مذهب

رهبر حج (حج جي تربيت)

حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
Title Cover of book رهبر حج (حج جي تربيت)

باب پهريون:حج جي سفر کان پهريان پاڪستان ۾ تياري

[b]حج جي فرضيت:
[/b] حج هر عاقل، بالغ مسلمان، مرد ۽ عورت استطاعت يعني طاقت هجڻ جي شرط تي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ادا ڪرڻ فرض آهي. حج جي استطاعت جو مطلب آهي رستو پر امن هجي. ان وٽ حج جي خرچن کان علاوه حج جي مدت جي لاءِ پنهنجي ڪفالت هيٺ گھر جي ڀاتين جي کائڻ پيئڻ جو بندوبست پڻ موجود هجي. عورت جي لاءِ هي به شرط آهي ته ان سان گڏ حج جي سفر ۾ ڪوئي محرم موجود هجي.

[b]حج جي تربيت ۽ تياري:
[/b] حج هڪ نهايت عظيم عبادت آهي. انهيءَ ڪري حج جي پانڌيئڙڻ لاءِ ان جي تربيت نهايت ضروري آهي ته جيئن حجاز مقدس ۾ گذارڻ واري هر گھڙيءَ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهجي.
حج جي مناسڪن جي تربيت کان سواءِ هن مبارڪ سفر جي تياريءَ جا ٻه اهم پاسا آهن. پهريون هي ته پنهنجي نفس جي پاڪائي ڪئي وڃي. پنهنجي رب سان سچي توبهه ۽ اڳتي جي لاءِ ان جي نافرمانيءَ کان پري رهڻ جو پڪو عزم ڪيو وڃي. رب ڪريم قرآن ڪريم ۾ تقوى کي ان سفر جي لاءِ بهترين سفر جو ثمر قرار ڏنو آهي. هي موقعا الله سبحان تعاليٰ جي طرفان خوش نصيب ٻانهن کي عطا ڪيا ويندا آهن ته هو مقدس جڳهن تي پنهنجي رب جي سامهون سچي توبهه ڪندا آهن ۽ حج مبرور جي بدلي ۾ نه صرف جنت جي خوشخبري وٺي ڪري واپس ايندا آهن بلڪي گناهن کان ائين پاڪ صاف ٿي ويندا آهن جيئن انهن کي ماءُ ان ڏينهن ڄڻيو هجي. جڏهن ته تياريءَ جو ٻيو رخ عملي يا ظاهري تياري آهي. انهيءَ ڪري پنهنجو پاڻ کي ذهني ۽ جسماني طور تي ان مشڪل سفر جي لاءِ تيار ڪيو وڃي. انهيءَ لاءِ توهان کي اهو سمجهڻو پوندو ته توهان کي حج کان پهريان، ان جي دوران ۽ ان کان پوءِ ڇا ڪرڻو آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هيٺ ذڪر ڪيل انتظامي معاملن جو خيال رکيو وڃي ته جيئن هن مبارڪ سفر ۾ مڪمل اطمينان سان عبادتن ۾ مصروف رهندا:

[b]حج جون درخواستون:
[/b]1. جيڪڏهن سرڪاري اسڪيم جي تحت حج تي وڃڻ جو ارادو آهي ته حج درخواستون وصول ڪرڻ جي با اختيار بينڪ جي ڪنهن ويجھي برانچ سان رابطو ڪندا ۽ درخواستون بر وقت جمع ڪرائيندا.
2. سمورا حج جا پانڌيئڙا مشين ريڊيبل پاسپورت تي ئي سفر ڪندا انهيءَ ڪري پنهنجو پاسپورٽ تيار رکندا.
3. پهنجن ويجھن عزيزن، پاڙي وارن يا دوستن مان جيڪڏهن ڪوئي حج جي سفر جو ارادو رکندو هجي ته انهن سان مِلي ڪري گروپ ٺاهيندا ۽ حج جي درخواست هڪ گروپ جي صورت ۾ ڏيندا. گروپ ۾ ڪنهن تجربي ڪار ۽ تربيت يافته شخص کي گروپ ليڊر مقرر ڪندا. هي ڪم بينڪ وارن تي نه ڇڏيندا.
4. سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستون منظور ٿيڻ کان پوءِ خوش نصيب ماڻهن کي ٽپال يا ايس ايم ايس جي ذريعي اطلاع ڏنو ويندو آهي. درخواستن جي باري ۾ معلومات وزارت مذهبي امور و بين المذاهب هم آهنگي جي ويب سائيٽ www.hajjinfo.org تي ڏسي سگھجي ٿي.
5. وزارت مذهبي امور و بين المذاهب هم آهنگي جي انتظام هيٺ حج جي پانڌيئڙن جا تربيتي پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن. وزارت جي طرفان حج جي پانڌيئرڻ کي فلائيٽ شيڊول ۽ بلڊنگ / مڪتب نمبر کان به آگاهه ڪيو ويندو آهي.
6. عام طور تي ذوالقعد جي پهرين هفتي کان حج اُڏامون شروع ٿي وينديون آهن. جيڪي 04 ذوالحج تائين هلنديون رهنديون آهن ۽ واپسيءَ جون حج اڏامون 15 ذوالحج کان 15 محرم تائين هلنديون رهنديون آهن.
7. سرڪاري نوڪري ڪرڻ وارا پنهنجي روانگيءَ ۽ واپسيءَ جي شيڊول يعني سعودي عرب ۾ ترسڻ جي مدت جي حساب سان پنهنجي اداري کان موڪلون منظور ڪرائن ۽ پنهنجي اداري کان اين او سي به حاصل ڪري وٺن.

[b]طبي معائنو:
[/b] حج جي درخواست ڏيڻ کان پهريان پنهنجو طبي معائنو ڪنهن مستند سرڪاري ميڊيڪل آفيسر کان ڪرائيندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن پيچيده (مونجھاري واري) بيماريءَ جي ڪري ڊاڪٽر توهان کي حج جي سفر ڪرڻ جي قابل قرار نه ڏئي ته توهان پنهنجي صحت ياب ٿيڻ تائين حج تي وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن توهان بيماريءَ جي حالت ۾ حج تي ويندا ته پنهنجي لاءِ پنهنجي ساٿين لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجندا. جيڪڏهن حج جي ڪڻي نڪرڻ کان پوءِ بيماريءَ جي ڪري حج تي وڃڻ جو ارادو نه هجي ته وزارت کي هڪ دم اطلاع ڏيندا ته جيئن توهان جي جڳهه تي ڪنهن ٻئي کي عيوض طور موڪلي سگھجي . واضع رهي ته جعلي طبي سرٽيفيڪيٽ پيش ڪرڻ واري کي ان جي ذاتي خرچ تي حج تان واپس موڪليو ويندو ۽ اهڙو سرٽيفيڪيٽ جاري ڪرڻ واري ڊاڪٽر جي خلاف تنبيهي ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.

[b]گردن ٽوڙ بخار ۽ ٻيا حفاظتي ٽُڪا:
[/b] سعودي عرب روانو ٿيڻ کان پهريان پنهنجي واسطيدار حاجي ڪيمپ مان گردن ٽوڙ بخار، نزلي ۽ زُڪام جا ٽُڪا لڳرائڻ ۽ پوليو جا قطرا پيئڻ لازمي آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي توهان جي صحت لاءِ بي حد ضروري آهن. هي ٽُڪا لڳرائي ڪري هيلٿ ڪارڊ ضرور حاصل ڪندا. ڪجهه حج جا پانڌيئڙا ٽڪن لڳرائڻ کي اهميت نه ڏيندا آهن ۽ سعودي عرب روانو ٿيڻ کان ٻه يا چار ڏينهن پهريان ٽڪا لڳرائيندا آهن. اهڙي صورت ۾ سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران انهن کي خطرناڪ / موت مار بيماري لاحق ٿي سگھي ٿي. انهيءَ لاءِ توهان کي بار بار تاڪيد ڪجي ٿو ته روانگيءَ کان گھٽ ۾ گھٽ ڏهه ڏينهن پهريان گردن ٽوڙ بخار جا ٽڪا ضرور لڳرائيندا. سعودي عرب حڪومت حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ پوليو ويڪسين به لازمي قرار ڏني آهي انهيءَ لاءِ گردن ٽور بخار جي ٽڪي سان گڏ پوليو جا قطرا به سڀني حج جي پانڌيئڙن کي پيئاريا ويندا.

[b]ضرورت جو سامان
[/b] حج جا پانڌيئڙا سعودي عرب ۾ ترسڻ جي مدت جي حساب سان ضرورت جو سامان هوائي ڪمپنيءَ جي مقرر ڪيل سائز جي سوٽ ڪيس ۾ رکي ڇڏيندا. غير ضروري سامان ساڻ کڻي نه ويندا. سامان جو وزن 30 ڪلوگرام کان گھٽ هجي ته جيئن واپسيءَ تي مقرر ٿيل وزن کان وڌيڪ هئڻ تي ايئرلائين کي واڌو رقم ادا نه ڪرڻي پوي. سهولت جي لاءِ هيٺ درج ٿيل فهرست جي مطابق سامان تيار ڪري ان جي سامهون واري خاني ۾ ” √ “ جو نشان لڳائي ڪري اطمينان ڪندا ته جيئن ڪائي ضروري جي شيء ساڻ کڻي وڃڻ کان رهجي نه وڃي.

[b]نمبر سامان / شيون نشان
[/b]1 احرام جون چار اڻ سبيل چادرون
2 احرام جو بيلٽ
3 احرام جي حالت ۾ پائڻ لاءِ ٻه پٽي چپل جنهن سان پير جي اڀريل هڏي ۽ کُڙيءَ جي پوئين هڏي کليل رهي. (عورتون ڪوبه جوتو پائي سگھن ٿيون).
4 ٽوال
5 عام لباس سان گڏ پائڻ جي لاءِ جوتو
6 روز مره جي پائڻ لاءَ چار جوڙا ڪپڙا
7 صفائيءَ جي لاءِ ڪپڙو / ڊسٽر
8 عورتن جي لاءِ وارن تي ٻڌڻ لاءِ ٻه عدد رومال
9 ٽوپي
10 ننڍو تالو
11 ڪنگو، آئينو، قينچي ۽ ننهن ڪٽڻي
12 نماز جي لاءِ مصلو ۽ تسبيح
13 ڪجهه لفافا ڪاغذ ۽ پين
14 نظر واري عينڪ ٻه عدد (جيڪڏهن استعمال ڪندا هجو ته)
15 ٽائليت پيپر ۽ ٽشو پيپر
16 حج ۽ عمري جوڪتاب
17 سوئي ڌاڳو
18 پلاسٽڪ جا ضروري ٿانو
19 ٻل (سيفٽي پن)
20 سفري ڪاغذ پٽ رکڻ جي لاءِ ننڍو ٿيلهو
21 ٽوٿ پيسٽ، برش ۽ دندڻ
22 سامان تي نالو لکڻ لاءِ وڏو مارڪر
23 ضرورت وقت سامان کي ٻڌڻ لاءِ ڏوري يا رسي
24 عورتن جي لاءِ مخصوص ڏينهن دوران استعمال جي لاءِ نيپڪن
25 ضروري دوائون ساڻ ڊاڪٽر جو لکيل پرچو جيڪو حاجي ڪيمپ مان پلاسٽڪ جي لفافي ۾ پيڪ ڪرايل هجي.
26 ويل چيئر (جيڪڏهن ضرورت هجي ته)

[b]سامان جي سڃاڻپ:
[/b]پنهنجي سموري سامان تي نالو، ائڊريس ۽ درخواست نمبر ۽ فون نمبر چٽو ۽ صاف لکندا. نالو ۽ ائڊريس لکڻ لاءِ اسٽيڪر حاجي ڪيمپن ۾ مهيا ڪيا ويندا. سامان کي تالو لڳائي ڪري رکندا. هڪ چاٻي احرام جي بيلٽ جي کيسي ۾ ۽ ٻي چاٻي ٿيلهي ۾ رکندا. وڏي بيگ ۽ هٿ ۾ کڻڻ واري ننڍي ٿيلهي جي اندران نالو ۽ ائڊريس جي به هڪ چٽ وجهي ڇڏيندا ته جيئن گم ٿيل سامان ملڻ جي صورت ۾ توهان جي ائڊريس تي موڪلي سگهجي.

[b]کائڻ پيئڻ جو ن شيون/ منع ڪيل شيون:
[/b]کائڻ پيئڻ جون سموريون شيون سعودي عرب ۾ جھجھي مقدار ۾ ملي وينديون آهن. صحت جي اصولن جي پيش نظر کائڻ پيئڻ جي هر قسم جون شيون سعودي عرب ۾ کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي. ان لاءِ اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، داليون، مٺائي فروٽ وغيره پاڻ سان گڏ هرگز کڻي نه ويندا. ان کانسواءِ گاسليٽ يا گيس وارا چلها، لٽريچر، تصويرون، وڊيو آڊيو ڪيسٽ به کڻڻ جي اجازت نه آهي. حاجي ڪيمپ يا ايئر پورٽ تي چيڪنگ جي دوران سموريون منع ڪيل شيون سامان مان ڪڍيون وينديون آهن.

[b]انتباهه (خبردار ڪرڻ):
[/b]سعودي عرب ۾ هر قسم جي منشيات (نشي واريون شيون) يعني آفيون (چرس) هيروئن وغيره کڻي وڃڻ واري کي موت جي سزا ڏني ويندي آهي. انهي لاءِ حج جا پانڌيئڙا احتياط ڪن. ڪنهن جو ڏنل پيڪيٽ يا سامان پاڻ سان گڏ کڻي نه ويندا. ممڪن آهي ته ان ۾ ڪائي منع ڪيل شيء هجي جيڪا توهان جي لاءِ مشڪل پيدا ڪري.

[b]عورتن جو لباس:
[/b]اهڙو مناسب لباس پاڻ سان گڏ رکندا جنهن جي پائڻ سان باوقار لڳندا ۽ پاڪستان جو تشخص اجاڳر ٿئي. عورتون سنها ۽ غير شائسته (غير اخلاقي) لباس نه پائن. بلڪي پنهنجي لباس تي عبايه يا برقعو پائي رکن. خاص طور تي بلڊنگ کان نڪرڻ وقت عبايا لازمي پائن. عورتون وڏي کُڙيءَ وارو سينڊل نه پائن ان سان هلڻ ۾ مشڪل ٿيندي. شيشي جون چوڙيون پائي نه وڃن ڇاڪاڻ ته طواف جي دوران چوڙيون ٽٽڻ سان پاڻ به ۽ ٻيا به زخمي ٿي سگھن ٿا.

[b]عبايا ۽ پاڪستاني جھنڊي جو اسٽيڪر:
[/b] سعودي عرب ۾ حج يا عمري جي لاءِ وڃڻ وارين عورتن کي عبايا پائڻ ضروري آهي. ان لاءِ عورتون حج جون پانڌيئڙيون ڪاري رنگ جون گھٽ ۾ گھٽ ٻه عبايا پاڻ سان گڏ رکن جنهن تي پاڪستاني جھنڊي جو اسٽيڪر لڳل هجي. عورتون سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران جڏهن به پنهنجي بلڊنگ کان ٻاهر نڪرن ته عبايا پائي رکن. سڀني مرد حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ به پڻ ضروري آهي ته اهي پنهنجي احرام تي پاڪستاني جھنڊي جو اسٽيڪر لڳائين. هي اسٽيڪر توهان کي واسطي دار حاجي ڪيمپ مان ملندا.

[b]زر مبادله (ناڻي جي مٽا سٽا) جو انتظام:
[/b]حج جي پانڌيئڙن کي سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران خرچ ڪرڻ لاءِ زرمبادله جو انتظام پاڻ ڪرڻو پوندو. ترسڻ جي مدت جي حساب سان زرمبادله جي رقم سعودي ريال (گھٽ ۾ گھٽ ٻه هزار ريال ) جي شڪل ۾ پاڻ سان گڏ رکندا. ياد رکندا ته سعودي قانون جي تحت 9500 ريالن کان وڌيڪ رقم پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ منع آهي.

[b]حاجي ڪيمپ ۾ اچڻ:
[/b]هر حاجي ڪيمپ ۾ حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ مختلف شعبا قائم ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ آڌر ڀاءُ جو ڪائونٽر، معلومات، ايئر لائين جا دفتر، بينڪ برانچون، ڊسپينسري، ڪينٽين ۽ ضروري شين جا اسٽال شامل هوندا آهن.
توهان وزارت مذبي امور جي طرفان حج جي سفر جي پروگرام جو خط ملڻ جي مطابق اڏام کان ٻه ڏينهن پهريان پنهنجي سفر جا ڪاغذ پٽ يعني پاسپورٽ ٽڪيٽ وغيره وٺڻ جي لاءِ صبح 9 بجي واسطيدار حاجي ڪيمپ ۾ تشريف وٺي ايندا. روانگيءَ جو پروگرام وزارت مذهبي امور جي ويب سائيٽ تي به ڏسي سگھجي ٿي.
ڏورانهن علائقن کان سفر ڪرڻ وارا حاجي سڳورا حاجي ڪيمپ اچڻ وقت حج جي سفر جو مڪمل سامان پاڻ سان گڏ کڻي اچن جتي انهن جي لاءِ رهائش جي سهولت موجود آهي. جڏهن ته ويجھن علائقن جا حج جا پانڌيئڙا جيڪي حاجي ڪيمپ ۾ رهائش اختيار نه ڪرڻ چاهن اهي پنهنجا ضروري ڪاغذات (بينڪ رسيد. اطلاع نامون ۽ شناختي ڪارڊ) سان گڏ حاجي ڪيمپ اچن.
توهان تي حاجي ڪيمپ ۾ ترسڻ جي پابندي نه آهي، پر ڏورانهن علائقن کان ايندڙ حاجين جي لاءِ هتي ترسڻ جو بندوبست به ٿيل آهي. جيڪڏهن توهان حاجي ڪيمپ ۾ ترسيل نه آهيو ته اڏام کان گھٽ ۾ گھٽ 6 ڪلاڪ پهريان توهان کي ايئرپورٽ تي پاڻ پهچڻو پوندو.

[b]حاجي ڪيمپ ۾ ضروري معاملا:
[/b]جيڪڏهن ڪنهن خاص بيماريءَ مثال طور شوگر، بلڊپريشر وغيره ۾ مبتلا آهيو ته ان جي داخلا علاج جي ڪتاب (Treatment Book) ۾ درج ڪرائيندا. هي ڪتاب حاجي ڪيمپ جي ڊسپينسريءَ مان ملي سگھي ٿو. چاليهه ڏينهن جون دوائون حاجي ڪيمپ جي ڊسپينسريءَ مان پڻ پيڪ ڪرائيندا. جيڪڏهن توهان هينئر تائين ويڪسين ناهي ڪرائي ته توهان ان ئي ڊسپينسري مان ڪرائيندا.
وزارت جي طرف کان ملڻ واري اطلاع نامي جو ڪارڊ ڏيکاري ڪري واسطيدار ايئرلائين جي ڪائونٽر تان پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ حاصل ڪندا. هر حاجيءَ کي هتي هڪ شناختي لاڪيٽ ڏنو ويندو جنهن تي حاجيءَ جو نالو، پاسپورٽ نمبر، مڪتب نمبر ۽ مڪه مڪرمه جي رهائش گاهه جو ڏس پتو لکيل هوندو. ان شناختي لاڪيٽ کي هر وقت ڳچيءَ ۾ پائي رکندا ته جيئن سعودي عرب ۾ توهان جي رهنمائيءَ ۾ آساني ٿئي.
پاسپورٽ تي پنهنجا تفصيل ويزا ۽ ان تي تصوير ضرور چيڪ ڪندا. ڪڏهن ڪڏهن ويزا تي تصوير غلطيءَ سان بدلجي ويندي آهي يا ان تي نالو غلط لکيل هوندو آهي ۽ اڳتي هلي ڪري پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو آهي. ان لاءِ احتياط ضروري آهي. ايئر لائين جي عملي کان اڏام جي روانگيءَ جي وقتن جي متعلق آگاهي ضرور حاصل ڪندا.
بينڪ کان ملڻ واري تصوير واري رسيد، پاسپورٽ ۽ ايئر ٽڪيٽ ان بينڪ جي برانچ ۾ پيش ڪندا جنهن ۾ توهان حج جا پيسا جمع ڪرايا هئا. واسطيدار بينڪ جي برانچ مان توهان کي ڪجهه ڪرنسي واپس ڪري سگهجي ٿي. واپس ڪيل رقم جو دارومدار مڪه مڪرمه ۾ توهان جي لاءِ ورتل رهائشي بلڊنگ جي ڪرائي تي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته مڪه مڪرمه ۾ بلڊنگز جي ڪرائي جو معيار يا حرم جي مفاصلي جي حساب سان مختلف هوندو آهي تنهنڪري مختلف حج جي پانڌيئڙن کي واپس ڪيل رقم ۾ فرق هوندو آهي. جيڪڏهن حج جي پانڌيئڙن مان ڪنهن حاجي کي توهان کان وڌيڪ رقم واپس ڪئي وئي آهي ته ان جو سبب هي آهي ته ان بلڊنگ جو ڪرايو توهان جي بلڊنگ جي ڪرائي کان گھٽ آهي ۽ اهڙي طرح ان جي رقم وڌيڪ بچي آهي ان سلسلي ۾ بينڪ يا ٻين ماڻهن سان بحث مباحثو ڪرڻ کان پاسو ڪندا.
سڀني ضروري معاملن مان واندو ٿيڻ کانپوءِ حاجي ڪيمپ ۾ ٿيڻ وارن حج تربيتي پروگرامن ۾ شرڪت توهان جي لاءِ فائدي مند ٿيندي. هي پروگرام حاجي ڪيمپ جي مسجد ۾ ٿيندا آهن.

[b]ايئرپورٽ جي لاءِ روانگي:
[/b]ايئرپورٽ روانگي کان پهريان ان ڳالهه جي تسلي ڪري وٺندا ته هيٺ درج ٿيل ڪاغذ پٽ توهان وٽ موجود آهن.
1. پاسپورٽ ۽ هوائي جھاز جي ٽڪيٽ.
2. ويزا واري صفحي سميت پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ جي فوٽو ڪاپي.
3. واسطيدار بينڪ کان تصديق ٿيل 6 عدد تصويرون.
4. گردن ٽوڙ بخار، فلو جا جي ٽڪن ۽ پوليو جي قطرن پيئڻ جو سرٽيفيڪيٽ.
5. نادرا جو جاري ڪيل ڪمپيوٽرائرزڊ شناختي ڪارڊ ساڻ ٻه عدد فوٽو ڪاپيون.

[b]هٿ ۾ کڻڻ وارو سامان (Hand Carry) :
[/b]ايئرپورٽ تي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ وقت سامان وارو وڏو ٿيلهو ايئرلائين جي اسٽاف وٽ جمع ڪرايو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ضروري سامان هٿ ۾ رکڻ واري هڪ ننڍي بيگ ۾ رکندا جيڪو جهاز جي اُڏام جي دوران توهان سان گڏ رهندو. انهيءَ بيگ ۾ اهو سامان به رکي ڇڏيندا. جيڪو جھاز ۾ سوار ٿيڻ کان پهريان ايئرپورٽ تي استعمال هيٺ ايندو. مثال طور احرام جون چادرون، چپل، احرام جو بيلٽ، حج جو ڪتاب، نظر جي عينڪ، ڪاٺيءَ جو ڏندڻ، سمورا سفري ڪاغذ پٽ پاسپورٽ سميت، ايئر ٽڪيٽ، ڪرنسي، تسبيح، سرڪاري ملازمن جي لاءِ اين او سي ۽ اڏام دوران استعمال ڪرڻ واريون دوائون. ياد رکندا قينچي، ننهن ڪٽڻي، يا ڪائي پاڻياٺ واري شيء هٿ واري بيگ ۾ هر گز نه رکندا. ان بيگ جو وزن سامان سميت ستن ڪلو گرام کان پڻ وڌيڪ نه هجي.

[b]ايئرپورٽ جا معاملا:
[/b] حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته اڏام جي وقت کان گھٽ ۾گھٽ ڇهه ڪلاڪ پهريان ايئرپورٽ تي پهچي وڃن. ايئرپورٽ جي بلڊنگ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪسٽم جا اهلڪار سامان چيڪ ڪندا ۽ پوءِ انهن کي اسڪيننگ مشينن مان گذاريو ويندو. ان کان پوءِ توهان واسطيدار جھاز جي اُڏام واري ڪائونٽر تي سامان جمع ڪرائيندا. پاسپورٽ ۽ ٽڪيت ڏيکاري ڪري بورڊنگ ڪارڊ وصول ڪندا،. سامان جمع ڪرائڻ کان پوءِ توهان کي جده يا مدينه منوره پهچي ڪري سامان وصول ڪرڻ جي لاءِ ٽيگ به ڏنيون وينديون. انهن کي سنڀالي رکندا ۽ هٿ ۾ کڻڻ وارو سامان وري بيگ ۾ پاڻ وٽ ئي رکندا. ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته توهان جي سامان تي حج جو ٽيگ لڳايو ويو آهي. ان کان پوءِ توهان کي اميگريشن جي ڪائونٽر تان گذرڻو پوندو جتي پاسپورٽ تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي داخلا ڪئي ويندي. هاڻي پنهنجو پاسپورٽ هٿ ۾ کڻڻ واري بيگ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندا ۽ صرف بورڊنگ ڪارڊ هٿ ۾ رکندا. اهڙي طرح سڪيورٽي جي مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ توهان مسافرن جي انتظار گاهه ۾ پهچي ويندا جتي توهان جھاز جي اُڏام تائين رهندا.

[b]احرام ٻڌڻ:
[/b] احرام کان پهريان ننهن ڪٽيندا، مڇن جا وار گھٽ ڪندا، دن جي هيٺان وار ۽ بغلن جا وارصاف ڪرڻ مستحب ۽ غسل ڪرڻ سنت آهي. مردن جي لاءِ ممڪن ٿي سگھي ته جسم تي خوشبو لڳائين. غسل مردن ۽ عورتن ايستائين جو حيض ۽ نفاس وارين عورتن جي لاءِ به سنت آهي. هي سمورا ڪم ايئرپورٽ اچڻ کان پهريان ئي پورا ڪري ڇڏيندا.
مرد ايئرپورٽ پهچي ڪري ضروري معاملن مان واندا ٿي ڪري جڏهن انتظار ڪرڻ واري جڳهه تي پهچن ته احرام جي هڪ چادر گوڏ طور ٻڌن ۽ ٻي چادر ڪلهن تي رکن. هيٺ واري گوڏ کي دُن کان مٿي رکندا ته جيئن عبادت دوران اگھڙ نه ٿئي.
عورتون پنهنجي عام ڪپڙن ۾ رهن، اهو ئي انهن جو احرام آهي. پر انهن جو لباس مڪمل ڍڪيل هئڻ گھرجي يعني ايترو سنهو نه هجي جو جسم نظر اچي، نه ايترو سوڙهو هجي جو جسم جي جوڙ جڪ ظاهر ٿئي ۽ نه ئي ان جو رنگ ايترو شوخ هجي جو ڪنهن جي نظرن جي توجهه ٿئي. انهيءَ لاءِ پاڪستاني جھنڊي جي اسٽيڪر واري عبايا ضروري آهي. مختصر اهو ته عورتن جا هٿ ۽ منهن کان علاوه سمورو جسم ڍڪيل هئڻ گھرجي. اهو ئي انهن جو احرام آهي. واضع رهي ته عورتن جا وار به نظر نه اچڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته هي به ان جي اگھڙ ۾ شامل آهن.
جيڪڏهن مڪروهه وقت نه هجي ته نفل واسطي احرام ادا ڪندا. عورتون پيشانيءَ جي وارن جي شهه رڳ تائين ٻنهي ڪنن جي وچ ۾ منهن نه لڪائين. پر ڪجھه علماء ڪرامن اهو تجويز ڪيو آهي ته نامحرم مردن کان پڙدو ڪرڻ جي ڪري اهڙي ڪيپ (ٽوپي) استعمال ڪجي جنهن تي منهن جي سامهون ڄاري لڳل هجي ۽ اها منهن جي فاصلي تي هجي يا ڪوئي ڪپڙو وغيره هٿ ۾ رکندا جنهن سان ضرورت جي وقت منهن لڪائي سگھجي. قبلي رُخ ٿي ڪري عمري جي نيت ڪندا.
اَ للّٰھُمَّ إِنِّيْ أُرِيدُ الْعُمْرَةَ فَيَسِّرْهَا لِيْ وَتَقَبَّلْهَا مِنِّيْ
يا الله! مان تنهنجي رضا جي لاءِ عمري جي نيت ڪئي، تون ان کي منهنجي لاءِ آسان فرماءِ ۽ منهنجي طرفان قبول فرماءِ.
يا
لَبَّيْكَ بِعُمْرَةٍ
يا الله مان حاضر آهيان عمري جي لاءِ
مرد عمري جي نيت سان ٽي دفعه وڏي آواز ۾ ۽ عورتون هلڪي آواز ۾ تلبيو چون.
لَبَّیْكَ ط اَ للّٰھُمَّ لَبَّیْكَ ط لَبَّیْكَ لَا شَرِیْكَ لَكَ لَبَّیْكَ ط
اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَۃَ ط لَكَ وَالْمُلْكَ ط لَا شَرِیْكَ لَكَ ط
تلبيي چوڻ سان ئي احرام جون پابنديون شروع ٿي وينديون آهن. تلبيي چوڻ کان پوءِ عمري جي آساني، قبوليت ۽ اخلاص جون دعائون گھرندا. پاڪستاني حج جا پانڌيئڙا اڪثر ڪري حج تمتع ڪندا آهن (جنهن جي تفصيل اڳتي ايندي) تنهنڪري هي احرام حج تمتع ۾ شامل عمري جو احرام هوندو.

[b]ضروري وضاحت:
[/b] گذريل سالن وانگر هن سال به سرڪاري اسڪيم جي تحت سفر ڪرڻ وارا ڪجهه حاجي سڳورا پاڪستان کان سڌوسنئون مدينه منوره ويندا جنهن جو اطلاع انهن کي بروقت ڏنو ويندو. انهن مردن ۽ عورتن کي به ايئرپورٽ جي انهن مرحلن مان گذرڻو پوندو پر اُهي احرام نه ٻڌندا. اهي مدينه منوره ۾ پنهنجو وقت پورو ڪرڻ کان پوءِ مڪه مڪرمه روانگيءَ جي وقت ذوالحليفه کان عمري جي ادائيگي جي لاءِ احرام ٻڌندا.

[b]سفر دوران ڪجهه احتياطون:
[/b] جھاز تي وڃڻ جو اعلان ٿئي ته بورڊنگ ڪارڊ ۽ هٿ وارو سامان کڻي قطار ٺاهي تحمل سان جھاز ۾ سوار ٿيندا. شناختي لاڪيٽ ڳچيءَ ۾ پائي رکندا. جھاز ۾ پنهنجي سيٽ جي مٿئين خاني ۾ پنهنجو هٿ ۾ رکڻ وارو سامان رکي ڪري ڍڪڻ مضبوطيءَ سان بند ڪندا. جڏهن ته ڪاغذ پٽ ۽ ڪرنسي وارو بيگ پاڻ سان گڏ رکندا. پنهنجي مخصوص ٿيل سيٽ تي ويهندا. سيٽ بيلٽ ٻڌندا ۽ جھاز ۾ ٿيڻ وارن اعلانن کي غور سان ٻڌندا ۽ انهن جي مطابق عمل ڪندا. ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ جي وقت جھاز جي اندر هلڻ گهمڻ کان پاسو ڪندا. سفر جي دوران جھاز ۾ پاڻيءَ جو استعمال احتياط سان ڪندا ۽ جھاز جي فرش تي پاڻي نه هاريندا. جھاز جو ٽوائليٽ تمام ننڍو هوندو آهي. ٽوائليٽ احتياط سان استعمال ڪندا ڇاڪاڻ ته احرام جي ناپاڪ ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي. اُڏام جي دوران ذڪرڪرڻ ۾ مصروف رهندا ۽ تلبيو پڙهندا رهندا. جھاز مان لهڻ وقت به هوائي عملي جي هدايتن تي عمل ڪندا ۽ جلدبازيءَ کان پاسو ڪندا.