ناول

رهجي ويل منظر

هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي آهستي دکي ٿو، ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي، جذباتيء ۽ احساساتي ڪيفيتون سرن وانگر اُڀرن ٿيون. سرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا، ۽ ڌن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجهامندا محسوس ٿو ڪري.
  • 4.5/5.0
  • 6495
  • 2628
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • طارق عالم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رهجي ويل منظر

7

صبا هوريان هوريان نيڻ کڻي منهنجي سرد چهري تان نگاهون هٽائي ڪيتري دير کان هڪ هنڌ پيل هٿن ڏانهن ڏٺو هو. پهريان هڪ آڱر چوري هئائين، پهريان ڪجهه پوءِ ڪجهه وڌيڪ. هن هنج ۾ هڪ ٻئي مٿان رکيل هٿن جي سمورين آڱرين کي چورڻ شروع ڪيو هو. ۽ هٿ کڻي دريءَ جو سڄو شيشو کولي ڇڏيو هئائين. هوا، زنا جي ڏوهه ۾ ڇڏائي ڀڄندڙ ڏوهيءَ پٺيان ڪنهن مڇريل هجوم جيان، اندر ڌوڪي، هر طرف ڦهلجي وئي هئي. صبا کليل دريءَ مان پٺ ڏانهن ڊوڙندڙ بي انت ڦهليل ميدان جي آخر ۾ نظر ايندڙ سرمائي ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙي سلسلي ڏانهن تڪڻ لڳي هئي.
’سنجها اڄ تائين تو مٿان جيڪي الزامن جا ڦاها اڇلايا آهن تن جو پڇتاءُ اٿم. ۽- ۽ ان جي پڇتاءُ جي ڀوڳنا کي گهٽائڻ لاءِ آئون سنجها سان ويساهه گهاتي ڪري توسان هليو آيو هئس. رڳو تنهنجي هئڻ جي احساس کي جيئري رکڻ لاءِ ....۽ اڄ مان جيڪڏهن تو آڏو پنهنجي اندر جي سمورين سچاين سميت اعتراف ڪري به ڇڏيان، ته منهنجي اندر ۾ توسان ۽ تنهنجي جسم سان محبت ڪرڻ جو جذبو پنهنجي سموري سگهه سان جاڳي پيو آهي تڏهن به ڪو فرق نه پوندو ڇو ته ڪوبه ماڻهو هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ سچي ۽ شديد محبت ڪري نه ٿو سگهي.‘
هڪ ئي مهل ڪيترا لڙڪ، صبا جي نيڻن جي پڇڙين مان ڇڏائجي، هوائن ۾ ڦيريون پائي منهنجي ڳلن، چپن ۽ نڪ تي پتڪڙن ٻارن جي نرم گرم هٿن جيان چهٽي پيا هئا.
’صبا........‘
هن سرمائي ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙي سلسلي ڏانهن گهوريندي وڃايل لهجي ۾ ڀڻڪيو هو:
’هون.‘
’توکي سدائين خوش ڏسڻ چاهيو هئم. پر تنهنجن ڏکن ۾ واڌارو آڻڻ کان سواءِ توکي ڪجهه به ڏئي نه سگهيم. مون کي ناڪاميءَ جو احساس هميشه رهندو.‘
’هميشه کان ائين ٿيندو آيو آهي....‘
’ها صبا، جاڳ ۽ ننڊ جي وچ ۾ لڌل سپنن جي ڪابه حقيقت نه هوندي آهي.‘ ٻيهر ڪيترا لڙڪ هوائن تي اڏندا منهنجي نرڙ ۽ لوندڙيءَ وٽ ننڍڙن هٿن جيان چنبڙي پيا هئا.
’صبا، دري بند ڪري ڇڏ. تنهنجا لڙڪ منهنجي اندر ۾ وڍ وجهي رهيا آهن.‘
صبا هڪدم منهن ورائي منهنجن نيڻن ۾ نيڻ کپائي چيو هو:
’تون ڇا ٿو سمجهين....مان هر ڳالهه تي، ٻارن وانگر روئڻ وارن مان آهيان........؟ هي ته هوا جي دٻاءُ تي زور نڪري پيل پاڻي آهي.‘
صبا جو آواز ويهجي ويو هو. هن پنهنجو ٻانهون دريءَ جي ڪارنس مٿان کپائي تنهن مٿان ڪنڌ ڍرڪائي ڇڏيو هو.
’مون کي خبر آهي، تون ڏاڍي بهادر آهين. تڏهن ئي ته تنهنجي ڳالهه جو مانُ رکندي توسان آخري ڀيرو ملڻ آيو هوس.‘
’اڄ کان پوءِ مون سان نه ملندين.......؟‘
’نه‘
صبا جهٽڪي سان دري بند ڪري ڇڏي هئي ۽ سڀئي هوائون رڙيون ڪنديون پٺ ڏانهن رهجي ويون هيون.
’اڄ کان پوءِ منهنجا پير انهن سمورين هيٺاهين ڏانهن کڄندا، هن کان اڳ جن لاءِ منهنجي ذهن ۾ رڳو تصور ايندو هو.‘
پوءِ مان هن کي روز نئين ڇوڪري سان ڏسندو هوس. اڪيلو مان نه، تو به ڏٺو هو. صبا مون کي ڏسي، انهن ڇوڪرن سان ڳالهائيندي وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳندي هئي. هن جا ٽهڪ جيڪي ڪڏهن مون لاءِ اڇا ڪبوتر هوندا هئا، پوءِ ٽانڊا بڻجي پيا هئا. پر مون هن کي ڪڏهن به نه روڪيو هو. سڌ هئم صبا ايڏي آسانيءَ سان هر ڪنهن آڏو وڇائجڻ واري نه هئي. پوءِ به الائجي ڇو.... هن کي ٻين سان ڏسي ڏک جي ابت ڪنڊڙي منهنجي گلي ۾ اڀري پوندي هئي. جنهن جو عذاب سڄي جسم ۾ پرٽجي ويندو هو. اهو ڏسڻ کان پوءِ، تون پرسڪون ٿي وئي هئينءَ. صبا سان روز نئين ڇوڪري کي ڏسي تنهنجن شفن رنگ چپن تي مرڪي جي ڪونجن جي قطار اڏرڻ لڳندي هئي. ۽ تنهنجا نيڻ مون کي چوڻ لڳندا هئا: ’ڏٺئي، اها ٿئي مس صبا حميد. جنهن کي تون پوتر سمجهندو هئين......؟‘
’هي ڇلو ڪنهن ڏنو اٿئي........؟‘
منهنجي آڱر ۾ پاتل صبا جي ڇلي ڏانهن شڪ جي نگاهه سان ڏسندي چيو هيئي.
’هي منهنجي ڪوي دوست جي آهي. ڪالهه ڪراچيءَ مان واپس ايندي ڏيڻ وسري ويو هئم‘
ڪوڙ ڳالهايو هئم. ڇو ته ڪوڙ مون کي پنهنجي چوڌاري ڪنهن مضبوط قلعي جهڙو محسوس ٿيڻ لڳو هو. ۽ سچ جا سمورا رستا وڇوڙي جي رڻ ڏانهن ويندي نظر آيا هئم.
’لڳي ته ليڊيز ٿو.......؟‘
’ها، شايد زال جو اٿس.‘
تون ڇلي جي سونهري روشنيءَ ۾ غور سان ڏسڻ لڳي هئينءَ، ڄڻ ڇلي ڏيندڙ جو چهرو سونهري روشنيءَ ۾ ڳولڻ لڳي هئينءَ، ڪجهه به نه پسي ڇلو منهنجي چيچ مان لاهي پنهنجي ڏسڻي آڱر ۾ پائي چيو هيئي:
’ڏس، هاڻ وڌيڪ خوبصورت ٿي لڳي نه......؟‘
ڇلي پيل آڱر ڏانهن هلڪي مرڪ سان ڏسڻ لڳي هئينءَ. سوچيو هئم، توکي جيڪڏهن ڇلي ڏيندڙ جي سڌ پئجي وڃي ته جيڪر ان ڇلي کي ايڏي سگهه سان آسمان ڏانهن اڇلائي ڇڏين، جو ڌرتيءَ جي ڇڪ وڃائي هميشه لاءِ پولارن ۾ گم ٿي وڃي. چيو هئم:
’هون، زبردست ٿو لڳي.‘
۽ تو پنهنجين ساهڙين کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته، هي ڇلو مون توکي مڱڻي تي وٺي ڏنو آهي. منهنجن گهڻن دوستن ۽ تنهنجين ڪجهه ساهڙين کي اها ڄاڻ هئي ته اسان جو مڱڻو ٿي چڪو آهي.
توکي ياد آهي........؟ هڪ شام منهنجي هڪ ڏنگي دوست، ظهور کي رازداريءَ مان ٻڌايو هو: ’پنهون ۽ سنجها هفتو اڳ ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آهي. پر في الحال ان ڳالهه کي آئوٽ ڪرڻ نه ٿا چاهين. تنهنڪري في الحال تون به ڪنهن کي نه ٻڌائج.‘ منهنجي ان ڏنگي دوست کي سڌ هئي ته ظهور کي جنهن ڳالهه تي زور ڏئي روڪبو، تنهن کي سڄي شهر ۾ اخبار بڻائي ڇڏيندو آهي. ظهور منهنجي ڏنگي دوست سان ان راز کي راز رکڻ جو واعدو ڪري، ٽيليفون بوٿ هليو ويو هو. ۽ پنهنجي ڪزن پپوءَ کي جيڪو منهنجو تمام پيارو دوست آهي، ٽيليفون تي ٻڌايو هئائين:
’هڪ نئون انڪشاف، پنهونءَ ۽ سنجها ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آهي.‘
رات جو منهنجو ڏنگو دوست مون وٽ آيو هو ۽ هٿ ٻڌي چيو هئائين: ’توکان جيڪڏهن ظهور يا ڪو تنهنجي سنجها سان ڪورٽ ميريج بابت ڪجهه پڇن، ته ها چئي ڇڏجانءِ، ڪجهه ڏينهن لاءِ نئين چينج ٿي پوندي.‘ ٻئي ڏينهن صبح سان پپوءِ منهنجي گهر آيو هو. ان مهل تون منهنجي پيرن ۾ پاتل بوٽ جون ڪهيون ٻڌي رهي هئينءَ. پپوءِ رڙ ڪري چيو هو: ڪانگريٽچوليشنز‘ توکي سلام ڪري، مون کي ڀاڪر پائي ڳچيءَ تي چمي ڏئي چيوهئائين: ’اڙي ڀاڙيا، يارن کان به لڪائي ڪيئي........؟‘
مون پنهنجي اندر ۾ اٿلون کائيندڙ کل کي مرڪ جي ٻنڌ ڏيئي چيو هو: ’في الحال اها ڳالهه سيڪريٽ رکڻي آهي. مون پنهنجي گهر وارن کي به نه ٻڌائي آهي.‘
’ڇو ڀلا.......؟‘
’يار سنجها جون ڪجهه مجبوريون آهن.‘
’ڪهڙيون مجبوريون.........؟‘ تو ٻئي بوٽ جي ڪهين کي ڳنڍ ڏيندي ٻارن وانگر پڇيو هو.
’اها، پاڻ ٻنهين جي شاديءَ جي خبر.........‘
’ها اهڙي خبر جيڪڏهن منهنجي گهر پهچي وڃي ته ڪهرام مچي وڃي.‘ توکلندي چيو هو.
’اڇا .........؟ بهرحال ’يو آر گريٽ.‘ اسان جي پوري لڏي ۾ توهان ٻئي بهادر آهيو. مون امڙ کي به ٻڌايو آهي. ڏاڍي خوشي ٿي. چيو اٿائين سڀاڻي شام جي ماني اچي اسان وٽ کائون.‘
’پر ڪهڙي خوشيءَ ۾--؟ تون وائڙي ٿي وئين هئين. اک ڀڃي چيو هو مانءِ:
’پنهنجي شاديءَ جي خوشيءَ ۾.......؟‘ توکي سُڌ هئي ته مان ۽ منهنجا دوست اڪثر اهڙيون شرارتون ڪندا رهندا آهيون.
تون ڳالهه جي تهه تائين پهچي ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئينءَ ۽ کلندي مون کي ڀاڪر پائي چيو هيئي؛ ’اڙي ها، پاڻ ايترو ته گڏ رهيا آهيون جو هاڻ ته لڳي ٿو پنهنجيءَ شاديءَ کي سال گذري ويا آهن.‘
پپوءِ مرڪي چيو هو: ’لڳندو به ائين آهي.‘
’اسان تنهنجي دعوت قبول ڪيون ٿا پر ٿوري ڦير ڦار سان.‘
ڪهڙي ڦيرڦار؟‘
’اها ته شام جي نه پر سڀاڻي منجهند جي ماني توهان وٽ.‘
’ها اهو ٺيڪ آهي.‘ تو مرڪي چيو هو.
پپوءِ جي امڙ اسان کي ڪيڏو پيار ڏنو هو......؟ سندس شخصيت پرهه جي پهرين سج جهڙي ۽ سندس آواز پرهه جي پهرين سج جي ڪرڻن جهڙو تازگي ۽ جلا بخشيندڙ هو. اسان ڊائننگ ٽيبل تان اٿي ڊرائنگ روم ۾ اچي چانهه پيڻ لڳا هئاسون ته اوچتو صبا جو ذڪر کڻي وٺي هئينءَ. حيران ٿي ويو هئم. تون مون تي الزام هڻڻ لڳي هئينءَ. ۽ مان پنهنجي صفائيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو هوس. ڪنهن وڪيل جيان امڙ منهنجي پيش ڪيل صفائي ٻڌي، توکي تاڪيد ڪيو هو: ’ڌيءَ توکي پنهنجي گهوٽ تي يقين ڪرڻ گهرجي.‘ تون ماٺ ٿي وئي هئينءَ ۽ مان ذلت جي احساس کڻي توسان گڏ ٻاهر نڪري آيو هوس.
پاڻ يوڪَلپٽس ۽ سرينهن ڀريل روڊ لتاڙي اتي پهتا هئاسون جتي پهچي سمورا آواز ٻاهر رهجي ويندا هئا. تو منهنجي اگهاڙي سيني تي اڀريل ذري گهٽ ڪاري ٿي ويل چڪ کي ڏسي رڙ ڪئي هئي:
’هي ڇا هي.....؟‘
’ڇا هي؟‘
وائڙن جيان پنهنجي اگهاڙي سيني جي ساڄي پاسي صبا جي لڳايل چڪ کي ڏٺو هئم. رڳو هڪ پل لاءِ ککو وکو ٿي ويو هوس. ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کلي چيو هئم:
’اها راهل جي مهرباني آهي.‘
’راهل--؟‘
’عليءَ جو پٽ ناهي.....؟ جنهن لاءِ تو بوهري بازار مان شرٽ ۽ پينٽ به ورتي هئي؟‘
’پرهي ڏند ته ٻار جا نه ٿا لڳن.......؟‘
’هن جا اڳيان به ڏند بلڪل ماءُ وانگر تيز ۽ ويڪرا آهن.‘
’ڇا ڪيو هئس تو......؟‘
’چهنڊري پاتي هئي مانس چتڙ ۾.‘
تون ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئينءَ ۽ پوءِ چڪ مٿان آڱريون ڦيري افسوس مان چيو هيئي:
’ڪيڏو ته زور سان چڪ پاتو ٿئي حرام زادي....؟‘
’۽ هنن جي باري ۾ توهان جي ڪهڙو خيال آهي؟‘
مون ڏورن ۽ ڪلهن وٽ تنهنجن پاتل چڪن ڏانهن اشارو ڪري پڇيو هو.
’مان ته پائيندوس، منهنجي مرضي. تون ڪير ٿيندو آهين ڙي مون کي روڪڻ وارو؟‘
تون پنهنجا ڏند منهنجي کاٻي اُرهه ۾ کپائي ڇڏيا هئا. تنهنجي چڪ جي شدت جيڏي تيز ٿي وئي هئي اوترو منهنجي اندر ۾ پيدا ٿي پيل خوف آٺربو ويو هو. ۽ اسان لهر لهر لڙهندا هليا ويا هئاسون. محبتن جي وادي ڏانهن.
صبا جي گهر ڏانهن ويندڙ سمورن رستن مٿان ڦٽي پيل منهنجي همدردي ۽ خلوص جا وڻ موسمي ٻوٽن جيان سڙي ڇانڀر بڻجي ويا هئا.
اسان رستن تي مليا هئاسون ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي هليا ويا هئاسون. صبا کي ڏسي نيڻن ۾ اجنبيت ڀرجي ويندي هئي. ۽ مون کي ڏسي هن جي نيڻن ۾ اداسيءَ جا پيلا گل ڦٽي پوندا هئا. سندس چهرو جنگ کانپوءِ آخري بچي ويل ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندو هو. ان گهڙيءَ هن جون کڄيل وکون سست ۽ منهنجيون وکون وڌيڪ تيزيءَ سان کڄڻ لڳنديون هيون.
مڃان ٿو سنجها، جڏهن صبا مون کي اتفاق سان نظر آئي به هئي، ته منهنجو وجود طوفان جي زد ۾ اچي ويل شاهه بلوط جيان ٽڙڪاٽ ڪندو ڌرتيءَ ڏانهن ڪرڻ لڳندو هو. پنهنجا سمورا ڪم وساري، اخبار جي ڦاٽل ٽڪر جيان رستن ۽ گهٽين ۾ اڏامڻ لڳندو هوس. انهن گذري ويل ڏهن مهينن ۾ هڪ ڀيرو، صبا مون کي فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور مان لنگهندي ڏسي بيهي رهي هئي، چيو هئائين: ’ٻڌ‘ بيهي رهيو هوس.
’تو منهنجو ڇلو سنجها کي ڏئي ڇڏيو آهي....؟‘
’ها.‘
’ڇو؟‘
’مون ۾ ۽ سنجها ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟‘
’مان رڳو اهو ڄاڻا ٿي، ته ڇلو مو توکي ڏنو هو.‘
ديوار بڻجي ويو هوس، چيو هئائين:
’ڪنهن جي ڏنل محبتن جي امانتن کي به سنڀالي سگهڻ جي قوت نه ٿو رکين؟‘
’سنجها مون کي مليل سمورين محبتن ۽ امانتن جي مالڪ آهي.‘
’ڇلو يا تنهنجي آڱر ۾ هجڻ گهرجي يا سنڌوءَ جي لهرن ۾.‘
’ساري صبا.‘
’مون کي تنهنجي ساري جي ضرورت ناهي.‘
’مان توکي ڇلي جي قيمت ڏئي سگهان ٿو؟‘
’تون ٻيو ڏئي به ڇا سگهندين........؟‘
’مان ڄاڻان ٿو، رابيل جهڙين اجرين ۽ سڳنڌ ڀريل عقيدتن ۽ نئين ڄاول ٻار جي سرير جهڙين گرم محبتن جي موٽ دنيا جو ڪوبه امير ترين ماڻهو پئسن سان لڳائڻ چاهي به ته لڳائي نه سگهندو. پر صبا.....‘
’مون تي خوبصورت لفظن جا ڦاها نه اڇلاءِ مان ڄاڻي چڪي آهيان، خوبصورت لفظ رڳو ذهنن تي حڪومت هلائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.‘
’مون کي ٽيز ٿي ڪرين...........؟‘
صبا جي چپن تي مرڪ ڪنهن خوبصورت خنجر جي نوڪ جيان چمڪي پئي هئي. چيو هئائين: ’ٽيز هميشه جيئرن ماڻهن کي ڪبو آهي.‘
ان کان اڳ جو ڪو جواب ڏيان، صبا ڪجهه پريان بيٺل ڏانهس سڃاتل نظرن سان تڪيندڙ سهڻي نوجوان ڏانهن ريشمي وار لهرائيندي مرڪي هلي وئي هئي.
تنهنجي پاران صبا کي مليل ذلت، موٽ ۾ صبا جي ڊگهي ماٺ ۽ ان ماٺ جي پٺ ۾ مون لاءِ ڇپ هنيل پيار. ها، رڳو پيار ڇو ته هن ڪڏهن به مون سان ڪو وڏو واعدو نه ڪيو هو. ڪلهي تي ڪنڌ ڍرڪائي، ڪو وڏو ڪوڙ نه ڳالهايو هو. صبا ڪڏهن به منهنجن هٿن تي هٿ رکي، نيڻن ۾ نيڻ اٽڪائي نه چيو هو:- ’مان توسان شادي ڪنديس. پوءِ ڇو نه مون کي سڀ ڪجهه ڇڏڻو پئي. پوءِ ڇو نه تون مون کي فوٽ پاٿ مٿان ٽينٽ هڻين ڏين. ۽ جيڪڏهن تون مون کي نه ملين، ته مان ڪنهن کي به نه ملندس. مون توکي چاهيو آهي. تنهنڪري منهنجو سرير هميشه تنهنجي امانت رهندو. هن سرير تي هميشه تنهنجي هٿن، چپن جي روشني چمڪندي رهندي. هنن نيڻن ۾ هميشه تنهنجي ياد ڪنهن بن ۾ واچوڙي جيان گهوماٽيون کائيندي رهندي. ۽ جيڪڏهن تون مون کي نه ملين، مان سماج جي سمورين موسمن سان ٽڪر کائي، پنهنجي وجود کي تنهنجي ياد جو المناڪ کنڊر بڻائي ڇڏيندس.‘
ها، صبا ڪڏهن به گنڀير آواز ۾ لڙڪ ڀريل نيڻن سان مون ڏانهن ڏسي ائين نه چيو هو. هن ته رڳو مون کي چاهيو ٿي. ۽ موٽ ۾ رڳو چاهتن جا ڳاڙها گلاب ٿي وٺڻ چاهيا. شادي ته هن ڪنهن امير ماڻهوءَ سان ڪرڻ چاهي هئي. مون کي اهو چوندي ڪابه هٻڪ نه ٿي ٿئي صبا کي تنهنجي ڏنل ذلتن، منهنجي اندر صبا لاءِ محبت جو جذبو جاڳائي ڇڏيو هو. پر مون پنهنجي اندر صبا لاءِ جاڳي پيل جذبي کي، سمورن محبت جي احساسن کي گهر ۾ گهڙي آيل چور سمجهي، ضمير جي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙهي ڇڏيو هو. پهرين مون پاڻ کي توهان ٻنهين جي وچ ۾ ڪنهن قيمتي تاج جيان سمجهيو هو. جنهن کي حاصل ڪرڻ وارو سلطنت جو مالڪ ٿي سگهيو ٿي. اهڙي احساس منهنجي اندر مڳي پيدا ڪري ڇڏي هئي. پر ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ، اوچتو مون کي محسوس ٿيو هو، مان توهان ٻنهين جي وچ ۾ ڪنهن فوٽبال جيان رهيو هوس. جيڪو توهان جي عورتاڻي انا پرستيءَ ۾ هوڏ جي لتن ۾ لتاڙجي رهيو هو. ۽ مون پنهنجي دل جي ان چئمبر مان جنهن ۾ صبا لاءِ هر نيڪ ۽ سچي جذبي جا ويو ڪارڊ پيل هئا، ڪڍي يونيورسٽيءَ جي ڇڙواڳ هوائن ۾ اڏاري ڇڏيا هئا.
مان جيڪو ڪڏهن ڇڙواڳ هوائن وانگر هوندو هوس. توسان ملي ڍنڍ ۾ بيٺل پاڻيءَ جيان ٿي پيو هوس. فيڪلٽيءَ جا ڪاريڊور، ڪلاس روم، يوڪلپٽس ۽ سرينهن سان ڀريل روڊ، پهاڙيون، ديوين جا ننڍڙا جهنگل ۽ هن گهر جو ڪمرو، ڪابه ته ڦير ڦار نه آئي هئي انهن ۾ ايترو وقت وهامي هن گهر جو ڪمرو، ڪابه ته ڦير ڦار نه آئي هئي انهن م ايترو وقت وهامي وڃڻ کان پوءِ به؟ سواءِ فيڪلٽيءَ جي ديوارن تان ڊاهي ويل پراڻن نعرن مٿان. نئين سر لڳي ويل نعرن جي..........؟ هڪ مخصوص من ۾ سرينهن جي ٽارين ۾ ٽڙي پيل ساڳين گلن جي.......؟ هن ڪمري ۾ اسان ٻنهين جي وچ ۾ ٿيندڙ عمل ۾. پر اهو سڀ ساڳيون هو. ساڳيو ٿي ويندو هو. ماڻهو سيني ڀر رڙهي يا پٺيءَ ڀر رڙهي پر رڙهندو ته پوءِ به ڌرتيءَ مٿان ئي نه....؟ ڪيڏي نه محدود زندگي بڻجي وئي هئي؟ مون کي هر منظر چئن ڊگهين ديوارن ۾ ڦاٿل نظر اچڻ لڳو هو. پنهنجي هن ڪمري وانگر؟ ڪڏهن ڪڏهن توسان گهمندي محسوس ٿيندو هو ڄڻ اسان ٻئي گهلجي رهيا هئاسون. ڄڻ ڪنهن اسان جي چيلهن ۾ ڪو ڊگهو ڳرو نظر نه ايندڙ زنجير ٻڌي ڇڏيو هو. هلڪي هلڪي بيزاري ڪر کڻڻ شروع ڪيو هو. جڏهن تون مون کي هن ڪمري ڏانهن هلڻ لاءِ چوندي هئينءَ، ته منهنجي اندر ۽ عجيب موجهه ٿيڻ لڳندي هئي.... نه چاهيندي به توسان گهلجڻ لڳندو هوس. ڇا هو هن ڪمري ۾ .....؟ ساڳي کٽ، ساڳيو گلم، ساڳيا صوفا، اها ئي ڏاکڻين پاسي کلندڙ دري، ۽ دريءَ کان ٻاهر ساڳيو منظر..... اها ئي تون، اهو ئي مان، ساڳيا چپ، ساڳيا هٿ، ساڳيا عمل...... نه ٻيڙيءَ جي ڇلڻ جو گهرو احساس. مٿانهينءَ کان هيٺاهينءَ ڏانهن گسڪن جو سيسڙاٽ ڪڍي ڇڏيندڙ جذبو... ورجاءُ، ورجايل آسڻ ..... موٽ ۾ ٿڪ شديد ٿي ويل. ۽ پوءِ ٺري ويل احساس سان برفاڻا هٿ، هٿن ۾ ڏئي ساڳين رستن مٿان گهلجڻ. ايترو ماٺ ڏسي پڇندي هئينءَ:
’چپ ڇو آهين.....؟‘
’ائين ئي.‘
’ڪجهه ڳالهاءِ.....؟‘
’ڇا.....؟‘
’سڀ ڪجهه ته ڳالهائي ڇڏيو آهي. گهڻو اڳ، هاڻ ته ڇڙا پڙاڏا آهن.‘
’بيزار ٿي ويو آهين مون مان ......؟‘
موٽ ۾ اندر جي سمورن جذبن کي لڪائي، خالي ڀيانڪ ٽهڪ ڏئي پنهنجي نستين ٻانهن ۾ توکي ڀري چوندو هوس:
’ڪڏهن ماڻهو پاڻ کان بيزار ٿيو آهي ڇا.....؟‘
۽ تون هزارين ڀيرا اڳ پڇيل سوال ورجائيندي هئينءَ:
’مون سان ڪيڏو پيار اٿئي......؟‘
جو منهنجي بيزاريءَ کي توائيءَ ۾ بدلي ڇڏڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. پر مان پاڻ تي جبر ڪري ڪونه ڪو رومانٽڪ جواب ڏئي ڇڏيندو هوس. اندر ۾ پيدا ٿي پيل ماٺ وڌيڪ گهري اونهين ٿي ويندي هئي. ۽ مان ماٺ جي ماري ڇڏيندڙ خاموشيءَ کان ڊڄي توسان گڏ هلندي ڪيترائي گيت، غزل، آزاد نظم، وايو هڪ ٻئي پٺيان جهونگارڻ لڳندو هوس. اندر ۾ پيدا ٿي پيل ماري ڇڏيندڙ خاموشيءَ کان؟ يا لائجي تنهنجي پڇيل سوال ’چپ ڇو آهين؟‘
جي خوف کان. پر اهو سڀ هوندي به ڪا ڇڪ هوندي هئي جا اسان ٻنهين کي اڪيلائين ۾ هڪ ٻئي لاءِ سوچڻ تي، شدت سان ياد ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي.
تون پنهنجي آخري سال جون سموريون ٽيسٽون ڏئي چڪي هئينءَ. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٿيسز به سبمٽ ڪري ڇڏي هيئي. رزلٽ نڪرڻ تائين پاڻ ملندا رهيا هئاسون. رزلٽ نڪرڻ کان پوءِ تون پهرئين هفتي ۾ ٽي ڀيرا. وچئين هفتي ۾ ٻه ڀيرا. ۽ آخري هفتي ۾ هڪ ڀيرو اچڻ لڳي هئينءَ. پنهنجي چيلهه ۾ نظر نه ايندڙ ڀاري زنجير ڄڻ ڍور پئجي ويو هو. منظرن جي چوڏس ديوارون ته نظر آيون هئم، پر ڪجهه دور دور. ۽ پهريون ڀيرو مان پاڻ کي ڊگهي عرصي جي نطر بنديءَ کان آزاد ٿيل محسوس ڪرڻ لڳو هوس. سڀئي ڏٺل پيچرا ۽ وڻ ڌوتل ۽ اجرا محسوس ٿيا هئم.
مهيني جا آخري ٻارنهن ڏينهن تنهنجو ريڊيو تي ڪانٽريڪٽ هوندو هو. مهيني جي انهن ڏينهن ۾ تنهنجي چوڻ تي روز شام جي تو وٽ اچڻ لڳو هوس. تنهنجي ڊيوٽي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه ڪلاڪ پاڻ ڪڏهن اولڊ ڪئمپس جي ليڊيز پارڪ ۾، ته ڪڏهن شهاب (منهنجو دوست) جي ڊرائنگ روم ۾ گذارڻ لڳا هئاسون. پابندي سدائين مون کي قيد جي احساس ڏياريو آهي سنجها! پر مون هميشه تنهنجي چيل لفظن جو مانُ رکيو هوندو. مان ته انهن منجها آهيان، جيڪي پاڻ عذاب جي پلصراط تان لنگهي به پنهنجين محبوبائن سان ڪيل واعدا پاڙيندا آهن. ۽ تنهنجي خواهشن جي احترام مون لاءِ آسماني ڪتابن پاران موڪليل حڪم جيڏو ئي اهم ۽ احترام لائق هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انسان هجڻ جي ناتي، هن سماج ۾ رهندي جتي ٻيا به رهن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ٻين جي جذبن جو نه چاهيندي به احترام ڪرڻو پوندو آهي. منهنجي وڏي ٽريجدي آها آهي سنجها ته مان ڪنهن جي به بي عزتي ڪري نه سگهندو آهيان. ٽي وي تي ايندڙ سيريز ’ورلڊ ايٽ وار‘ (World at war) ۾ ڪڏهن به جرمنن جو يهودين کي لتون مڪون ۽ منهن ۾ ٿڪون هڻڻ وارو سيڪيئنز ايندو هو، ته مان نه چاهيندي به اٿي هليو ويندو هوس. مون کي لڳندو هو، ڄڻ اهو سڀ ڪنهن يهوديءَ تي نه پر مون تي وهي رهيو هجي. ان ويل مان ننهن کان چوٽيءَ تائين ذلت جي احساس ۾ ڪرڻ لڳندو هوس.
انهن منجهان آهيان، جن لاءِ ٻار وڏن کان وڌيڪ عزت لائق هوندا آهن. مون کي ياد ٿو اچي.....هڪ ڀيري پوريءَ رفتار سان (شهر جي روڊن تي آهستي هلي نه سگهندو آهيان) هڪ اسڪول جي گيٽ وٽان لنگهي رهيو هوس جتي ٻار رسيس هئڻ سبب شيون کائي رهيا هئا، منهنجو کڄيل هٿ هڪ پنجن سالن جي ٻار جي هٿن ۾ جهليل ڪچورين جي پليٽ تي لڳو هو ۽ پليٽ ڪچورين سوڌي وڃي روڊ تي ڪري هئي. يقين ڪر. ان مهل مون کي پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. مون هن ٻار کي تمام گهڻي معذرت سان اکٽ چميون ڏئي معافي گهري هئي. ۽ ڪچورين واري کي هڪ پليٽ جي جاءِ تي ٻن پليٽن جا ڏوڪڙ ڏئي هليو ويو هوس. تون ان کي نفسيات جي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به ذهني بيماريءَ جو نالو ڏئي سگهين ٿي. مون کي ان جي پرواهه ناهي. مان ته موڊ ٿيڻ تي ڀريل روڊن مٿان زور سان ڳائيندي، انڌن کي روڊ پار ڪرائيندي، يا پوڙهن جي مٿن تي بار ڍورائڻ ۾ ڪوبه شرم يا عار محسوس نه ڪيو آهي. اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ مون کي پنهنجي هئڻ جو احساس وڌيڪ شدت سان ٿيو آهي.
ها ته مون چيو پئي، تنهنجي خواهشن جو احترام مون لاءِ آسماني ڪتابن ۾ موڪليل حڪمن جيترو اهم رهيو آهي. ۽ جيئن ته انسان هئڻ جي ناتي هن سماج ۾ رهندي جتي اسان جهڙا ٻيا به رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جي جذبن جو احترام به ڪرڻو پيو هوندم. اهڙن موقعن تي يقينن مون کان تنهنجي ڪيل خواهش جي عمل ۾ ڪوتاهي ٿي وئي هوندي. جنهن تي تون هميشه جيان ڏمري به هوندييءَ. (اها تنهنجي منهنجي لاءِ شديد محبت هوندي هئي الائجي تنهنجي ذهن جي ڪنڊ ۾ مون لاءِ رهجي ويل شڪ آ؟)
اها حقيقت آهي ته تنهنجي دير سان اچڻ ڪري، سرد پئجي ويل محبت جي جذبي ۾ نئين سر، گرمي پيدا ٿي وئي هئي. توکي گهڻا ڏينهن نه پسي لڳندو هئم هوائن مان آڪسجين ختم ٿيندي پئي وڃي. اندر ۾ گهٽ وڌي ويندي هئي. جڏهن توکي اچڻو هوندو هو، اها رات ٻارن وانگر عيد جي صبح جو اوسيئڙو ڪندي اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ لڌل خوابن ۾ نوان ڪپڙا پائي، مٺائيءَ جي دڪانن تان چانديءَ جي ورڪن ۾ ويڙهيل مٺائي وٺندي گذري ويندي هئي. صبح جو ساجهر اک کلڻ جي باوجود هنڌ ۾ پيو هوندو هوس. ته جيئن هميشه جيان تنهنجي سينڊل جو رومانٽڪ آواز، پرس سٽڻ ۽ مخصوص ڇڻڪڻي لهجي ۾ ’اسلام عليڪم‘ جو سرهاڻ ڦهلائي ڇڏيندڙ آواز، پوءِ پنهنجي ويهاڻي جي هيٺيان چاٻيءَ جي ڳولها ۾ تنهنجي آڱرين گسڪڻ سان گڏ سيف کلڻ جو آواز ٻڌي، آخر ۾ پيرن وٽان تنهنجي هٿن سان رليءَ جي سٽ سان ڌار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳندو هوس. تون ايندي هئينءَ ته منهنجي اندر تنهنجي انتظار ۾ سڪي ويل وڻن جي ٽارين ۾ ڄڻ سوين رنگن جون ربينون ۽ رومال لهرائڻ لڳندا هئا. پر توسان ملڻ پڄاڻا سڀئي منظر ساڳين چئين ديوارن ۾ بند ٿي ويندا هئا. تون اچڻ شرط ڪنهن نه ڪنهن جهيڙي جو بنياد وجهي ڇڏيندي هئينءَ، ۽ مون کي تنهنجي اچڻ جي خوشي، پنهنجي مرتئي جو ماتم لڳندي هئي. محسوس ٿيڻ لڳو هئم تون پنهنجي چيلهه ۾ نظر نه ايندڙ ڳري زنجير جي بار کان بيزار ٿي پئي هئينءَ. نه چاهيندي به گهلجڻ لڳي هئينءَ ان اسهه بار هيٺ.
مهيني جي پوين ٻارنهن ڏينهن ۾ تو وٽ پابندي سان اچڻ لڳو هوس. پهريان نيوز سيڪشن ۾ پوءِ نه چاهيندي به گيٽ جي ٻاهر. هڪ شام جو گهمندي ڦرندي چيو هيئي:
’ريڊيو جو عجيب ماحول آهي. تنهنجو روز اڄن تو لاءِ به تڪليف ڏيندڙ هوندو.....؟ تنهنڪري اڳتي مان پاڻ تو وٽ ايندي رهندوس. ڪڏهن ڪو ضروري ڪم پيو به ته ظهير کي ميسيج ڏئي ڇڏيندوس. هو توکي پهچائي ڇڏيندو.‘
پوءِ تون پندرهين ڏينهن اچڻ لڳي هئينءَ. امان، ادي وڏي ۽ منهنجي ننڍڙي ڀائيٽي رابيلا تنهنجي کوٽ محسوس ڪرڻ لڳيون هيون. امان اڪثر تنهنجي دير ڪرڻ تي پريشان ٿي پڇندي هئي:
’سنجها کي ته وٺي اچ..... ڏاڍي ياد ٿي اچي. بيمار ته ناهي.....؟‘
رابيلا منهنجي سيف تي لڳل هڪ ٻئي جي چيلهن ۾ ٻانهون ڦاسائي نيڻن ۾ گهوريندڙ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي تصوير کي ڏسندي چوندي هئي:
’پنهون؟ هي تون آهين نه.......؟‘
’ها، ۽ هيءَ ڇوڪري ڪير آهي.....؟ مان پڇندو هومانس. رابيلا جي چهري تي مائيڪل اينجلو جي ٺاهيل پينٽنگز ۾ معصوم فرشتن جي چهرن تي نظر ايندڙ مرڪ جهڙي لکا ٿيڻ لڳندي هئي. ننڍڙا هٿ ڳلن تي رکي چوندي هئي:
’سنجها چاچي.‘ ننڍڙا هٿ پکيڙي وڌي ويل ننهن کي ڏسندي چوندي هئي:
’پنهون......؟ پنهون؟ ڪڏهن ايندي؟ چاچي سنجها، ڪڏهن ايندي؟‘
۽ مان توکي ريڊيو تي ٽيليفون ڪري، اچڻ لاءِ چوندو هوس، تون ايندي هئينءَ ته تنهنجي ايندي ئي محسوس ٿيندو هو ڄڻ گهر جي ڀتين کي نئون رنگ لڳي ويو هجي. امان، ادي وڏي، رابيلا سڀ ڪيڏا ٻهڪي پوندا هئا.