مذهب

رهبر حج (حج جي تربيت)

حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
Title Cover of book رهبر حج (حج جي تربيت)

باب ستون:ياد رکڻ جون ڳالهيون

[b]حج جا ڪجهه انتظامي ۽ شرعي معاملا:
[/b] هيءَ هڪ حقيقت آهي ته حج جي مبارڪ سفر دوران مختلف مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي. هن سفر ۾ حج جي پانڌيئڙن کي ننڍن وڏن مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. هي مسئلا ڪڏهن ڪڏهن مختلف ڪارڻن جي ڪري پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن حاجين جي بي صبري به انهن مسئلن جو باعث بڻبي آهي. شايد انهيءَ لاءِ حج جي نيت ڪرڻ وقت رب تعاليٰ کان نه صرف ان جي قبوليت جي التجا ڪئي ويندي آهي بلڪي حج جي دوران آسانيءَ جي دعا به ڪئي ويندي آهي. سفر جي مختلف مرحلن تي حج جي پانڌيئڙن کي هيٺ ذڪر ڪيل مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو. انهيءَ ڪري اهڙن وقتن ۾ نهايت اعليٰ درجي جي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي ۽ هر مرحلي تي ٻين جي ضرورتن کي پنهنجو پاڻ تي ترجيح ڏيڻ گھرجي.

[b]چيڪ پوانٽس تي تاخير (دير):
[/b] سعودي حڪومت ويزا ڏيڻ کان وٺي حج جي پڄاڻيءَ تائين جا سمورا مرحلا ڪمپيوٽرازڊ ڪري ڇڏيا آهن ۽ نه صرف سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ وقت بلڪي مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي سفر دوران مختلف جڳهن تي چيڪ پوسٽون ٺاهيون ويون آهن جتي حاجين سان تعلق رکندڙ ضروري انفارميشن جي دفتر ۾ داخلا ۽ تصديق ڪئي ويندي آهي. ان سموري ڪاروائيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن چيڪ پوانٽس تي دير جو منهن به ڏسڻو پئجي سگھي ٿو.

[b]نظم ۽ ضبط /قانون جو احترام:
[/b] حج جي سفر جي تياري جي مرحلي ۾ حاجي ڪيمپ مان ڪاغذ پٽ وٺڻ وقت، گردن ٽوڙ بخار ۽ فلو جي حفاظتي ٽڪن لڳڻ وقت وڏي انبوهه (ماڻهن جو ميڙ) سان به منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. انهيءَ ڪري اهڙن مرحلن تي قطار ٺاهي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪندا.
سفر دوران ايئرپورٽ تي انتظار جي تڪليف کڻڻي پئجي سگھي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن جھاز جي اُڏام ۾ دير ٿيڻ جي صورتحال به سامهون اچي سگھي ٿي.
سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران ۽ حج فرض جي ادائگيءَ ۾ سعودي تعليمات ۽ وقت به وقت جاري ڪيل حُڪمن جي مڪمل پاسداري ڪندا. نظام کي ٽوڙن سان نه صرف توهان بلڪي پنهنجن ٻين ساٿين کي به مشڪل ۾ وجھي سگهو ٿا. حرم جي حدن ۾ ڪابه هيٺ ڪريل شيء ڪڏهن به نه کڻندا. ان عمل کي چوري ڪرڻ سمجھيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪائي قيمتي شيء هيٺ پيل نظر اچي ته ڪنهن اهلڪار کي سڏي ڪري نشاندهي ڪندا پاڻ نه کڻندا. درحقيقت حج جي سفر جي شروعات کان وٺي ڪري آخر تائين هر مرحلي تي حج جي پانڌيئڙن کي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي.

[b]روڪ رقم، قيمتي شيون ۽ ذاتي حفاظت:
[/b]روڪ رقم ۽ قيمتي شين جي حفاظت حج جي پانڌيئڙن جي پنهنجي ذميداري هوندي آهي. روڪ رقم ۽ قيمتي شين جي گم ٿيڻ ۽ کيسا ڪٽجڻ جا واقعا ٿيندا رهندا آهن. انهيءَ ڪري پاڻ سان گڏ سموري رقم هر وقت کيسي ۾ يا بيلٽ ۾ کڻي نه هلندا بلڪي صرف ضرورت جيترا پيسا پاڻ وٽ رکندا ۽ ضرورت کان وڌيڪ رقم ڪنهن محفوظ جڳهه تي رکندا. پنهنجي سامان جي ٿيلهي جي تالن جي چاٻين جا 2 عدد سيٽ مختلف جڳهن تي محفوظ ڪري رکندا ته جيئن هڪ سيٽ گم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ٻيو چاٻين جو سيٽ ڪم اچي سگھي.
حج جا پانڌيئڙا خاص ڪري عورتون رات دير تائين اڪيليون نه گھمن يا ڪنهن اڻ واقف جي سڏ (ڪوٺ) تي ان جي گاڏيءَ ۾ سفر نه ڪن. سدائين گروپ ۾ يا گھٽ ۾ گھٽ ٻه ماڻهو گڏ ملي ڪري هلندا ۽ هر دفعي ٻاهر نڪرڻ وقت پنهنجي مٽ مائٽ، دوست جو موبائيل نمبر پنهنجي کيسي ۾ يا ٻانهن تي لکي ڇڏيندا ته جيئن ڪاغذ يا پرس گم ٿيڻ جي صورت ۾ رابطو ٿي سگھي.
ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته پاڪستان واپسيءَ تائين توهان وٽ گھٽ ۾ گھٽ 100 ريال موجود هجن ته جيئن تمام گھڻي ضرورت يا جھاز جي روانگيءَ ۾ دير ٿيڻ جي صورت ۾ کاڌو وغيره کائي سگهو.

[b]هوٽل جا ڪمر ا خالي ٿيڻ ۾ دير (مدينه منوره ۾):
[/b]عام طور تي هڪ ئي ڏينهن مدينه منوره ۾ هڪ گروپ هوٽل خالي ڪندو آهي ۽ ٻيو گروپ انهن ڪمرن ۾ داخل ٿي رهيو هوندو آهي. هوٽل جي انتظاميه جي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن گروپ جي داخل ٿيڻ کان پهريان هوٽل جا ڪمرا خالي ڪرايا وڃن پر ڪڏهن ڪڏهن مختلف سببن جي ڪري ان ۾ دير واقع ٿي ويندي آهي. حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته اهڙي صورت ۾ انتظاميه سان تعاون ڪن.

[b]ٽرانسپورٽ بابت لاڳاپيل مسئلا:
[/b]حج جي سيزن ۾ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره وارن روڊن تي ٽريفڪ جي رش ڪافي وڌي ويندي آهي ۽ بسون هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي پهچڻ ۾ گهڻو وقت وٺي ڇڏينديون آهي. انهيءَ ڪري جڏهن به توهان کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي وڃڻ لاءِ بسن ملڻ جو وقت ڏنو وڃي ته عام طور تي ان ۾ دير ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري اهڙي صورت حال ۾ صبر جو مظاهرو ڪندا.
• حج جي ڏينهن ۾ هزارين گاڏيون هڪ ئي جڳهه کان گڏيل منزل جي طرف روانيون ٿينديون آهن جنهن جي ڪري روڊن تي به بي پناهه رش ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري غير متوقع دير ٿيڻ جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو.
• گھڻو ڪري بسون صرف حج سيزن ۾ هلنديون آهن ۽ باقي پورو سال بيٺل رهنديون آهن انهيءَ جي ڪري انجڻ يا (AC) جي خرابي جا واقعا پيش اچي سگھندا آهن.
• حج جي سيزن ۾ سعودي حڪومت وقتي طور تي ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن جي ڊرائيورن کي ڀرتي ڪندي آهي. انهن ڊرائيورن جو تعلق مصر، شام ۽ ٻين آفريڪي ملڪن سان هوندو آهي ۽ عام طور تي هو مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي روڊن رستن کان اڻ واقف هوندا آهن. انهيءَ ڪري پنهنجي منزل تي دير سان پهچندا آهن.
• مڪه مڪرمه کان مدينه منوره ۽ واپسيءَ تي هر هڪ بس جي مسافرن جي لسٽ هوٽل جي استقباليه (آڌر ڀاءُ ڪرڻ) واري ڪانئوٽر تي لڳائي ويندي آهي. حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته مليل وقت تي پنهنجي بس ۾ سوار ٿين.
• جيتوڻيڪ مختلف مرحلن تي سفر جي لاءِ بسون مليل وقت تي ناهن پهچي سگھنديون پر حج جي پانڌيئڙن کي وقت جي پابنديءَ جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي نه ته ٻي صورت ۾ مشڪلات جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو.
• مدينه منوره کان مڪه مڪرمه جي سفر دوران بسون رستي ۾ هڪ اسٽاپ ڪنديون آهن ۽ اُتي هڪ ئي وقت ۾ ڪيتريون ئي بسون بيٺيون هونديون آهن. انهيءَ ڪري بسن مان لهڻ وقت پنهنجي بس جو نمبر، رنگ، ڪمپني وغيره چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرڻ گھرجي. نه ته نماز، کاڌي کائڻ جي وقفي کان پوءِ بس ۾ سوار ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي بس ڳولهڻ ۾ مشڪل پيش اچي سگھي ٿي.
• سعودي عرب ۾ ٽريفڪ ساڄي پاسي هلندي آهي. انهيءَ ڪري رستو پار ڪرڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکندا.

[b]صحت بابت مسئلا:
[/b]کائڻ پيئڻ ۾ بي احتياطي جي ڪري پيٽ جا مرض ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. انهيءَ ڪري گھڻي مصالحي دار کاڌن کان پاسو ڪندا. اهڙن مرضن کان بچڻ لاءِ شربت ۽ پاڻيءَ جو استعمال وڌيڪ ڪندا. پنهنجي ڪمري ۾ موجود فريزر ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو ضرور ڪندا. کاڌو هميشه صاف جڳهه تي کائيندا. اگھاڙي پير بيت الخلاء ۾ وڃڻ ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

[b]پاڪستاني کاڌن جا هوٽل:
[/b] ياد رهي ته هن دفعي به سعودي حڪومت جي هدايتن تي کاڌو رهائش گاهن تي حڪومت جي طرفان ڏنو ويندو. تنهن هوندي به بازارن ۾ پاڪستاني هوٽلون به هر هنڌ کليل هونديون آهن.

[b]خريداري:
[/b] تمام گھڻي خريداري نه صرف مهانگي بلڪي وقت ۽ ذهني سڪون جو زيان به آهي. انهيءَ ڪري بازارن ۾ گھٽ کان گھٽ ويندا ۽ گھڻو وقت عبادتن ۽ پنهنجي رب سان مضبوط تعلق کي ڳنڍڻ ۾ صرف ڪندا. جيڪڏهن خريداري گھڻي ڪري ڇڏي ته واپسيءَ تي سامان گھڻو ٿيڻ جي صورت ۾ ايئرلائين جي گھربل وزن جي حد کي اورانگهڻ جي صورت ۾ ڪرائي جي واڌو رقم ادا ڪرڻ سان مشڪلاتن جو سبب بڻجي سگھي ٿو. (وزن جي حد 30 ڪلو گرام ۽ هينڊ ڪيري 7 ڪلو گرام آهي). کجور مدينه منوره جي کجور منڊيءَ مان ڪجهه سستي اگهه تي ملي سگھندي آهي.

[b]سامان جي لاءِ احتياط (خبرداري):
[/b] هيٺ ذڪر ڪيل شيون سعودي عرب کڻي وڃڻ تي پابندي آهي ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ تي قانون جي خلاف ورزي سمجهيو ويندو آهي.
• خنجر، چاقو، هٿيار، خشخاس (کس کس) ۽ الڪوهل وغيره.
• منشيات (نشي جي ڪابه شيء) سعودي عرب کڻي وڃڻ جي سزا موت آهي.
• پاڻ سان گڏ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو سامان کڻي وڃڻ کان پاسو ڪندا.

[b]صفائيءَ جو خيال:
[/b] صفائي اڌ ايمان آهي انهيءَ ڪري هر مرحلي تي صفائيءَ جو خاص خيال رکندا. فروٽ جون کلون، ريپرز ۽ خالي بولتون وغيره سدائين گند ڪچري اڇلائڻ واري ٽوڪريءَ ۾ وجھندا. جڳهه جڳهه تي ٿڪڻ کان پاسو ڪندا. روزانو هڪ دفعو ضرور وهنجندا. هميشه صاف لباس پائيندا.

[b]موبائيل فون:
[/b] سعودي عرب ۾ موبائلي، ساوا ۽ زين نالي موبائيل فون جون وڏيون ڪمپنيون آهن. موبائلي ۽ زين نسبتن بهتر سروس مهيا ڪنديون آهن. ان سلسلي ۾ اهم ڳالهيون هيٺ ذڪر ڪيون وڃن ٿيون:
• سم ڪارڊ عام طور تي 30، 60 ۽ 90 ريال ۾ ملندا آهن جنهن ۾ اوترو ئي بيلينس موجود هوندو آهي.
• پاڪستاني موبائيل نمبر جي رومنگ جي سهولت ڏني ويندي آهي. پر هيءَ تمام گھڻي مهانگي پوندي آهي.
• جده ايئرپورٽ تي يا گھٽين بازارين ۾ سم ۽ موبائيل ڪارڊ وڪڻڻ وارا هوندا آهن. انهن کان خريداري ڪرڻ کان پاسو ڪندا. ڇاڪاڻ ته اهي غير مؤثر ٿي سگهن ٿا. جده ايئرپورٽ جي بلڊنگ جي ٻاهران مختلف موبائيل ڪمپنين جا ڪانئوٽر ٺاهيا ويندا آهن ۽ حرم جي ويجھو ئي ڪيترين ئي فرنچائيز جا دفتر کوليا ويندا آهن. انهيءَ ڪري ايئرپورٽ کان نڪرندي ئي انهن ڪانئونٽرن تان يا مڪه مڪرمه ۾ ڪنهن موبائيل ڪمپنيءَ جي فرنچائيز جي دفتر مان سم خريد ڪندا.
• پاڻ سان گڏ ڪوبه سستو ۽ سادو موبائيل فون کڻي ويندا. ضرورت کان وڌيڪ يعني (Extra) موبائيل جي بيٽري به منيٰ ۾ ترسڻ دوران فائدي مند ثابت ٿي سگھي ٿي. موبائيل چارجر جا (Three pin converter) ضرور کڻي ويندا. منيٰ ۾ موبائيل چارجنگ لاءِ ايڪسٽينشن بورڊ موجود هجي ته ڪيتريون ٻيون موبائيلز هڪ ئي وقت ۾ چارج ڪري سگھجن ٿيون.
• ڪوشش ڪندا ته موبائيل گھٽ ۾ گھٽ استعمال ٿئي گھڻو وقت پنهنجي رب جي طرف مائل رهندا.
• موبائيل تي گاني واري ٽون يا گھنٽي نه رکندا ۽ سڀني نمازن خاص ڪري حرم شريف ۾ موبائيل بند رکندا.

[b]قربانيءَ جا انتظام:
[/b] حڪومت پاڪستان سرڪاري حج اسڪيم جي تحت حج تي وڃڻ وارن ماڻهن لاءِ عام طور تي سعودي بينڪ جي ذريعي قربانيءَ جو بندوبست ڪندي آهي جيڪو هڪ سٺو انتظام آهي جنهن ۾ قربانيءَ جي گارنٽي به هوندي آهي ۽ گوشت به ضرورت مندن تائين پهچايو ويندو آهي. جيڪڏهن قرباني سرڪاري پيڪيج ۾ شامل نه هجي ته پرائيويٽ ماڻهن يا ٺيڪيدارن جي ذريعي قرباني ڪرڻ کان پاسو ڪندا. بدقسمتيءَ سان ان سلسلي ۾ ڪيترائي ماڻهو دوکو ڏيندا آهن.

[b]موسم جي شدت (گھڻائي):
[/b] حج جي ڏينهن ۾ مڪه مڪرمه، مدينه منوره خاص ڪري منيٰ ۽ عرفات ۾ اڪثر ڪري درجه حرارت 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويندي آهي ۽ هوا ۾ گِهمَ جو تناسب به گھٽ هوندو آهي. انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪرڻ وقت خاص ڪري حرم وڃڻ وقت ڇٽيءَ جو استعمال ضرور ڪندا ۽ پيئڻ جي لاءِ پاڻي جي بوتل هميشه پاڻ سان گڏ رکندا. جيڪڏهن منجهند جي وقت حرم وڃڻو هجي ته هميشه پاڻ سان گڏ ڇٽي رکندا . وڏي عمر جي حاجين لاءِ عشاء کان پوءِ جو وقت طواف جي لاءِ وڌيڪ مناسب هوندو آهي. عورتون طواف جي وقت جورابا استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ماربل جي فرش تي اگھاڙي پير هلڻ اڻانگو هوندو آهي.

[b]حرم جي نماز:
[/b] باجماعت نماز جي وقت توهان ڪيترن ئي حاجين کي مطاف ۾ صفن جي وچ ۾ چڪر لڳائيندي ڏسندا جيڪي دراصل نماز جي لاءِ خالي جڳهه جي ڳولها ۾ هوندا آهن. ان مونجهاري کان بچڻ لاءِ طواف جي وقتن جي چونڊ اهڙي طرح ڪندا ته جيئن نماز باجماعت آرام سان ادا ٿي سگھي. مطاف ۾ رڪن يمانيءَ کان وٺي رڪن حجر اسود ۽ مقام ابراهيم جي علائقي تائين تمام گھڻي رش هوندي آهي ۽ اتي جماعت جي وقتن ۾ نماز جي لاءِ جڳهه ملڻ تمام مشڪل هوندو آهي. پر ان وقت حطيم کان وٺي رڪن يمانيءَ جو ڪجهه حصو خالي هوندو آهي ۽ اتي نماز جي لاءِ عام طور تي جڳهه آرام سان ملي ويندي آهي. پر جڏهن گروپ جي صورت ۾ حرم شريف ويندا ته سڄي گروپ کي ڪنهن هڪ هنڌ نماز پڙهڻ جي لاءِ جڳهه ملڻ مشڪل هوندو آهي ها پر ٻن يا ٽن ماڻهن جي لاءِ ويجهو ويجهو جڳهه ملي ويندي آهي.

[b]منيٰ ۾ نمازون:
[/b] ان موقعي تي منيٰ ۾ نمازن جي باري ۾ ٻه رايا سامهون ايندا آهن جيڪي ڪجهه وقتن تي حج جي پانڌيئڙن جي وچ ۾ بحث ۽ مباحثي جو سبب بڻجندا آهن.
اول اهو ته منيٰ ۾ نماز قصر ادا ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ منيٰ ۾ حاجي مسافر هوندو آهي ۽ مسافر قصر نماز ادا ڪندو آهي. جڏهن ته ڪجهه علماءَ ڪرامن جو رايو اهو آهي ته جيڪڏهن مڪه، منيٰ ۽ عرفات ۾ مجموئي طور تي پنڌرنهن ڏينهن يا ان کان وڌيڪ ترسڻ جي نيت آهي، مقيم شمار ٿيندو ۽ منيٰ ۾ پوري نماز پڙهندو. سعودي عرب حڪومت به منيٰ کي مڪه مڪرمه جو حصو شمار ڪندي آهي. ٻنهي مان ڪنهن هڪ راءِ تي عمل ڪري سگھجي ٿو.
ياد رکندا ته حج جي ڏينهن ۾ اسان کي جهيڙي جڳڙي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي باري ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جو قرآن مجيد ۾ واضع حڪم موجود آهي.
لَا رَفَثَ وَلَا فُسُوْقَ وَلَا جِدَالَ فِی الْحَجِّ (البقرۃ:197)
جيڪڏهن امام صاحب قصر جڏهن ته ڪوئي مقتدي پوري نماز پڙهڻ چاهيندو هجي ته جڏهن امام صاحب پنهنجون ٻه رڪعتون نماز پوري ڪري ڇڏي ته پوري نماز پڙهڻ وارا مقتدي پنهنجي نماز مڪمل ڪندا.

[b]ڪجهه شرعي مسئلا ۽ انهن جا جواب:
[/b]سوال:عين حج جي پنجن ڏينهن ۾ عورت کي جيڪڏهن حيض جاري ٿي وڃي ته ڇا هوءَ حج جا سڀئي رڪن ان حالت ۾ پورا ڪري سگھي ٿي؟
جواب:طواف کان سواءِ ٻيا رڪن ادا ڪندي، پوءِ جڏهن حيض کان پاڪ ٿي وڃي ته طواف ڪندي.
سوال:جيڪڏهن ڪا عورت عمري جي نيت سان مڪه مڪرمه وئي ۽ احرام جي حالت ۾ حيض جاري ٿي پيو ته ڇا اُن کي مڪه مڪرمه پهچي ڪري طواف ۽ سعي ڪري احرام کولي ڇڏڻ گھرجي يا ان کان پهريان پاڪ ٿيڻ جو انتظار ڪري؟
جواب: پاڪ ٿيڻ جو انتظار ڪري، پوءِ جڏهن پاڪ ٿي وڃي ته طواف ۽ سعي ڪري ان کان پوءِ احرام جي حالت مان ٻاهر نڪرندي.

[b]اخلا ق جي متعلق ڪجهه ڳالهيون:
[/b]• حج جا پانڌيئڙا حج جي مقدس سفر دوران اخلاق جو دامن نه ڇڏن. عملي ۽ ٻين ملڪن جي حاجين سان به اخلاق سان پيش اچن.
• حاجي ڪيمپ ۾ پنهنجي ٽڪيٽ / پاسپورٽ وٺڻ وقت بد نظمي نه ڪندا بلڪي قطار ۾ رهي ڪري سمورا ڪاغذ پٽ جلد وصول ڪري سگهجن ٿا.
• هوائي جهاز جي اچڻ يا روانگيءَ ۾ دير ٿي وڃي ته ايئر پورٽ تي صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندا ۽ سٺي امن پسند پاڪستاني هئڻ جو ثبوت ڏيندا. سگريٽ پيئڻ ۽ فضول گفتگو نه ڪندا تلبيه جو ورد ڪثرت سان ڪندا. سفر جي دوران مليل هدايتن تي سختيءَ سان عمل ڪندا.
• جده يا مدينه منوره ايئرپورٽ تي توهان کي ڪجهه وقت کائڻ پيئڻ ۽ نماز جي ادائيگيءَ جي لاءِ ملندو انهيءَ دوران به بدنظميءَ کان بچندا، صبر کان ڪم وٺندا ۽ توبهه استغفار ڪندا رهندا.
• جنهن بلڊنگ ۾ جهڙو به ڪمرو ڏنو وڃي اهو خوشيءَ سان وٺندا ڪُراڙن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ ايثار کان ڪم وٺندا. جيڪڏهن توهان کي هيٺين منزل تي ڪمرو مليو آهي ته توهان انهن کي ڏيندا ته جيئن انهن کي لهڻ چڙهڻ ۾ ڪنهن قسم جي پريشاني نه ٿئي.
• بلڊنگ ۾ کاڌو ورهائڻ وقت نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪندا ۽ پنهنجي واري اچڻ تي کاڌو وٺندا. کاڌي کائڻ جي ادبن کي ڌيان ۾ رکندي صرف ايترو کائيندا جيترو کائي سگهو.
• رهائش گاهه تي به توهان کي مختلف مسئلن ۽ مشڪلاتن سان واسطو پئجي سگهي ٿو. ڪنهن به مسئلي جي لاءِ توهان بلڊنگ ۾ موجود اسٽاف سان رابطو ڪندا ۽ صبر کان ڪم وٺندا.
• مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره کان علاوه ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃڻ جي هرگز اجازت نه آهي، اهڙي طرح جده ايئرپورٽ يا حج ٽرمينل کان توهان جده شهر نٿا وڃي سگهو.
• مقدس جڳهن تي دنياوي ڳالهين کان پاسو ڪندا.
• مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ سنگ مرمر جا فرش ٻڌل آهن انهن تي احتياط سان هلندا.
• حج جي پنجن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي بوتل پاڻ سان گڏ ضرور رکندا.
• مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي وڃڻ وقت وڌيڪ رقم پاڻ سان گڏ نه رکندا.
• طواف يا شيطانن کي پٿريون هڻڻ وقت جيڪڏهن توهان جي ڪا شيء هيٺ ڪري پوي ته ان کي کڻڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪندا. ائين ڪرڻ سان هيٺ ڪِرڻ جو خطرو هوندو آهي. جيڪڏهن خدانخواسته ڪري پوي ته رش جي ڪري چيڀاٽجڻ يا موت جو به ڊپ هوندو آهي احتياط ڪندا.
• عورتون حرم شريف وڃڻ وقت شيشي جون چوڙيون پائي نه وڃن ڇاڪاڻ ته رش ۾ چوڙيون ٽٽڻ سان توهان پاڻ به زخمي ٿي سگهو ٿيون ۽ ٻين حاجي سڳورن جا پير به زخمي ٿي سگهن ٿا.
• عورتون وڏيءَ کڙيءَ وارو سينڊل نه پائن انهيءَ سان هلڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ جلدي ٿڪجي پوندا.
• عورتن جي لاءِ عبايا پائڻ ضروري آهي عورتون اهڙو لباس نه پائن جيڪو ملڪي وقار خلاف هجي خاص ڪري سنهو لباس نه پائن جنهن سان توهان جو جسم ظاهر ٿئي.
• عورتون جنهن بلڊنگ ۾ رهائش رکندڙ هجن انهيءَ بلڊنگ ۾ رهندڙ ٻين عورتن سان رابطو رکن ۽ ڏکيي وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد به ڪن.
• پنهنجي ڪمري ۽ بلڊنگ ۾ صفائيءَ جو خيال رکندا جيڪڏهن صفائيءَ وارو نه به اچي ته صفائي پاڻ ڪندا ۽ ماحول کي صاف سٿرو رکندا.
• حرم جي حدن ۾ ڪابه هيٺ ڪريل شيء هرگز نه کڻندا. ان عمل کي چوري سمجهيو ويندو آهي.
• ڪنهن حادثي جي صورت ۾ گهٻراهٽ (ڀڄ ڊوڙ) پيدا نه ڪندا ۽ زخمي يا ميت (لاش) کي پاڻ نه کڻدا بلڪي ويجهي سيڪٽر آفيس کان مدد وٺندا يا پاڪستان هائوس ۾ اطلاع ڏيندا.
• حق تي به هجو تڏهن به جهيڙو جڳڙو نه ڪندا. مذهبي ۽ سياسي گفتگو/ بحث کان پاسو ڪندا.
• جيڪڏهن ڪنهن رش ۾ ڦاسي پئو ته انهيءَ طرف هلندا جنهن طرف سڀ هلندا هجن ابتڙ پاسي هرگز نه هلندا.
• گڏيل رهائش تي اعتراض نه ڪندا. ڪُراڙن ڪمزورن ۽ عورتن کي رضاڪارانه جڳهه ڏيندا. ضعيف ڏٻرن ماڻهن جي لاءِ خدام الحجاج کان مدد وٺندا. گنجائش کان وڌيڪ حاجي ڪمري ۾ رهايا وڃن ته پاڪستان هائوس يا خدام الحجاج کي اطلاع ڏيندا. پاڻ ۾ نه جڳڙندا.
• لفٽ ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار نه ٿيندا. واري واري تي استعمال ڪندا.
• باٿ روم اڪثر ڪري 8 کان 12 ماڻهن جي استعمال لاءِ هوندا آهن. واري واري تي استعمال ڪندا.
• بيت الخلاء ۾ پٿر ڀتر استعمال نه ڪندا نه ته گٽر بند ٿي ويندو ۽ سڀني کي تڪليف ٿيندي.
• انگريزي طرز جي ڪموڊ جو استعمال ضرور سکندا. ڪجهه غسل خانن ۾ استنجي (طهارت) جي لاءِ الڳ ڪموڊ هوندو آهي ان کي صرف استنجي لاءِ استعمال ڪندا.