2
شايد مهينو-منهنجي وڏي ڀاءُ منهنجي آڏو پيل ڪرسيءَ مٿان ويهندي چيو هو:
’هوءَ آئي هئي. توسان ملڻ پئي چاهيائين؛ چيو هومانس: هو مصروف ٿي ويو آهي؛ هاڻ ڪنهن سان به نه ملندو . پر هن ضد ڪندي چيو آهي ته تون سڀاڻي هن سان ضرور مل. مون سان چڱي دير ڪچهري ڪيائين؛ بيحد پياري ڇوڪري آهي.‘
ٻئي ڏينهن تو وٽ آيو هئم. ان وقت ڊپارٽمينٽ جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڪجهه سوچي رهي هئينءَ. مون کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي اڳتي وڌي آئي هئينءَ. ٻئي ماٺ ماٺ، وک وک، سيڪنڊ فلور جي اڪيلي ڪنڊ ۾ اچي ويا هئاسون. تنهنجن گهرن نيڻن ۾ تڪڻ لڳو هئس ته چيو هيئي:
’ائين نه ڏسندو ڪر؛ محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تنهنجو اکيون مون کان ڪجهه گهرنديون هجن.‘
نگاهون تنهنجن نين تان هٽائي آڪاش ۾ ترندڙ اڪيلي ڪڪريءَ مٿان کپائي ڇڏيون هئم. آڪاش ۾ تڪيندي چيو هيئي:
’ڪيتري نه اڪيلي آهي....؟،
توڏانهن ڏٺو هئم. چيو هيئي:
’مٿي هلون.....؟‘
فيڪلٽيءَ جون ڏاڪڻيون چڙهندا، قبي مان ٿيندا، ڇت مٿان اچي ويا هئاسون سڀئي مٿاهيون هيٺاهيون بڻجي ويون هيون. آسمان ۾ ڏٺو هئم؛ ڪڪري هوريان هوريان هڪ وڏي ڪڪر سان ٻکين پئجي رهي هئي. تو پهريان ڪڪريءَ ۽ ڪڪر ڏانهن ڏٺو هو. پو اک ٽيٽ ڪري مون ڏانهن؛ مرڪ ٻنهي جي چپن مٿان ڦهلجي وئي هئي.
ملڻ لڳا هئاسين.
پهرين فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾، پوءِ فيڪلٽيءَ جي پارڪ ۾، ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ جي اڪيلن روڊن مٿان. هڪ ڀيري مان، تون ۽ شبنم سينٽرل لائبريريءَ جي ٿلهن کي ٽيڪ لڳائي ايندڙ ويندڙ نون آيل ڇوڪرن جي وائڙائپ مٿان کلي رهيا هئاسون ته فيڪلٽي ۽ لائبريريءَ جي وچ واري روڊ مٿان، هڪ لائيت رنگ جي ڪار موڙ ڪٽي، فيڪلٽيءَ ڏانهن وڌڻ لڳي هئي، سلو اسپيڊ ۾، مون ڏٺو تنهنجين اکين ۾ ڪي رنگ لهي آيا هئا. ۽ شبنم جي چهري تي به. تو چيو هو:
’ڏس اُها ئي آهي نه.....؟‘
’رنگ ته اهو ئي آهي.‘
’ها: اهائي آهي.‘
ڪنهن، ڪار جي سائيڊ وارو شيشو لاهي تو ڏانهن ڏٺو هو. پوءِ ڪار ٻيو موڙ ڪٽي فيڪلٽيءَ جي ڪينٽين سامهون بيهي رهي هئي؛ ڪار مان ڪوئي لٿو هو ۽ پارڪ جي آڏ واري سيمينٽد گرل تي وڃي ويهي رهيو هو. تڪڙ ۾ اٿي بيهي رهي هئينءَ. پنهنجو بلو جينز وارو پرس ڪلهي مٿان سَٽي، وڃڻ لڳي هئينءَ.
’ڪيڏانهن.....؟‘
’باءِ، سڀاڻي ملنداسين.‘
.پر ڇو..........‘؟‘
ان لاءِ جو هو ڪار وارو منهنجو ڪزن اهي ۽ مون کي وٺڻ آيو آهي؛ خبر ناهي ڇا ڳالهه آهي.... ۽ تون مهرباني ڪري منهنجي پرس مان هٿ ڪڍي ڇڏ ته ڪٿي منهنجي يونيورسٽي نه وڃائين.‘
نه چاهيندي به پرس مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هئم، تون ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان لڏندي لمندي هلي وئي هئينءَ. هو گرل تان لٿو هو؛ تون ڪار ۾ ويهي رهي هئينءَ.. ڪار ٽرن ڪٽي منهنجي آڏو پوري اسپيڊ سان ڦيٿن مان چرڙاٽ ڪڍائي گم ٿي وئي هئي. شبنم مون ڏانهن ڏٺو هو. سندس چهري تي مون لا همدرديءَ جا ڀاوَ پگهر جي ڦڙن جيان جرڪي پيا هئا.
تون پوليٽيڪل سائنس جي سيمينار ۾ پنهنجي فرينڊس سان ويٺي هئينءَ. مون کي اکين سان پاڻ ڏانهن سڏيو هيئي. ڪيتري دير مون کي لنوائي پنهنجين فرينڊس سان ڳالهائيندي رهي هئينءَ. بور ٿيندو رهيو هئس. توهان سڀ سيمينار مان نڪري ٻاهر اچي ويون هيوءُ: مون کي ڪولر وٽ ڇڏيندي چيو هيئي:
’هڪ منٽ مان اچان ٿي.‘
نه ڄاڻ ڪيترا منٽ تنهنجو انتظار ڪندو رهيو هئس. تون نه آئي هئينءَ. ان ڏينهن پنهنجي نه هئڻ جو احساس شدت سان ٿيو هئم. ۽ مان هلندو رڙهندو. انگلش ڊپارٽمينٽ وٽ پهتو هئس؛ ڪنهن نئين ڇوڪري سان ٺلهه کي ٽيڪ ڏئي ڪمپني ڪري رهي هئينءَ. منهنجي اندر ڄڻ ڊي ڊي ٽي هارجي وئي هئي. اجنبين جيان اڳتي هليو ويو هئس. پٺيان سڏ ڪيو هيئي پر مان هلندو ئي ويو هئس.
ان رات انهيءَ ڇوڪري کي ڳوليندو سندس روم تائين پهتو هئس. منهنجي حالت ڏسي سمجهي ويو هئو. چيو هيائين:
’تون تمام سٺو آهين.‘
مئل آواز ۾ چيو هيومانس:
’مون کي سنجها سان محبت آهي.‘
’بکي ٿي پئي هن وقت به،‘
’مان هن کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان.‘
’سٺي ڳالهه آهي مان ته اهو به چاهيان ٿو، تون هن کي انهن ڇوڪرين جي دائري مان ڪڍي آ؛ جيڪي دراصل هن جون دوست ناهن. هو سڀ ڪرپٽ آهن؛ سنجها بيحد سٺي آهي.‘
ماٺ ٿي ويو هئم. هن چيو هو:
’پهريون ڀيرو ڪنهن ڇوڪريءَ سان يونيورسٽيءَ ۾ ملي ڀيڻ هجڻ جو احساس ٿيو آهي. مان به تنهنجي مدد ڪندس.‘
ان وقت اهو ڇوڪرو، گلوڪوز جو ڀريل گلس لڳو هئم.
ٻي ڏينهن پوليٽيڪل سائنس جي ڪنڊ وٽ ملي هئينءَ؛ اڳين ڏينهن کان وڌيڪ سهڻي ٿي پئي هئينءَ. ٻئي وک وک هلندا آرٽس فيڪلٽيءَ جي گيمس لا ٻاهران بڻيل ’وِنگ‘ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيا هئاسين. ان ڏينهن اسان ٻنهين، خدا تي ڊگهو بحث ڪيو هو. تنهنجي گلي ۾ الله لکيل لاڪيٽ پيل هو ۽ منهنجي گلي ۾ صليب. منهنجي هر ڳالهه کي رد ڪندي آخر ۾ عام لهجي ۾ چيو هيئي:
’مون وٽ نه ايندو ڪر، ٽيون ڏينهن منهنجي ڪزن مون کي دڙڪا ڏنا هئا.‘
اندر ئي اندر ڪنهن اونهين کاهيءَ ۾ ڪرندو ويو هئس. ويندي ويندي پينٽ جي پئچ پيڪٽ مان تو لا آندل سوپاريون ۽ کٽمٺا توڏانهن وڌائيندي چيو هئم:
’ڪنهن ڇڏي وڃڻ سان ڪوئي مري ناهي ويندو؛ پر وسارڻ لا ڪي ڏينهن، ڪي مهينا، ڪي سال، عذاب ڀوڳڻو پوندو آهي.‘
وک وک هليو ويو هئس ڄڻ هر وک ڊهندو ويو هئس.
سڀ رستا اجنبي بڻجي ويا هئا.
رات جو ڪنهن دوست پڇيو هو:
’سنجها کي وسارڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندئي........؟‘
’صديون؟‘
’هڻ؟ تو جهڙو بولڊ ماڻهو به ايترو ڏانهن لڳائيندو، هڪ ’آرڊنري، ڇوڪريءَ کي وسارڻ ۾.....!!!؟‘
ان مهل مون کي پنهنجو دوست ڏاڍو ’آرڊنري‘ لڳو هو. کلي پيو هئس. کلي پيو هئس الائجي روئي پيو هئس پر مون کي جيسين ياد آهي اهو آواز کلڻ جو ئي هو.
ٻيهر پنهنجي ڌنڌي سان لڳي ويو هئس.
هر وقت کلي ۾ ڪيمرا لڙڪائي، شهر ۾ ٿيندڙ حادثن پٺيان ڊوڙندي سوچيندو رهندو هئس؛ ڪا اهڙي ڪيمرا به هجي ها، جيڪا اندر ۾ ٿيندڙ حادثن جا به فوٽو ڪڍي سگهي ها. ۽ آئون پنهنجي اندر ۾ ٿي پيل اکٽ حادثن جي فوٽو گرافز جي نمائش ڪرايان ها ڪنهن چوڪ مٿان. شام جو هڪ لاوارث لاش جو فوٽو ڪڍي، جيڪو سول هاسپيٽل جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ فرش تي پيل هو، گهر ويو هئم ته نصير ٻڌايو هو:
’هن تنهنجو پڇيو پئي؛ ڪجهه پريشان به هئي.‘
سوچيو هئم تون ته ٻن جملن ۾ سڀ رشتا ناتا ٽوڙي منهن موڙي فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ عائب ٿي وئي هئينءَ؛ پوِ ڪنهن اجنبيءَ جي پڇا ڇا لاءِ........؟
منجهند جو وريم پئي ته شبنم سان گڏ توکي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم هئم. چاهيو هئم لنوائي هليو وڃڻ؛ پر ائين ڪري نه سگهيو هئس ۽ تون ڪنهن رومانٽ فلم جي ’ڪٽ تو ڪٽ‘ سين جيان پهرين پيرن تائين، پوءِ ڇاتين تائين، پو ڪلهن تائين، چهري تائين، ۽ آخر ۾ سڄي اسڪرين تي ڪائنات مٿان تنهنجن اداس نيڻن جو ’ٽائيٽ ڪلوز‘ ڦهلجي ويو هو. جنهن ۾ اڏامي رهي هئي هر طرف وڇوڙي جي واري. دل چاهيو توکي ڳراٽڙي پائي ’ڪِس‘ ڪرڻ لاءِ؛ نرڙ تي، اکين تي، ڳلن تي، نڪ ۽ چپن تي. پنهنجن سمورن جذبن مٿان لت رکي ڇڏي هئم. شبنم چيو هو:
’هن سان ملو هن کي چوندا آهن سنجها.‘
’ها آ...........‘
پنهنجي ’ها آ‘ شام جي اداس پاڇن ۾ گم ٿيندڙ ڪو ڪڻڇي لڳو هو. رهجي وئي هئي جنهن جي رڙ ’ها آ‘ تو چيو هو:
’سڀاڻي ايندين........؟‘
’تون چاهين ته.‘
’مان چاهيان ٿي.‘
’ايندس.‘
’نه چاهيان ته .......؟‘
’نه ايندس.‘
’ڇو؟‘
’تنهنجو چاهڻ، مون لاءِ سڀ ڪجهه آ. مان چاهيان ٿو تنهنجي چاهڻ سان اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي جيڪو تون چاهين ٿي ۽ اهوسڀ ٿيندي رهجي وڃي جيڪو تون نه ٿي چاهين.‘
تنهنجي چوڦير پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيو هئس. تون ڪلاس جي ڊگهين درين جي رنگ لڳ شيشن ۾ گوريندي رهي هئينءَ. محسوس ٿيو هئم ڄڻ تون درين جي ٻئي پار ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئينءَ، وڃايل آواز ۾ پڇيو هيئي:
’مان جيڪا اندران آهيان؛ ٻاهران ڇو نه آهيان......‘
’اسان جيڪڏهن پنهنجا اندر پنهنجي ٻاهران مڙهي هلون نه، ته هڪ وک به نه هلي سگهون.‘
’ها نه........؟‘
هڪدم چيو هيئي. پر آئون ڪجهه به چئي نه سگهيو هئم؛ گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيندي به.
’تون مون وٽ روز ايندي....؟‘
’جيڪڏهن تون چاهين ته........؟‘
’هاڻ شايد مان روز چاهيندوس. سڀاڻي ايندي؟‘
’ها،
’مون کي ويساهه نه ٿو اچي،‘
’توکي مون تي ويساهه رکڻ گهرجي.‘
’ها، سڀاڻي ضرور اچجاءِ- مان گهران نيل ڪٽر کڻي ايندوس: تنهنجا نهن ڏاڍا وڏا ٿي ويا آهن.‘
چيو هئم:
’نفسياتدانن جو چوڻ آهي، جن ماڻهن جا نهن گهڻو ڪري وڏا هوندا آهن سي سدائين تصور جي دنيا گهمندا رهندا آهن.‘
ڪو به جواب نه ڏنو هيئي؛ خاموشيءَ سان منهنجي شرٽ جو مٿيون بٽڻ بند ڪري ڇڏيو هيئي جيڪو مان ننڍپڻ کان بن ڪرڻ وساري ڇڏينديو هئس.
ڊپارٽمينٽ پابندي سان نه وڃڻ سبب ڪجهه ٽيسٽون رهجي ويون هيون. هونءَ به انٽر جي هڪ سبجيڪٽ ۾ رهجي ويو هئس جنهن جو فارم ته ڀري ڇڏيو هئم پر جنهن ڏينهن ’سپلي‘ ڏيڻي هئم ان صبح جو هلڪي ڦڙ ڦڙ پئجي رهي هئي. چاهيندي به امتحان ڏيڻ لاءِ موڊ ٺاهي نه سگهيو هئس. پينٽ جي پئچ پيڪٽ ۾ سلپ وساري تو وٽ هليو آيو هئس. ان ڏينهن علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار تي مون ڏانهن ڏسندي چيو هيئي:
’مون کي مڇن وارا ڇوڪرا ڏاڍا زبردست لڳندا آهن.‘
۽ منهنجي نڪ ۽ چپن واري خالي حصي کي ڏسڻ لڳي هئينءَ. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ منهنجا چپ نڀور ڪارين مڇن ۾ وڃائجي ويا هئا. پهريون ڀيرو شدت سان احساس ٿيو هئم ته وڏين مڇن سان ته ماڻهو پنهنجي ڪوڙي کل به ڏاڍي آرام سان لڪائي سگهي ٿو. ۽ پوءِ مان پاڻ کي وڻڻ لڳو هئس.
انهن ايترن ڏينهن ۾ تنهنجو ڪوبه ادا، مون سان نه ٽڪرايو هو. هُو به نه جنهن کي مان ٽيلي اسٽار سڏيندو هئس. جيڪو توکي ويجهو هو: ۽ جنهن کي وڏو اعتراض هو ته مان وچ ڪاريڊور ۾ تنهنجو هٿ ڇو چميون هو.
هڪ ڀيري سنڌالاجيءَ ٻاهران سرينهن جي وڻ هيٺيان منهنجي ڀر ۾ ويهي ڌرتيءَ تان ننڍڙيون پٿريون ميڙي رهي هئينءَ، ته مون پڇيو هئو:
’ٻڌ، تنهنجو اهو ادا ڪٿي آهي؟ جنهن کي اعتراض هو ته مون سڀن آڏو تنهنجو هٿ ڇو چميو....! ۽ جنهن مون کي بي انتها مار ڏيڻ ٿي چاهي ۽ جنهن مون کي گاريون به بڪيون هيون؟‘
چيو هيئي ڏاڍي ڌڪار مان:
’ڇڏينس؛ ڍنڍ ۾ هڻينس. هن کي مون کان وڌيڪ جي ڳولا آهي.!
کن رکي ڌرتيءَ تان هڪ گولو تراکڙو پٿر کڻي منهنجي تريءَ تي رکندي پڇيو هيئي:
’تون مون سان مئريج ڪندين.........؟‘
مون پنهنجي تريءَ مٿان رکيل تراکڙي پٿر کي ڏسندي پچيو هو:
’هي ڇا آهي.....؟‘
’ماني‘ پل کن ماٺ رهي وري پڇيئي:
’هون مون سان مئريج ڪندين........؟‘
’ها‘
تون وائڙي ٿي وئي هئينءَ. شايد مون مان اها اميد نه هئي.
رات جو ڊائري ۾ لکيو هئم- اسان سڀ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪنهن اسٽاپ تي مرڪ جا گل ۽ باءِ جو آٽوگراف ڏئي هلي ويندي.
۽ مان سندس پيرن ۾ پاتل نفيس سينڊيل جي ’پينسل هيل‘ جا آواز پاڻ کان ڏور ويندي ٻڌندو رهندس.
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار تي ڏاڍيون گهريون ڳالهيون ڪيون هيئي. منهنجي کاٻي پاسي ويٺل هئينءَ؛ ايترو ويجهو جو مون کي محسوس ٿيو هوڄڻ منهنجي کاٻي ڪک سوني ٿي وئي هجي. ڏاڍو هوريان پئي ڳالهايئي ڄڻ تون منهنجي ڀر ۾ نه منهنجي قبر جي ڪتبي جي ڀر ۾ ويٺل هجين. تنهنجا نيڻ ساروڻيون بڻجي پيا هئا. نيڻ نه هئا ڄڻ سرينهن جي ٽاريءَ ۾ اٽڪيل ٻه جهنجڻيون هيون. جيڪي ڪنهن به گهڙيءَ هوا جي زور تي ساروڻين جي ياد تي ڪري به سگهيون ٿي. ڪِري اڏامي به سگهيون ٿي ڪنهن به ڏسا ڏانهن، چئن ڏسائن مان. چيو هيئي؛
’نه مان توسان مئريج نه ڪندوس؛ تو سان مئريج ڪري پنهنجا سڀ در بند ڪرائڻ نه ٿي چاهيان. مان اهي در بند ٿيندي ڏسي نه سگهندوس.‘
پر نه ڄاڻ ڇو..... انهن مڙني دروازن کي پنهنجن هٿن سان هوريان هوريان بند ڪري ڇڏيو هيئي ۽ تنهنجو سمورو خوف سپر ها وي تان ويندڙ، ’اين- ايل- سي‘ جي ٽرڪ هيٺيان اچي مري ويو هو. مري ويو هو! مري ويو هو الائجي بيهوش ٿي ويو هو....؟ ان منجهند جو قاضيءَ جي ٿلهي کي ٽيڪ ڏئي تو چپن ۾ ڀڻڪيو هو.
’اڄ صبح، يونيورسٽي ايندي مون هن کي ڏٺو هو بس جي دريءَ مان. ڏسندي ئي ڀانيو هوم، ڄڻ سڀ ڪجهه پٺتي رهجي ويو هجي، هن سان گڏ. دل چاهيو هو هلندڙ بس جي دريءَ مان ٽپو ڏئي ڇڏيان.‘
چپ چپ روئڻ لڳي هئينءَ. رات جي پوئين پهر ۾ سانيتڪي وهندڙ نديءَ جيان. مون کي ڏاڍي ريس آئي هئي ان مٿان جنهن کي تو ايڏو چاهيو هو. سوچيو هئم- ڪڏهن جيڪو هو ملي ويو هو مون کي ته مان هن جا اهي چپ ضرور چمندس. جن سان هن پهريون ڀيرو تنهنجن ڪنوارن چپن کي ’ڪِس‘ ڪئي هئي.
ساڳي تاريخ تي، تو پنهنجا چپ منهنجي ڊائريءَ مٿان اتاري ڇڏيا هئا.
اڄ به انهيءَ پني مٿان تنهنجي لپسٽڪ جي سرهاڻ ۽ شفق رنگ چپ ستل آهن. تنهنجي اڌ کليل چپن هيٺيان سائي مس ڀريل پين سان لکي ڇڏيا هئم، ’امداد‘ جي ترائيل جا بند:- وري ملون نه ملون، زندگي رهي نه رهي.
الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي.
چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون
اکين ۾ پو اها روشني رهي نه رهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ-
قاضيءَ جي مزار تان تقريبن ٽين وڳي اٿي، سنڌالاجيءَ ڏانهن ويندڙ روڊن تي پهتا هئاسون؛ مون کي الائجي ڇا سمجهيو هو، جهٽ ڏئي توکي ٻانهه ۾ کڻي ورتو هئم. رڙيون نڪري ويون هيئي. ان مهل تون خوف ۾ ويڙهجي وئي هئينءَ جڏهن ڊوڙڻ لڳو هئس. انهيءَ ڦٿڪ ڦٿڪان ۾ منهنجن هٿن جي پڪڙ مان تون کسڪي وئي هئينءَ ۽ تون هٿن ڀر روڊ مٿان ڪري پئي هئينءَ. جڏهن اٿي هئينءَ ته ساڄي هٿ جون به آڱريون رهڙيل هيئي. ان وقت منجهند جا سوا ٽي ٿيا هئا. هن مهل رات جي چار ٿي رهيا آهن. انهيءَ وچ واري عرصي ۾ الائجي ڪيترا ڀيرا منهنجا هٿ تنهنجي سرير تان کسڪي ويا آهن. انهيءَ وچ واري عرصي ۾، مون ڏاڍو ڀوڳيو آهي؛ ڀوڳيان پيو. بلڪل ائين جيئن، زبردست برسات کان پوءِ نه ڄاڻ ڪيتري دير شهر جون ديوارون روئنديون آهن. ڦڙي ڦڙي، ڦڙي ڦڙي.
تو وٽ روز اچڻ ڪري ۽ تنهنجي ڀرپور موٽ سبب، مون ڏٺو ته تنهنجا سڀ ’ادا‘ توکي هڪ هڪ ڪري ڇڏي ويا هئا. ٽيلي اسٽار به. هو سڀ مون تي جک کائڻ لڳا هئا. هنن اسان جي چر پر تي نظر رکڻ لا فيڪلٽيءَ ۾ ڇولا وڪندڙ ڇوڪري کي ڇڏي ڏنو هو. ان ڳالهه جي سُڌ اسان ٻنهي کي هئي؛ ۽ پرواهه اسان ٻنهي کي نه- توکي ياد هوندي 23 مارچ 1980ع تي موڪل هئي ۽ چويهينءَ تي تنهنجي ٽيسٽ. ان صبح جو مون کي هڪ ڊاڪٽر دوست ملي ويو هو، جنهن مون کي ڪينسر جي باري ۾ ڀوائتيون ڳالهيون ٻڌايون هيون. نُهن کان چوٽيءَ تائين ڊپ جي ڪنڊ تارن ۾ ويڙهجي ويو هئس. تنهنجي ڪلاس جي کليل در وٽ اچي توکي ڏسڻ لڳو هئس. تون لکڻ ۾ محو هئينءَ. ڀانيو هئم، تون ’ماس ڪميونيڪيشن‘ جي ٽيسٽ نه، پر پنهنجي آخري وصيت لکي رهي هئينءَ.
منجهند جو مون کي ڪلاس ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ لڳي هئينءَ، جيڪو مون نه ٿي چاهيو. ان وقت پاڻ کي به ڪلاس ۾ پيل ڪرسيءَ جيان لڳو هئس جنهن تان تون اٿي وڃڻ لڳي هئينءَ. ان وقت تائي تون مون کي ڪرسي ئي سمجهندي رهي هئينءَ شايد.
مون توکي ان پل به نه روڪيو هو. سڌ هئم ته تون منهنجي روڪڻ سان ڪڏهن نه رڪندينءَ. (ضد تنهنجي وجود جو حصو هو.) توسان گذاريل هر ڏينهن مون کي آخر لڳندو هو. ويندي ويندي منهنجي ڳل تي هلڪي ’ڪِس‘ ڪري وئي هئينءَ. ۽ مان ٽيبل مٿان رکيل هٿن ۾ پنهنجو منهن لڪائي، تنهنجي ’پينسل هيل‘ جا آواز پري ويندي ٻڌندو رهيو هئس. ڪجهه دير کان پوءَ تنهنجي نفيس سينڊل جا آواز، پاڻ ڏانهن ايندي محسوس ٿيا هئا. لڳو هئم، تنهنجي وڃڻ کان پو ڪاريڊور ۾ تنهنجي سينڊل جا رهجي ويل پڙاڏا آهن؛ جيڪي اچي رهيل هئا/ چي رهيا آهن. مان هميشه پنهنجي دل جو ڌڙڪو تنهنجي ’پينسل هيل‘ مان ايندي ٻڌندو هئس ۽ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي دل بيهجندي محسوس ڪندو هئس. ڄڻ مرڻ لڳندو هئس.
تون واپس اچي ويئي هيئن. تنهنجن نيڻن ۾ ايلاز سمايل هو.
’ڏس مان موٽي آئي آهيان...... سوچيم متان تون ناراض ٿي وڃين.‘
’نه؛ تون هلي وڃ نه.........؟‘
ٻانهن مان ڪڍي چيو هئم. ۽ سوچيو هئم هونئين هڪ نه هڪ ڏينهن تون به اڪيلو ڇڏي هلي ويندينءَ. محبتن جي معاملن ۾ منهنجي حيثيت سدائين سرحدون پار ته ڪرئڻ وارن جهڙي رهي آهي. مان ڪيڏانهن ويندس......؟؟ تون ته انهن مان هئينءَ جيڪي محبتن جون سرحدون پار ڪندا هليا ويندا آهن. اڳتي گهڻو اڳتي؛ ان کان به ۽ ان کان به........
تو جڏهن به چاهيو هو سپر هائي وي جي فوٽ پاٽ تي بيهي آگوٺي جي هلڪي اشاري سان ڪارن کان لفٽ ورتي هيئي. جڏهن به ڪار ۾ چڙهي هئينءَ منهن ورائي مون ڏانهن نهارڻ ضروري نه سمجهيو هيئي. ۽ ڪار منهنجين اکين کان ائين ٽٻڪي ۾ ڦري ويندي هئي، جيئن ان مهل منهنجي حيثيت تنهنجي آڏو ٽٻڪو بڻجي ويندي هئي. ان وقت به شايد توکي خبر نه هئي، ته سموري ڪائنات جو وجود ٽٻڪي تي بيٺل آهي. توکي ته اها سڌ به نه پئجي سگهي هئي ته ڪنهن دؤر ۾ هيءَ ڪائنات پاڻ هڪ ٽٻڪو هئي ۽ مان تو لاءِ ٽٻڪو هوندي به ڪائنات هوندو هئس. اڄ مان ڪائنات هوندي به ٽٻڪو بڻجي ويو آهيان. اهڙو ٽٻڪو جيڪو پولارن ۾ گم ٿي رهيو آهي.
ڪار تنهنجي ڪمزوري هوندي هئي. تون هميشه ڪار جي ماڊلز تي ڊفينس سوسائٽي جي بنگلن تي ۽ نٽهڻ اس ۾ کڙيءَ تائين پگهر ۾ ٻڏل هوندي به ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾، فوم جي گاديلن تي ڇاتين ڀرليٽي، ’رموور‘ سان پنهنجن ننهن تان پراڻي نيل پالش لاهيندڙ ڇوڪرين جي باري ۾ ڏاڍو ڳالهائيندي هئينءَ. ان وقت اهي سڀ تنهنجا خواب هوندا هئا؛ رڳو تنهنجا. منهنجا خواب ته تڏهن به سخت گرميءَ ۾ يوڪلپش ۽ سرينهن جي وچ ٺهيل پيچري تان وک وک هلندا رهندا هئا، پنهنجي ماڳ ڏانهن. جتي ڪنهن به ڪار لاءِ ڪوبه روڊ ٺهيل نه هو.
انهن ئي ڏينهن ۾، اهو ساڳي لائيٽ رنگ واري ڪار وارو تو وٽ آيو هو، جيڪو هڪ ڀيرو اڳ به توکي مون کان جدا ڪري چڪو هو. ان ڏينهن به تون مون کي ڇڏي هلي وئي هئينءَ ڇو ته انهن ڏينهن ۾ تنهنجو خواب مان نه، ڪار هوندي هئي.
گهڻن گهڻن ڏينهن پڄاڻان جڏهن تون مون کي پنهنجين سمورين شدتن سميت چاهڻ لڳي هئينءَ ته اهو لائيٽ رنگ جي ڪار وارو توکي وٺڻ آيو هو پر تو هن کي موٽائي ڇڏيو هو. ۽ يقين ٿي ويو هئم ته مان تنهنجو خواب بڻجي ويو آهيان. تو مون کي چيو هو؛
’مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ. مان هاڻ توسان ڪوبه ڪوڙ ڳالهائڻ نه ٿي چاهيان. هو منهنجو ڪزن ناهي. ڪاليج لائيف ۾ جڏهن برقعو پائيندي هئس هو مون کي مليو هو. مون ’جليل‘ کان سخت چوٽ کاڌي هئي. ان زماني ۾ ڏاڍو ڀوڳيو هئم. ۽ مون لاءِ سڀ مرد هڪ جهڙا ٿي پيا هئا، منهنجي موالي مامي جي وهاڻي هيٺيان رکيل چرس منهنجي جياپي جو هلڪو ترورو بڻجي پيو هو. خبر ٿئي.... مان روز فري پيريڊ ۾؛ ڪاليج جي پٺين پاسي قبرستان ۾ وڃي چرس جيڪا سگريٽ ٺاهي پيئندي هوس. آئون ڏاڍو ’ريليڪس‘ محسوس ڪندي هوس. انهن ئي ڏينهن ۾ هو لائيٽ رنگ جي ڪار وارو منهنجي پٺيان اچڻ لڳو هو. ۽ مان نه چاهيندي به هڪ ڏينهن هن سان ڪار ۾ ويهي رهي هئس. مون کي ڪار جي دريءَ منجهان ڪائنات ڏاڍي سکي ستابي نظر ايندي آهي. هو اڪثر مون کي ڪاليج جي گيٽ تي بيٺل پٽيوالي هٿان سڏائي وٺندو هو. منهنجا هن سال ڪي وڏا ’سيڪسيوئل‘ ناتا نه هئا سواءِ ڪنهن ’ڪول ڪارنر‘ تي ڪار پارڪ ڪري ’ڪِس‘ جي. ها مون هن سان شادي ڪرڻ چاهي هئي اها خبر هوندي به ته هو زال وارو هو. هو مون سان پنهنجي زال جون ڏاڍيون شڪايتون ڪندو هو. هوءَ سندس مائٽياڻي هئي ۽ ’اسٽيٽس‘ ۾ شايد هن کان وڌيڪ.‘
تنهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ، محسوس ٿيو هئم، تون پاڻ کي مسلسل تباهه ڪندي آئي هئينءَ. منهنجي چاهنا تولا وڌيڪ گهري ٿي وئي هئي. هونءَ به مون کي اداس ڇوڪريون فوٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامجندڙ قيمتي ڪتابن جهڙيون لڳنديون آهن. پوءِ تنهنجين محبتن جا سمورا رستا مون طرف لڙي آيا هئا. هوريان هوريان ٻئي هڪ ٻئي جون ضرورتون بڻجي پيا هئاسين.
انهن ئي ڏينهن مان هڪ ڏينهن تي، تو منهنجي ڊائري کولي پڙهي هئي. جڏهن 1.4.1980 واري پيج تي تو پنهنجي ’پينسل هيل‘ وارو ذڪر پڙهيو هو ته چيو هيئي:
’انهن مان ناهيان جن منجهان سمجهي رهيو آهين.
جيڪڏهن تنهنجي شرٽ جو کليل بٽڻ بند ڪري ڇڏيو اٿم ۽ اڄ جڏهن مان تنهنجي هر ڏک جي ڀائيوار بڻجي چڪي آهيان ته سمجهي ڇڏ، تنهنجو سفر ختم ٿي چڪو آهي. ۽ مان تنهنجي سفر جي آخري منزل آهيان. هاڻ تون ڪڏهن به منهنجي ’پينسل هيل‘ جا آواز پاڻ کان پري ٿيندي ٻڌي نه سگهندين. مان پنهنجون سموريون محبتون تو مٿان گهورڻ چاهيان ٿي.‘
ان ڏينهن کان پوءِ ’پينسل هيل‘ وارو سينڊل هميشه لاءِ لاهي ڇڏيو هو. محسوس ٿيو هئم، تو پنهنجا سمورا خواب ’ڊسٽبن‘ ۾ اڇلي. يوڪلپٽس جي ڊگهن وڻن واري رستي مٿان ٽاڪ منجهند جو، منهنجن پنڌ گهمندڙ خوابن وٽ، اگهاڙين پيرن هلي آئي هئينءَ ۽ تنهنجوقد ٻه انچ ننڍي ٿي وڃڻ بدران ڇهه انچ ڊگهو ٿي ويو هو. تون مون کي پاڻ جيتري ئي محسوس ٿي هئينءَ، هر طرح سان.
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار جي ڀر ۾ بيٺل سرينهن جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي، آمهون سامهون بيٺا هئاسين. تون وڻ جي سامهون ٺهيل ٿلهي تي ويٺي هئينءَ ۽ تنهنجو منهن روڊ طرف هو، مان سرينهن جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هئس. منهنجو منهن تو ڏانهن ۽ پٺ روڊ طرف هئي. روڊ ڏانهن ڏسندي چيو هيئي؛
’ماڻهو ٿا اچن‘
’گهڻا آهن...........؟‘
’چار.‘
’انهن مان ڪو هڪ ’سليڪٽ، ڪر جيڪو ٻين ٽن کان وڌيڪ سهڻو هجي.‘
’ها، جيڪو نيري ڊريس ۾ آهي؛ بيحد سهڻو ٿو لڳي.‘
سرينهن جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي انهن چئن جي اچڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو هوس. نه، شايد رڳو نيري ڊريس واري جو. هنن جي پيرن جا کڙڪا منهنجي ڀرمان لنگهي اڳتي وڌيا هئا ته چيو هيئي:
’ڏس... جيڪو نيري ڊريس ۾ آهي. ڪيڏو سهڻو، ڪيڏو نه سهڻو آهي..........؟‘
ڪنهن اڻڄاتل خوف مان، منهن ورائي ڏٺم هئم نيري ڊريس واري ڏانهن. جيڪو باقي ٽن ڄڻن جي لوچ ۾ ننڍڙا پتڪڙا ٽپ ڏيندو وڃي رهيو هو سمورو خوف هوا ٿي ويو هئم. ۽ مان وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي تنهنجي هوندي سوندي سرينهن کي ٻک پائي ڇڏيو هئم. ٻارن وانگر پڇيو هيئي:
’ڇا هو سهڻو ناهي؟‘
’نه هو بي انتها سهڻو آهي. مون کان به: توکان به. اسان ٻنهي کان.‘
’ها. واقعي هو اسان ٻنهين کان وڌيڪ سهڻو آهي. ڇو ته هو اسان ٻنهين جو حصو آهي. نه اسان ٻئي هن جو حصو آهيون... اسان ٽيئي هڪ آهيون. اسان مان ڪوبه ٻيو ڪونهي: ڪوبه ٽيون ڪونهي..... اسان ٻئي ’هو‘ آهي. توهان ٻئي، مان آهيان. هو ۽ مان، تون آهين.‘
تنهنجو هٿ سرير تي گسڪڻ لڳو هو. ڀانيو هئم ڄڻ مان تو ڏانهن گسڪڻ لڳو هوس. ان وقت تون مون کي هڪ ڊگهي گسڪڻ لڳي هئينءَ جنهن جي لسي حصي تان منهنجا ٻئي پير کسي ويا هئا. مان پوري رفتار سان ترڪندو تنهنجي نرڙ، نيڻن، ڳلن، ۽ ڳچيءَ کان ٿيندو چپن تائين پهچي ويو هئس؛ جيڪي اڻلکا ٿڙڪي رهيا هئا. اکيون ٻوٽجي ويون هئم. پهرين پنهنجا چپ، پوٰ سمورو وجود وساري ويٺو هئس. ڀانيو هئم ڄڻ سنڌوءَ جي وچ ۾ ترندڙ ٻيڙيءَ مٿان اونڌيي منهن ستون پيو هوس. منهنجا چپ ٻيڙيءَ جي پيٽ تي چهٽيل هئا؛ لهر لهر جهومڻ لڳو هوس؛ اڪيلو مان نه، ٻيڙي به. پر ٻيڙي به غائب ٿي وئي هئي: ٻئي لهرن مٿان ٻڏي وڃڻ جي ڀوءَ کان هڪ ٻئي سان چهٽي پيا هئاسون. لهرو هيون جيڪي اسان کي لوڏي رهيو هيون: هيٺ مٿي، ساڄي کاٻي، کاٻي ساڄي. ان ڏينهن اسان جي هٿ ترين ۾ اکيون ڦٽي پيو هيون، جيڪي اڪثر محبت جي شدت پيدا ڪري وٺندي آهي ۽ هٿ جسم جي سڀني ڳلين جو سير ڪرڻ لڳندا آهن.