه مان شيخ بهلول محدث، حديث ۾ تحصيل ڪئي. ڪجهه عرصو احمد آباد کان دهلي ۾ اچي،فن حديث جي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس ڪيتريون ئي تصنيفون مشهور آهن. هو مديني ۾ قاضي عبدالله سان به مليو ۽ اتي شيخ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
(4) قاضي عبدالله ؛ سندن والد جو نالو ابراهيم هو. درٻيلي جو رهاڪو هو. سمورن علمن جي تحصيل مخدوم عبدالعزيز وٽ ڪيائين. پنهنجي وقت جو عالم ۽ پرهيزگار بزرگ هو. جڏهن ارغونن سنڌ تي ڪاهه ڪئي تڏهن گجرات لڏي ويو. جتي درس تدريس جو شغل جاري رکيائين. احمد آباد جي بادشاهن وٽ سندس وڏي عزت هوندي هئي. سندس شاگردن مان شيخ صالح شيخ رحمت الله ۽ شيخ حميد مشهور عالم ٿي گذريا آهن. هن مديني ۾ وفات ڪئي.
(5) شيخ طبيب سنڌي ؛ پاڻ مخدوم هارون جي پٽن مان هو ظاهري علمن ۾ سندس استاد مفتي محمد يونس سنڌي هو. شيخ صاحب وڏو عالم ۽ قاري هو . سنڌ مان ابرار لڏي ويو. جتي شيخ طاهر محدث جي سنگت ۾ رهيو، مسيح القلوب، شيخ عيسى، اصول فقه ۾ سندس شاگرد آهي. شيخ صاحب مصنف به هو. رساله غوثيه تي شرح ۽ مشڪوات شريفي حاشيه به لکيو اٿس.
(6) عبدالرحمان سنڌي ؛ سندن والد جو نالو محمد محسن هو. 1160 هه ۾ شڪارپور تعلقي جي هڪ ننڍي ڳوٺ روٻاهه ۾ ڄائو. پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. جوڌپور، اجمير، جيپور ۽ دهلي ۾ علم جا واهه وهائيندو هو لکنئو پهتو. جتي هڪ وڏي درسگاهه قائم ڪيائين. سندس شاگردن جو حلقو تمام وسيع آهي. هن جون تصنيفون به آهن. جهڙوڪ ڪلمته الحق، مفتاح التوحيد، جهد الفصل، سرارنسان وغيره. سندس هڪ مريد جو شعر آهي ته؛
اي مومن لقب و آئينه نبن
سنده سي تابد اوره آپکا سکا هي روان
لکنو سي خيا آپکي پهيلي هر سو
فرح آباد کو شاکر سي ملا جهان
(7) شيخ عبدالله ؛ رحمت الله جو هو سنڌ مان لڏي احمد آباد ۾ اچي رهيو. سندس علميت ۽ پرهيزگاري جو ڌاڪو ساري هندستان ۾ ڄمي ويو. حديث، فقه ۽ منطق جي لحاظ کان سندس مقابلو بلند هو، ان ڪري مفتي اعظم سڏبو هو. شيخ بهلول دهلوي سندس شاگرد هو.
(8) محمد صالح سنڌي؛ اصل ٺٽي جو هو بادشاهه شاهه جهان هن جي اتظامي صلاحيت ڏسي کيس صوبه لاهور جو ديوان بنايو. سندس دور ۾ هڪ مسجد قائم ٿي، جيڪا رنجيت سنگهه جي ڏينهن ۾ بارود خانه طور ڪم ايندي هئي.
(9) شيخ اسحاق قلندري ؛ پاٽ جو رهاڪو هو، 1551 ع ۾ ابرار آيو. شيخ طاهر محدث جو دوست هو. پاڻ 1601ع ۾ وفات ڪيائين.
(10) برهان الدين بکري ؛ علامه برهان الدين حنفي بکر جو وڏو عالم ۽ فاضل هو .کيس فقه ۽ عربي، علم ادب ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي. هتان سلطان علاءُ الدين خلجي جي ڏينهن ۾ دهلي لڏي ويو. جتي وڏو مدرسو قائم ڪري، خدا جي خلق جي رهنمائي ڪيائين.
(11) سيد علي بکري؛ سيد علي بن محمد بکر ۾ 25 شعبان 630 هه ۾ ڄائو. اتي ئي وڏو ٿيو ۽ پڙهيو. ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ ملتان جي سيد شمس الدين ۽ شي رڪن الدين وٽ بهار ويو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ شيخوپوره،الله آباد ۽ جهانسي ۾ تعليم ڏنائين. انهن شهرن ۾ هزارين ماڻهن سندس هٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيا. پاڻ جهانسي ۾ 760 هه ۾ وفات ڪيائين.
(12) مولانا ظهير الدين ؛ مولانا صاحب وقت جا وڏا عالم ۽ بزرگ هئا. خاص ڪري علم نحو، فقه ۽ اصول فقه ۾ ماهر هئا. بکر مان لڏي دهلي ۾ درسگاهه قائم ڪيائون. جتي سندس هزارين شاگرد ٿيا، جن مان شمس الدين يحيى اوري، محمود چراخ دهلوي ۽ علامه صدر الدين مشهور آهن. خزينته الاصفاءَ وارو لکي ٿو ته مولانا ظهيرالدين، سلطان غياث الدين تغلق جو درٻاري ۽ مهرم راز هو. تغلق خاندان جي ساري بادشاهي ۾ ” مولانا“ جو لقت صرف ظهيرالدين لاءِ مخصوص هو.
(13) رستم علي ؛ مولوي رستم علي جي والد جو نالو محمد اسماعيل هو. سنڌ مان رامپور ويو، جتي نور عالم، مولوي امام بخش ۽ مولانا ” بحرالعلوم“ وٽ پڙهيو، پوءِ اتي ئي درس جو ڪم شروع ڪيائون. منطق ۽ فلسفي جا ماهر هئا. پاڻ اعلى پائي جا مصنف به هئا. مولانا وفائي سندس ٽي ڪتاب ڄاڻايا آهن.
(14) محمد فاضل ؛ مولانا فاضل سنڌي سنڌ جا مشهور عالم ۽ بزرگ هئا. خاص ڪري علم قرائت ۾ کين وڏي مهارت حاصل هئي. هتان دهلي ويا، جتي سندس علمي شهرت پکڙجي وئي. سندس علمي مقام هن مان ظاهر آهي ته هو علم قرآئت ۾ شاهه ولي الله محدث دهلوي جو استاد هو جيڪو اول کان آخر تائين قرآن شريف 1154هه ۾ وٽس پڙهيو.
(15)مولانا جلال الدين ؛ پاڻ ٺٽي جا وڏا عالم ۽ بزرگ هئا. جتان دهلي ويا، جتي پنهنجي علم ۽ ڪمال ڪري همايون جي درٻار ۾ پهتا. همايون کيس پنهنجو استاد تسليم ڪري ڪيترو وقت وٽس پڙهيو ۽ پوءِ کيس پنهنجي سلطنت ۾ ” قاضي القضاءَ“ مقرر ڪيو دهلوي ۾ هو استاد ۾ ” علامه“ جي لقب سان مشهور هو.
(16) سيد ابراهيم بکري ؛ پاڻ اصل بکر جاويٺل هئا. جتان لڏي براهانپور ۾ شيخ جلال رح وٽ آيا ۽ اتي ئي علم حاصل ڪيائون. هن تصوف ۾ ايڏو مقام حاصل ڪيو جو شيخ جي مرڻ کانپوءِ سندس جاءِ نشين مقرر ڪيو ويو. وٽائنس ڪيترن ئي فيض حاصل ڪيو. برهانپور جا سڀئي حاڪم سندس مريد هئا. هڪ دفعي حاڪم کين عرض ڪيو ” مون ڏانهن دعاءِ خير مان توجهه فرمايو پاڻ فرمايائون ” ابراهيم جو اندر نمرود جي باهه کان وڌيڪ ڪارو آهي، جيڪڏهن توکي ان جي سڌ هجي ته سئو دفعا ” لاحول“ پڙهي پري ڀڄي وڃين،بلڪ هزار دفعا نهايت دلسوزي ۽ عاجزي سان ابراهيم لاءِ دعا گهرين ” هن هڪ مثال مان هن بزرگ جي انسڪاري حجز ۽ نياز نمايان ٿئي ٿو.
(17) شيخ مبارڪ ؛ شيخ مبارڪ شيخ موسى جو پٽ هو ۽ پاٽ جو رهاڪو هو . مخدوم عباس ابن جلال محدث پاڏائي جو شاگرد هو. ان کان پوءِ شيخ فياض بخاري ۽ شيخ عمرٺٽوي کان مريدي جا ارشادات ورتا. تعليم پوري ڪري احمد آباد آيو، جتي ناصرالملڪ جي مسجد ۾ صدر مدرس ٿيو ۽ اجتي ڪيترائي سال پڙهائيندو رهيو . ان کان پوءِ برهانپور آيو، جتي ” پره“ پڙڳڻي جو قاضي مقرر ٿيو. اتي هن شيخ عيسى جندالله کي ڪتاب به پڙهايا. 1534 ع ۾ هو آگره اآيو، سندس رسائي اڪبري درٻار تائين ٿي وئي. اڪبر سندس علمي فضيلت کان متاثر ٿي کيس صدر الصدور جي عهدي تي مقرر ڪيو. جتي هن 50 سال رهي علمي حلقن کي فائدو رسايو. هو بلند پائي جو مصنف به هو. هن 5 سئو ضخيم جلد پنهنجي هٿ سان لکيا. هن تفسير ڪبير جي انداز تي هڪ تفسير لکيو. جنهن جو نالو ” منبع العيون” آهي جيڪو چئن جلدن تي مشتمل آهي. هن 1592ع تي وفات ڪئي.
(18) علامه محمد ٺٽوي ؛ هو ميان يوسف ٺٽوي جو پٽ هو جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ درويش هو. شيخ فريد بکري ” ذخيرت الغوانين “ ۾ لکي ٿو ته علامه محمد ٺٽوي، سڀني علمن ۾ ڪامل ماهر هو. کيس امام محمد غزالي جو مٽ سڏي سگهجي ٿو. علم جعفر تڪشير ۽ اعداد ۾ وڏي پهچ وارو هو. ” مصطفي علامه برهانوي جو چوڻ آهي ته ” هو سمورن علمن ۾ هن وقت جو استاد آهي ۽ هندستان ۾ هن جو ڪو به مٽ ثاني نه آهي. ” علامه صاحب، جهانگير جي پوين ڏينهن ۾ استاد ڪري رکيو. ان کان سواءِ نورجهان جو ڀاءُ اعتماد الدوله آصف جاهه به سندس شاگرد هو. هو سموري مغليه حڪومت جو صدر ( هاءِ ڪورٽ جو جج ) به هو.
(19) قاري شيخ ا براهيم؛ پاڻ اصل سنڌ جا هئا۽ هتان لڏي برهانپور ويا. جتي لشڪر محمد عارف جا مريد ٿيا. فن تجويد تي کين عبور حاصل هو. ان ڪري هن کي ” جبرائيلي لهجي جو مالڪ“ سڏيندا هئا. سندس ان فن ۾ ڪماليت جو هي مقام هو جو سندس مرشد، عيسى جندالله وٽس علم قرائيت سکيو. يارهن سال حضرت غوث گوالياريءَ وٽ احمدآباد جي مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. جنهن کيس ” مرغ لاهوتي“ جو لقب ڏنو. هو وڏي درجي جو صوفي بزرگ ۽ عادل شخص هو. هڪ دفعي ڪنهن کائنس پڇيو ته ” کاڌي کائڻ وقت، روزيءَ ڏيندڙ جو نالو وٺي، پوءِ کاڌو کائڻ وقت، روزيءُ ڏيندڙ جو نالو وٺي، پوءِ کاڌو کائجي“ پاڻ فرمايائون ته ابراهيم جي خيال ۾ صوفي اهو آهي، جو حقيقي رازق جي ديدار کان سواءِ کاڌي ڏانهن هٿ ئي ڊگهو نه ڪري“ هن 991 هه ۾ برهانپور ۾ وفات ڪئي.
(20) ميان مير رح؛ پاڻ سيوهڻ جا ويٺل هئا. سندس والد جو نالو سائنيڏنو هو. ويهن سالن جي عمر ۾ سمورا ديني علوم حاصل ڪري شيخ خضر سيوهاڻي کان روحاني علم حاصل ڪرڻ شروع ڪيائون. 25 سالن جي عمر ۾ مرشد جي حڪم سان لاهور وڃي شريڪ بدعت ۽ فحاشي کي روڪيائون. هن پنجاب جي مخلوق کي راهه راست تي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن سان هزارين ماڻهن فيض ورتو ۽ سندس طريقو، شاهه بدخشاني، حاجي مصطفى سرهندي، خواجه بهاري، ملا حامد قادري ۽ شاهه نعمت الله سندس خليفا هئا.
(21) حڪيم عثمان ؛ پاڻ شيخ عيسى صديقي جا پٽ هئا۽ بوبڪ جا رهاڪو هئا. مخدوم عباس پاٽائي، شيخ وجهه الدين علوي، قاضي محمود ۽ شيخ حسين بغدادي کان علم حاصل ڪيائون . حڪيم صاحب 983 هه ۾ گجرات ويا ۽ اتان برهانپور پهتا. جتي کيس محمد شاهه بن مبارڪ شاهه فاروقي قضا ۽ فتوى جو عهدو سپرد ڪيو. 27 سال فتوى سان گڏ مختلف علومن جو درس به ڏيندوهو. سندس شاگردن مان قاضي عبدالسلام، مولانا صالح سنڌي، شيخ سکجي بنگالي، قاضي نصيرالدين، سيد محمد غوثي ۽ شيخ عيسى مشهور آهن. حڪيم صاحب اعلى پايي جو ليکڪ به هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن . جن ۾ تفسير بيضاوي جو حاشيو ۽ صحيح بخاري جي شرح مشهور آهن.
(22) شيخ محمد؛ پاڻ درٻيلي جا رهاڪو هئا. فضيلت ۽ علميت جي زيورن سان آراسته هئا. نقلي ۽ عملي علمن ۾ تمام گهڻي مهارت هئن. سنڌ مان لڏي احمد آباد ويا، جتي وڏي درسگاهه کوليائون . مير معصوم تاريخ معصومي ۾ لکي ٿو ته ” جڏهن خان خانان مظفر شاهه کي احمد آباد مان ڪڍي ان تي ٻيهر قبضو ڪيو، تڏهن آءُ انهي فوج ۾ هئس. جڏهن پرڳڻو فتح ٿي ويو. تڏهن آءُ شيخ محمد سنڌي جي خدمت ۾ اچي حديث پڙهڻ شروع ڪئي ۽ مشڪوات شريف منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين پوري ڪيم ۽ حديث جو درس ڏيئڻ لڳو. هن وقت مڪي ۾ اهل حديث جو اڳواڻ يا امام آهي. “
( 23) شيخ فريد بکري ؛ پاڻ معروف بکري جا پٽ هئا. ننڍي هوندي کان ئي وڏن عالمن کان تعليم حاصل ڪيائون. جڏهن خان خانان سنڌ ۾ آيو تڏهن هن کي پاڻ سان گڏ دهلي وٺي ويو. اتي هن انتظامي امور سنڀاريا. هر وقت خان خانان سان گڏ رهندو هو. اجمير،آگره ۽ لاهور به هو ساڻن شامل هو. ڪجهه وقت بزاد صوبي جو اعلى علمدار به ٿي رهيو. نورجهان جي ديوان جو ڪم ڪار به هن جي حوالي هو . شاهه جهان جي دور ۾ آگري جو نائب منشي هو. شيخ فريد هڪ بهترين مصنف به هو. سندس ٻه ڪتاب تحفه شاهجهاني ۽ ذخيره الخوانين مشهور آهن.
(24) شيخ حميد بن عبدالله ؛ـ درٻيلي جي بزرگن مان هو. حديث ۽ تفسير ۾ وڏي دسترس جو مالڪ هو. سندس گجرات ۾ هڪ مدرسو هو. اڪبر اعظم جي گجرات فتح ڪرڻ کان پوءِ خان خانان سندس قائم ڪيل مدرسي جي شاگردي اختيار ڪري مشڪوات ۽ حديث جا ٻيا ڪتاب پڙهيا. ” النور الساوز“ ۾ لکيل آهي ته شيخ حميد علم ۽ بزرگي وارو سهڻن اختلاقن جو صاحب نهايت متواضع، ڏاڍو عقلمند وڏي درجي ۽ فضيلت جو صاحب هو .” هو عربي شاعري ۾ به دسترس رکندڙ هو. هن 1009هه ۾ وفات ڪئي.
( 25) مولانا صالح سنڌي؛ هو حڪيم عثمان جو شاگرد ۽ مريد هو. علم، فضل، تقوى ۽ عمل ۾ پنهنجو هٿ پاڻ هو. 1204ع ۾ عبدالرحيم خان خانان، مسيح الاولياءَ جي جيڪا مجلس ٺاهي هئي ان خو خاص رڪن هو.
(26) شيخ محمد ؛ شيخ محمد بن عبدالله سنڌي مسيح الاولياءَ عيسى برهانپوري جو شاگرد، مريد ۽ خليفو هو، برهانپور ۾ رهندو هو. مرشد جي حڪم سان بنڊار لڳ سورت ڏانهن خلق خدا جي رهنمائي لاءِ ويو. اڪبر جي خانديش تي لشڪر ڪشي جي عالم ۾ هو نظر بند ٿي آگري آيو. جڏهن اڪبر کي هن جي علمي فضيلت جي خبر پئي تڏهن کيس آزاد ڪري، قليچ خان جي نگراني ۾ رکيو. جڏهن قليچ خان لاهور جي مهم تي ويو، تڏهن ان کي ساڻ وٺي ويو. هن پنجاب ۾ راجپوتن سان وڙهندي 1204 ع ۾ شهادت حاصل ڪئي.
(27) محمد مقيم ؛ ترخاني دور جو مشهور عالم ۽ شاعر هو. مرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبر جي درٻار۾پهتو جتي سندس شاعرانه جوهر نمايان ٿيا. هن دهلي ۾ رهي مومل ۽ مينڌري جي عشق جو قصو ” ترنم عشق“ جي نالي سان جوڙيائين.
(28) شيخ قاسم سنڌي ؛ اصل پاٽ جا رهاڪو هئا، تعليم پنهنجي والد ۽ شيخ شهادالدين سنڌ وٽ حاصل ڪيائون . ميان جمال محمد گجراتي جو چوڻ آهي ” شيخ قاسم علم ۾ يڪتاءِ زمانه هو“ . پاڻ تبليغ، درس وتدريس جو شغل جاري رکندو آيو. هو برهانپور لڏي ويو ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين.
(29) خواجه احمد سيوستاني؛ هو اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ اجوڌن ۾ پنهنجي مرشد حضرت گنج شڪر جي خدمت ۾ وڃي رهيو. هو وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ هو. سيد الاولياءَ ۾ آهي ته ” هن جي خواجه سويستاني سان ان وقت ملاقات ٿي جڏهن هو سلطان محمد تغلق جي زماني ۾ اجوڌن کان غياث پور آيو هو ۽ وڏي عرصي تائين حضرت سلطان المشائخ جي خدمت ۾ رهيو.
(30) بابا احمد بکري؛ عالم، فاضل، ۽ صوفي بزرگ هو. اصل بکر جو ويٺل هو. سيد نظام الدين اولياءَ دهلي جو خليفو هو. سندس روحاني فيض حاصل ڪري احمد آباد ۾ اچي رهيو. سندس وفات 15 صديءَ جي شروعات ۾ ٿي.
(31) قاضي محمد قاقل؛ اصل سنڌ جو هو. وڏو عالم ۽ بزرگ هو. پاڻ حضرت خواجه نور محمد مهاوري جا مريد هئا. هتان لڏي ڪوٽ مٺڻ ۾ ديني مدرسو قائم ڪيائون. جنهن جي پري پري تائين هاڪ هئي. انهيءَ مدرسي ۾ حضرت خواجه محمد سليمان تونسوي به تعليم حاصل ڪئي. جيڪو وڏو چشتي بزرگ ٿي گذريو آهي.
( 32) عبدالواسع؛ـ سيد عبدالواسع اصل بکر جو ويٺل هو. پنهنجي پيءُ سان گڏ علاءُ الدين بادشاهه جي درٻار ۾ آيو ۽ اتي علم جا واهڙ وهايائين . ڪجهه وقت کان پوءِ سرهند آيو. جتي مرڻ تائين درس ڏيندو رهيو.
(33) عبدالله ؛ـ سيد عبدالله بکر جا ويٺل هئا. هو چشتي طريقي جو پير ۽ بزرگ هو. سيد عبدالله، مغليه سلطنت واري زماني ۾ بکر مان بهار ويو، جتي مخدوم الملڪ سيد شرف الدين احمد بهاري جي حڪم تي اتي ئي رهي پيو ۽ درگاهه جو بنياد وجهي خدا جي مخلوق کي راهه مستقيم ڏسڻ ۾ زندگي گذاريائين.
(34) عبدالرشيد ٺٽوي ؛ـ سيد عبدالرشيد پٽ عبدالغفور حسيني ٺٽوي پنهنجي وقت جو علامه ۽ سڀني علمن جو جامع هو. عالمگير جي زماني ۾ ٺٽي مان دهلي ويو ۽ وڏي درجي تي پهتو. سرمد صاحب پنهنجي وقت جو وڏو شاعر ۽ لسانيات جو ماهر هو. سندس عربي ۾ علم لغت تي ” منتخب اللغات“ ڪتاب مشهور آهي. علم مناظره تي ” رشيديه“ نالي عربي ۾ هڪ ڪتاب لکيائين، فارسي ۾ لغت تي هڪ ڪتاب لکيائين.
(35)مير معصوم ؛ـ سيد صفائي جو فرزند هو، بکر جو رهاڪو هو. سنڌ جو مشهور ڪالم، شاعر، جنرل ۽ مورخ ٿي گذريو آهي. پهريائين سلطان محمود بکري وٽ ملازم ٿي رهيو پر پوءِ پنهنجي علمي ڪماليت سبابان، اڪبر بادشاهه وٽ پهتو، جڏهن خان خانان سنڌ تي ڪاهه ڪئي. تڏهن هي بزرگ ان لشڪر ۾ خاص صلاحڪار ۽ سونهون بڻجي پنهنجي جنم ڀومي کي مغلن جي تسلط هيٺ آندائين. تاريخ معصومي طب نامي ناز ونياز مثنوي ڪتاب لکيائين. جن مان پهريون ڪتاب مشهور آهي.
(36) قاضي منهاج الدين ؛ ـ سنڌ جي تختگاهه اُچ شريف جو رهاڪو هو . جڏهن اتان جي علمي محفل ڦٽي، تڏهن دهلي ويو ۽ سلطان التمش جي درٻار کي رونق وٺرايائين . سندس مشهور ڪتاب ” تاريخ طبقات ناصري “ آهي. جيڪو 1844ع ۾ ڇپيو.
(37) ملا اسحاق؛ ـ اصل بکر جو ويٺل هو،فارسي جو وڏو عالم ۽ شاعر هو. سلطان محمود بکري جو پهريون ملازم ٿي رهيو پر پوءِ جڏهن هن وفات ڪئي تڏهن گجرات هليو ويو ۽ اڪبر جي درٻار ۾ داخل ٿيو. مير معصوم کي اڪبر وٽ نوڪري هن وٺي ڏني . نظام الدين کي طبقات اڪبري لکڻ ۾ وڏي مدد ڪيائين. سيد طاهر سياسي شاعري ۾ سندس شاگرد آهي. مرزا جاني کي سنڌ ڏيارڻ ۾ وڏي مدد ڪيائين. غازي بگي ترخان جو استاد هو.
(38) شيخ عمر ٺٽوي ؛ـ پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. اصل ٺٽي جو هو پر هتان لڏي گجرات جي وڃي رهيو. هن جو شمار گجرات جي وڏن عالمن ۾ ٿئي ٿو. شيخ مبارڪ ناگوري کائنس باطني علم سکيو.
(39) شيخ ابوالحسن ؛ـ اصل بکر جو رهاڪو هو پوءِ دهلي وڃي رهيو. اڪبر جي ڏينهن ۾ وڏو محدث ۽ عالم هو. سندس اجتهاد اڳيان وقت جا حاڪم سر نوائيندا هئا. مولانا ولي الله مشورتي علامه محب الدين محمد بن طاهر فتني سندس شاگرد هئا.
(40) شجاع ٺٽوي ؛ـ ٺٽي جو وڏو عالم ۽ شاعر هو کيس نسخ خط ۽ ثلث ۾ ايڏو ته ڪمال حاصل هو جو ” عنبرين قلم“ جي لقب سان مشهور ٿيو. 999هه ۾ عبدالرحيم خان خانان سان گڏجي دهلي ويو. سندس علمي مرتبي کي ڏسي هن کيس احمد آباد جي عظيم ڪتخاني مٿان اعلى علمدار مقرر ڪيو.
(41) ملا احمد؛ ـ ٺٽي جي شيرازي عالمن مان هو. سندس والد جو نالو نصرالله هو. علم طب ۽ علم تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو. 990 هه ۾ حڪيم فتح الله شيرازي جي چوڻ تي اڪبر وٽ آيو ۽ فتحپور سيڪري جي علمي مجلس ۾ شامل ٿيو. هن باقوت حصوي جي ڪتاب ” معجم البدان “ جي ٻارهن جلدن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. اڪبر بادشاهه جي چوڻ تي اسلام جي هڪ هزار ورهين جي تاريخ انهي لکي جيڪا هجرت وٺي چنگيز تائين ٻن جلدن ۾ آهي.
(42) سيد عبدالمالڪ ؛ـ اصل بکر جو هو نائين صدي هه جي وڏن مشائخن، قادريه طريقي مان هو. علاءُ الدين شاهه عالم، دهلي جي بادشاهه بکر مان دهلي گهرايس. جتي خلق جي هدايت ۾ مشغول رهيو. اڙيسي واري جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. اهو واقعو 855ع جو آهي.
(43) فاضل خان ٺٽوي ؛ ـ ٺٽي جي ملد خاندان مان هو سندس نالو عثمان هو ۽ مخدوم معين جي ڏاڏي مخدوم طالب الله جو مريد هو. فارسي لکپڙهه ۾ وڏو ماهر هو. دهلي ۾ عالمگير جي درٻار پهتو، جنهن کيس شاهي خاندان جو دارغو مقرر ڪيو. آخر پنهنجي علمي قابليت سان ترقي ڪندي مير منشي ٿيو. سلطان پاران فضل خان جو خطاب مليس. آخر صدر الصدور جي عهدي تي پهتو.
(44) ملا فيضي؛ ـ پاڻ شيخ مبارڪ جو وڏو پٽ هو . 12 اپريل 1547ع ۾ ڄائو. سندس شروعاتي استاد شيخ حسين مروزي ۽ سندس والد بزرگوار هئا. فيضي فارسي، عربي، هندي ۽ سنسڪرت زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. عربي ۽ فارسي شاعري ۾ سندس مشهوري ٻڌي. اڪبر بادشاهه کيس پاڻ وٽ گهرايو ۽ راڄڌني جي مسئلن بابت، خاص صلاحڪار مقرر ڪيائينس. هو شهزادي دانيال جو استاد هو. ملا ابو لفيض ملا فيضي جو نالو برک عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ڪتابن جو تعداد 101 آهي. جنهن ۾ قرآن شريف جو غير محفوظ تفسير مشهور آهي. علم رياضي جي هندي ڪتاب ليلاوتي جو فارسي ۾ سنسڪرت جي ڪتابن مهاڀارت ۽ اترويد جا فارسي ۾ ترجما ڪيائين. شاعري ۾ سندس ديوان ” طباشير “ نو هزار شعرن تي مشتمل آهي. خمسه نظامي جي 5 مثنوين جو جواب مواد العغم ۽ لطائف فياضي سندس ڪتاب آهن. هو اعلى پايي جو شاعر به هو شاعري ۾ ڪماليت ڪري کيس ” ملڪ الشعراءِ “ جو لقب مليو. سندس قصيدن جو ديوان مشهور آهي . هن جي ڪتبخاني ۾ چاليهه هزار ڇهه سئو ڪتاب هئا. هو اڪبر جي نورتن ۾ ڳڻبو هو.
(45) ابو لفضل سيوهاڻي ؛ ـ ملا فيضي جو ننڍو ڀاءُ هو. 1551ع ۾ آگري ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد وٽ ورتائين . 18 سالن جي عمر ۾ اڪبر درٻار ۾ آيو ۽ ” مير منشي “ ۽ ” ممالڪ ڪل هند“ مقرر ٿيو. سندس فوجي مهارت قابل تعريف آهي. امير ڳڙهه ۽دکن جي لڙائي ۾ اڳواڻي جا فرائض بجا آندائين.
ابو الفضل اعلى پائي جو نثر نويس هو. تاريخ جي فن ۾ بي مثال هو. عربي ۽ فارسي زبانن جو زبردست ماهر هو . سندس قلم ۾ وڏي رواني هئي. ان ڪري چوندا هئا ته ” اڪبر جي تلوار کان ابوالفضل جي قلم ۾ وڏي طاقت آهي . سندس علمي شخصيت جو قدر ڪندي بادشاهه اول هزاري ۽ پوءِ ٻه هزاري جو لقب ڏنو. هو مصنف به هو. هن اڪبر جي دورحڪومت جي مڪمل قانوني ۽ مذهبي تاريخ ” اڪبر نامون“ ٻن حصن ۾ ۽ ” آئين اڪبري “ ڪتاب لکيا. جيڪي تاريخ نويسي جي فن ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. سندس ٽيون ڪتاب انشاءَ ابولفضل آهي. فارسي شاعري ۾ سندس بياض ڪشڪول نالي ملي ٿو. ان کان سواءِ بياض ڪشڪول نالي ملي ٿو. ان کانسواءِ ” جامع اللغات “ جي فن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ابوالفضل به اڪبر جي ” نورتن “ مان هڪ هو.
(46) بيربل؛ هن جو اصل نالو ويرو مل هو. عمر ڪوٽ لڳ فتح باغ جي هڪ غريب برهمڻ جو پٽ هو. ٻڪريون چاري گذارو ڪندو هو. جڏهن همايون کي شير شاهه دهلي مان ڀڄايو. تڏهن هو عمرڪوٽ جي ڀرسان جوڻ ۾ اچي رهيو. همايون جي ماڻهن جڏهن بيربل کي ڏٺو ۽ کائنس عقلمندي جا گفتا ٻڌا، تڏهن کيس همايون وٽ وٺي آيا. بادشاهه سندس ڳالهه ٻولهه کان متاثر ٿي پڻس کان هن جي موڪل ورتي . جڏهن بادشاهه سنڌ مان ايران ويو تڏهن هي پيءُ پٽ ساڻس گڏ هئا. دهلي کي فتح ڪرڻ ۾ هنن سنڌي سوڍن سندس وڏي مدد ڪئي. جڏهن اڪبر تخت تي ويٺو تڏهن هن بيربل جو درجو وڌائي کيس مکيه وزيرن ۾ داخل ڪيو. هو اڪبر کان 13 سال وڏو هو. اڪبر کي هن تي وڏو ڀروسو ۽ يقين هو. هو تلوار هلائڻ جو ماهر هو. هن وڏين وڏين جنگن ۾ حصو ورتو. هو اڪبر جي نورتن ۾ شامل هو. سندس درٻاري وزير ۽ سپهه سالار ٿي رهيو. بيربل يوسف زئي مهم ۾ مارجي ويو. جنهن ڪري اڪبر ٻه ڏينهن ماني نه کاڌي.
(47) تان سين ؛ ـ اڪبر جي نورتن مان هو. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اصل سنڌي نسل مان هو. سندس استاد ۽ مرشد شيخ محمد غوث گوالياري هو. اڪبر وٽ پهچڻ کان اڳ هو راجا رامچند جي درٻار سان وابسته هو. سنسڪرت جي هڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ” تان سين راجا رامچند جي درٻار جو مکيه ڪارڪن هو. هو ڪيتريون ئي ٻوليون ڄاڻيندو هو. هن جهڙو ڪو راڳي اڳ هو ۽ نه هن وقت ڪو آهي. ” تان سين اڪبر جي درٻار ۾ زين خان نالي ٿي موسيقار جي معرفت پهتو. جتي سندس وڏي عزت ٿي“. ابوالفضل آئين اڪبري ۾ لکي ٿو ته” ميان تان سين کي راڳ جي هنر جو استاد ۽ هڪ ذهين انسان هجڻ ڪري اڪبر جي درٻار ۾ داخل ڪيو ويو. هزارين سالن جي عرصي ۾ اهڙو موسيقار پيدا نه ٿيو آهي.“ هن 1589 ع ۾ وفات ڪئي.
( 48) شيخ جندالله ؛ ـ سندس وڏا اصل سيوهڻ جا هئا جيڪي پوءِ لڏي احمد آباد ويو. هن جو نالو عيسى ۽ لقب مسيح الا ولياءَ هو. سندس شيخ بن قاسم يوسف، شيخ طاهر محدث دهلوي سان لڏي ابرار شريف ۾ آيو، جتي شيخ صاحب 962 هه ۾ ڄائو. پاڻ پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽ اهل الله هئا. سندس ڪيترائي مريد هئا. درس ۽ تدريس سندس خاص مشغلو هو. ماڻهو پري پري کان وٽس علم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. فارسي ۽ عربي ۾ سندس تصانيف جو وڏو ذخيرو موجود آهي. اٽڪل 13 ڪتاب ۽ ٻيا ڪتا ب ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا لکيائو ن.
(50) محمد فاضل بکري ؛ ـ مير معصوم جو وڏو ڀاءُ هو . موسيقي جو ذبردست ڄاڻو هو. کيس مغليه درٻار ۾ وڏي فضيلت حاصل هئي. هن سنڌي ڪافي کي دهلي ۽ آگري طرف مشهور ڪيو. شيخ فريد بکري لکي ٿو ته ” مير محمد فاضل، سنڌي ٻولي جو شعر ” ڪافي نهايت سهڻي نموني چوندو هو ۽ ان ۾ کيس مقبوليت حاصل هئي.
( 51) شيخ لاڏ سنڌي ؛ ـ شيخ صاحب سنڌ جو تاريخي شهر پاٽ جي انهن بزرگن مان هو جيڪي برهانپور لڏي ويا. هن کي موسيقي ۾ ڪمال حاصل هو. خاص ڪري ڪافي ڳائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ هن ئي سنڌي ڪافي کي برهانپور طرف مشهور ڪيو. گلزار ابرار جو مصنف محمد غوثي مانڊوي لکي ٿو ” شيخ لاڏجيو، حسن صورت ۽ حسن سيرت سان گڏ سٺي نڙي جي اعلى نعمت سان پاڻ نوازيل هو، نغمئه سنجي ۽ نغمه نوازي سندس رات ڏينهن جو شعار هو. سنڌي ڪافيون، اهڙي درد ۽ سوز سان آلاپيندو هو جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو. پر ٻڌندڙ پڻ محو ۽ محسور ٿي ويندو هو. هو 1523ع ۾ ڄائو ۽ 1598ع ۾ وفات ڪري ويو.
(52)شيخ ساز سنڌي؛ ـ هو شيخ مسيح الاولياءَ جو فرزند هو. ظاهري ۽ باطني علوم، پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيائين. هو ننڍي ڄمار ۾ ئي تصوف ۽ خدا شناسي واري راهه هلندڙ هو. رياضتون ڪندو ۽ نفس کي تنسيا ڏيندو هو. هو پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ مسند تي ويٺو.
( 53) قاضي ابراهيم ٺٽوي ؛ ـ پاڻ وڏا عالم، شاعر ۽ مصنف هئا. شاهجهان جي ڏينهن ۾هو شاهجهان آباد ( دهلي ) پهتو. بادشاهه سندس قابليت ۽ ڪماليت کان متاثر ٿي. کيس دهلي جو مفتي ۽ لشڪر جو قاضي مقرر ڪيو. هن 4 ڪتاب لکيا. جن مان ” شرح مخزن الاسرار“ مشهور آهي.
( 54) مير عبدالرزاق مشرب ؛ ـ پاڻ اصفهاني سادات مان هئا. مولانا عبدالرزق بلگرامي لکي ٿو ته ” حڪيم عبدالرزاق سڀني معقول توڙي منقول علمن ۾ ماهر، جعفر، اعداد طب ۾ يقراط زمان ۽ جالينوس دوران هو. ماڻهن جي علاج سان گڏ تيمارداري به ڪندو هو. شاعر به تمام سٺو هو. علم نجوم ۾ ماهر هو. اورنگزيب جي زماني ۾ بريلي ويو جتان وري لکنو هليو ويو. ڪجهه ڏينهن ڪشمير جي صوبيدار، نوازش خان وٽ به رهيو. سندس وفات 1117 هه ۾ ٿي.
(55) مخدوم فضل الله ؛ـ هي بزرگ ٺٽي جو رهاڪو هو . پنهنجي وقت جو وڏو عالم، قدسي فضيلتن جو جامع ۽ علم الانساب جو ماهر، پرهيزگاري ۽ تقوي جي زيور سان سينگاريل هو. ٺٽي مان سندس قائم ڪيل مدرسي مان ڪيترائي ئي شاگرد فيض پرائي ويا ۽ هتان دهلي ويو. شاهه جهان جي ڏينهن ۾ وڏي اثر رسوخ جو مالڪ هو. سندس حڪومت ۾ ۾مڃتا عزت ۽ پهچ هئي.
( 56) مخدوم ابولخير ؛ـ مخدوم فضل الله جو پٽ هو. پنهنجي وقت جو يگانو عالم ٿيو ۽ پيءُ جو مدرسو هلائڻ لڳو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس دهلي گهرايو ويو ۽ فتوى عالمگيري جي ترتيب ۾ شريڪ رهيو. هن جي اورنگزيب وٽ وڏي پهچ هئي.
( 57) عبدالباسط؛ ـ اصل ٺٽي جو رهاڪو هو. عربي زبان جو ڄاڻو ۽ ماهر هو. اورنگزيب جي زماني ۾ دهلي ويو. جتي عنايت الله خان جي سفارش سان بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو. جنهن سندس هوشياري ۽ لياقت کان متاثر ٿي کيس هڪ صدي جي منصب سان نوازيو. هن تصنيف ۽تدريس جو سلسلو ٻڍاپي تائين جاري رکيو.
(58) مير محمد باقر ؛ ـ اصل بکر جو ويٺل هو. سيد حميد جو پٽ هو. پوءِ لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو جتان اوزنگزيب جي درٻار ۾ دهلي پهتو. بادشاهه کي هڪ خط لکيائين. جنهن جي تحرير ۽ مضمون کان متاثر ٿي هن کيس پنهنجي درٻار ۾ خوش نويس مقرر ڪيو. ڪجهه وقت بادشاهه جي ٻارن جو استاد به ٿي رهيو.
( 59) هدايت الله خان ؛ـ سيد علي جو شاگرد هو. ٺٽي جو رهاڪو هو. اتان دهلي ويو. بادشاهه اورنگزيب کيس پنهنجن شاهزادن جي تعليم واسطي معلم مقرر ڪيو. آخر شاهي ڪتبخاني جو داروغو مقرر ٿيو. کيس شاهي درٻار مان خوشخطي سبب ” زرين رقم“ لقب مليس. اورنگزيب لاءِ ديوان حافظ جا ڪيترائي نسخا به لکيائين.
(60) مخدوم عبدالڪريم؛ ـ ابوالبقا امير خان جو ٽيون نمبر پٽ هو. ٻن پيڙهين کان سنڌ ۾ رهڻ ڪري مورخن کيس ” سنڌي “ سڏيو آهي. سنڌ مان 1093 هه ۾ اورنگزيب جي درٻار ۾دهلي پهتو. بادشاهه پهرين کيس داروغه جا نماز ۽ امانت هفت چوڪي جي خدمت سندس حوالي ڪئي. ان کان سواءِ ” داروغه نقاش خانه“ جو عهدو به مليس. مير عبدالڪريم بلند پايه جو شاعر به هو. سندس تخلص ” ملتفت“ هو.
(61) مخدوم ابوالفتح؛ ـ مخدوم فضل الله جو پٽ هو جيڪو ٺٽي جو رهاڪو هو. پنهنجي لياقت، هوشياري ۽ قابليت ڪري پهريائين گجرات ۽ پوءِ اڪلسير جو قاضي مقرر ٿيو، اورنگزيب کي جڏهن سندس علميت جي خبر پئي تڏهن کيس سورت بندر جو قاضي مقرر ڪيائينس.
(62)؛ـ حافظ عبدالرحيم؛ـ مخدوم فضل الله جو پوٽو هو هڪ متبحر عالم هو. سورت بندر جي عالمن ۾ سندس درجو بلند هو ۽ انهن جو اڳواڻ ليکيو ويندو هو.
(63) مخدوم رحمت الله ؛ ـ پاڻ علمي خواهه علمي ڪماليتن جو جامع هو. مشهور معروف مدرس هو. عالمگير بادشاهه کيس گهرائي، علم جو امتحان ورتو ڏسي چيائين ته ” مون ته ٿي ڄاتو ته ڪو ملا، ادب جي علم مان ايتريقدر بهره ور هوندو“.
(64) شاهه عزت الله؛ شاهه نعمت الله جو فرزند هو . ٺٽي جو رهاڪو هو. وڏو عالم ۽ فاضل بزرگ هو. دهلي ۾ اورنگزيب وٽ پهتو. جنهن کيس پنهنجن خاص ملازمن ۾ شامل ڪيس.
( 65 ) شيخ عبدالسلام ؛ـ شيخ عبدالعزير جو پٽ هو. اصل هالا جو ويٺل هو. هندستان وڃي دارالحڪومت لاهور جي خالصي جي ديواني تي سرفراز ٿيو.
(66) شيخ عبدالعزيز؛ـ شيخ عبدالسلام جو پٽ هو . هندوستان ۾ شهنشاهه عالمگير جي درٻار ۾ پهتو. جنهن سندس مرتبو سڃاڻي پهرين دوصدي ۽ پوءِ دوصدي يعني خزانه آفيسر مقرر ڪيو.
(67) شيخ محمد شفيع؛ـ عبدالسلام جو پنجون نمبر پٽ هو. عالمگير جي ڏينهن ۾ دوصدي جي عهدي تي پهتو.
(68) ملا محب علي ؛ ـ سنڌ جو عامل، ڪامل ۽ شاعر هو، هو حيدر علي جي گهر ۾ سيوهڻ ۾ ڄائو ۽ علم جي طب لاءِ ٺٽي ۾ آيو. ٺٽي جي عالمن ۽ فاضلن وٽ سڀني علمن ۽ فنن ۾ ڪمال حاصل ڪري اتي ئي رهي پيو. خان خانان جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن هن جون علمي فضيلتون ڏسي کيس پاڻ سان دهلي وٺي ويو ۽ پنهنجي فرزند شاهنواز خان جو استاد مقرر ڪيس. شاهجهان جي دور ۾ هن جو درٻار ۾ وڏو مرتبو هو. پاڻ سٺو شاعر به هو. سندس هڪ قصيدو ۽ ساقي نامور ماثر رحيمي ۾ درج ٿيل آهن. سندس صوفيانه ۽ عارفانه زندگي ساراهه جوڳي آهي.
(69) محمد رفيع ؛ـ شيخ محمد شفيع جو پٽ هو. فرخ سيد جي زماني ۾ چهار صدي جي عهدي تي پهتو.
(70) مرزا محمد رحيم؛ـ سندس والد جو نالو مرزا مقيم نيوڻِ هو. ابن شاهه عالم بن عالمگير جي فوج ۾ توبخاني جو داروغو هو .وڏو عالم ۽ فاضل بزرگ هو. قانع ٺٽوي لکي ٿو ته ” هو علمي ڪماليات سان سنيگاريل هو ۽ کيس علوم عربيه ۾ خاص مهارت حاصل هئي. هن رسالو ” انيس القلوب “ ۽ مغل بادشاهن جي تاريخ “ ٻه ڪتاب لکيا. هن 1725 هه ۾ دهلي ۾ وفات ڪئي
(71) محمد جلال الدين ؛ـ بکر جو برک عالم هو. آگري پهچڻ کانپوءِ سندس علميت جي ڪمال ۽ حق پرستي جو چرچو درٻار اڪبري تائين پهتو. آگري جي قاضي يعقوب جي معزولي کان پوءِ اتي جو قاضي ۽ مدرس مقرر ٿيو. سندس مدرسي ۾ سوين شاگرد هڪ ئي وقت علم پرائيندا هئا. آگري کان پوءِ دکن ويو.
(72) شيخ طاهر سنڌي؛ ـ پاڻ ڏهين صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾پاٽ ۾ پيدا ٿيا. 95 هه ۾ گجرات ويا ۽ ايرج پور ۾ شيخ محمد غوث گوالياري وٽ رهي فيض پرايائون. اتي ئي هن گهڻو وقت ماڻهن کي درس ڏنو ۽ تصوف جي تلقين ڪئي. هو اعلي پائي جو مصنف به هو هن اٺ ڪتاب لکيا.
(73) سيد عبدالرحمان ؛ـ هو وڏو صوفي عارف ۽ ڪامل بزرگ هو. سندس ڳوٺ شڪارپور تعلقي ۾ هو. جتان هجرتڪري يوپي ويو. سندس ارادت جو حلقو تمام وسيع هو. خصوصن يوپي علائقي جا عالم، شاعر ۽ امير تمام گهڻي انداز ۾ سندس مريد هئا. هو سٺو شاعر به هو. سندس تخلص موحد هو.
(74) مخدوم ابوالقاسم؛ ـ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي پٽ نورالحق درس، ٺٽي جو رهاڪو هو. شروعاتي تعليم مخدوم آدم کان حاصل ڪري سرهند ويا جتي شيخ سيف الدين وٽ ظاهري ۽ باطني تعليم ورتائون. دهلي جو هڪ وڏو امير محمد صديق سندس مريد هو. سورت ۽ احمد آباد ۾ هن جا ڪافي شاگرد ۽ مريد هئا. پاڻ 1138 هه ۾ وفات ڪري ويا.
(75) محب علي سنڌي؛ـ مولوي محب علي سنڌ جو رهاڪو هو. شروعاتي تعليم سنڌ ۾ وٺي پوءِ پشاور، لاهور ۽ دهلي ۾ تحصيل علم لاءِ سفر ڪندو رهيو. ان کان پوءِ پنجاب جي مشهور بزرگ خواجه محمد سليمان نقشبندي جي بيعت ڪري تصوف جو خرقه خلافت ڍڪيائين. آخر مرشد جي حڪم تي پنجاب جي هڪ شهر مگڌ ۾ ظاهري ۽ باطني فيض ڏيڻ ۾رڌل رهيو. هن 1253 هه ۾ وفات ڪئي. هو فارسي جو اعلى پايي جو شاعر هو. سندس تخلص مولوي هو.
(76) قاري ميران شاهه سنڌي؛ـ قاري صاحب اصل شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. شروعاتي تعليم حاصل ڪري پوءِ مڪي شريف وڃي علم تجويد جي تعليم حاصل ڪيائون. 1990 ع ۾ ڪراچي آيا. جتان پوءِ لکنو ۾ پاڻ درس ۽ تدريس جو شغل شروع ڪيائون. پاڻ ست قراتون ڄاڻيندا هئا. سنڌي، اردو، عربي، فارسي زبانن جا ماهر هئا. جنگي فنون ۾ به اعلى مهارت رکندڙ هئا. لکنو کان دکن ۾ آيا. جتان جي والي، امير عثمان علي خان، سندس وڏو قدر ڪيو ۽ کيس هڪ بنگلو ۽ پنج سئو رپيا ماهوار وظيفو ڏنو. اتي هر جمعي جي نماز پڙهائڻ سان گڏ خطبو به ڏيندو هو. هو ڪجهه وقت ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ جوڌپور ۾ به رهيو. پاڻ موحد سنڌي عالم هئڻ سان گڏ بهترين شاعر به هئا.
(77) ڊاڪٽر آءِ ايس؛ ـ ڊاڪٽر آءِ ايس بار ائٽ لاءِ ڊاڪٽر حاجي جو پٽ هو. سنڌ مان لڏي بمبئي ۾ وڃي رهيو. جتي بمبئي پريزيڊنسي مسلم ليگ جو سيڪريٽري ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به هو. هن ئي 1924 ع ۾ سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ جو ٺهراءُ بمبئي ڪائونسل ۾پيش ڪيو. بمبئي ۾ پريزيڊنسي مئجسٽريٽ به ٿي رهيو.
(78) بني بخش ؛ ـ خانبهادر نبي بخش سنڌ جو رهاڪو هو. جيڪو پهرئين سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ پوءِ مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس هو. ان کان پوءِ سندس انتظامي صلاحيت ۽ هوشياري کي ڏسي کيس چيف منسٽر بنايو ويو.
( 79) عبدالقادر ؛ـ خابصاحب عبدالقادر سنڌ جو فرزند هو، جيڪو پهرئين سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ پوءِ مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس هو. ان کان پوءِ سندس انتظامي صلاحيت ۽ هوشياري کي ڏسي کيس چيف منسٽر بنايو ويو.
(80) مولوي عبدالصمد ؛ ـ شڪارپور ۾ ويٺل هو فارسي زبان جو ماهر هو. کيس ڌاروار ۽ بيلگام ڪاليجن ۾ فارسي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هو فارسي جو سٺو شاعر هو.
(81) مولانا علي محمد ؛ـ مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو رتيديري جي هڪ ننڊي ڳوٺ جو رهاڪو هو. پاڻ وقت جا جيد عالم هئا. خاص ڪري فلسفي ۾ کين مهارت حاصل هئي. سنڌ جو هي پهريون نوجوان عالم هو جنهن کي پنجاب يونيورسٽي طرفان اسڪالرشپ ڏيئي اورينٽل ڪاليج لاهور ۾ فيلو مقرر ڪيو ويو. مولانا علي محمد، ڊاڪٽر اقبال کي هڪ ليڪچر ڏيڻ ۾ به مواد فراهم ڪيو. جيڪو قديم فلسفي بابت هو. ڊاڪٽر اقبال استفاده کان پوءِ مولانا کي اهڙو سرٽيفيڪٽ به ڏنو.
(82) ڊاڪٽر دائود پوٽو؛ـ سمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سنڌي، عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن جو ماهرت حاصل ڪئي. انڌيري ( بمبئي ) جي اسماعيل ڪاليج ۾ عربي جو پروفيسر ۽ وائيس پرنسپال ٿي رهيو. ڪاليج جي نصابي ڪاميٽي جو ميمبر به هو.
(83) مولوي عبدالرئوف ؛ـ اصل ڪوٽڙي جو ويٺل هو. جتان بمبئي لڏي ويو. بمبئي ۾ قومي ڪمن ۾ سندس وڏو هٿ هو.
(84) محمد علي جناح؛ـ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح سنڌ جو رهاڪو هو. انگلينڊ مان وڪالت جي ڊگري وٺي، بمبئي ۾ وڃي رهيو. سياست ۽ قومي ڪمن ۾ خاص حصو ورتائين. بمبئي جي نهايت قابل وڪيلن مان هو. سنڌ ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت ۾ موٽي آيو.
(85) حسن علي ؛ـ حسن علي بار ائٽ لا، عبدالرحمان بئريسٽر جو پٽ هو. ڄائو نپنو سنڌ ۾ هو اول ڪراچي ۾ وڪالت ڪندو هو پوءِ بمبئي ۽ ڪينيا ۾ وڃي وڪالت ڪيائين.
( 86) عبدالڪريم ؛ـ مهاشي عبدالڪريم ڪراچي جو رهاڪو هو. سنڌ مان آگري ويو. هو سنڌي زبان جو وڏو ماهر هو. هندي ۾ ڪيتريون ئي اثر انگيز تقريرون ڪري ڪافي هندن کي مسلمان ڪيائين. هو اعلى پائي جو مناظر هو. هندستان جون اخبارون کيس ” مبلغ اعظم“ سڏينديون هيون ساري هندستان ۾ تبليغي دورا ڪندو هو. آگري ۾ نون مسلمانن لاءِ هڪ ادارو به قائم ڪيو هئائين ۽ ان جي ترقي لاءِ هڪ هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين.
(87) حبيب الله لغاري؛ـ حبيب الله لغاري ڳوٺ دادلغاري جو رهاڪو هو. اعلى يافته سنڌي نوجوان هو. پونه هندستان ۾ ائگريڪلچر ڪاليج جو پروفيسر ۽ هڪ فارم جو مئنيجر به هو. زراعتي فن ۾ ٽريننگ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي دفعا ٻاهرين ملڪن به ويو.
( 88) حاجي محمد لغاري ؛ـ حبيب الله لغاري جو ننڊو ڀاءُ هو. بمبئي ۾ انجنيئرهو.عالم و ادب جو به شوقين هو. وٽس اعلى پائي جو ڪتبخانو هو جيڪو پوين جي بي توجهي سبب ختم ٿي ويو . چون ٿا ته ان ڪتبخاني جا ڪجهه ڪتاب علامه دائود پوٽي رح کي به مليا هئا.
هي سنڌ جا علم ۽ عرفان جي مهراڻ جاڪي مٺ جيترا موتي آهن جن جي چمڪ ڌمڪ سنڌ کان ٽپي هنڌ ۾ پهتي. اهڙي طرح سنڌ جيڪا سون ورني ۽ مردم خيز خطو آهي ته تنهن اهڙا ڪيترائي فرد پيدا ڪيا، جن هندستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ وڃي پنهنجي علميت قابليت ۽ اهليت جو ڌاڪو ڄمايو. انهن جون اهڙيون خدمتون دنيا جي اصلاح ۽ ترقي ۾ سنگ ميل حيثيت رکن ٿيون.