ناول

رهجي ويل منظر

هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي آهستي دکي ٿو، ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي، جذباتيء ۽ احساساتي ڪيفيتون سرن وانگر اُڀرن ٿيون. سرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا، ۽ ڌن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجهامندا محسوس ٿو ڪري.
  • 4.5/5.0
  • 6495
  • 2628
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • طارق عالم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رهجي ويل منظر

10

’تون کي، آخري ڀيرو ڏسڻ چاهيو هئم... ماڻهن جي ڪيل ڳاليهن جي تصديق ڪرڻ چاهي هئم. مون کي محسوس پيو ٿئي، ماڻهو هميشه اهڙن موقعن جي ڳولها ۾ رهندا آهن.‘
’مون کي... شرم آهي. پڇتاءُ آهي، پنهنجي غلط سوچ تي.‘
’آئين نه چئو پنهون، مون کي احساس آهي، تو مون کي بي انتها پيار ڏنو آهي.. تومون کي گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي.... منهنجي دل ۾ تولاءِ عقيدت ۽ محبت ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندي، پر.... پر نه چاهيندي به، مون کي توکي الڳ ٿيڻو پوندو... يقين اٿم، پنهنجي سنجها کي سکي ڏسڻ لاءِ، تون اهو سڀ برداشت ڪري ويندين... ۽، ۽ ٿي سگهي ٿو مان تو وٽ واپس اچي وڃان. تون وقت جو انتظار ڪر....؟‘
ڀيانڪ ٽهڪ نڪري ويو هئم.
’هاڻ مان ڪنهن به خوش فهميءَ ۾ رهي نه سگهندس سنجها .... هاڻ مان ڪنهن به دوکي ۾ رهڻ نه چاهيندس.‘
ڦڪي مرڪ تنهنجي چپن تي ڏڪي وئي هئي. اسان ماٺ ٿي ويا هئاسون (ڄڻ مري ويا هئاسون هڪ ٻئي لاءِ.) ڊگهي ماٺ کان پوءِ چيو هيئي:
’هڪ ڳالهه چوانءِ....؟‘
’چئو.‘
’تون صبا وٽ ڪڏهن به نه وڃجانءِ........؟‘
’ڇو.....؟‘
’مان اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندوس.‘
’تون برداشت ڪري وئي آهين.....؟‘
’پر تون هن وٽ نه ويندين.‘
’مان صبا جي بي انتها عزت ڪندو هوس... ڪندو آهيان. ڇو ته هن ڪڏهن به پاڻ کي ۽ مون کي فريب ڏيڻ لاءِ، ڪو وڏو خواب نه ڏيکاريو هو. ۽ جڏهن تون سڀ ناتا ٽوڙي منهنجي دوست کي شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪري سگهين ٿي، ته مون کي به حق پهچي ٿو ته صبا جي چپن تي اکيون ٻوٽي ڪِس ڪريان.‘
تو زوردار چماٽ منهنجي ڳل تي وهائي ڪڍي هئي. ٿپيل آواز ۾ چيو هيئي:
’تون هن وٽ نه ويندين.....؟‘
’ڪهڙي ناتي سان ٿي روڪين.....؟‘
’تون سان گذريل سمورن سچن ۽ نه وسرندڙ ناتن سان.‘
’اهي سچا ناتا، جيڪي اڄ تون فقط ڪجهه لفظن سان ٽوڙي چڪي آهين.....؟‘
’مون کي ايڏو عذاب نه ڏي پنهون....‘
روئڻ لڳي هئينءَ. امان دروازو کولي اسان ڏانهن اچڻ لڳي هئي. تو ٽشوءَ سان لڙڪن کي اگهي ڇڏيو هو. مون کي چيو هو:
’امان، اڄ هيءَ هميشه، هلي وڃڻ لاءِ هتي آئي آهي.‘
’ڇو ........!!؟‘
’هن جون ڪجهه مجبوريون آهن. پڇي وٺوس... ؟ اڄ کان پوءِ مون کي ڪڏهن به سنجها کي آڻڻ لاءِ نه چئجو.‘
’ها، آئي؛ مان ڏاڍي خراب آهيان... توهان جي لائق ناهيان....‘
امان کي ڀاڪر پائي سڏڪن ۾ پئجي وئي هئينءَ. ان وقت تنهنجي پٺي مون ڏانهن ۽ امان جو مک مون ڏانهن هو. ڏٺو هئم. امان جي نيڻن جي آڪاس تي لڙڪن جا ڪبوتر اڏامڻ لڳا هئا. امان مون ڏانهن ائين ڏٺو هو، ڄڻ اهو سڀ ٻڌي مان مري ويندس. پر مان ٽهڪ ڏئي چيو هو:
’تون ڇو ٿي روئين....؟ سنجها ته مون کي ٿي ڇڏي وڃي....؟‘
امان لڙڪن وچ ۾ چيو هو:
’ايترا آسرا ڏئي ڇڏي ٿي وڃين....؟ ائين ته نه ڪري ڌيءَ.....؟‘
’سڏ ڪندي چيو هيئي: ’مجبوري آهي. آئي مجبوري آهي....‘
کوکلا ٽهڪ ڏئي چيم هئم:
’مجبوري به ڪا سئي هوندي آهي امان....؟‘
امان پنهنجا لڙڪ اگهي هلي وئي هئي. مان جهوپڙيءَ جي سيرن مان ڇڻي ايندڙ آسمان جي نيراڻ ۾ گهورڻ لڳو هوس. لڙڪ اگهندي چيو هيئي:
’صبا وٽ نه... تون وفا وٽ هليو وڃجانءِ....منهنجي پاران معافي وٺي ڇڏجانس، مون هن سان ويساهه گهاتي ڪئي هئي....؟‘
چپ چاپ سيرن مان ڇڻي ايندڙ آسمان جي نيراڻ ۾ گهوريندو رهيو هوس. تون چوندي رهي هئينءَ:
’مون کي هن وقت اهو چوڻ ته نه گهرجي... پرمان چوان ٿي.... توکي منهنجو قسم اهو سڀ ضرور مڃجانءِ...؟‘
’ڇا....؟‘
’مون کي سڌ آهي، ته مون کان اڳ جن به ڇوڪرين توسان رومانس ڪيو هو، انهن جي هلئي وڃڻ کان پوءِ، تو انهن کي سندن سمورا نيگيٽور ۽ فوٽو گرافز واپس ڪري ڇڏيا هئا، ۽....۽ پنهون .... منهنجي ڪزن کي... منهنجا ڪجهه فوٽو گرافز وڻي ويا آهن... هوءَ مون کان نيگيٽوز ٿي گهري ....ڏس، تون غلط نه سمجهه جانءِ....؟.....تون مون کي منهنجي نيگيٽوز ڏئي ڇڏ، مان توکي هفتي جي اندر واپس ڪري ڇڏيندوس....؟‘
’کڻي وڃن چاهين ٿي، ته سڌيءَ طرح گهري وٺ ....؟‘
’اڙي نه ته، مان توکي هفتي جي اندر واپس ڪري ڇڏيندوس....؟‘
مون توکي تنهنجا سمورا نيگيٽوز ۽ پازيٽو واپس ڪري ڇڏيا هئا. چيو هيئي:
’هفتي جي اندر واپس ڪري ويندوس....؟‘ هفتي مان مهينا گذري ويا هئا، پر تو نيگيٽوز واپس نه ڪيا هئا. ڏينهن توکي ٽيليفون ڪري چيو هئم:
’سنجها، نيگيٽوز...؟‘
خالي آواز ۾ چيو هيئي: ’توکي انهن مان ڪهڙا گهرجن؟‘ مون خاموشيءَ سان رسيور ڪريڊل ته رکي ڇڏيو هو. سمجهي نه سگهيو هوس.، تو ايتري سستي نموني مون کان پنهنجا نيگيٽوز آخر ڇو ورتا هئا.....!!؟‘ جڏهن ته سڌي طرح گهري سگهينءَ پئي....؟
جنهن ڏينهن تون آخري ڀيرو مون کي مون کي هميشه لاءِ ڇڏڻ آئي هئينءَ، مان پنهنجي هڪ دوست کان موٽر سائيڪل وٺي، توکي تنهنجي گهر ڇڏي آيو هوس. مون کي ياد اچي ويو هو اهو ڏينهن، جڏهن تون ۽ مان اسڪوٽر تي المنظر آيا هئاسون. کاڌا هئاسون، چڪن سينڊوچز ۽ آئسڪريم سوڍا واپسيءَ تي مون اسڪوٽر پوري رفتار سان سپر هائي وي تي ڇڏي ڏنو هو. تو وڏا ٽهڪ ڏئي پنهنجون ٻانهون منهنجي ڳچيءَ ۾ ورائي ڇڏيون هيون پر جنهن ڏينهن توکي تنهنجي گهر ڇڏڻ ٿي ويس، هڪ ٽرڪ کي اوورٽيڪ پئي ڪيم ته تون منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهڻ بدران، ڪالر کان ڇڪي خوف مان رڙيون ڪندي چيو هيئي:
’آهستي هلاءِ پنهون، پليز آهستي هلاءِ ڪٿي ايڪسيڊنٽ نه ٿي وڃي....؟‘
ٽهڪن جي درياهه ۾ ٻڏي ويو هوس.
تو پنهنجي چيلهه منجهان نظر نه ايندڙ ڳرو زنجير ٽوڙي ڇڏيو هو. سڀئي منظر چئن ديوارن جي قيد مان آزاد ٿي ويا هئا. تنهنجي پڄاڻا ڀوڳنائن مٿان اڪيلائي واسو ڪري وئي هئي. واپس گهر اچي، تنهنجا ڏنل پرزنٽس جن ۾ ببلي گز مان ڪڍي ڏنل مختلف ڪارن جا اسٽيڪرز، منهنجي ڊائرين مٿان مون لاءِ لکيل گاريون ۽ ڪٿي پيار، تنهنجا وٺي ڏنل ڪولابا (جن مان هڪ کي تو ڪاوڙ ۾ اچي، ٽوڙي مروڙي ڇڏيو آهي) 1977ع جو ڪيلينڊر جنهن ۾ دنيا جي مختلف ڪلاڪارن جا فوٽو گرافز ۽ سندن ننڍڙو تعارف به ڏنل آهي، ڪجهه خط، هڪ عيد ڪارڊ، هڪ لاڪٽ ۽ ڪيلينڊر مٿان ويڙهي ڏنل نيرو لغڙائي پنو. اهي سڀ سيف جي عام خاني مان ڪڍي اندرين لاڪر ۾ رکي ڇڏيا هئا....۽ 1980ع واري ڊائري پڙهي هئم: (تنهنجي ڊاهي ڇڏڻ کان پوءِ به پڙهڻ ۾ اچي رهيو هو، لکيل هو):
28.1.1980
اڄ کان استعمال ۾ اچي ويو آهيان، اڻ ٻڌايل مدي تائين.
(انهيءَ پيج هيٺيان لکيو هئم)
2.2.1980
جيڪڏهن انهن لفظن کي ڊاهي به ڇڏيو اٿئي، ته ڊاهڻ واري جذبي جي سچائيءَ کي هميشه ياد رکجانءِ.
17.3.1980
(مختلف ايگلز ۾ تنهنجن چپن جون ڇڏيل مهرون تن جي هيٺيان لکي ڇڏيل امداد جي ترائيل جا ڪجهه بند)
وري ملون نه ملون زندگيءَ رهي نه رهي
الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي
چپن کي ٿورڙو اڳتي ڪري ڏسي تو ٺون.
اهائي ته اها تاريخ هئي سنجها، جڏهن مون پهريون ڀيرو تنهنجن چپن کي پنهنجي چپن سان ڇهي ڏٺو هو. اکيون ٻوٽي.
28.3.1980
هوءَ جا اڄڪلهه مون سان گڏ آهي ۽ منهنجي گلي جي کليل بٽڻن کي بند ڪري ٿي. (جيڪي سدائين بند ڪرڻ وساري ڇڏيندو آهيان). ۽ منهنجي هر ڏک جي ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي. هلندي هلندي ڪنهن به ايندڙ پل ۾ پنهنجو هٿ منهنجي هٿن مان کسڪائي، مرڪ جا گل ۽ باءِ جو آٽو گراف ڏئي هلي ويندي. ۽ مان سندس پيرن ۾ پاتل، پينسل هيل واري سينڊل مان نڪرندڙ آواز، پاڻ کان پري ٿيندي ٻڌندو رهندس.
29.3.1980
هن مون سان خدا تي بحث ڪيو، مسلسل (منهنجي ڳچيءَ ۾ پيل صليب کي ڏسندي رهي) ۽ منهنجي هر دليل کان انڪار ڪندي رهي. آخر ۾ عام لهجي ۾ چيائين:
’مون وٽ نه ايندو ڪر.‘
هر وک ڊهندو هليو ويو هوس.
(سنجها، مون کي اهو ڏسي، سوچي حيرت ٿي هئي ته جنهن ڏينهن، جنهن شام توکي ريڊيو تي ڏسڻ آيو هوس، ان ڏينهن به تاريخ 29 ئي هئي. فرق هو به ته ٽن سالن جو.... ٽن سالن جو ۽ جڳهه جو. ڪاريڊور جو ۽ روڊ جو. صبح جو ۽ شام جو. مون کي محسوس پيو ٿئي اسان جي ملڻ ۽ وڇڙڻ جي وچ ۾ ٽن سالن جي نه، ڪجهه ڪلاڪن جي وڇوٽي هئي..... صبح کان شام تائين جي. انهن ڪجهه ڪلاڪن ۾، اسان هڪ ٻئي کان بي انت محبتون ۽ بي انت ڏک ڏئي چڪا هئاسين).
5.4.1980
سنسان روڊ تان ويس پئي، هوءَ منهنجي سامهون اچي بيٺي. هن سان گڏ شبنم به هئي. مون ڏٺو، سندس نيڻن ۾ ڪجهه ڏينهن جي وڇوڙي جي پيڙا کي. چيائين:
’ڪينءَ آهين؟‘ چيم: تو آڏو آهيان.‘ چيائين: ’سڀاڻي مون وٽ ايندين....؟‘ چيم: ’جي تون چاهين ته.....؟‘ چيائين: ’ها مان چاهيان ٿي.... هاڻي شايد روز چاهيان.......‘
16.4.1980
آسمان سڄو ڪڪرن سان ڇانيل هو. اسان فيڪلٽيءَ جي پوئين پهاڙي تي پير لڙڪائي ويٺا هئاسون. هن مون ڏانهن ڏسندي چيو: ’هلون....؟‘ سندس نيڻن ۾ ڳاڙها ڏورا لهي آيا هئا. اچي ويا هئاسون چئن ديوارن جي پناهه ۾ ۽ سمورا آواز در کان ٻاهر رهجي ويا هئا. (ڪيڏو خوش آهيان اڄ؟)
من ڀرجي آيو هو. ڊائري بند ڪري ڇڏي هئم. سيف جي لاڪر کولي تنهنجو لکيل عيد ڪارڊ ڏٺو هئم، لکيل هو:
My ‘Punhoon’
You made my wish come true.
MY every happiness
Belongs to you.
If you are alive I am alive.
If you are sad, I am sad.
You are my everything
And all my dreams are for you.
Very soon they would become true
Yours for ever Sanjha.
۽ اڄ .... مان جيئرو هوندي به تو لاءِ مري چڪو هوس... اڄ....منهنجي مٿان ڏک بگهڙ بڻجي چڙهي آيا هئا، ۽ تون سک جي ننڊ ستل هئينءَ... ۽ مان تنهنجو سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه هوس.. ڪارڊ واپس سيف جي لاڪر ۾ رکي گهر مان نڪري، بس پڪڙي يونيورسٽي هليو ويو هوس. گهمڻ لڳو هوس اهي سڀ گهٽ جتي ڪڏهن اڪيلو نه هوندو هوس، تون به مون سان گڏ هوندي هئينءَ، پنهنجي مڙني سچائين سميت ۽ جڏهن جامع مسجد جي ڀر واري مير نور محمد روڊ جي ٺهيل ننڍڙي موريءَ جي ٻئي ڀر، ديوين جي گهاٽي جهنگل ۾ پهتو هوس، جتي ڪڏهن پاڻيءَ جو ننڍڙو تلاءُ به هوندو هو.. ۽ هلڪي هلڪي جهنگلي ڇٻر به؛ ته مون کي ياد آئي هيءَ. اها ڳالهه... هڪ ڀيري پاڻ ننڍڙي موريءَ تي ويهي روڊ تان ويندڙ ماڻهن جي وڃن جو انتظار ڪري رهيا هئاسون. جڏهن سڄو روڊ خالي ٿي ويو هو، ته اسان اندر هليا آيا هئاسون. جهنگلي ڇٻر تي ويٺا ئي مس هئاسون ته روڊ تي ڊوڙڻ جا آواز آيا هئا. تو منهنجي خالي هٿ ڏانهن ڏسي هلڪي رڙ ڪري چيو هو: ’منهنجو چشمو....؟‘ وائڙئپ منجهان چيو هئم: ’مون وٽ هو ڇا....؟‘ ’ها آ آ آ.‘ ۽ مان ديوين منجهان ٺهيل سوڙهي پيچري تان ذري گهٽ ڊوڙندو روڊ تي اچي ويو هوس. ڏٺو هئم موريءَ جي ڀت ڏانهن، جتي ڪجهه به نه هو... ۽ پوءِ روڊ تي ڊوڙندڙ ڇوڪرن ڏانهن ڏٺو هئم، جتي حيدرآباد ويندڙ ڪراچيءَ جي بس ڏانهن ڊوڙي رهيا هئا، سڀ کان آخر ۾ هڪ ٿلهو ڇوڪرو پنهنجي ويڪري منهن تي تنهنجو نفيس نظر جو چشمو ڦهڪائي. ٿاٻا کائيندو بس ڏانهن ڊوڙي رهيو هو. مون کي ڏاڍي کل آئي هئي. مان ٻئي هٿ پيٽ تي رکي ٽهڪن ۾ پئجي ويو هوس.
پهريان جڏهن تون مون کي ملي هئينءَ، توکي اسٽارز تي يقين هوندو هو. چوندي هئينءَ: ’تون ايريز ۽ مان اسڪارپيو، تون باهه آهين ۽ مان پاڻي. پاڻ ٻنهي جو ذهني لاڳاپو بيحد مشڪل آهي. هوريان هوريان تنهنجا سڀئي يقين اين-ايل-سي جي ٽرڪ هيٺيان اچي ويا هئا. تنهنجو اسٽارز تان يقين کڄي ويو هو. هڪ ڏينهن مون کي ڳراٽڙي پائي چيو هيئي: ’اسٽارز، سڀ بڪواس آهن.... تون ايريز ۾ مان اسڪارپيو هوندي به هڪ ٻيئ کي ڪيڏو چاهيون ٿا..جڏهن ته اسان کي ڪنهن به حال ۾ گڏ رهڻ نه گهرجي. پوءِ اوچتو ئي اوچتو صبا اسان ٻنين جي وچ ۾ اچي وئي هئي. تو چيو هو: ’ورگو ڏاڍا مصلحت پسند، اندر جا کوٽا ۽ ڪميڻا هوندا آهن. هو پنهنجون ڳالهيون ڪنهن کي به نه ٻڌائيندا آهن، ٻين جون سڀ ڳالهيون ڄاڻڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن. مون کي ان اسٽار کان نفرت آهي.‘
پر سنجها، اهو به ڪيڏو وڏو الميو آهي....؟ ظهير، جنهن سان تو شادي ڪرڻ ٿي چاهين. اڄ جيڪو تنهنجي مڙني خوابن جو مالڪ آهي. تنهن جو اسٽار به ته ورگو آهي... ؟ مون کي محسوس پيو ٿئي، تون صبا سان نفرت ڪندي به هن لاءِ بيحد عزت ۽ احترام رکين ٿي. جڏهن ظهير جي سالگرهه هوندي، تون نه چاهيندي به صبا کي ضروري يا ڪندينءَ!
هر سڃاتل اڪيلو ڏسي پڇندو هو:
’سنجها ڪٿي آهي....؟‘
مون کي چڙ هئي ان سوال کان، اهڙن سوالن پڇندڙن کان. گهر هوندو هوس ته امان مون کي اجايو پيار ڪرڻ لڳندي هئي. ٻانهون ڦهلائي، پنهنجي ٻڪ ۾ منهنجي مئل مک کي ڀري ڳائڻ لڳندي هئي، سهرا ۽ سهرا ٻرنديءَ تي گاسليٽ... جيڪو ٿيڻو هو، ٿي چڪو. جيڪو ٿيڻو هوندو آهي، تنهن کي ڪوبه روڪي ناهي سگهندو....ڪڪر جيڪڏهن شڪليون مٽائڻ ڇڏي ڏين، ته ڪڪر نه پهاڙ سڏائين. مون کي سڌ هئي، انهن ڳالهين جي...پر ڀوڳنا جو احساس نه هئم. ٿيڻ لڳو هو، ٿي رهيو آهي... ٿيڻ به گهرجيم، آخر مان (آهيان)، (هئس) ناهيان...۽ جيسين (آهيان) ڀوڳڻو پوندو. دل آهي جا، چتا بڻجي پئي آهي. خبر ناهي ڪيترن سالن کان ٻڌل آهيان، چوکنڀو پهاڙ جي چوٽيءَ تي، ۽ ڳجهه منهنجي ڪلهي تي ويهي منهنجو جيرو ٽڪي رهي آهي. مون کي چڙ آهي، امان جي اجائي پيار کان.... مون کي چڙ آهي، پڇ پڇان کان... مون کي چڙ آهي، ڇو...؟ ڇا لاءِ.....؟ ڪيئنءَ......؟ ڪڏهن؟ ۽ ڪٿي....؟ کان. محسوس پيو ٿئيم هو سڀ هن گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. جنهن ۾ ڪري پيو آهيان... جا گهڙي ته ناهي ڪا بي انت کاهي آهي، جنهن ۾ ڪرندو پيو وڃان ۽ منهنجي دل ٻوساٽبي ٿي وڃي.
قبرن تي وڃڻ، دعائون گهرڻ ۽ اگربتيون ٻارڻ، عجيب لڳندو آهي، پر توکان وڇڙڻ کان پوءِ جڏهن ڀوڳنائن جي سرڪڻ ڦاهي منهنجي ڳچيءَ ۾ سوڙهي ٿي ويندي هئي، ته تنهنجي بابا سائين جي قبر تي وڃي اگربتيون ٻاري ڇڏيندو هوس. اکيون ٻوٽي ڊگها ساهه کڻي خوشبوئن جي واس وٺڻ لڳندو هوس. منهنجون سموريون ڀوڳنائون ڪڪر بڻجي هوائن ۾ اڏامي وينديون هيون. سڪون خوشبو بڻجي منهنجي اندر ۾ سمائجي ويندو هو. اهڙي ئي هڪ شام، تنهنجي بابا سائين جي قبر تي اگربتيون ٻاري سڪون جي اڻ لکي احساس هيٺ هالڪو بڻجي، روڊ تي اچي ويو هوس. ته هڪ ڪار زوردار بريڪ سان منهنجي ڀر ۾ اچي بيهي رهي هئي. ظهير ڊرائيونگ سيٽ واري دريءَ مان منهن ڪڍندي چيو هو:
’ڪهڙا حال آهن....؟‘
’تنهنجي آڏو آهن.‘
’ڪيڏانهن ويو هئين....؟‘
’سيڪا ٽريسٽ وٽ.‘ مرڪي چيو هئم. هو هلڪو ٽهڪ ڏئي، ٻاهر اچي ويو هو.
’اچين نه ٿو مون وٽ....؟‘
’مان ته هر وقت توسان گڏ هوندو آهيان.‘
’ڪيئنءَ....؟‘
’سنجها ۽ مون ۾ ڪوبه ته فرق ناهي......؟‘
ظهير جي اوجل مک تي جرڪندڙ نيڻن مٿان، ڄڻ چٻرا لهي آيا هئا. سوچ ۾ پئجي ويو هو. گنڀير بڻجي چيو هئائين:
’مون سان هلندين....؟‘
اسان ٻئي ميرن جي قبرستان ۾ اچي ويا هئاسون. جهوني قبي جي ڪماني دروازي، جي هڪ ٿلهي تي ظهير ويهي رهيو ۽ ٻئي تي مان. ٻئي ڪيتري دير شام جي سرمائي ڌنڌ ۾ گهوريندا رهيا هئاسون. هن مضبوط لهجي ۾ چيو هو:
’حقيقت ۾ مون اهو نه چاهيو هو.. مون کي خبر هئي، مون کي خبر آهي ته سنجها توکي بيحد چاهيندي هئي .... سنجها سٺي آهي، بي انتها... پر تون هن کي سمجهي نه سگهين... تون هن کي ڏاڍا ڏک ڏنا ۽ سنجها تنهنجي ڏنل ڏکن کر مٽائڻ لاءِ، سليپنگ پلز کائڻ لڳي.... گهر جي اونڌاهين ڏاڪڻين ۾ ويهي، سگريٽ مٿان سگريٽ پيئندي رهي....مون سنجها کان سموڪنگ بند ڪرائي... مون هن کان سليپنگ پلز ڇڏايا... سنجا تو سان محبت ڪئي، موٽ ۾ تو هن کي سواءِ ڏکن ۽ نفرتن جي، ڪجهه به نه ڏنو. تون سنجها کي سمجهي نه سگهين... آئون ڊاڪٽر ناهيان، پر دوائن جي خبر اٿم. مون پاڻ سنجها جي پرس ۾ ڊاڪٽر جي پرسڪرپشن ڏٺي آهي، پڙهي آهي. توکي سڌ ناهي. پر اها حقيقت آهي ته سنجها، هارٽ پيشنٽ ٿي پئي آهي. مون کي ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ تي يقين ڪونهي ... خبر ناهي سنجها... هوءَ ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ تي يقين ڪونهي...خبر ناهي سنجها... هوءَ ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ ۾....مون... مون سنجها جي مختصر زندگيءَ ۾ ڪجهه مهينن جو واڌارو آندو آهي.... آئون هن جي اداس زندگيءَ ۾ انڊلٺ جا ستئي رنگ ڀريندس، آئون سنجها سان شادي ڪندس.‘
منهنجي اندر ڪيترائي ڀيانڪ ٽهڪ پڙاڏاجي ويا هئا. ظهير مون کي اهو ٻار لڳو هو، جيڪو وڏن جون ٻڌل ڳالهيون پاڻ سان منسوب ڪري، پنهنجي دوستن جي سٿ ۾ سينو ڦوڪي ٻڌائيندو آهي ۽ ٻڌائي پاڻ کي مڙني کان وڌيڪ ذهين ۽ هوشيار سمجهڻ لڳندو آهي. ۽ سنجها، مان ان شام تنهنجي ذهانت جو قائل ٿي ويو هوس. چيو هئم:
’بيشڪ، ظهير مان سنجها کي سواءِ ڏکن جي ڪجهه نه ڏئي سگهيس... منهنجي ٽن سالن جي پکيڙ تي، تنهنجي مهينن جي قرب ڀاري آهي.. ڇو ته تون هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان محبت ٿو ڪرين، جيڪا ڪجهه گهڙين جي مهمان آهي.. تو هن کان سليپنگ پلز ۽ سموڪنگ بند ڪرائي، هن کي نئين زندگي بخشي ڇڏي آهي. تون اورتار آهين، مان راڪشس... تون مهان آهين، مان نيچ ..... تون سڀ ڪجهه آهين، مان ڪجهه به نه...‘
ڏيادار مرڪ هن جي خوبصورت چپن تي پکڙجي وئي هئي. اسان ميرن جي قبرستان مان نڪري روڊ تي اچي ويا هئاسون. ڊرائيونگ سيٽ تي ويهندي مهربان آواز ۾ چيو هئائين:
’ڪيڏانهن ويندين....؟’
’مان پهچي ويندس، تون هليو وڃ.‘
ڪار اسٽارٽ ڪري، گيئر مٽائي، بريڪ تان پير هٽائي ايڪسيليٽر تي زور وڌائي ڇڏيو هئائين، ڦيٿن مان چرڙاٽ نڪتا هئا، مان ويندڙ ڪار جي ڳاڙهين بتين ڏانهن ڏٺو هو، جيڪي اونڌهه ۾ گم ٿي رهيون هيون. مون کي اهي ڳاڙهيون بتيون، تنهنجن نيڻ جهڙيون لڳيون هيون، جيڪي پنهنجي فتح تي مرڪي رهيو هيون، لازوال مرڪ.