4
’جيڪڏهن، تون، مون مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿو ته صاف لفظن ۾ چئي ڇڏ. جيسين تنهنجي دوست جو تعلق آهي مان هن جي عزت ڪندي آهيان. بيشڪ هو هڪ سٺو ڇوڪرو آهي. ۽ مون کي ان ڪري به چڱو لڳندو آهي، ته هو منهنجي ڪراچيءَ واري ڪزن جهڙو آهي جيڪو مون کي ڏاڍو چاهيندو آهي. جنهن کي اها به چڱيءَ طرح خبر آهي ته مان هن سان نه، پر ڪنهن ٻئي سان عشق ڪندي آهيان، مان هن کان ڪجهه به نه لڪائيندي آهيان. مون هن کي هميشه سٺو دوست سمجهيو آهي. منهنجو ڪزن ۽ تنهنجو دوست، ٻئي هڪ جهڙا آهن ۽ ٻئي عزت لائق آهن. پر عشق ڪرڻ لائق ناهن. مون وٽ پيار جو پنهنجو ’ڪنسيپٽ‘ آهي. ۽ جيئن ته اهو منهنجو پنهنجو آهي تنهن ڪري مان انهيءَ ۾ ٻئي ڪنهن جي مداخلت بلڪ برداشت نه ڪنديس. تنهنڪري، پليز تون خدا جي واسطي پنهنجي دوست کي سمجهائي ڇڏ ته مون طرفان، پنهنجي لاءِ ايڏا وڏا آئڊيئلز نه بڻائي جو انهن جي ٽٽڻ سان، سندس ننڍڙو وجود دٻجي وڃائجي وڃي.‘
صبا جي ايڏي تفصيلي جواب کان پوءِ وڌيڪ ڳالهائڻ فضول سمجهيو هئم. پر اُهي سڀ ڳالهيون نارد مُنيءَ کي نه ٻڌايون هئم، سڌ هئم هو جذباتي هو ۽ حساس به، چيو هو مانس:
’صبا سان ملندو رهه، هن کي توجهڙي ۽ سٺي ۽ سٻاجهي پيار ڪرڻ واري جي ضرورت آهي. ’جڏهن تون مون سان هوندي هئينءَ ته، ڪوشش ڪري صبا کي نارد مُنيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هئس. ان آس تي ته، شايد صبا جي اندر ۾ هن لاءِ محبت جي ڪا چڻنگ ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ بڻجي پئي پر مون ڄاتو ٿي ته اهو سڀ اڻ ٿيڻو هو. هڪ ڀيري وجهه وٺي صبا مون کي پنهنجي ان دوست آڏو چئي ڇڏيو هو:
’ڏس، مان توکي اڄ تنهنجي هن دوست آڏو چوان ٿي؛ پوءِ اها هن جي مرضي ته هي ڪنهن کي به وڃي ٻڌائي، ان جي مون کي پرواهه نه آهي. ته مان تو ۾ سنجيدگيءَ سان دلچسپيءَ وٺڻ لڳي آهيان. هاڻ تنهنجي مرضي، تون مون کي ٿڏي ڇڏ يا مون سان ملندو رهه. الائجي ڇو..... تون خوبصورت نه هوندي به مون کي سٺو لڳندو آهين. مون کي محسوس پيو ٿئي.......اهو مان پاڻ کي ٻيو وڏو دوکو ڏئي رهي آهيان.‘ صبا جي ڀورن ناسي کليل نيڻن ۾ ڪجهه ڀرجي ويو هو. جنهن کي هن پولارن ۾ گهوري غائب ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻيو سگريٽ ڪڍي، دکائي، ڊگها ڊگها سوٽا هڻڻ لڳي هئي. محسوس ٿيو هئم، ڄڻ هن اهو سڀ نارد مُنيءَ کي ٻڌائڻ چاهيو هو. منهنجي دوست جي چهري تان سڀ شوخ رنگ اڏامي ويا هئا. جي رهجي به ويو هو ته، ڳوڙهو ناسي رنگ ۽ ڦڪي مرڪ. ۽ نارد مُني بهانو ٺاهي هليو ويو هو.
’تو کي ايئن ڪرڻ نه کپندو هو ۽ هونءِ به توکي ڄاڻ آهي ته.....’ صبا منهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪٽي، پنهنجو سگريٽ وارو هٿ هوا ۾ ٻه ٽي ڀيرا لوڏي چيو هو:
’ها ها مون کي خبر آهي ته تنهنجين محبتن جا رستا سنجها وٽ پهچي ختم ٿي وڃن ٿا. ۽ تون سنجها جي ڪري پنهنجي ’ٽين ايج‘ محبوبا کي به ڇڏي چڪو آهين. اهو سڀ ڄاڻندي به يار... مان گهلجي رهي آهيان توڏانهن. نه چاهيندي به مان، مان تنهنجي ڳالهين جي سيلاب جي زد ۾ اچي وئي آهيان. اسپيڊ سان توڏانهن لڙهي رهي آهيان.‘
صبا ٻئي هٿ پنهنجي نرم وارن مٿان کپائي ڇڏيا هئا. سرد آواز ۾ چيو هئم:
’۽ لڙهندڙ ماڻهو هميشه ٻڏي ويندا آهن.‘
هن اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو هو. پوءِ آڱرين ۾ فلٽر تائين جلي ويل سگريٽ کي.
’مون کي خبر آهي.‘
صبا چيو هو مئل آواز ۾ ۽ جلندڙ سگريٽ ڇڙواڳ هوا ۾ اڇلائي ڇڏيو هئائين. ۽ فلٽر ويو هو هوا جي لهرن تي ڊوڙندو پري تائين. هوءَ اٿي بيٺي هئي؛ ايندڙ بس ڏانهن وڌندي چيو هئائين:
’مان شام جو پنهنجي گهر تي انتظار ڪنديس.‘
ان شام، صبا جي گهر ۾ ڪوئي به نه هو. صبا پاڻ ٻڌايو هو، ۽ مان سندس اهڙي ڄاڻ ڏيڻ جي باوجود به سدائين جيان پنهنجي مخصوص اڪيلي صوفا تي وڃي ويهي رهيو هوس. چيو هئائين:
’يا ته تون ڏاڍو ظالم آهين يا بيوقوف.‘
’مان سدائين ٻين جي مرضيءَ جو احترام ڪندو آهيان، ها تون مون کي بيوقوف چئي سگهين ٿي.‘
’سنجها هميشه ٻين جي آڏو تنهنجي بي عزتي ڪندي آهي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.‘
’اهو منهنجو ۽ سنجها جو مسئلو آهي، توکي ڏک بلڪل نه ٿيڻ گهرجي.‘
’ڇا.‘ مون کي پنهنجو نه ٿو سمجهين.......؟‘
’توکي ڪڏهن به پرائو نه ڄاتو اٿم.‘
’پوءِ ........ ؟‘
’سنجها گهڻا ڏک سٺا آهن، مان هن جو سک آهيان.‘
صبا جي منهن تي رات ڇانئجي وئي هئي. ڀڻڪيو هئائين:
’سنجها واقعي خوش نصيب آهي.‘
’ٻڌوآ، ’ايريز‘ رومانس جي سلسلي ۾ ڏاڍو انتها پسند هوندا آهن. منهنجو دوست به ’ايريز‘ آهي. تون چاهين ته هاڻ به هو تو وٽ اچي سگهي ٿو. يقين ڪر هو توکي ڏاڍو پيار ڏيندو.....؟‘
تنهنجو دوست سٺو آهي پر مان هن سان عشق ڪرڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهان.‘
’ڏاڍي بدقسمت آهين.‘
’ها تون ٺيڪ ٿو چئين؛ منهنجا خواب يا ته منهنجي گهر جي مٿين ڪمري جي روڊ طرف کلندڙ دريءَ مان آپ گهات ڪري ڇڏيندا آهن وري منهنجن خوابن جو ايبارشن ٿي ويندو آهي.‘
اهو چوندي هوءَ ڊرائنگ روم مان نڪري وئي هئي. واپس آئي هئي ته سندس هٿ ۾ چانهن ۽ چپن ۾ سگريٽ جلي رهيو هو. منهنجي آڏو رکيل ٽيبل مٿان ڪوپ رکي ، منهنجي ڀر ۾ صوفا جي ٻانهن تي ويهي رهي هئي.
چيو هومانس:
’توکي خبر آهي......؟ سنجهان اڄ ڪلهه توکان ڪيترو توائي آهي؟‘
’تو مٿان يقين نه اٿس.‘
’ڇو نه هوءَ اڳ ۾ هڪ دوکو کائي چڪي آهي. ۽ مان هن کي ٻيهر هر گز برباد ٿيڻ نه ڏيندس.‘
’هڪ ڏينهن هوءَ توکي برباد ڪري هلي ويندي.‘
ٽهڪ نڪري ويا هئا. ۽ مان الائجي ڪيتري دير کلندو رهيو هوس. صبا چيو هو:
’تون ڀل ان کي منهنجي ’جيليسي‘ سمجهه پر مون کي خبر آهي ته هوءَ توسان شادي بلڪل نه ڪندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن لاءِ تو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي. برباد ته تون هاڻ به ٿي چڪو آهين. ان حالت ۾ گهٽ ۾ گهٽ مان ته توسان شادي بلڪل نه ڪريان؛ ها رومانس ڪري سگهان ٿي. ۽ سنجها به توسان رومانس ٿي ڪري؛ رڳو رومانس.‘
تون ڪلاس ۾ ويٺي هئينءَ. نارد مُني به؛ جنهنجون تون همدرديون حاصل ڪري چڪي هئينءَ. ڇو ته عورت جي معاملي ۾ هو هميشه کان ويچارو هو؛ ان مهل به توهان منهنجي باري ۾ ڳالهائي رهيا هيئو. در وٽ ئي بيهي رهيو هوس. چيو هيئي:
’اچ.............‘
ٽيبل پٺيان رکيل، ’ٽيچرس‘ چيئر مٿان اچي ويهي رهيو هوس. ماٺ بڻجي انهن ڏانهن ڏسڻ لڳي هئينءَ. نارد مُنيءَ جون چشمي پٺيان ماڪوڙين جهڙيون اکيون ڪجهه سوچي رهيون هيون. طوفان جي اچڻ کان اڳ جهڙي ماٺ جو احساس ٿيو هئم. هڪ ڊگهي ماٺ کانپوءِ، نارد مُني چيو هو:
’مان هلان ٿو.‘
هو هليو ويو هو، چيو هيئي:
’تنهنجو روز صبا سان ملڻ مون کي پاڳل بڻائي ڇڏيندو........‘
’توکي مون تي ۽ پاڻ تي ويساهه هئڻ گهرجي.‘
’ڏاڍي خطرناڪ ڇوري آهي.‘
’هجي به ته مون کي ڇا ڪندي......‘
’هوءَ توسان رومانس ٿي ڪري.‘
باوجود ڪوشش جي تنهنجي آواز ۾ ڪاوڙ ٿڙڪي وئي هئي.
’ڪير ٿو چئي.....؟..........‘
’تون ڇا ٿو سمجهين، مان ايتري بيوقوف آهيان........؟‘
طوفان جي ڌنڌ چوڏسا ڇانئجي ويو هو.
’اهڙين ذليل ڇورين جو ٻيو ڪم ئي ڪهڙو آهي.‘
تنهنجو آواز خالي ڪلاس روم ۾ گهوماٽيون کائڻ لڳو هو. مٽي منهنجي اکين ۾ پئجي وئي هئي، چڀڪو آواز ۾ ڀرجي ويو هو:
’سنجها!‘
’ها ها، مان چوندوس. هوءَ ذليل آهي، انتهائي ڪميڻي، ڪريل ’مين‘ آهي.‘
’اسان کي ڪوبه حق نه ٿو پهچي ڪنهن کي برو چوڻ جو.‘
’برائي، سٺائيءَ جو وجود آهي. تنهن ڪري مان بري کي برو، سٺي کي سٺو چوڻ جو حق رکان ٿي. سمجهيئي.......‘
’جيڪڏهن ڪو برو هجي ته.‘
’صبا بري آهي.‘
’اهڙي طرح اسان سڀ، ڪنهن جي نه ڪنهن جي نظر ۾ برا ضرور آهيون.‘
’مون کي ڪنهن به ’آرگيومينٽ‘ جي ضرورت ناهي.‘
ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئم. رڙ ڪري چيو هيئي:
’منهنجو دماغ خراب نه ڪر.‘
لڙڪ لڙڪ لڙهي پئي هئينءَ، منهنجن ٽهڪن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو هو.
’تون ڏاڍي پاڳل آهين.‘
’هه، ها. ها تڏهن ته مسلسل دوکا کائيندي پئي اچان؛ دوستين جي نالي ۾، محبتن جي نالي ۾، سچائين جي نالي ۾.‘ پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو هوس. تو پرس کولي، ’ويليم فائيو‘ جي شيشي ڪڍي، هڪ گوري زبان تي رکي، پاڻيءَ جو ڍڪ ڀري ڇڏيو هيئي.
’گوريون ٻيهر کائڻ لڳي آهين؟‘
ٽشوءَ سان لڙڪ اگهندي، ٻارن جيان ڪنڌ ڌوڻي چيو هيئي:
’توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس، پوئين ڏيڍ مهيني کان گوريون ٻيهر کائڻ لڳي آهيان. خوابن ۾ به تون مون کي صبا سان هٿ ۾ هٿ ڏئي گهمندي نظر ايندو آهين. ان ڇوريءَ، منهنجي زندگيءَ ۾ زهر اوتي ڇڏيو آهي. مون کي محسوس ٿيندو آهي جيسين تون مون سان هوندو آهين، منهنجو هوندو آهين. الڳ ٿيڻ کانپوءِ، تنهنجيون ٻانهون، تنهنجا چپ، سڀ پراوا بڻجي ويندا آهن.‘
شدت سان احساس ٿيو هئم، ڄڻ توسان دوکو ڪري رهيو هئم. چيو هئم:
’ڇا ٿي چاهين.......؟‘
’منهنجي ڪا حيثيت آهي؟‘
’تنهنجي حيثيت، منهنجي هئڻ جي احساس آهي.‘
’اها تنهنجي خواهش آهي.....؟‘
’ڪجهه به سمجهه.......؟‘
ٻوڏاري ۾ پئجي ويو هوس. چيو هئم:
’ٺيڪ آهي.‘
ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي هئينءَ. چيو هيئي:
’هيڏي آ......‘
تنهنجي ويجهو آيو هوس. پنهنجون ٻانهون پکيڙي چيو هيئي:
’ڀاڪي پاءِ.........‘
تنهنجي مختصر چيلهه جي چوڏس، ٻانهن جو زنجير وڪوڙي ڇڏيو هئم. چيو هيئي:
’زور سان پاءِ.‘
ٻانهن جو گهيرو، تنهنجي چيلهه تي وڌيڪ سوڙهو ڪري ڇڏيو هوم.
’اڃان به.‘
ڪجهه وڌيڪ سوڙهو ڪري ڇڏيو هوم.
’اڃان به.‘
جسم جو زور ٻانهن ۾ اوتي ڇڏيو هوم. رڙ نڪري وئي هيئي:
’بس بس.‘
مون زور وڌائي ڇڏيو هو. کلندي، چنگهندي چيو هيئي:
’مري ويندوس.‘
ٻانهن جو زور گهٽائي ڇڏيو هئم ۽ تنهنجا ٽهڪ، ڪلاس روم جي فضا ۾ ’ايئر فريشنر‘ بڻجي، چوڏسا ڦهلجي ويا هئا. صبا ڪلاس ۾ داخل ٿي هئي. سندس چهري تي رات ڀانئجي وئي هئي. صبا کي ڏسي هڪ پل لاءِ، تنهنجن ٽهڪن کي بريڪ لڳي ويو هو. پوءِ تون وڌيڪ قد آور ٽهڪ ڏئي ٽڙي پئي هئينءَ، ۽ تنهنجون ٻانهون منهنجي چيلهه ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي ويون هيون. صبا در تان ئي واپس هلي وئي هئي.
ڪلاس روم مان نڪري، ڪاريڊور ۾ آيا هئاسون ته صبا کي ڏٺو هئم. جيڪا ڪاريڊور جي ڪنڊ ۾ ٺلهه کي ٽيڪ ڏئي، گل مهر جي ڳاڙهن گلن ۾ هڪ گهوري رهي هئي. کن لاءِ منهنجي اندر زلزلو مچي ويو هو. ها، رڳو. کن لاءِ اسان ٻئي وک وک سڃاتلن ۾ مرڪ جو اڌ کڙيل مکڙيون ورهائيندا هلڻ لڳا هئاسون.
صبا مون سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهائڻ چاهيو هو ۽ مان لنوائي ويو هوس. هڪ ڀيري فيڪلٽيءَ جون ڏاڪڻيون چڙهي رهيو هوس ته صبا گرلز ڪينٽين جي لوهي گيٽ مان نڪري ذري گهٽ ڊوڙندي منهنجي آڏو اچي بيهي رهي هئي. اکين ۾ گهوريندي چيو هئائين:
’چاهين ٿو مان يونيورسٽي ڇڏي هلي وڃان.......؟‘
ڏاڪڻين جي وچ تي ٺلهه بڻجي ويو هوس.
’مون آخر تنهنجو ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي.......؟‘
ڪنڌ جهڪائي، تو وٽ هليو آيو هوس. چيو هئم:
’منهنجي گلي ۾ تڪليف آهي.‘
تو پرس مان ’اسٽريپسلز‘ ڪڍي ڏني هئي. ڪجهه دير کان پوءِ صبا اسان جي ڀر مان لنگهي وئي هئي. تو منهنجي چهري تي ڪوبه تاثر نه ڏسي چيو هو:
’ڪيڏي اداس هئي.....؟‘
مرڪي پيو هئس.
’ڏک نه ٿو ٿيئي.......؟‘
’فائدو........؟‘
’يار، هوءَ توسان عشق ٿي ڪري.‘
’۽ مان توسان.‘
’مان فلائنگ ساسر کائيندوس.‘
تو ٻانهن ورائي منهنجي ٻانهن ۾ وڌي هئي. ڊپارٽمينٽ جي آفيس جي دروازو پار ڪري سيڪنڊ فلور جي پٺين ڪاريڊور ۾ اچي ويا هئاسون. هميشه جيان اتان ئي ٻن فلائنگ ساسرن جو آرڊر ڏنو هوسون. ۽ هن هميشه جيان سيليفين جي ٿيلهيءَ م فلائنگ ساسر بند ڪري، اسان ڏانهن اڇلائي هئي. هڪ ڀيري ته پاڻ ڊپارٽمينٽ جي آفيس مان پلاسٽڪ جي ننڍڙي بالٽيءَ جي ڪڙي ۾ تنهنجو ۽ شبنم جو رئو ٻڌي ان فلائنگ ساسر واري کان آئسڪريم به ورتي هئي.
رات جو شدت سان احساس ٿيو هئم ته مون کي صبا سان ائين هلڻ نه کپندو هو. ڇو ته رشتن ٽورڻ جا به ڪي اصول ٿيندا آهن؛ جيئن رشتن قائم ڪرڻ جا. جيڪي تو نه ٿي ڄاتا. تون ته ٻارن وانگر هئينءَ، بس هي ٿيڻ گهرجي، هي نه ٿيڻ گهرجي کان سواءِ تو وٽ ڪنهن به ٽين ڳالهه جي اهميت نه هئي. ۽ مان اهو ڄاڻندي به ته محبتن ۾ ماڻهن سوا هڪ ٻئي جي، سڄي دنيا کي ’جيليسيز‘ ڏيندو ۽ وٺندو آهي، ٻئي ڏينهن صبح جو تنهنجي غير حاضريءَ ۾، صبا کي سندس ڪلاس جي ڊگهي دريءَ مان سڏي ان مهل ڪارڊ ڏنو هو جڏهن سيما ۽ شگفته به ساڻس گڏ ويٺيون هيون. ڪارڊ ڏيندي سرٻاٽن ۾ چيو هومانس:
’في الحال هن کي نه پڙهجانءِ.‘
سيما مون کي معنيٰ ڀريل نظرن سان ڏٺو هو. دريءَ تان هٽي ڪارنرس تي ويهي رهيو هئس. تون سيمينار ۾ ڪتاب واپس ڪري اچي وئي هئينءَ. اسان ڪاريڊور مان ايندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي هلڻين، هيئر اسٽائيلن، لباس ۽ ميڪ اپ مٿان تنقيد ڪري مزو وٺي رهيا هئاسون ته، مون کي شدت سان باٿ روم جو خيال آيو هو ۽ مان ذري گهٽ ڊوڙندو هليو ويو هوس. ٽوائلٽ مان ٻاهر نڪتو هوس ته ڏٺو هئم، سيما توسان گڏ ويٺي هئي. ويجهو پهتو هئس ته هوءَ اٿي هلي وئي هئي. تنهنجو موڊ آف هو. منهنجي ويهڻ کان اڳ چيو هيئي کهري آواز ۾:
’صبا کي جيڪو ڪارڊ ڏنو اٿئي، واپس وٺينس.‘
ڪجهه چوان ئي، تو ڪلاس روم جي کليل درِيءَ ڏانهن وڌندي چيو هو:
’نه، تون ڇو-؟ مان پاڻ ئي وٺندوس.‘
دريءَ مان صبا کي سڏي چيو هيئي:
’صبا پنهونءَ جيڪو توکي ڪارڊ ڏنو آهي. واپس ڪري.......‘
صبا وائڙائپ منجهان مون ڏانهن ڏٺو هو، منهنجي چهري تي ڪجهه نه پسي چيو هيائين:
’ڪهڙو ڪارڊ........؟‘
’ڪارڊ شرافت سان واپس ڪر.‘
’مون وٽ ڪوبه ڪارڊ ڪونهي.........‘
صبا پرس ڪرسيءَ تان کڻي ٻاهر نڪري آئي هئي.
’توکي شرم اچڻ گهرجي. نيچ، ذليل، ڪميڻي.........“‘
تنهنجن گارين جي پڙاڏن تي ڪاريڊور ۾ گهمندڙ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا.
’تون مون کي ڀيڻ به چئين ٿي، ۽ مون سان ايڏو وڏو دوکو به ڪرين ٿي......؟.... تو...... تون هن ڀاءُ به چئين ٿي، ۽ ڀاءُ سان عشق به ڪرين ٿي...........؟.......... ٻڏي نه ٿي مرين اهو سڀ ڪرڻ کان...........؟‘
صبا مون ڏانهن ڀريل ڀريل نيڻن سان تڪڻ لڳي هئي.
توکي ٻانهن کان وٺي گهلڻ لڳو هوس. مون سان گڏ گهلجندي پرس مان ’ويليم فائيو، جي شيشي ڪڍي هوا ۾ لهرائي چيو هيئي:
’ياد رک، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته منهنجي موت جي ذميدار تون هوندينءَ، تون‘
صبا، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ميڙ جي وچ ۾ ڪلاس جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي، مون ڏانهن گهوريندي رهي هئي. ۽ مان توکي ٻانهن کان گهليندو سيڪنڊ فلور جي ڪنڊ ۾ وٺي ويو هوس.
’توکي اهو سڀ، وچ ڪاري دور ۾ نه ڪرڻ کپندو هو. هر ماڻهوءَ جي عزت هوندي آهي.‘
’عزت-؟ اهڙيءَ ذليل ڇوريءَ جي-؟ جيڪا مون سان فراڊ ٿي ڪري؟ جيڪا توکي مون کان کسڻ ٿي چاهي-؟-‘
’هوءَ توسان ڪوبه فراڊ نه ٿي ڪري. نه ئي مون کي توکان کسي سگهي ٿي. جيسين مان پاڻ نه چاهيان.‘
’تون به ته مون سان فراڊ ڪرڻ لڳو آهين، واعدو ڪرڻ جي باوجود، هن کي ڪارڊ ڏنئي. هن سال ڳالهائين ٿو......‘
’مان هن سان رڳو پنهنجا ’رليشنس‘ ختم ڪري ڇڏيا آهن. جن تي توکي سدائين شڪ رهيو آهي.‘
’رليشنس ختم ڪرڻ لاءِ ڇا اهو سڀ ڪرڻ ضروري هو؟‘
’ها، آخر ۾ مون ضروري سمجهيو.‘
’تون فراڊ آهين، فراڊ آهين. تو مون سان دوکا ڪيا آهن، تون مون سان دوکا ڪندو رهيو آهين.‘
’ايڏو وڏو الزام نه هڻ، سنجها.‘
’مان هڻندوس، ڇو ته تون هن نيچ ڇورا مٽائيندڙ ڇوريءَ جي ڪري، مون سان دوکا ڪيا آهن.‘
۽ مان چئي ويٺو هوس: ’تنهنجو، پنهنجي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي.......؟‘
هڪدم چپ ٿي وئي هئينءَ. بي عزتيءَ جو احساس تنهنجن نيڻن ۽ چپن جي ڪنڊن تي لهي آيو هو. ’سٺو ٿيو ٻڌائي ڇڏيئي. مان ايتري ئي خراب آهيان نه........؟،
’خراب اسان سڀ آهيون سنجها. تنهنڪري اسان ڪنهن کي خراب چوڻ جو حق نه ٿا رکون.‘
’نه نه خراب رڳو مان آهيان، رڳو مان.‘
نيڻن ۾ ڀرجي آيل لڙڪ ٽشوءَ سان اڳهندي پرس کڻي وڃڻ لڳي هئينءَ.
’ڪيڏانهن.........؟‘
’مان خراب آهيان توکي ڪا سٺي ڇوڪري ملي وڃي نه، ته ان سان شادي ڪري ڇڏجانءَ.‘
’سنجها..... ڳالهه ٻڌ...... منهنجي ڳالهه ٻڌ، سنجها.......‘
۽ تون ويندي رهي هئينءَ. ڪاوڙ جو زهر جسم ۾ ڦهلجي ويو هئم. ڀريل آواز ۾ چيو هئم:
’ٺيڪ آهي، مون کي ڇڏڻ ٿي چاهين نه .......؟‘ سمجهي ڇڏيندس ته اسان منزلن جي ڳولها ڪندي، غلط رستن تي ڀٽڪي، هڪ ٻئي سان ملي ويا هئاسون. گڊ باءِ.‘
ڪاوڙيل ڏند جيان وڃڻ لڳو هوس. تو پٺيان رڙ ڪئي هئي:
’پنهون، منهنجي ڳالهه ٻڌ........‘
مان هلندو ويو هوس. ۽ تون رڙيون ڪرڻ لڳي هئينءَ:
’پنهون، پنهون.......... منهنجي..........‘ ڊوڙندي اچي منهنجي ڏوري کان جهلي چيو هيئي:
’مان مري ويندوس.‘
’مان فراڊ آهيان نه...........؟ هن وقت تائين توسان فراڊ ڪندو آيو آهيان!‘
’ڏس مان توکي ٻانهون ٿي ٻڌان........ مان مري ويندوس.‘
اندر ئي اندر آٺر جي ويو هوس. جڏهن به مون کي هٿ ٻڌا هيئي، پاڻ کي ڏاڍو ڪريل محسوس ڪيو هئم. ڇو ته مان دنيا جي هر عورت لاءِ ڪهڙا به غلط احساس ڇو نه رکندو هجان، پر ساڳي وقت پنهنجي ماءُ جو تقدس به پسندو آهيان. آڱرين سان تنهنجا لڙڪ اگهي ڇڏيا هئم. ۽ پاڻ مسلسل هڪ ٻئي جي ڀرسان هلندي به، اڪيلا اڪيلا، چپ چپ، ڄاتل سڃاتل رستن مٿان اجنبين جيان هلندا رهيا هئاسون. پوءِ تو ٻانهن ورائي منهنجي چيلهه ۾ وڌي هئي ۽ ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي هئينءَ. پر مان سڌو ئي سڌو هلي رهيو هوس. منهن ۾ ڏسندي چيو هيئي: ’مون ڏانهن ڏس.....؟‘ هڪ نظر تنهنجي چهري تي اڇلي منهن ڦيري ڇڏيو هئم: چيو هيئي: ’ڏس نه..............؟‘ تنهنجن نيڻن ۾ نهاريو هئم. چيو هيئي: ’ناراض آهين؟‘
’نه‘
’مون ڏانهن ڇو نه ٿو..............؟‘
’ڏسان ته پيو.‘ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندي هلڻ لڳا هئاسون. ۽ مرڪ ٻنهين جي چپن تي سري آئي هئي. هميشه جيان تالو مون کوليو هو ۽ ڪنڍي تو. سڀئي آواز ٻاهر رهجي ويل هئا. ان ڏينهن تو مون کي ڏاڍو پيار ڪيو هو، نيڻن تي، نڪ تي، چپن تي، ڪلهن تي ۽ سيني تي. پهريان هلڪيون هلڪيون ’ڪسِس‘ پوءِ هلڪا هلڪا چڪ. آخر ۾ ڇتوڙ نموني چڪ پائي، چرين جيان چيو هيئي:
’تون منهنجو آهين.‘
’رڳو منهنجو آهين.‘
’منهنجو آهين.‘
’منهنجو آنهه.....‘
.منهنجو..........‘
’منهن...‘
.ممه........‘
..........۽ ڪجهه دير اڳ اسان ٻنهين جي وچ ۾ کڙو ٿي ويل اجنبيت جو گرم ۽ سخت احساس هوريان هوريان ڍرو پئجي ويو هو. ٻئي نستا ليٽي، ڇٿ ۾ گهورڻ لڳا هئاسون.
ڪارڊ، جيڪو هڪ ڏينهن اڳ مون صبا کي ڏنو هو تنهن جي اڳين حصي تي، ڳاڙهي تر ۾ اڇن اکرن سان لکيل هو: ‘Sorry’ ڪارڊ جي پٺيان لکيو هئم:
’صبا- نه مان توسان ملندس، نه تون مون سان ملڻ جي ڪوشش ڪج. جيڪڏهن ڪٿي ملي به وڃون ته اسان جي چهرن تي سواءِ اجنبيت جي ٻيو ڪوبه احساس نه هئڻ گهرجي. (منهنجو ’رموٽ‘ ڪنٽرول سنجها جي هٿ ۾ آهي.)- روبوٽ
اهوئي ڪارڊ هو، جنهن لاءِ تو ايڏي واويلا مچائي هئي. صبا جي ڀري ڪاريڊور ۾ بي عزتي ڪئي هئي. هوءَ سڀ ڪجهه ٻڌندي به رات جي پوئين پهر وهندڙ ڪنهن ماٺيڻي نديءَ جيان چپ چاپ مون ڏانهن ڏسندي رهي هئي. نيڻن ئي نيڻن ۾ چوندي رهي هئي: (اهو سڀ تون آهين؛ آزمائي وٺ جيترو آزمائي سگهين.)
صبا کي تو پنهنجو ڪامپليڪس بڻائي ڇڏيو هو. اٿندي ويهندي، خوابن ۾ به. مان صبا لاءِ سوچڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ تو شروع ڪري ڇڏيو هو. هوءَ مون کي ياد به نه هوندي هئي ۽ تون مون کي ياد ڏياري ڇڏيندي هـئين. اصل ۾ صبا ذهني طور تنهنجي ذهن تي ’ڊامينيٽ‘ ڪري وئي هئي . ڪجھ نه هوندي به، تو هن کي گھڻو ڪجھ بڻائي ڇڏيو هو. تو صبا کي ايترو ته پنهنجي مٿان سوار ڪري ڇڏيو هو. جو هوءَ هرو ڀرو منهنجي خيالي محبوبا ۽ تنهنجي دشمن بڻجي وئي هئي. انهي. ڳالهه تان روز وڙهڻ لڳا هئاسون. ڪلاس ۾، رستن مٿان ۽ گھر ۾، تو کي هميشه صبا جي ذڪر کان روڪيندو هوس. ۽تون وڌيڪ شڌت سان هن لاءِ ڳالهائڻ لڳندي هئينءَ. صبا، منهنجي تو پاران مڙهيل، نه ختم ٿيندڙ ڪهاڻي بڻجي پئي هئي. هڪ ڀيري ته تو هن جو ايترو ذڪر ڪيو جو مان ايبنارمل ٿي ويو هوس. ان ۾ تنهنجو ڏوهه نه هو. توکي احساس هو ته هوءَ تو کان وڌيڪ ’اٽريڪٽو‘، ’سيڪسوئل‘ ۽ اسٽائلش هئي. ۽ مون کي پهريون ڀيرو شدت سان احساس ٿيو هو ته تنهنجي ’بولڊنيس‘ اصل ۾ تنهنجي اوڻائين جو ’ماسڪ‘ هئي. توکي پاڻ تي ويساهه نه هو، تنهنڪري تون مون تي به ويساهه ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ صبا تنهنجي لاءِ هڪ ذهني عذاب بڻجي وئي هئي. منهنجي ڪري صبا جو وچ ڪاريڊور ۾ اپمان ٿيو هو، جنهن جو مون کي ڏک هو. چاهيو هئم سندس گهر وڃي معافي وٺڻ پر تنهنجو مانُ ٽوڙڻ نه ٿي چاهيم. ڇو ته مون توسان سمورين سچاين سان محبت ڪئي هئي. تڏهن ئي ته مون کي تنهنجا سمورا ’ڪامپليڪس‘ تنهنجي سونهن جو حصو لڳندا هئا. تڏهن ئي ته مان پنهنجي سموري ’سوشل لائيف‘ کي الوداع چئي ڇڏيو هو. تنهنجو رويو منهنجي هر دوست سان ڪيڏو ڪڙو هوندو هو؟ منهنجن دوستن کي تو سدائين پنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾، ٿوهر جي نه ٽٽندڙ ديوار سمجهيو هو. نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا، منهنجن دوستن کي منهنجي آڏو نيچ بڻايو هيئي. پر پوءَ به هنن مون وٽ اچڻ نه ڇڏيو هو. ها، هنن اچڻ گهٽائي ضرور ڇڏيو هو. هڪ ڀيري علي، ڪراچيءَ مان ڪهي مون سان ملڻ آيو هو. پاڻ فائينل جي ڪلاس ۾ ويٺا هئاسون، هن کي ڏسندي ئي تنهنجو موڊ خراب ٿي ويو هو. پوءِ به جڏهن هو نه اٿيو هو ته هن کي کليل لفظن ۾ نڪري وڃڻ لاءِ چيو هيئي. ۽ هو نڪري وڃڻ بدران مرڪڻ لڳو هو. مان هن سان گڏجي وڃڻ لڳو هوس ته تون ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي هٿ ۾ جهليل ننڍڙي ڪينچي پوري سگهه سان مون ڏانهن اڇلائي هئي. ڪينچي هوا ۾ اڏامندي منهنجي ڪنڌ کان اڏرندي وڃي دروازي ۾ کتي هئي. ويٺل ڇوڪرين کان رڙيون نڪري ويون هيون. ٻاهر نڪتا هئاسون ته علي مرڪي چيو هو: ’تنهنجي محبوبا ۽ منهنجا زال ۾ ڪوبه فرق ناهي. اصل ۾ اسان جون زالون ۽ محبوبائون اسان جن دوستن کي پنهنجون پهاڄون ٿيون سمجهن.‘
پوءِ جڏهن ڪراچي هليا هئاسون ته ٽئين ڏينهن عليءَ جي ئي گهر رهياهئاسون!
ريڊيو تي توکي نيوز ڪاسٽر جي نوڪري ملي وئي هئي. تون مهيني جا آخري ٻارهن ڏينهن شام جو ريڊيو وڃڻ لڳي هئينءَ، مان اڪثر تو وٽ ايندو هوس. توهان جي نيوز سيڪشن ۾ منهنجو دوست ظهير به ساڳين ڏينهن تي نيوز ٽرنسليٽ ڪندو هو. تون هن جي خاندان کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندي هئينءَ. هڪ ڀيري حيرت مان چيو هيئي:
’يار، ڪمال آهي......... ظهير چڱي امير خاندان جو آهي. پوءِ به ٽن سؤن جي لاءِ ٽاڪ منجهند جو ڪٿان کان ڪهي ٿو اچي......؟‘
هڪ ئي سيڪشن ۾ ڪم ڪرڻ سبب، تون ظهير سان فري ٿي وئي هئينءَ. ۽ تنهنجي، منهنجن ٻين دوستن جيان بيحد عزت ڪرڻ لڳو هو. جنهن ڏينهن تو وٽ اچي نه سگهندو هوس، ظهير توکي ريڊيو جي گيٽ تان رڪشا پڪڙي ڏيندو هو. ۽ مان بي اونو ٿي ويو هوس. ڇو ته مان چاهيندو هوس ته توکي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي. ظهير جيترو قدآور ۽ سمارٽ هو، اوترو ئي سڀاءُ جو سلڇڻو.
منهنجي انهيءَ ناردمُني دوست، جنهن کي تو منهنجي جاسوسيءَ تي لڳائي ڇڏيو هو ۽ جيڪو پنهنجا فرض، ڪنهن پگهاردار جاسوس جيان نڀائي رهيو هو، جنهن توکي اهو چئي مون کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ چيو هو: ’جيڪو شخص پنهنجي ماءُ سان سچو ناهي، سو ڀلا توکي ڪهڙي سچائي ڏيندو.‘ ۽ جنهن. شروع شروع ۾ ظهير کي تنهنجي لاءِ چيو هو، ’اڙي يار، مان سنجها کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. وڏي چڪر باز ۽ فلرٽ آهي. ڏسجانءِ هڪ ڏينهن پنهونءَ کي ڇڏي هلي ويندي.‘ نه مان پنهنجي ماءُ سان نفرت ڪندڙ هوس، نه، ئي تون چڪر باز هئينءَ. اها ناردمُنيءَ جي عورت ۽ دوستيءَ جي باري ۾ محدود ’اينالائيسس‘ هئي. پر مان اڄ به کيس هڪ سٺي چترڪار ۽ ٻن شريف ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائي، صفائيءَ سان گم ٿي ويندڙ جي حيثيت ۾ مڃان ٿو. ها اهي ٻئي ڳالهيون هن ۾ اتم موجود هيون!
ناردمُني صبا سان به اڪثر ملندو رهندو هو. ڪنهن ٻڌايو هوس ته صبا انهن ڇوڪرين مان آهي، جيڪي وڏن وڏن ’پريزنٽس‘ تي هرکي پونديون آهن ۽ هن محنت سان ڪمايل پئسن مان صبا کي قيمتي ’پريزنٽس‘ پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. هو اهو ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهيو هو ته عورت ۽ رشوت وٺندڙ باس ۾ ڪوبه تعلق نه هوندو آهي.
ڪراچي ويو هئس. ساڳئي ئي ڏينهن تي ڪنهن پهر، صبا به ڪراچي هلي وئي هئي. اهڙي سڌ توکي نارد مُني ڏئي ڇڏي هئي. جنهن ڏينهن واپس آيو هئس. ان رات جي ڪنهن پهر صبا به واپس اچي وئي هئي. اهڙي سڌ به توکي ناردمُني پنهنجو فرض سمجهي پهچائي هئي. توسان مليو هوس. تنهنجن نيڻن ۾ ساري جڳ جو درد ڀريل نظر آيو هئم. پاڳلن جيان مون کي ڏسڻ لڳي هئينءَ. ڪجهه به سمجهي نه سگهيو هوس. چاهيو هئم توسان ڳالهائڻ، پر تو سواءِ گهورڻ جي ڪجهه به نه ڳالهايو هو. ۽ مان واپس هليو آيو هوس. ٻيءَ رات نارد مُني سهڪندو سهڪندو مون وٽ آيو هو. چيو هئائين:
’يار وڏو چڪر ٿي پيو هو. وڏي محنت سان معاملي کي سنڀاليو اٿم‘ ڪنهن اڻ ڄاتل خطري جو احساس ٿيو هئم. چيو هئائين: ’منجهند جو اتفاق سان صبا ۽ سنجها، راحت حسين وٽ ملي ويون هيون. ٻنهين ۾ سخت ڏي وٺ ٿي هئي. اهو ئي راحت حسين جيڪو مون کي بنهه ڪونه وڻندو هو. سندس چهرو به ڪيڏو نه ڀيانڪ هو.....؟ جنهن جي آفيس ۾ سڄي شهر جا جوڙا اچي رومانس ڪندا هئا ۽ هن کان پنهنجا مسئلا حل ڪرائيندا هئا. جيڪو پاڻ کي وڏو پامسٽ، سيڪالاجسٽ ۽ ائسٽرلاجيءَ جو ماهر سمجهندو هو. سندس چواڻي، هو اڄ تائين ٽيهه عشق ڪري چڪو هو. پر مون کي حيرت هئي ته هو پنهنجي اڪيلي زال کي به ’سيٽسفاءِ‘ ڪري نه سگهيو هو. هوءَ کانئس گهڻا سال اڳ طلاق وٺي چڪي هئي. کيس سڄي شهر ۾ ۽ خاص طور تي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ عشقن جي گهڻي سڌ هئي. تون، مون کي به ڪيترا ڀيرا هن وٽ وٺي هلي هئينءَ، پر مان ڪڏهن به هن جي پيرن ۾ پاڻ وڇائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. ڇو ته مون ڪڏهن به ڪنهن ٽئين کي پنهنجي ذاتي معاملي ۾ داخل ٿيڻ جو حق نه بخشيو هو. هميشه چاهيو هئم. جو ڪجهه به اسان ٻنهين جي وچ ۾ ٿئي. اسان تائين محدود رهي. پر تون هر سڃاتل جي آڏو منهنجي ۽ صبا جي شڪايتن جي بٽالين کي کڙو ڪري، مارچ پاسٽ ڪرائڻ لڳندي هئينءَ، جيڪي تنهنجا پنهنجا پيدا ڪيل خوف هئا. ان وقت مون کي تو مٿان ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. پر تون پنهنجي هر علظ عمل کي حق سمجهي استعمال ڪندي هئنيءَ ۽ منهنجي هر صحيح عمل کي ظلم چئي رد ڪري ڇڏيو هيئي. ناردمُنيءَ ٻڌايو هو: راحت حسين وٽ، توهان ٻنهين ۾ سخت ڏي وٺ ٿي هئي، ۽ منهنجي لاءِ چيو هيئي: پنهون.....؟ جنهن وٽ هڪ پينٽ هڪ شرٽ کان سواءِ آهي ڇا.......؟ جنهن کي مان جڏهن چاهيان، ڇڏي سگهان ٿي. ۽ هن ڪنگلي کي مون کان سواءَ ’لفٽ‘ ڏيندو به ڪير؟ ناردمُنيءَ اهو به ٻڌايو هو ته تنهنجن انتها جي گارين ۽ الزامن کي پوءَ صبا ٻارن جيان روئي پئي هئي. اها تنهنجي ظلم جي انتهائي هئي سنجها؛ نه ته صبا انهن مان هئي، جن جي اندر ۾ ڏک جا هزارين وائلن ڇو نه وڃي پون، پر لڙڪ ڪڏهن به سندس پنبڻين جي سرحدن کي پار ڪري نه سگهندا آهن.
اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ ڏک جو ٻاٻر دونهون اندر ئي اندر منهنجي ساهه کي گهٽڻ لڳو هو. صبا اوچتو گن پوائنٽ تي اچي ويل بي گناهه ڇوڪري لڳي هئي. نارد مُني ويندي ويندي مون کي تنبيهه ڪري ويو هو، ’سڀاڻي شام جو تون مون کي ريڊيو اسٽيشن ٻاهران ضرور مل. ۽ خدا جي واسطي، سنجها توکي ڪجهه به چئي، جذباتي نه ٿجانءِ، ڇو ته هن کي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ آهي.‘ ۽ مان سڄي رات سمنڊ جيان ڇلندي گذاري ڇڏي هئي.