باب پنجون؛حج جو طريقو
[/b]
[b]حج افراد:
[/b] يعني حج جي ڏينهن ۾ صرف حج جي ادائگيءَ جي لاءِ احرام ٻڌڻ ۽ عمرو نه ڪرڻ. ان ۾ قرباني واجب نه آهي.
[b]حج تمتع:
[/b] هڪ ئي سفر ۾ پهريان عمري جو احرام ٻڌو. طواف ۽ سعي کان پوءِ حلق ڪرائي هن احرام مان واندو ٿي ويو. پوءِ حج جو وقت آيو ته حج جو احرام ٻڌو. ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ۾ ٻن عبادتن کي ملائي ڪري فائدو حاصل ڪيو ويو ان کي حج تمتع چوندا آهن ۽ تمتع ڪرڻ واري کي متمتع چئبو آهي ۽ ان تي شڪراني جي قرباني واجب هوندي آهي. پاڪستاني حج جا پانڌيئڙا اڪثر ڪري حج تمتع ئي ڪندا آهن.
[b]حج قران:
[/b] هڪ ئي وقت ۾ حج ۽ عمري جو احرام ٻڌو، پهريان عمري جا رڪن ادا ڪيا، اهڙي طرح عمري جي سعيءَ کان پوءِ حلق يا قصر نه ڪرائي بلڪي طواف قدوم ۾ دستور مطابق احرام جي حالت ۾ رهيو ايستائين جو حج جي ڏينهن ۾حج جا رڪن ادا ڪري حلق يا قصر ڪرائي ۽ احرام مان واندو ٿيو. حج قران ڪرڻ واري تي به قرباني واجب ٿيندي آهي.
[b]حج جا ڏينهن:
[/b]يوم ترويه: 8 ذوالحج کي يوم ترويه چئبو آهي. ان ڏينهن حج جا پانڌيئڙا مڪه مڪرمه کان منيٰ جي طرف سفر جي شروعات ڪندا هئا.
يوم عرفه: 9 ذوالحج کي يوم عرفه چئبو آهي. ان ڏينهن حج جا پانڌيئڙا منيٰ کان عرفات جو سفر ڪندا آهن. سڄو ڏينهن عرفات جي ميدان ۾ گذاريو ويندو آهي ۽ سج لهڻ کان پوءِ مزدلفه جي سفر جي شروعات ڪئي ويندي آهي.
ايام نحر: 10 ذوالحج کان 12 ذوالحج جي ڏينهن کي ايام نحر چيو ويندو آهي.
ايام رمي: 10 ذوالحج کان 13 ذوالحج جي ڏينهن کي ايام رمي چوندا آهن.
ايام تشريق: 9 ذوالحج فجر کان 13 ذوالحج عصر تائين جي ڏينهن کي ايام تشريق چيو ويندو آهي. انهن ڏينهن ۾ حاجي ۽ غير حاجي جتي به هجن فرض نمازن جي سلام ورائڻ کان پوءِ هڪ دم ايام تشريق جون تڪبيرون چوندا آهن. جيڪي هيٺ لکيل آهن:
اَللّٰہُ اَکْبَرُ اَللّٰہُ اَکْبَرُ اَللّٰہُ اَکْبَرُ لَا اِلٰہَ اِ لَّا اللّٰہُ وَ اللّٰہُ اَکْبَرُ اَللّٰہُ اَکْبَرُ وَ لِلّٰہِ الْحَمْدُ
[b]حج جا عمل:
[/b] 8 ذوالحج کان 12 ذوالحج جي وچ ۾ حج جا هيٺ درج ٿيل عمل ادا ڪيا ويندا آهن. (13 ذوالحج جو ڏينهن اختياري هوندو آهي)
[b]حج جا فرض:
[/b]حج جا ٽي فرض آهن.
1. احرام ۽ نيت. 2. وقوفِ عرفات .3. طوافِ زيارت.
جنهن به هڪ فرض به ڇڏي ڏنو ان جو حج مڪمل نه ٿيندو. پر جيڪڏهن ڪو شخص طواف زيارت وقت تي نه ڪري سگهي ۽ دير سان ڪري ته طواف کان پوءِ ان جو دم به ڏيڻو پوندو.
نوٽ: ”دم“ مان مراد گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال جو ننڍو جانور (يعني ٻڪرو يا ٻڪري، دنبو يا دنبي) يا وڏي جانور ڳئون يا اُٺ جو ستون حصو آهي. جيڪو حج يا عمري جو واجب گسي وڃڻ يا ڪو منع ڪيل ڪم ڪرڻ سان فديه جي طور تي لازمي ڏيڻو هوندو آهي. هي دم حرم جي حدن ۾ ڏيڻ لازمي آهي. ان کي حاجي يا ڪنهن مالدار کي کارائڻ جائز نه آهي.
[b]حج جا واجب: [/b]
حج جا واجب هي آهن.
1. وقوف مزدلفه. 2. رمي جمرات (شيطانن کي پٿريون هڻڻ).
3. قرباني. 4. حلق /قصر.
5. سعي (طواف زيارت کان پوءِ) 6. طواف وداع.
[b]احرام:
[/b]ڇاڪاڻ ته منيٰ جي لاءِ حاجي سڳورن جي روانگي 7 ذوالحج جي شام کان شروع ٿي ويندي آهي انهيءَ ڪري ان کان پهريان حجامت / غير ضروري وارن جي صفائي ۽ ننهن ڪٽڻ کان پوءِ احرام جي نيت سان غسل نه ته وضو ڪندا. حج تمتع ڪرڻ وارا مرد ۽ عورتون مڪه مڪرمه ۾ پنهنجي رهائش گاهه کان ئي احرام جو لباس پائي ڇڏيندا. فرض نماز کان پوءِ احرام ٻڌڻ مسنون آهي پر جيڪڏهن فرض نماز جو وقت نه هجي ته ٻه رڪعتون نفل پڙهي ڪري به احرام جي نيت ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن نماز جي لحاظ کان مڪروهه وقت هجي ته نفل ڇڏي ڏيندا.
[b]حج جي نيت:
[/b]اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اُرِیْدُ الْحَجَّ فَیَسِّرْہُ لِیْ وَتَقَبَّلْہُ مِنِّیْ وَاَعِنِّیْ عَلَیْہِ وَ بَارِكْ لِیْ فِیْہِ نَوَیْتُ الْحَجَّ وَاَحْرَمْتُ بِہٖ لِلّٰہِ تَعَالٰی
" اي الله مان حج جي نيت ڪريان ٿو پوءِ ان کي منهنجي لاءِ آسان ڪري ڇڏ ۽ مون کان قبول فرماءِ ۽ ان ۾ منهنجي مدد فرماءِ. ۽ ان ۾منهنجي لاءِ برڪت وجهه. نيت ڪئي مون حج جي ۽ احرام ٻڌو الله تعاليٰ جي لاءِ".
يا
لَبَّيْكَ حَجَّةً
اي الله مان حج جي لاءِ حاضر آهيان.
ان کان هڪ دم پوءِ عورتون آهستي جڏهن ته مرد ٿورڙو وڏي آواز ۾ ٽي دفعا تلبيو پڙهندا، آهستي آواز سان درود شريف پڙهندا ۽ دعا به گھرندا، هاڻي توهان تي هڪ دفعو ٻيهر احرام جون پابنديون لاڳو ٿي ويون.
[b]منيٰ جي لاءِ روانگي:
[/b] منيٰ جي لاءِ روانگي 8 ذوالحج جي فجر کان پهريان يا رات جو ڪنهن به وقت ٿي سگھي ٿي. ان ۾ ڪوئي حرج نه آهي. منيٰ روانو ٿيڻ وقت پاڻ سان گڏ مختصر سامان کڻي ويندا. هڪ عدد شلوار قميص، چپل، ڇٽي، ٽشو پيپر، کائڻ پيئڻ جي لاءِ شيون، ضروري دوائون ، پٿراڻي، ٽوٿ پيسٽ / برش، ڪاٺ جو ڏندڻ، احرام جي وڌيڪ چادر، ٽوال، کائڻ ۽ چانهه جا مختصر ٿانو، چمچا وغيره ۽ سفر جي دوران خرچ لا رقم ساڻ کڻي ويندا.
منيٰ ۾ حج جا پانڌيئڙا 8 ذوالحج جو ظهر، عصر، مغرب، عشاء جون نمازون ادا ڪندا آهن ۽ 9 ذوالحج جو فجر جي نماز کان پوءِ سج چڱي طرح نڪري اچڻ کان پوءِ منيٰ کان عرفات روانا ٿيندا آهن. منيٰ ۾ ترسڻ دوران يعني 8 ذوالحج جو ۽ پوءِ 10 کان 13 ذوالحج جون نمازون پنهنجي پنهنجي خيمن ۾ ئي باجماعت ادا ڪيون وينديون آهن.
[b]عرفات جي لاءِ روانگي (9 ذوالحج):
[/b] 9 ذوالحج جي صبح سج اڀرڻ کان پوءِ عرفات لاءِ روانو ٿيڻو هوندو آهي. انتهائي مجبوري يا معلم جي انتظام جي صورت ۾ فجر کان پهريان پهچڻ ۾ به ڪوئي حرج نه آهي، رستي ۾ تلبيه، تڪبير، تهليل ڪندا رهندا. جيتوڻيڪ عرفات پهچڻ جو وقت ظهر تائين آهي تنهن هوندي به رش جي ڪري دير ٿي وڃي ته پريشان نه ٿيندا.
[b]عرفات ۾ حج جوخطبو:
[/b] جيڪي ماڻهو مسجد نمره وڃي سگھن ٿا اُهي مسجد ۾ اِمام جي پويان نماز پڙهن ۽ جيڪي نه وڃي سگھن اُهي پنهنجي خيمن ۾ ئي جماعت ڪرائن يا پنهنجي نماز پڙهن. عرفات جي ميدان ۾ مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏنو ويندو آهي، اتي ظهر ۽ عصر جون نمازون ملائي ڪري پڙهيون وينديون، نمازون قصر ٿينديون، هڪ آذان ۽ ٻن اقامتن سان گڏ. ٻنهي نمازن جي وچ ۾ ڪائي سنت يا نفل ناهن پڙهڻا. (حنفي مسلڪ جي تحت خيمن ۾ نماز جي صورت ۾ ظُهر ۽ عصر جون نمازون الڳ الڳ پنهنجي پنهنجي وقتن تي پڙهيون وينديون).
[b]وَقوفِ عرفات (فرض)
[/b] ظهر ۽ عصر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ مغرب تائين قبله رُخ ٿي ڪري دعائون گھرندا ان کي وقوف عرفات چوندا آهن. هٿ مٿي ڪري دُعا گهرڻ مسنون آهي. بيماري، ڪمزوري ۽ ڪراڙپ جي ڪري دعا ويهي به گهري سگھجي ٿي. ٿڪجڻ جي صورت ۾ ٿوري دير ويهي رهندا ۽ پوءِ بيهي رهندا. عرفات ۾ آرام جي نيت سان ۽ بيڪار وقت نه گذاريندا ۽ نه ئي وڌيڪ کائڻ پيئڻ ۾ مشغول رهندا. جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو مغرب کان ٿورو پهريان به عرفات پهچي ويو ته ان جو وقوف ٿي ويو. حاجي سڳورن جي لاءِ عرفه جو روزو رکڻ منع آهي. عرفات جو وقوف حج جو لازمي رُڪن آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي نموني جيڪڏهن هي فوت ٿي وڃي ته حج ادا نه ٿيندو. انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو بيمار ٿي پوندا آهن ۽ اسپتال ۾ هوندا آهن انهن کي سعودي حڪومت طرفان ايمبولينس جي ذريعي عرفات پهچايو ويندو آهي. انتهائي عذر جي صورت ۾ 10 ذوالحج جي فجر کان پهريان پهچڻ واري شخص جو به وقوف ٿي ويندو آهي.
[b]ميدان عرفات جي دعا:
[/b]لَا إِلٰهَ إِلَّااللّٰهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ , لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ يُحْيِيْ وَ يُمِيْتُ بِيَدِهٖ الْخَيْرُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
"الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق نه آهي هو اڪيلو آهي ان جو ڪوئي شريڪ نه آهي، بادشاهي ان جي لاءِ آهي، حمد جي لائق اُهو ئي آهي ۽ هو هر شيء تي قادر آهي."
[b]مزدلفه جي لاءِ روانگي:
[/b]9 ذوالحج جو سج لهڻ کان پوءِ مغرب جي نماز پڙهڻ کان بغير پنڌ، بس يا ٽرين جي ذريعي عرفات جي ميدان کان مزدلفه جي لاءِ روانگي شروع ٿيندي آهي. مغرب جي نماز عرفات ۾ ناهي پڙهڻي توڻي جو روانگيءَ ۾ دير ٿي وڃي.
[b]مزدلفه ۾ ترسڻ (واجب):
[/b]مزدلفه پهچي ڪري مغرب ۽ عشاء جون نمازون عشاء جي وقت ۾ ڪٺيون ڪري پڙهڻيون آهن. جنهن وقت به مزدلفه پهچو اطمينان سان نمازون ادا ڪندا ۽ مزدلفه جي رات آرام ڪندا، اهو ئي مسنون آهي. رمي جي لاءِ مٽر جي داڻن جيتريون گھٽ ۾گھٽ 70 پٿريون گڏ ڪندا. (10 ذوالحج جي لاءِ 7 پٿريون، 11 ۽ 12 ذوالحج جي لاءِ 21، 21 ۽ جيڪڏهن 13 ذوالحج جو به رمي ڪرڻي آهي ته وڌيڪ 21 پٿريون). 10 ذوالحج جو صبح جو فجر کان پوءِ ڪجھه دير قبله رُخ بيهي ڪري دعائون گھرڻ کي وقوف مزدلفه چئبو آهي.
[b]مني ٰ جي لاءِ روانگي (10 ذوالحج):
[/b] 10 ذوالحج جي صبح فجر جي نماز ۽ وقوف مزدلفه کان پوءِ سج اڀرڻ کان پهريان منيٰ جي لاءِ روانگي ٿيندي. ان ڏينهن جڏهن حج جا پانڌيئڙا مزدلفه کان منيٰ ۽ پوءِ رمي جمرات جي لاءِ پنڌ هلڻ واري رستي تي هلندا آهن رستي ۾ سعودي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهلڪار حج جي پانڌيئڙن کي وڌيڪ سامان پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي اجازت ناهن ڏيندا. ڇاڪاڻ ته ان سامان جي ڪري جمرات جي علائقن ۾ ٻين کي ايذاءُ پهچندو آهي ۽ حادثن جو خطرو به هوندو آهي. تنهنڪري بهتر اهو ٿيندو جو مزدلفه کان منيٰ پهچڻ کان پوءِ پهريان پنهنجو واڌو سامان يعني بيگ، پٿراڻي ۽ ڇٽي وغيره پنهنجي خيمن ۾ رکندا ۽ پوءِ رمي جمرات يعني پٿريون هڻڻ ويندا. اڄ حاجي سڳورن جو مصروف ترين ڏينهن آهي. منيٰ ۾ اڄ حاجي سڳورن جي اهم حج جي فعلن ۾ جمرهء عقبه جي رمي، قرباني ۽ حلق يا قصر شامل آهي.
[b]جمره عقبه جي رمي (واجب 10 ذوالحج)
[/b]جن جڳهن تي پٿريون هنيون وينديون آهن انهن کي جمرات چوندا آهن. رميءَ جي معنى هڻڻ آهي ۽ پٿرين کي جمار چوندا آهن. جن ٽن جڳهن تي رمي جمار ٿيندي آهي انهن کي جمرهء عقبه، جمرهء وسطيٰ ۽ جمرهء اولى يا اخرى چوندا آهن. 10ذوالحج جو منى پهچي ڪري صرف جمرهء عقبه جي رمي ڪرڻ واجب آهي. مسنون وقت سج اڀرڻ کان زوال تائين آهي پر سعودي علماء جي فتوائن جي مطابق موجوده حالتن جي پيش نظر مغرب تائين بلڪه مغرب کان پوءِ به بغير ڪنهن ڪراهت جي جائز آهي. (ڪمزور، عورتن ۽ ٻارن جي طرف کان وڪيل رمي ڪري سگھي ٿو). رمي کان پهريان تلبيه پڙهڻ بند ڪندا. رميءَ جي لاءِ پٿريون مٽر جي داڻن جي برابر هجن. وڏا وڏا پٿر نه هڻڻ گھرجن ۽ نه ئي جوتو يا ڪا ٻي شيء. رميءَ جي وقت اڪثر حادثا ٿيندا آهن. هتي ڏاڍو احتياط ڪندا ۽ پاڻ سان گڏ سامان نه کڻي ويندا. جنهن رستي تي وڃي رهيا آهيو ان رستي کان واپس نه موٽندا. رش جي ڪري رستي ۾ بيهڻ يا ويهڻ کان به پاسو ڪندا. رمي ڪرڻ وقت خيال رکڻ جي هڪ خاص ڳالهه هي آهي ته جمري کان ٿورو پر ڀرو ٿي ڪري ان جي اڳئين حصي ۾ وڃي ڪري رمي ڪندا اتي اڪثر ڪري رش تمام گھٽ هوندي آهي.
[b]رمي جمار جي دعا:
[/b]رمي جمرات وقت ساڄي هٿ سان هر پٿري هڻڻ وقت هي چوڻ مسنون آهي.
بسم الله الله اڪبر
[b]قرباني(واجب/ 10 ذوالحج):
[/b]قربان گاهه تي وڃي ڪري پاڻ قرباني ڪرڻ اڄڪلهه نهايت مشڪل ۽ ٿڪائي ڇڏڻ وارو عمل آهي. وزارت مذهبي امور حج جي پانڌيئڙن جي سهولت جي لاءِ حج درخواستن سان گڏ قرباني جي رقم جي وصولي جو بندوبست ڪيو آهي جنهن جا ڪوپن حاجي سڳورن کي سعودي عرب ۾ انهن جي رهائش گاهن تي حج کان پهريان ڏنا ويندا آهن. ۽ قربانيءَ جو وقت به ٻڌايو ويندو آهي. ان وقت تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ حلق يا قصر ڪرائي ڇڏجي. جيڪي حج جا پانڌيئڙا سعودي عرب ۾ پنهنجي طور تي قرباني ڪرڻ چاهن يا ڪنهن ڳالهه جي ڪري دم جي ادائگيءَ ڪرڻ چاهن ته انهن جي سهولت جي لاءِ حرم کان ٻاهران سعودي اِدارن جي مخصوص ڪانئونٽرن تي به رقم جمع ڪرائي قرباني/ دم جا ٽوڪن پڻ حاصل ڪري سگھجن ٿا.
[b]حلق يا قصر (واجب، 10 ذوالحج):
[/b] جمرهء عقبه (وڏي شيطان) جي رميءَ کان واپس اچي ڪري قرباني کان پوءِ حلق (وار ڪوڙائڻ) يا قصر (پوري مٿي جا وار هڪ آنڱر جي ويڙهي جي برابر ڪترائڻ) ڪترائيندا. جيڪڏهن پهرين عمري کان پوءِ حلق ڪرائي هئي تڏهن به ٻيهر پاڪي ڦيرائڻي پوندي. عورتن جي لاءِ مٿو ڪوڙائڻ جائز ناهي، آڱر جي هڪ ويڙهي يا انچ يا ان کان وڌيڪ سمورا يا گھٽ ۾ گھٽ چوٿائي وارن جي چوٽي پڪڙي ڪري ڪٽائيندا. حلق يا قصر کانپوءِ ننهن به ڪٽڻ مستحب آهن.
نوٽ: مرد حاجي سڳورا حجمن جي دڪانن تي وڃي ڪري حلق يا قصر ڪرائين.
[b]احرام کولي ڪري عام لباس پائڻ (10 ذوالحج):
[/b]حلق يا قصر کان پوءِ احرام جو لباس بدلائي ڪري عام لباس پائيندا. وهنجي سهنجي مير مٽي صاف ڪندا. هاڻي احرام جون سڀئي پابنديون ختم ٿي ويون سواءِ ازدواجي (زال مڙس جي تعلق) جي ادائگيءَ جي، جنهن جي پابندي طواف افاضه يا طواف زيارت کان پوءِ ختم ٿيندي. (حج جي دوران اُن ڏينهن عيد جي نماز ناهي پڙهڻي هوندي حاجي جي لاءِ عيد ملهائڻ جو ڪوئي تصور ناهي).
[b]طواف زيارت/ طوافِ اضافه جي لاءِ روانگي: (فرض/ 10 ذوالحج)
[/b] قرآن پاڪ ۾ هڪ جڳهه تي ارشاد آهي:
ترجمو:"۽ ڪجهه مقرر مهينن ۾ انهن جانورن (جي قرباني) تي الله جو نالو وٺو جيڪي ان انهن کي بخشيا آهن، پاڻ به کائو ۽ تنگ دست محتاجن کي به ڏيو پوءِ پنهنجي مير مٽي صاف ڪندا ۽ پنهنجا صدقا پورا ڪندا ۽ هن آڳاٽي گھر جو طواف ڪندا". (الحج 29-28)
مير مٽي صاف ڪندا "يعني يوم نحّر (10 ذوالحج) جو قربانيءَ کان واندا ٿي ڪري حجامت ڪرائيندا، وهنجندا.
"هن آڳاٽي گھر جو طواف ڪندا" مان مراد طواف زيارت آهي جيڪو يوم نحر جي قرباني ڪرڻ ۽ احرام کولي ڇڏڻ کان پوءِ ڪيو ويندو آهي. خيال رهي ته طواف زيارت پنهنجي روز مرهه جي ڪپڙن ۾ ڪيو ويندو آهي. طواف زيارت جو افضل وقت ڏهين ذوالحج آهي ۽ هي ٻارهين تاريخ جي سج لهڻ تائين ڪري ڇڏيو ته جائز آهي. ۽ جيڪڏهن ٻارهين تاريخ گذري وئي ۽ طواف زيارت نه ڪيو ته دير ٿيڻ جي ڪري دم ڏيڻ واجب ٿيندو ۽ طواف به ڪرڻو پوندو. هي طواف ڪنهن به حال ۾ ساقط ناهي ٿيندو ۽ نه ئي ان جو ڪوئي بدلو ڏئي ڪري ادا ٿي سگھي ٿو، بلڪي آخري عمر تائين ان جي ادائيگي فرض رهندي آهي ۽ جيستائين ان کي ادا نه ڪيو ويندو زال مڙس جي متعلق پابنديون برقرار رهنديون. توهان جڏهن طواف زيارت ڪري ڇڏيو ته هاڻي زال مڙس جي متعلق پابندين سميت احرام جون سمورين پابنديون ختم ٿي ويون. هاڻي توهان لاءِ جيڪو ڪجهه احرام جي حالت ۾ حرام هيو اُهي سڀ حلال ٿي ويا.
محترم عورتن جي لاءِ ڪجهه اهڙيون حالتون هونديون آهن جيڪي انهن کي فطري طور تي پيش اينديون آهن. جن جي ڪري انهن جو مسجد ۾ داخل ٿيڻ ، نماز پڙهڻ ۽ قرآن جي تلاوت ڪرڻ جي بندش هوندي آهي. جيڪڏهن حج ۾ اهڙي صورت پيش اچي ته اُهي حج جا سمورا معاملا سرانجام ڏينديون. صرف طواف ان وقت تائين نه ڪنديون جيستائين اُهي پاڪ نه ٿيون ٿين. ان ۾ دير ٿيڻ سان دم واجب ناهي ٿيندو ۽ نه ڪنهن طرح جو گناهه ٿيندو آهي.
[b]طواف زيارت کان پوءِ صفا مروه جي وچ ۾ سعي: (واجب)
[/b] طواف زيارت کانپوءِ صفا مروه جي وچ ۾ سعي واجب آهي. هيءَ سعي توهان احرام کان سواءِ پنهنجي روزمرهه جي ڪپڙن ۾ ڪندا ڇاڪاڻ ته احرام ان کان پهريان ختم ٿي ويندو آهي. هاڻي توهان احرام جي پابندين کان مڪمل طور تي آجا ٿي ويا.
طواف ۽ سعي کان واندا ٿي ڪري وري منيٰ هليا ويندا، رات هر حالت ۾ منيٰ ۾ ئي گذارڻي آهي توڻي جو رات جي ڪنهن به حصي ۾ طواف کان واندا ٿيو. طواف زيات کان پوءِ ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن منيٰ ۾ ترسڻو آهي. قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو:
ترجمو:" ۽ ڳڻيلن ڏينھن (مِنىٰ وارن) ۾ الله کي ياد ڪريو، پوءِ جيڪو ٻن ڏينھن ۾ تڪڙو نڪري تنھن تي گناھ ڪونھي، ۽ جيڪو دير ڪري تنھن تي (به) گناھ نه آھي (اھو حُڪم) اُن لاءِ آھي جيڪو پرھيزگاري ڪري، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ". (البقرة 203)
يعني ايام تشريق ۾ منيٰ کان مڪه جي طرف واپسي توڻي 12 ذوالحج جو هجي يا 13 ذوالحج جو هجي، ٻنهي صورتن ۾ ڪوئي حرج نه آهي. اهميت ان جي نه آهي ته توهان ڪيترا ڏينهن ترسيا بلڪي ان ڳالهه جي آهي ته جيترا ڏينهن ترسيا انهن ۾ الله جو ذڪر ڪندا رهيا يا صرف گھمڻ ڦرڻ يا فضول ڳالهين ۾ وقت ضايع ڪيو.
[b]11 ذوالحج حج جو پنجون ڏينهن: (منيٰ ۾ ترسڻ- پٿريون هڻڻ، واجب)
[/b] جيڪڏهن توهان ڪنهن ڳالهه جي ڪري يا رش وڌيڪ هجڻ جي ڪري ڏهين تاريخ تي قرباني يا طواف زيارت نه ڪري سگهيا آهيو ته اڄ ڪري وٺو. يارهين، ٻارهين، تيرهين ذوالحج جو "ايام رمي" يعني (شيطانن کي پٿريون هڻڻ جو ڏينهن) چوندا آهن. ان لاءِ انهن ڏينهن ۾ رمي ئي اها عبادت آهي جنهن جي لاءِ منيٰ ۾ ترسڻ سنت مُوڪده آهي ۽ ڪجهه علماء جي ويجهو واجب آهي ۽ منيٰ کان ٻاهر مڪه مڪرمه يا ڪنهن ٻي جڳهه تي رات گذارڻ تي بندش آهي.
منيٰ جي وڏي مسجد کان جنهن جو نالو مسجد خيف آهي، جيڪڏهن آساني سان ٿي سگھي ۽ توهان مسجد جي ويجھو رهائش پذير آهيو ته زوال کان پوءِ ظهر جي نماز جماعت سان مسجد خيف ۾ يا پنهنجي رهائش گاهه تي ادا ڪندا ۽ رمي (پٿريون هڻڻ) جي لاءِ نڪري ويندا. اڄ جي ڏينهن يعنيٰ يارهين ذوالحج جو ٽنهي جمرن جي رمي ڪرڻي آهي. اڄ رمي (پٿريون هڻڻ) جو وقت زوال کان شروع ٿي ڪري سج لهڻ تائين آهي. ۽ هاڻي مغرب کان پوءِ به جائز آهي، صبح صادق کان پهريان تائين. رستي ۾ سڀ کان پهريان "جمره اُوليٰ" ايندو، بلڪل اهڙي جهڙي طرح جمره عقبه جي رمي ڪئي هئي، ان کي ست پٿريون هڻندا ۽ هر پٿريءَ تي بسم الله الله اڪبر پڙهندا. رميءَ کان پوءِ ٿورو ساڄي طرف هٽي ڪري قبلي رُخ ٿي ڪري دعا گھرندا. توبهه، استغفار ۽ تسبيح ۽ ذڪر کان پوءِ درود شريف پڙهندا. پنهنجي لاءِ دعائون گھرندا، پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن جي لاءِ دعا گھرندا. جيڪڏهن رش وڌيڪ هجي ته اڳتي وڌي ويندا. ۽ ان کان پوءِ "جمره وُسطيٰ" تي ايندا ۽ اهڙي طرح ست پٿريون ان کي هڻندا جهڙي طرح "جمره اُوليٰ" کي هنيون هيون ۽ ٿورو کاٻي پاسي هٽي ڪري قبلي جي طرف ٿي ڪري دعا گھرندا ۽ ايتري دير ئي بيهندا جيتري دير "جمره اُوليٰ" تي بيٺا هئا. ان کان پوءِ "جمره عقبه" تي ايندا. اهڙي طرح ست پٿريون ان کي به هڻندا جهڙي طرح پهريان هنيون هيون. پر هن جمره تي بيهڻ يا دعا گھرڻ جي ڪائي ثابتي نٿي ملي. ان کان پوءِ سڌو پنهنجي رهائش گاهه ڏانهن هليا ويندا ڇاڪاڻ ته رسول الله صه جن ائين ئي ڪيو هيو.
[b]12 ذوالحج-حج جو پنجون ڏينهن: (منيٰ ۾ ترسڻ-پٿريون هڻڻ,واجب)
[/b] جيڪڏهن توهان قرباني يا طواف زيارت يارهين ذوالحج جو به نه ڪيو ته اڄ ڪري سگھو ٿا، اڄ جو مخصوص عمل ٽنهي جمرات کي زوال کان پوءِ رمي ڪرڻ پڻ آهي. بلڪل انهيءَ ترتيب سان اهڙي طريقي سان جهڙي طرح توهان ڪالهه ڪري چڪا آهيو.
يارهين ۽ ٻارهين تاريخ تي رميءُ جو وقت زوال کان پوءِ شروع ٿيندو آهي. ان کان پهريان رمي ڪرڻ جائز نه آهي. زوال کان پوءِ سج لهڻ تائين جائز آهي پر تمام گھڻي رش جي ڪري جيڪڏهن توهان رمي نه ڪري سگھيا ته سج لهڻ کان پوءِ صبح صادق کان پهريان تائين جائز آهي (اڄڪلهه ڪجهه عرب علماء ڪرامن وڏي انبوهه جي صورت ۾ زوال کان پهريان به رميءَ جي فتويٰ ڏني آهي) ڪراڙن، بيمارن ۽ عورتن کي پڻ رات جي وقت ئي رمي ڪرڻ بهتر آهي ڇاڪاڻ ته ان وقت رش گھٽ هوندي آهي.
ٻارنهن ذوالحج جي رميءَ کان پوءِ تيرنهن ذوالحج جي رميءَ جي لاءِ منيٰ ۾ وڌيڪ ترسڻ ۽ نه ترسڻ توهان تي اختياري آهي. توهان چاهيو ته توهان اڄ ٻارنهن ذوالحج جي رمي کان واندا ٿي ڪري مڪه معظمه وڃي سگھو ٿا انهيءَ شرط تي ته سج لهڻ کان پهريان منيٰ کان نڪري ويندا. جيڪڏهن ٻارهين ذوالحج جو سج لهڻ کان پهريان توهان منيٰ کان نه نڪري سگهيا ته هاڻي منيٰ مان وڃڻ مڪروهه آهي. جيڪڏهن توهان 13 ذوالحج جو صبح صادق تائين منيٰ ۾ رهيا ۽ رميءَ کان بغير هليا ويا ته دم ڏيڻو پوندو.(توهان کي گهرجي ته هاڻي ٻارهين ذوالحج جي رات منيٰ ۾ ئي گذاريندا ۽ 13 ذوالحج جو ٽنهي جمرات جي رمي ڪري مڪه مڪرمه ويندا).
12 ذوالحج جو ظهر ۽ عصر جي وچ ۾ منيٰ کان هڪ دفعو ٻيهر هي قافلا مڪه معظمه جي طرف ڊوڙندڙ هوندا. اُهي سڀ پنهنجي خوش بختيءَ تي فخر ڪندڙ آهن. اهي ان ڳالهه تي خوش ۽ آسودا آهن ته انهن الله جي حڪم تي، پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون تقويٰ سان گڏ گذاريون. هاڻي حج جا سڀئي رڪن ادا ٿي چڪا آهن. صرف طواف وداع باقي رهجي ويو آهي ۽ ماشاء الله حج جي سعادت عظميٰ توهان کي حاصل ٿي چڪي آهي. (توهان کي مبارڪون هجن).
نوٽ: سعودي هدايتن ۾ مشوري جي مطابق 50 سيڪڙو حاجين کي 13 ذوالحج تائين منيٰ ۾ رهڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ مڪتب جي طرف کان مليل هدايتن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي تنهنڪري حاجين کي مڪتبن جي شيڊول جي مطابق مڪه مڪرمه جي عمارتن (بلڊنگز) ڏانهن راوانو ڪيو ويندو.
[b]طواف وداع:
[/b] ميقات کان ٻاهر رهڻ وارن تي واجب آهي ته جڏهن هو مڪه معظمه کان روانو ٿيڻ مهل موڪلاڻيءَ جو طواف ڪن ۽ هي حج جو آخري واجب آهي. توهان جو حج "حج افرد" هجي "قران" هجي يا "تمتع" هر صورت ۾ توهان تي طواف وداع واجب آهي.
جيڪڏهن توهان ميقات کان ٻاهر رهڻ وارا آهيو ۽ طواف زيارت کان پوءِ جيڪڏهن توهان نفلي طواف به ڪري ڇڏيو آهي ته طواف وداع ٿي ويو ۽ جيڪڏهن طواف وداع کان پوءِ ڪنهن ضرورت سان مڪه ۾ ترسي پيا ته هلڻ وقت طواف وداع ٻيهر ڪرڻ مستحب آهي. طواف وداع جو وقت طواف زيارت کان پوءِ شروع ٿيندو آهي ۽ پُڄاڻيءَ جو ڪوئي وقت مقرر ناهي. جيستائين مڪه ۾ ترسيل آهيو هي طواف ڪري سگھو ٿا. طواف وداع ۾ رمل نه ڪندا ۽ طواف کان پوءِ ٻه رڪعتون واجب الطواف پڙهندا، ان کان پوءِ پيٽ ڀري ڪري زم زم پيئندا ۽ پنهنجي سيني ۽ بدن تي لڳائيندا، جيڪڏهن ٿي سگھي ته ملتزم سان چمبڙي ڪري ۽ ممڪن ٿئي ته خانه ڪعبه جو غلاف پڪڙي ڪري روئندي نهايت عاجزيءَ سان دعائون گھرندا ۽ الله اڪبر چئي ڪري خانه ڪعبه کان جدا ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندا.
هن آخري طواف جي موقعي تي به جيڪو ڪجهه چاهيو گھرندا. دل کولي ڪري پنهنجي لاءِ دعائون گھرندا، مغفرت، تندرستي، سلامتي، ايمان، حج ۽ ڪاروبار ۾ برڪت. خاتمه باالخير (نيڪيءَ واري پڄاڻي) حاجتون ۽ مرادون جيڪي به هجن، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي مٽن ۽ مائٽن جي لاءِ ۽ سڀني ڄاڻ سڃاڻڻ وارن ۽ پوري امت جي لاءِ دعائون گھرندا. (هن ناچيز کي به دعائن ۾ ياد رکندا ته توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي).
الحمدلله حج جا سڀئي ڪم پورا ٿي ويا. الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندا ته ان توهان کي زندگيءَ جو ايترو وڏو اعزاز بخشيو. پنهنجي گھر ۾ گھرايو، پنهنجي گھر کي ڇهڻ جو موقعو ڏنو، عرفات جي ميدان ۾ ترسڻ عطا ڪيو.
[b]مناسڪ حج هڪ نظر ۾
[/b][b]حج جو پهريون ڏينهن[/b] مڪه کان منيٰ روانگي، منيٰ ۾ ظهر، عصر،
8 ذوالحج مغرب. عشاء پڙهڻيون آهن. رات منيٰ ۾ ترسڻو آهي.
[b]حج جو ٻيو ڏينهن[/b] فجر جي نماز منيٰ ۾ ادا ڪري عرفات جي
9 ذوالحج جي لاءِ روانگي، ظهر ۽ عصر جون نمازون عرفات ۾ پڙهڻيون پونديون، وقوف عرفات ٿيندو، سج لهڻ کانپوءِ مغرب جي نماز پڙهڻ کان بغير مزدلفه جي لاءِ روانگي، مغرب ۽ عشاء جون نمازون عشاء جي وقت مزدلفه ۾ ادا ڪرڻيون آهن ۽ مزدلفه ۾ ترسڻو آهي.
[b]حج جو ٽيون ڏينهن[/b] مزدلفه ۾ فجر جي نماز کان پوءِ وقوف ۽
10 ذوالحج منيٰ جي لاءِ روانگي، وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ، قرباني ڪرڻ، مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا ڪترائڻ، احرام کولڻ، طواف زيارت، سعي، رات منيٰ ۾ ترسڻ
[b]حج جو چوٿون ڏينهن[/b] زوال کان پوءِ منيٰ ۾ ننڍي ، وچين ۽ وڏي
11 ذوالحج شيطان کي ترتيب سان پٿريون هڻڻ. طواف زيارت جيڪڏهن ڪالهه نه ڪيو هيو ته اڄ ڪندا، رات منيٰ ۾ ترسندا.
[b]حج جو پنجون ڏينهن[/b] زوال کانپوءِ منيٰ ۾ ننڍي، وچئين ۽ وڏي
12 ذوالحج شيطان کي ترتيب سان پٿريون هڻڻ. طواف زيارت جيڪڏهن ناهي ڪيو ته اڄ سج لهڻ کان پهريان ضرور ڪندا. سج لهڻ کان پهريان منيٰ مان نڪري ويندا نه ته 13 ذوالحج جي رمي ڪري پوءِ مڪه مڪرمه ويندا.