باب اٺون:حج جي سفر جي لاءِ طبي سهولتون
حج جي دوران انهن مقدس جاين تي صرف سعودي حڪومت طبي مرڪز ۽ اسپتالون قائم ڪندي آهي ڪنهن ٻي حڪومت کي طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي. منى ۾ 6 وڏيون اسپتالون ۽ 44 طبي مرڪز قائم ڪيا ويندا آهن. جنهن جي نشاندهي مختلف روڊن تي بورڊ لڳائي ڪري ڪئي ويندي آهي انهيءَ ڪري حج جي پانڌيئڙن کي طبي سهولتن جي لاءِ پنهنجي رهائش گاهن کان وڌيڪ پري نه وڃڻو پوندو آهي. هتي سڀئي سهولتون مثال طور ضروري دوائون وغيره مُفت ڏنيون وينديون آهن. منى ۾ وڏين اسپتالن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
[b]نمبر شمار اسپتال جو نالو هنڌ
[/b]1 مستشفى الطوارى مسجد خيف وٽ
2 مستشفى الواردى زون 6 ۾ رستو نمبر 616 تي
3 مستشفى الجديد زون 2 ۾ رستو نمبر 202 تي
4 مستشفى القوات المسلح زون 7 ۾ طريق 44 القصر المکي تي
5 مستشفى منى الجسر ڪبري عبدالعزيز جي ويجھو
6 مستشفى الحرس الوطنى طريق 44 القصر المکي تي ڪبري عبدالعزير جي ويجھو
[b]ضروري طبي هدايتون:
[/b]• روانگيءَ کان پهريان گردن ٽوڙ بخار ۽ فلو (Influenza) جا حفاظتي ٽڪا به لڳرائيندا.
• حج کان پهريان ورزش ۽ پنڌ هلڻ جي عادت وجهندا. پنهنجي وزن کي مناسب رکندا.
• طبي ڪٽ (Medical Kit) جنهن ۾ سموريون دوائون هجن پاڻ سان گڏ رکندا.
• حج تي وڃڻ کان پهريان پنهنجي ڏندن جو معائنو ڪرائيندا.
• غير ضروري دوائن جي استعمال کان پاسو ڪندا ۽ دوائون صرف ڊاڪٽر جي هدايتن جي مطابق استعمال ڪندا.
[b]حج جي دوران ضروري طبي هدايتون:
[/b]• حج جي مناسڪ جي ادائگيءَ ۾ اعتدال (وچٿرائي نه گھٽ نه وڌ) رکندا، ضرورت کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ کي تڪليف نه ڏيندا.
• ذاتي صفائيءَ جو خيال رکندا.
• کاڌو کائڻ کان پهريان هٿن کي چڱي طرح ڌوئندا.
• اهو کاڌو کائيندا جيڪو ڍڪي ڪري رکيو ويو هجي.
• دٻي ۾ بند کاڌو معياد جي مطابق کائيندا. (جنهن تي Expiry date لکيل هجي).
• فروٽ، سبزيون ۽ اٻريل کاڌو کائيندا ته جيئن معدي جو مسئلو نه ٿئي.
• بازارن ۾ گھٽ ۾گھٽ ويندا ته جيئن ٿڪاوٽ گھٽ ٿئي.
• رش ۾ ڌڪي ڏيڻ کان پاسو ڪندا.
• سرنگ (Tunnel) ۽ روڊ تي سمهڻ کان پاسو ڪندا.
• انهن ماڻهن سان گڏ گھٽ ويهندا جن کي وچڙندڙ بيماري هجي.
• حج جا مناسڪ ادا ڪرڻ کان پهريان مناسب آرام ڪندا ته جيئن توهان جو جسم تازو توانو رهي.
• بغير ڪنهن ضرورت جي اُس ۾ نه ويندا جيڪڏهن وڃڻ ضروري هجي ته پاڻي گھڻو پيئندا، نمڪول استعمال ڪندا ۽ اُس ۾ ڇٽيءَ جو استعمال ضرور ڪندا. جيڪڏهن احرام ۾ نه هجو ته مٿو ڍڪي رکندا.
• بيماريءَ جي صورت ۾ پاڪستاني يا سعودي ڊسپينسريءَ مان مفت علاج ڪرائيندا.ممڪن ٿي سگھي ته ڊسپينسريءَ تائين پهچائڻ ۾ ٻين مريضن جي مدد ڪندا.
[b]طبي ڪٽ (Medical Kit):
[/b]طبي ڪٽ حج جي پانڌيئڙن وٽ هئڻ ضروري آهي. ان ۾ دوائون ٻن طرح جون هئڻ گھرجن.
[b](الف) دائمي (هميشه وارين) بيمارين جون دوائون:
[/b]• هائي بلڊ پريشر (Hypertension) ۽ دل جي مرضن جون دوائون.
• ذيابطيس (شوگر) (Diabetes) جي مريضن جي لاءِ انسولين (Insulin) جون انجيڪشن ۽ شوگر کي قابو رکڻ واريون دوائون.
• دم (Asthma) جي مريضن جا انهيلر (Inhaler).
• سموريون دوائون ڊاڪٽر جي مشوري سان سفر کان پهريان مناسب مقدار ۾ کڻندا.
[b](ب) عام علامتن جي علاج جون دوائون:
[/b]• او-آر-ايس (ORS) جيئن نمڪول جيڪو حج پانڌيئڙن کي سن اسٽروڪ (لُو لڳڻ) ۽ گھڻا دست (Diarrhea) ۾ پاڻيءَ جو جسم کان وڌيڪ نڪرڻ کانپوءِ ضروري هوندو آهي.
• بخار ۽ سُور ختم ڪرڻ جون دوائون.
• سڙڻ (Burn) جي تڪليف ۽ داغ ختم ڪرڻ جي مرهم.
• معدي جي تيزابيت کي گھٽ ڪرڻ جون دوائون.
• پٽي، ڪپهه ۽ سني پلاسٽ (Suniplast) .
[b]وچڙندڙ مرضن جي (Communicable Diseases)متعلق اهم هدايتون:
[/b] حج جي مقدس موقعي تي پوري دنيا کان ماڻهو ايندا آهن ۽ بنيادي طبي معلومات نه هجڻ جي ڪري ڪيتريون ئي بيمايون پکڙجي سگھن ٿيون جھڙڪ فلو (Influenza) هيپيٽائٽس انهن بيمارين جون علامتون آهن. بخار، درد (سور) ٿڪاوٽ. مٿي ۾ گھڻو سور به انهن بيمارين جو حصو آهي. انهن علامتن سان گڏ ڊاڪٽر سان رابطو ڪندا. درج ٿيل هدايتن تي پڻ عمل ڪندا:
• کاڌي کي چڱي طرح صاف ڪري کائيندا.
• پاڻي صاف ۽ گهڻي مقدار ۾ پيئندا.
• اس ۾ وڌيڪ هلڻ ۽ بيهي رهڻ سان چمڙيءَ جون بيماريون ٿي سگھن ٿيون.
• ڪپڙا هلڪا ۽ صاف پائيندا.
• چمڙيءَ کي خشڪ رکندا ۽ ٽيلڪم پائوڊر استعمال ڪندا.
• زخم کي ڍڪي رکندا ۽ جراثيم ختم ڪرڻ واري ِ دوا استعمال ڪندا.
• حج کان پوءِ وار صاف بليڊ سان ڪوڙائيندا ته جيئن (HIV) ۽ هيپاٽائيٽس کان بچي سگھجي.
[b]غير متعدي (Non Communicale Diseases)بيمارين متعلق ضروري هدايتون:
[/b](الف) سن اسٽروڪ (لُو لڳڻ) (Sunstroke)
• سج جي ٽاڪ گرميءَ ۾ وڌيڪ دير بيهڻ سان لو (لُڪَ) لڳي سگھي ٿي. جنهن سان جسم جا وڌ ۾ وڌ نمڪيات ۽ پاڻياٺ نڪري ويندا آهن. ان سان ڪمزوري ۽ بي هوشي ٿي سگھي ٿي.
• اُس ۾ ڇٽيءَ جو استعمال ڪندا. اُن کان بچڻ لاءِ گهڻي دير سج ۾ نه بيهندا.
• پاڻي پيئڻ جو مقدار وڌيڪ ڪندا توڻي جو اڃ نه به لڳي.
• وڌيڪ ٿڌو پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪندا.
(ب) دل جا مرض (Heart Diseases):
• دوائون باقاعدگيءَ سان کائيندا.
• ضرورت کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ کي نه ٿڪائيندا.
• سيني ۾ سُور هجڻ جي صورت ۾ زبان جي هيٺان رکڻ واري ٽڪي استعمال ڪندا.
• پوري طرح آرام ڪندا.
• سيني ۾ غير معمولي سُور ٿيڻ جي صورت ۾ اسپتال سان رابطو ڪندا.
(ٻ) ذيابطيس (شوگر) (Diabetes):
• ذيابطيس (شوگر) جا مريض انسولين کي ٿڌي جڳهه تي رکن.
• انسولين ۽ شوگر کي قابو رکڻ واريون دوائون وقت تي باقاعدگيءَ سان استعمال ڪندا.
• کاڌي جي وقتن جو خيال رکندا ۽ کاڌي کائڻ ۾ وڌيڪ وقفو نه رکندا.
• پنهنجي آرام جو خيال رکندا.
• شوگر کي حد کان وڌيڪ يا گھٽ ٿيڻ نه ڏيندا.
• کيسي ۾ هر وقت مٺي ٽڪي رکندا.
• شوگر گھٽ هجڻ جي صورت ۾ مٺي ٽڪي چوسيندا.
(ڀ) دم جا مريض (Asthma):
• دوائون باقاعدگيءَ سان کائيندا.
• هر وقت پاڻ سان گڏ انهيلر رکندا.
• آرام جو خيال رکندا. وڌيڪ رش ۾ وڃڻ کان پاسو ڪندا.
• سيني ۾ سڙڻ جي صورت ۾ اينٽي بايوٽڪ پاڻ سان گڏ رکندا.
• پاڻي وڌيڪ پيئندا ۽ تيز اُس ۾ گھٽ رهندا.
(ت) هائي بلڊ پريشر جا مريض (Hypertension):
• دوائون باقاعدگيءَ سان استعمال ڪندا.
• کاڌي ۾ لوڻ جو مقدار گھٽ رکندا.
• پنهنجو بلڊ پريشر (Blood presure)باقاعدگيءَ سان چيڪ ڪرائيندا.
(ٿ) ساهه جو انفيڪشن (نمونياRespiratory track infection)(:
• ساهه جي انفيڪشن حج جي موقعي تي ڪيترن ئي حاجي سڳورن کي ٿيندي آهي. ان کان بچڻ جي لاءِ هٿن جي صفائيءَ جو خيال رکندا.
• منهن تي ماسڪ جو استعمال ڪندا.
• کنگهڻ وقت منهن تي هٿ رکندا.
• فاصلو رکي ڪري ڳالهائيندا.
• وڌيڪ ٿڌي پاڻيءَ کان پاسو ڪندا.
• جيڪڏهن ٽي بي جي علامت محسوس ٿئي جيئن کنگهه سان گڏ بلغم يا رت ، سيني ۾ سُور، ڪمزوري بخار ۽ رات جو پگهر اچي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪندا.