مذهب

رهبر حج (حج جي تربيت)

حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
Title Cover of book رهبر حج (حج جي تربيت)

باب نائون :حادثن کان بچاءُ

[b]باهه کان بچاءُ:
[/b]باهه لڳڻ جا بنيادي سبب ۽ انهن جي بچاءَ جا طريقا هيٺ بيان ڪجن ٿا:
• بجلي جو شارٽ سرڪٽ.
• بجلي جي تارن جا ڪنيڪشن ڍلا نه ٿيڻ ڏيندا.
• هڪ پوائنٽ ۾ هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ بجلي جا اوزار استعمال نه ڪندا نه ته تارون گرم ٿي ڪري باهه پکڙجي سگھي ٿي.
• بجليءَ جي استري سان به باهه لڳي سگھندي آهي. ان جي استعمال ۾ احتياط ڪندا. گرم استري ڇڏي نه ويندا جيڪا ڪپڙي تي لڳي ڪري باهه لڳڻ جو سبب ٿي سگھي ٿي.
• رهائشي جڳهن تي خيمن جي اندر ۽ ٻاهر مناسب صفائي هئڻ گھرجي. گند ڪچرو اڇلڻ لاءِ ٽوڪري استعمال ڪندا. وکريل ڪاغذ ۽ ڪپڙا باهه کي دعوت ڏيندا آهن.
• خيمن جي اندر کاڌو نه پچائيندا.
• سمهڻ وقت بستري تي سمهي ڪري سگريٽ نه پيئندا.
• ٻرندڙ سگريٽ کي بي احتياطيءَ سان نه اڇليندا بلڪي ان کي وسائي Ashtray ۾ وجهندا.
• ماچس کي ٻارن جي پهچ کان پري رکندا.
• گيس جي سلينڊر کي هميشه سڌو رکندا.
• گيس سلينڊر ان جي ٽيوب کي گرمائش کان بچائي رکندا.
• گيس سلينڊر جڏهن استعمال ۾ نه هجي ته ٻُجيءَ کي مظبوطيءَ سان بند رکندا.
• گيس سلينڊر کي چلهي کان گھٽ ۾ گھٽ ڇهه ميٽرن جي فاصلي تي رکندا.
• جيڪڏهن سلينڊر مان گيس نڪرندي هجي ته ان کي صابڻ سان چيڪ ڪندا باهه جي ذريعي ڪڏهن به چيڪ نه ڪندا.
• گيس جو چلهو يا هيٽر استعمال ڪرڻ وقت گيس جي خارج ٿيڻ تي ڌيان رکندا. ان سان گيس جمع ٿي ڪري ڌماڪو ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. جيڪڏهن ڪمري ۾ گيس جي ڌپ محسوس ڪريو ته پڙدا ۽ دريون کولي ڇڏيندا ۽ ارد گرد ماڻهن کي هوشيار ڪندا.
• باهه لڳڻ جي صورت ۾ مدد لاءِ دانهيندا.
• پاڻي يا واري باهه جي ڀڀڙ تي هاريندا.
• باهه کي ويجهي کان ويجهو ٿي ڪري وسائيندا.
• باهه جي آس پاس کان سڙڻ وارين شين کي هٽائيندا.
• بجلي جي باهه هجي ته سوئچ بند ڪري ڇڏيندا.
• تيل جي باهه کي واريءَ سان وسائيندا. پاڻيءَ سان وسائڻ جي ڪوشش نه ڪندا.
• جيڪڏهن ڪٿي باهه بي قابو هجي ته هڪدم پهريان کان ڏنل هنگامي نمبر تي ٽيلي فون ڪندا.
• جيڪڏهن ڪنهن جي ڪپڙن کي باهه لڳي وڃي ته ڪمبل يا ڪوٽ وغيره ۾ ويڙهي زبردستي هيٺ ڪيرائيندا ۽ ٿڀڙن سان باهه کي وسائيندا ان تي پاڻي هرگز نه وجهندا.
• جيڪڏهن پنهنجي ڪپڙن کي باهه لڳي وڃي ته هڪدم هٿن سان منهن کي ڍڪي ڇڏيندا ۽ زمين تي ليٽڻ شروع ڪندا ۽ مدد لاءِ سڏيندا.
• دونهي واري ڪمري ۾ بي هوش ماڻهوءَ کي ڪڍڻ لاءِ فرش تي ريڙهيون پائيندي ڪمري ۾ داخل ٿيندا ۽ ان جا ٻئي هٿ ٻڌي ڪري پنهنجي ڳيچيءَ ۾ وجهندا ۽ گھليندا ٻاهر کڻي ايندا.

[b]صدمي جو علاج:
[/b]• مريض کي سمهاريندا.
• مريض جي جسم کي گرم رکندا.
• مٿو جسم جي سطح کان هيٺ رکندا جيڪڏهن مٿي ۾ ڍڪ لڳل هجي ته ان کي مٿانهون رکندا ۽ رت وهي رهيو هجي ته ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا.
• بي هوشيءَ ۽ نيم بي هوشيءَ ۽ الٽي اچڻ جي صورت ۾ زخميءِ کي ڪجهه نه پيئاريندا.
• هوش اچڻ تي گرم ۽ گھڻي مِٺي چانهه پيئاريندا.

[b]دم گھٽجڻ جو علاج:
[/b]• مريض کي ان شيءَ کان پري ڪندا جنهن سان دم گھٽجي رهيو هجي. جيڪڏهن مريض ڪنهن بجلي جي تار کي ڇُهي رهيو هجي ته ان کي هٿ نه لڳائيندا.
• اهڙي صورت ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ ڪاٽي ڇڏيندا يا بجلي جي تار کي الڳ ڪرڻ لاءِ سُڪل ڪاٺيءَ جو ٽڪرو يا رٻڙ جو پائيپ استعمال ڪندا.
• دونهي ۾ ورتل مريض کي جلدي ٻاهر ڪڍي ايندا.
• هٿرادو ساهه کڻڻ جي طريقي سان مريض جو ساهه بحال ڪندا.

[b]ساهه جاري ڪرڻ جا مصنوعي (هٿرادو) طريقا:
[/b]
[b](الف) منهن سان منهن ملائي ڪري:
[/b]• منهن سان منهن ملائي ڪري زخميءَ جي مٿي کي پوئتي سرڪائيندا ان جي کاڏيءَ کي مٿي رکندا.
• مريض جي ڄاڙي کي اهڙي طرح دٻائيندا ته جيئن ان جو وات کلي وڃي.
• پنهنجو منهن پورو کوليندا ۽ مريض جي منهن تي مظبوطيءَ سان رکندا.
• منهن جي ذريعي زور سان ڦوڪ ڏيندا.
• پنهنجي منهن کي ٿوري دير جي لاءِ هٽائي ڇڏيندا.
• ساهه ڦوڪڻ جو هي عمل مسلسل جاري رکندا ته جيئن وقت تي مريض جو ساهه کڻڻ جاري ٿي وڃي.

[b](ب) شيفر جو طريقو:
[/b]• مريض کي پيٽ ڀر سمهاريندا ۽ ان جي چيلهه تي گوڏن ڀر ويهي رهندا.
• ٻنهي هٿن سان مريض جي چيلهه جي هيٺين حصي تي ٽن سيڪنڊن تائين دٻائيندا ۽ ٻن سيڪنڊن لاءِ زور ڏيڻ ڇڏي ڏيندا.
• هي عمل جاري رکندا ته جيئن مريض جو ساهه کڻڻ بحال ٿي وڃي.

[b]وهندڙ رت کي روڪڻ:
[/b]• زخم کي هڪدم هڪ صاف ڪپڙي سان ڍڪيندا. جيڪڏهن ڪپڙو نه ملي ته پنهنجي اگهاڙي هٿ سان زخم کي ڍڪيندا.
• زخم تي ٿورو زور ڏيندا.
• زخم تي زور ڏيڻ وقت زخمي هٿ ۽ پير مٿي کڻندا.
• جيڪڏهن رت رڳ مان وهي رهيو هجي ته آنڱر جو دٻاءُ جسم جي مخصوص جڳهه يعني پريشر پوانٽ تي وجھندا. اهڙي طرح رت جو وهڻ گھٽ ٿي ويندو.
• جيڪڏهن زخم ڳيچيءَ يا مٿي جي ويجھو هجي ته اهو طريقو استعمال نه ڪندا بلڪي زخم تي سڌو دٻاءُ وجھندا.

[b]جيڪڏهن هڏي ٽُٽي وڃي:
[/b]• جيڪڏهن هڏي ٽُٽڻ جو خدشو هجي ته مريض کي حرڪت ڪرڻ نه ڏيندا.
• جتي زخمي ماڻهو ويٺو هجي يا ستو پيو هجي اتي پلستر جي پٽي لڳائيندا.
• پلستر جي پٽي لڳائڻ لاءِ ٻن ماڻهن جي ضرورت پوندي آهي.
• زخمي ٿيل هٿ پير کي نرمي ۽ مضبوطيءَ سان پڪڙيندا. هڪ هٿ زخمي حصي جي مٿان رکندا ۽ ٻيو هيٺان رکي آهستي سان ڇڪيندا.
• جيڪڏهن ريڙهه جي هڏيءَ جو مسئلو هجي ته ڪڏهن به زخميءَ کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا.

[b]آله آتش ڪشي (فائر اڪسٽنگ شر) جو استعمال:
[/b]• باهه وسائڻ واري آلي تي جيڪو استعمال لکيل آهي ان کي غور سان پڙهندا ۽ هدايتن تي عمل ڪندا.
• باهه کي ويجهي کان ويجهو ٿي ڪري وسائيندا. آله آتش ڪشي جي نوزل (نالي) باهه جي جڙ جي طرف رکندا ۽ شعلن جي مٿان گيس يا پائوڊر نه وجھندا.
• آله آتش کي ڪڏهن به هوا جي رُخ جي مخالف استعمال نه ڪندا.
نوٽ: حاجي سڳورا جڏهن به ڪٿي گاڏي يا بس وغيره ۾ سوار ٿي رهيا هجن ته ان شيء جو اطمينان ڪري وٺن ته ان ۾ مناسب باهه وسائڻ جي سهولت موجود آهي.