مذهب

رهبر حج (حج جي تربيت)

حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
Title Cover of book رهبر حج (حج جي تربيت)

باب ٻيو:سعودي عرب جي سرزمين تي ترسڻ ۽ سفر جا مرحلا

سعودي عرب پکيڙ جي لحاظ کان اولهه ايشياء جي سڀ کان وڏي عرب رياست آهي هن جي پکيڙ تقريبن 2،150،000 ڪلوميٽر هم چورس آهي ۽ ان جي آبادي تقريبن 28.75 ملين آهي. هن جي اُتر ۾ اردن ۽ عراق، اُتر اوڀر ۾ ڪويت، اوڀر ۾ قطر، بحرين ۽ عرب امارات، ڏکڻ اوڀر ۾ عمان ڏکڻ ۾ يمن واقع آهي. هي واحد ملڪ آهي جيڪو بحيره احمر (ننڍو ڳاڙهو سمنڊ) ۽ خليج فارس (ايران اُپسمنڊ) جي ٻن ڪنارن تي واقع آهي. سعودي بادشاهت 1932 ۾ قائم ٿي. اسلام جي ٻن مقدس جڳهن يعني مسجدالحرام مڪه معظمه ۽ مسجد نبوي صه مدينه منوره ۾ واقع آهن. سعودي عرب دنيا جو تيل پيدا ڪرڻ وارو ٻيو وڏو ملڪ آهي ۽ تيل جي سڀ کان وڌيڪ ايڪسپوٽ هتان کان ٿيندي آهي. شاه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ان جو بادشاهه آهي. پاڪستان سان شروع کان ئي ان جا تعلق برادرانه رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي مشڪل موقعن تي سعودي عرب پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي آهي.
"جده" اولهه سعودي عرب ۾ بحيره احمر جي ڪناري تي واقع هڪ شهر ۽ بندر گاهه آهي جيڪو رياض کان پوءِ سعودي عرب جو ٻيو وڏو شهر آهي. جده حج بيت الله ڪرڻ وارن پانڌيئڙن کي مڪه مڪرمه روانگيءَ جي لاءِ اندروني رستي سان ملائيندو آهي ۽ گھڻو ڪري حج جي پانڌيئڙن جا هوائي جھاز ان جي ئي انٽرنيشل هوائي اڏي تي لهندا آهن.

[b] جده ايئرپورٽ:
[/b] جده ايئرپورٽ تي غير معمولي دير جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو. اميگريشن ۽ ٻين مرحلن کان گذري ڪري حاجين سڳورن جو سامان مڪه مڪرمه وڃڻ وارين بسن ۾ رکيو ويندو آهي. هتي هيٺ ذڪر ڪيل معاملا انجام ڏنا ويندا آهن:
• جده ايئرپورٽ تي جھاز مان لهڻ کان پوءِ توهان کي پوليو جا قطرا پيئاريا ويندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان ۾ ٿيل ويڪسين جا ڪارڊ به چيڪ ڪيا ويندا آهن.
• ايئر لائين جو اسٽاف توهان کي اميگريشن ڪانئوٽر تي وٺي ويندو جتي پاسپورٽ تي دخول (Entry) جي مهر لڳائي ويندي ۽ پاسپورٽ توهان کي واپس ڪيو ويندو. ان سان گڏ ئي سعودي حج رڪارڊ ۾ توهان جي داخلا ڪئي ويندي.
• ان کان پوءِ توهان پنهنجو سامان وصول ڪندا ۽ ڪسٽم ڪليئرينس ۽ سيڪيورٽي اسڪينرز جي مرحلن مان گذرندي ايئرپورٽ جي عمارت کان ٻاهر اچي ڪري وڏين وڏين ڇٽين سان ڍڪيل ميدان ۾ ايندا جتي مختلف ملڪن جي حاجين جون انتظار ڪرڻ جون جايون آهن.
• پاڪستان جي مخصوص ٿيل انتظار گاه ۾ مقرر ٿيل عملو سمورن حاجي سڳورن کي ريفريشمينٽ پيش ڪندو.
• جده ايئرپورٽ جي بلڊنگ کان ٻاهر اچي ڪري پنهنجو سامان پورٽرن جي حوالي ڪندا جيڪي ان کي هڪ وڏي ٽراليءِ ۾ رکي ڪري پاڪستاني حاجين جي انتظار گاهه ڏانهن کڻي ويندا. احتياط طور ان ٽراليءَ جو نمبر پاڻ وٽ نوٽ ڪندا.
• رستي جي نشاندهي لاءِ پاڪستاني جھنڊا جڳهه جڳهه تي لڳل هوندا آهن. آڌر ڀاءُ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني ڊيوٽي اسٽاف موجود هوندو.
• جڏهن توهان جي اُڏام جي مسافرن کي جده وٺي وڃڻ وارين بسن جو انتظام ٿي ويندو ته توهان کي بس اسٽاپ ڏانهن وٺي وڃڻ جو اعلان ڪيو ويندو. توهان پنهنجو سامان پنهنجي گروپ جي لاءِ مخصوص ٿيل بس جي ويجهو رکي ڇڏيندا ۽ پورٽر ان کي بس تي لوڊ ڪندا. هتي توهان پنهنجو پاسپورٽ موئسسه جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏيندا ۽ پاسپورٽ حوالي ڪرڻ وقت پنهنجي جھاز جي ٽڪيٽ ڪڍي ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪندا ۽ هڪ سٺي شهريءَ وانگر قطار ۾ بيهي رهندا.
• خيال رکندا ته توهان جو سامان جنهن بس تي رکيو ويو آهي توهان ان ئي بس ۾ سوار ٿي رهيا آهيو.
• تقريبن هڪ ڪلاڪ سفر ڪرڻ کان پوءِ بس زم زم دفتر جي سامهون بيهندي هتي توهان کي زم زم ۽ ڪجهه کائڻ جي شين جا تحفه ڏنا ويندا ۽ ڪجهه ضروري ڪاغذي ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. هتان کان ڪجهه فاصلي کانپوءِ حرم جي حد شروع ٿي ويندي آهي.
• بسيون توهان کي مڪه مڪرمه ۾ توهان جي مخصوص ٿيل رهائش گاهه تي وٺي وينديون جتي توهان جي مڪتب جو عملو موجود هوندو. اُهي توهان کي مڪتب جا ڪارڊ ۽ پيلي رنگ جو شناختي ڪنگڻ ڏيندا. شناختي ڪنگڻ توهان جي پاسپورٽ جو عيوض آهي ۽ سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران هي هر وقت توهان جي ٻانهن ۾ موجود رهڻ گھرجي.
• حج جي سيزن ۾ ڪوبه سعودي عملدار حج جي پانڌيئڙن جا ڪاغذ چيڪ ناهي ڪندو. جيڪڏهن ڪوئي اهڙو مطالبو ڪري ته هوشيار رهندا ۽ سواءِ ڳچيءَ واري ڪارڊ جي ڪوئي ٻيو ڪاغذ نه ڪڍندا.
• پاڪستان کان سڌو سنئون مدينه منوره وڃڻ وارن حج جي پانڌيئڙا کان ايئرپورٽ تي مڪتب الوڪلا وارا پاسپورٽ وٺي ڇڏيندا ۽ ان جي جڳهه تي هڪ ڪارڊ ڏيندا. ان کي سنڀالي رکندا ڇاڪاڻ ته ان تي توهان جي رهائش ۽ ٻي معلومات لکيل هوندي آهي.

[b]سيڪٽر ۽ بلڊنگ نمبر:
[/b]سرڪاري حج اسڪيم تحت حج تي وڃڻ وارن ماڻهن جي لاءِ حاصل ڪيل بلڊنگز کي ان جي ماڳ جي اعتبار سان مختلف سيڪٽرز (Sectors) ۾ ورهايو ويندو آهي. هر سيڪٽر ۾ ڪيتريون ئي بلڊنگز هونديون آهن ۽ انهن مان هر هڪ کي مخصوص بلڊنگ نمبر الاٽ ڪيو ويندو آهي ۽ ان مبارڪ سفر جي شروعات کان پهريان هر حاجيءَ کي ان جي بلڊنگ جو نمبر ٻڌايو ويندو آهي. هر بلڊنگ جي مٿان پاڪستاني جھنڊي واري بورڊ تي بلڊنگ نمبر ۽ مڪتب نمبر درج ٿيل هوندو آهي. بلڊنگ ۾ پهچڻ ساڻ ئي انهن کي پهريان کان الاٽ ٿيل ڪمرن جون چاٻيون ڏنيون وينديون آهن. گذارش آهي ته ان سلسلي ۾ ڪمري جي تبديلي جو مطالبو نه ڪيو وڃي. عام طور تي هڪ ڪمري ۾ ڇهه ماڻهن جي رهڻ جي گنجائش هوندي آهي. حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته ان موقع تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ته جيئن عورتن ۽ مردن کي الڳ الڳ ڪمرن ۾ ايڊجسٽ ڪري سگھجي. ان موقعي تي سمورا حج جا پانڌيئڙا جلد کان جلد ڪمرن ۾ وڃڻ جا خواهش مند هوندا آهن سڀني جو سامان بلڊنگ جي ڪيترن ئي طبقن تي ڪمرن ۾ پهچائڻو هوندو آهي انهيءَ ڪري لفٽن تي تمام گھڻي رش ٿي ويندي آهي. حج جا پانڌيئڙا ان موقعي تي صبر جو مظاهرو ڪن ۽ حج جي پانڌيئڙن جو خيال رکندي پهريان انهن کي ڪمرن ۾ وڃڻ ڏين.

[b]رهائش جي الاٽمينٽ
[/b]مڪه معظمه ۾ رهڻ جون جڳهون پهريان کان حاصل ڪيون وينديون آهن ۽ ڪمپيوٽر جي ذريعي الاٽ ڪيون وينديون آهن. ڪمرن جي الاٽمينت جي سلسلي ۾ گروپ ليڊر،معاونين الحجاج ۽ سرڪاري اهلڪارن جي مشوري تي عمل ڪندا، خاص ڪري وڏي عمر وارن مردن ۽ عورتن حج جي پانڌيئڙن جي ضرورتن کي اوليت ڏيندا. پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي بجاءِ ٻين جي خواهشن جو احترام ڪري وڌيڪ ثواب حاصل ڪندا. رهائش جي سلسلي ۾ هيٺ ذڪر ڪيل هدايتن تي عمل ڪندا:
• پنهنجن ڪمرن ۾ ڪڏهن به ڪنهن مهمان کي نه رهائيندا. هي سعودي حج جي قانونن ۽ حاجين جي سلامتي جي خلاف آهي. شڪايت جي صورت ۾ توهان کي پنهنجي مهمان جو پورو ڪرايو جرماني جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پئجي سگهي ٿو. مهمان جو اقامو پڻ ضبط ڪري سگھجي ٿو ۽ ان کي پوليس جي حوالي ڪري سگھجي ٿو.
• غسل خانن جي گھٽتائيءَ جي شڪايت عام هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته 4 کان 8 ماڻهن جي لاءِ صرف هڪ غسل خانو هوندو آهي. ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ وقت ورهائي رکندا، پاڻي ضايع نه ڪندا.
• عورتون ڪپڙن ڌوئڻ جي لاءِ غسل خاني کي اندران بند ڪري ٻين کي تڪليف نه پهچائين.
• بيت الخلا ۾ پٿر، ڀتر، سر، ڪپڙي جا ٽڪرا، استعمال ٿيل چانهه جي پتي، ٻوڙ ۽ فروٽ جون کلون هرگز نه اڇليندا. ڊسٽ بن استعمال ڪندا. بيت الخلا ۾ صرف ٽائليٽ پيپر يا پاڻي استعمال ڪندا.
• حرم شريف ۾ رش گھڻي هوندي آهي. طواف جي دوران کيسا ڪٽجڻ جا واقعا به ٿي ويندا آهن انهي لاءِ واپسيءَ جي ٽڪيٽ ۽ نقد رقم پاڻ وٽ احتياط سان رکندا. گم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پاڪستان حج آفيس ۾ هڪ دم اطلاع ڏيندا.
• مڪه مڪرمه کان مدينه منوره لاءِ توهان جي روانگي پهريان کان طئي ٿيل پروگرام جي مطابق ئي ٿيندي. مقرر تاريخ کان پهريان وڃڻ ممڪن ناهي هوندو. نه ته مدينه منوره ۾ توهان جون چاليهه نمازون به پوريون نه ٿينديون ۽ خلاف ورزيءَ ڪرڻ جي صورت ۾ توهان کي پريشانيءَ جو منهن به ڏسڻو پئجي سگھي ٿو. مدينه منوره ۾ سرڪاري رهائش به پڻ نه ملي سگھندي.

[b]کائڻ پيئڻ متعلق هدايتون
[/b]• حاجي سڳورن کي بلڊنگ ۾ ئي کاڌو ڏنو ويندو. حاجي سڳورا نظم ۽ ضبط جي پابندي ڪن ۽ لبن يعني لسي، ڏهي، جوس ۽ فروٽ پنهنجي حصي کان وڌيڪ وٺڻ کان پاسو ڪن ڇاڪاڻ ته پنهنجي حصي کان وڌيڪ وٺڻ جي ڪري حاجين جي وچ ۾ جھيڙي جڳڙي جو انديشو رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ کاڌو کائڻ بيماريءَ ۽ ٻين تڪليفن جو سبب بڻجندو آهي. ان کان علاوه شين کي فرج ۾ رکڻ جو ڪوئي فائدو ناهي ڇاڪاڻ ته ان جو مقرر وقت گھٽ هوندو آهي.
• مدينه منوره ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي حاجي هڪ وڏي هوٽل ۾ ٻين ملڪن جي حاجين سان گڏ ترسايا وڃي سگهن ٿا. اهڙي صورت ۾ پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي صرف ان جي مقرر ڪيل ڪيٽرنگ ڪمپنين کان کاڌو وٺڻ گھرجي ۽ ٻين ملڪن جي حاجي سڳورن جي ميزن تان کائڻ جون شيون نه کڻڻ گھرجن. اهڙو عمل نهايت شرمندگيءَ جو سبب بڻجندو آهي.
• قطار ۾ کاڌو وٺڻ وقت عورتن، ڪراڙن ۽ معذور ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ گھرجي. بچيل کاڌو ٽوڪريءَ ۾ وجھندا ته جيئن ڊائينگ وارو حصو صاف رهي. جيتوڻيڪ کاڌو پاڪستاني بورچين کان تيار ڪرايو ويندو آهي پر هر ماڻهوءَ لاءِ شخصي طور تي فرمائش پوري ڪرڻ ممڪن نه آهي انهيءَ ڪري ان معاملي ۾ پاڪستان حج مشن سان تعاون ڪرڻ جي درخواست ڪجي ٿي.
• تمام گھڻو ٿڌو شربت يا پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪندا ايستائين جو زم زم به حرم ۾ رکيل اهڙن ڪولرن مان استعمال ڪندا جنهن تي”غير مبرد“ لکيل هوندو آهي.
• فروٽ، ڏهي، سبزين ۽ جوسن جو استعمال گھڻو ڪندا. پيئڻ جي لاءِ هوٽل جي ڀلي ڪري آيا ڪائونٽر تي زم زم موجود هوندي آهي. جيڪڏهن زم زم نه ملي سگھي ته ڪچن يا واش روم مان نلڪن وارو پاڻي ڪڏهن به استعمال نه ڪندا بلڪي پاڻيءَ جون بوتلون خريد ڪري استعمال ڪندا.

[b]بلڊنگ کان حرم تائين ٽرانسپورٽ جو نظام:
[/b]حڪومت پاڪستان مسجد حرام کان واقع پري بلڊنگز ۾ رهائش رکندڙ حج جي پانڌيئڙن جي سهولت جي لاءِ حرم تائين ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪندي آهي ان مقصد جي لاءِ سمورن بلڊنگز جي مناسب گروپ بندي ڪئي ويندي آهي ۽ هر گروپ جي ويجھو هڪ بس اسٽاپ ٺاهيو ويندو آهي جتان کان هر نماز جي وقتن مطابق بسيون موجود رهنديون آهن ۽ ٿوري ٿوري وقفي سان حج جي پانڌيئڙن کي کڻي ڪري حرم ڏانهن روانيون ٿي وينديون آهن. هر بس جي اڳيان ان جو مخصوص سيڪٽر نمبر ۽ بلڊنگ نمبر لکيل هوندو آهي ته جيئن حج جي پانڌيئڙن کي پنهنجي بسن جي سڃاڻپ ۾ آساني ٿئي. هي بسون حرم کان ويجھو هڪ ٻه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ٺاهيل هڪ ٻئي بس اسٽاپ تائين کڻي وينديون آهن. ان بس اسٽاپ کان مسجد حرام تائين سعودي حڪومت جي ٽرانسپورٽ سروس (SAPTCO) موجود هوندي آهي. حج جي ڏينهن کان ڪجھه ڏينهن پهريان ۽ پوءِ انهن بسن تي حج جي پانڌيئڙن جي رش تمام گھڻي وڌي ويندي آهي. انهن ڏينهن ۾ بسن تي سوار ٿيڻ وقت نهايت صبر کان ڪم وٺندا ۽ ڌِڪ ڌِڪان ۽ پيهه پيهان کان پاسو ڪندا. عورتن، ڪراڙن ۽ معذور حج جي پانڌيئڙن کي بس ۾ ويهڻ جي لاءِ ترجيح ڏيندا. عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته بس اسٽاپ تي نماز کان هڪ يا ٻه ڪلاڪ پوءِ رش گھٽ ٿي ويندي آهي. انهن مشڪلاتن کان بچڻ لاءِ حرم وڃڻ ۽ واپس اچڻ لاءِ نمازن جي وقت جي ترتيب پڻ رکندا ته جيئن انتظار ۽ رش جي اذيت کان بچي سگھجي. بسن مان لهڻ وقت به صبر ۽ ضبط جو دامن نه ڇڏيندا. حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته واري واري سان پنهنجي سيٽن تان اٿندا ۽ هڪ خاص ترتيب سان هيٺ لهندي منظم قوم جي فرد هئڻ جو ثبوت ڏيندا. بسن جي انتظار جي وقت ۽ سفر دوران الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول رهندا. ان انتظار ۾ جيڪڏهن ڪائي تڪليف پهچي ته ان کي الله تعاليٰ جي طرفان آزمائش سمجھندا ۽ ڪاوڙ نه ڪندا. الله تعاليٰ يقينن توهان کي ان صبر جو بهترين اجر عطا فرمائيندو.

[b]بسن جي بندش (روڪ / جھل):
[/b]حج جي ڏينهن کان ڪجھه ڏينهن پهريان ۽ حج کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين حرم جي اردگرد ٽريفڪ جي تمام گھڻي رش جي ڪري حرم جي لاءِ مليل بسون بند ڪيون وينديون آهن. انهن ڏينهن ۾ حاجين سڳورن جي رهائشي جڳهن کان حرم وڃڻ لاءِ ٽيڪسي وارا به پنهنجو اگهه ڪجهه وڌيڪ وڌائي ڇڏيندا آهن. انهي ڪري بهتر ائين آهي ته انهن ڏينهن ۾ حج جا پانڌيئڙا خاص ڪري ڪراڙا مرد ۽ عورتون حرم وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجون نمازون پنهنجي بلڊنگ جي ويجھي مسجد ۾ ادا ڪن. اهڙي طرح توهان نه صرف ذهني مونجھاري کان بچي سگھندا بلڪي اچڻ وارن حج جي ڏينهن جي لاءِ پنهنجو توانايون به محفوظ ڪري سگھندا.

[b]بلڊنگ ۾ لفٽ جو استعمال:
[/b] حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ ڪرائي (rent) تي ورتل بلڊنگز ڪيترين طبقن تي مشتمل هونديون آهن ۽ هر طبقي تي وڃڻ لاءِ لفٽ جو انتظام موجود هوندو آهي. پر نماز جي وقتن ۾ لفٽ تي رش وڌي ويندي آهي انهيءَ ڪري پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته هو وقت کان پهريان ئي تيار ٿي ڪري پنهنجن ڪمرن مان نڪرن ۽ لفٽ تي نماز جي وقت رش کان بچن. لفٽ ۾ سوار ٿيڻ وقت پهريان لفٽ مان لهڻ وارن حاجين کي ٻاهر اچڻ جو موقعو ڏيندا ۽ پوءِ لفٽ ۾ سوار ٿيندا. جنهن به منزل تي وڃڻ مقصود هجي ته لفٽ ۾ سوار ٿيڻ کانپوءِ گھربل منزل جو بٽڻ دٻائيندا، لفٽ جي اُن منزل تي بيهڻ کان پوءِ دروازو کُلڻ جو انتظار ڪندا ۽ آرام سان لهي ايندا. پنهنجن ڪمرن مان هيٺ اچڻ جي لاءِ رش جي وقتن ۾ جيڪڏهن ڏاڪڻ استعمال ڪرڻ جي طاقت رکو ٿا ته ضرور ڪندا.

[b]گم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ عام هدايتون:
[/b]• رهائش حاصل ڪرڻ کان پوءِ بلڊنگ جو نمبر، محلو، وڏو رستو ۽ مڪمل ڏس پتو پاڻ وٽ رکندا ته جيئن گم ٿيڻ جي صورت ۾ توهان ان پتي تي پهچي سگهو.
• جيڪڏهن ساٿين کان وڇڙي وڃو يا ڪنهن به قسم جي معلومات ۽ رهنمائي جي لاءِ دفتر واسطي امور حجاج پاڪستان يا ان جي هيٺ ڪم ڪندڙ آفيسن جنهن تي پاڪستاني جھنڊو نظر اچي انهن سان ملندا. اتي موجود معاونين الحجاج توهان جي مدد ڪندا.
• ڪوشش ڪندا ته توهان سعودي عرب پهچندي ئي پنهنجي موبائيل ۾ سعودي سم وجھندا ۽ گڏو گڏ پنهنجن ساٿين جا سعودي نمبر حاصل ڪندا، ته جيئن گم ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ٻئي کان رهنمائي به حاصل ڪري سگھو.

[b]سعودي عرب ۾ رهنمائيءَ ۽ شڪايت ڪرڻ جو طريقو:
[/b]حڪومت پاڪستان سعودي عرب ۾ حج جي پانڌيئڙن جي رهنمائي, مدد ۽ سار سنڀال لهڻ جي لاءِ جده، مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ آفيسون کولي رکيون آهن جنهن ۾ توهان جي سهولت جي لاءِ سڀئي شعبا قائم ڪيا ويا آهن. انهن ۾ اسپتال، ايئر لائين، شعبو گمشدگي ۽ ملي وڃڻ، شڪايت جا شعبا ڪمپيوٽر ۽ معاونين الحجاج جا دفتر هوندا آهن. هتي هر قسم جي معلومات مثال طور گم شدگي (وڃائجي وڃڻ) مدينه روانگي دفتر، شڪايت، بازيابي (ٻيهر حاصل ڪرڻ) بيماري ۽ موت وغيره جا ڪائونٽر به موجود هوندا آهن. جتي عام طور تي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مدد حاصل ڪري سگھجي ٿي.
جيڪڏهن بلڊنگ ۾ موجود معاون حجاج توهان جي شڪايت جو اذالو نه ڪري سگھي ته پنهنجي ويجھي دفتر واسطي امور حجاج جي سيڪٽر يا سب سيڪٽر جي آفيس سان رابطو ڪندا. ان سان گڏ ئي مفت هيلپ لائين 08001166622 تي پنهنجي شڪايت درج ڪرائيندا. ان جي باوجود به جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿئي ته مين ڪنٽرول آفيس (MCO) ۾ موجود عملي سان يا ڊائريڪٽر (حج) يا ڊائريڪٽر جنرل (حج) سان ملاقات ڪندا. ڪنهن به صورت ۾ احتجاج جو رستو نه وٺندا ۽ نه ئي معصوم حاجين کي احتجاج تي ڀڙڪائيندا. ان سان معاملا وڌيڪ خراب ٿي سگھن ٿا ۽ سعودي پوليس ضروري ڪاروائي ڪري سگھي ٿي.
سعودي وزارت حج به حج جي پانڌيئڙن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ مختلف ادارا ۽ دفتر قائم ڪري رکيا آهن. انهن ۾ مڪه مڪرمه معلمن جي ڪارپوريشن (مؤئسسه جنوب آسيا) ۽ مدينه منوره ۾ ادله ڪارپوريشن (مؤسسه ادّله اهليه ) شامل آهن. انهن جو هيلپ لائين نمبر ڪارڊ جي پوئين پاسي لکيل هوندو آهي.

[b]پهريان عمري جي ادائگي:
[/b]پنهنجي رهائش گاهه تي سامان رکندا، ٿورو آرام ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي کائڻ کان واندو ٿيڻ کان پوءِ هڪ جھاز مان اچڻ وارا سڀئي ماڻهو گروپ جي صورت ۾ گڏ ٿي ڪري نظم ۽ ضبط سان عمري جي لاءِ حرم شريف ڏانهن ويندا ته جيئن عمري جا مناسڪ صحيح طور تي ادا ٿي سگھن. جيستائين عمرو مڪمل نه ڪندا احرام نه کوليندا. حرم ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ٻاهر هڪ ئي جڳهه تي مقرر ٿيڻ کي يقيني بڻائيندا ته جيئن حرم کان ٻاهر گڏ ٿي سگھو. ڇاڪاڻ ته عمري جي ادائيگيءَ جي دوران هڪ ٻئي کان وڇڙي وڃڻ جا امڪان موجود هوندا آهن.

[b]حرم ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان:
[/b] جڏهن به حرم شريف ويندا ته چڱي طرح ذهن نشين ڪندا ته توهان ڪهڙي رستي کان ۽ ڪهڙي دروازيءَ مان حرم ۾ داخل ٿيا آهيو. جنهن به دروازي مان توهان حرم ۾ داخل ٿيو ته ان جو نمبر نوٽ ڪري ڇڏيندا. انهن دروازن جي ٻاهران موجود اهم نشانيون ۽ وڏيون وڏيون بلڊنگز ذهن نشين ڪري ڇڏيندا ته جيئن توهان حرم کان ٻاهر اچو ته انهن نشانين جي مدد سان پنهنجي بلڊنگ يا پنهنجي بس اسٽاپ ڏانهن ٺيڪ نشاندهي ڪري سگھو. حرم وڃڻ وقت هڪ ڪپڙي جو ننڍو ٿيلهو جنهن ۾ ڏوري جي مدد سان پٺيءَ تي لڙڪائي سگھجي پاڻ سان گڏ رکندا ۽ ضرورت جون شيون مثال طور پاڻيءَ جي ننڍي بوتل، اُس واري عينڪ، سفري نماز جو مصلو، چمڙي جا جورابا، طواف جي لاءِ ست داڻن جي تسبيح، حج ۽ عمري جو ڪتاب ۽ عام ضروري دوائون (مٿي جو سور، کنگهه، نزلو، زڪام) وغيره ان ۾ رکندا. حرم ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ئي پنهنجي چپل پلاسٽڪ بيگ (جيڪا اڪثر ڪري اُتي وڏن دروازن تي ميسر هوندي آهي) ۾ رکي ڪري پنهنجي پُٺيءَ جي پويان لڙڪائڻ واري ٿيلهي ۾ محفوظ ڪري پاڻ سان گڏ رکندا ته جيئن واپسيءَ تي چپل هيڏي هوڏي ٿيڻ جي مونجھاري کان بچي سگھو. گم ٿيڻ جي صورت ۾ ڄاڻي واڻي ٻين جو چپلون نه پائيندا.

[b]طهارت جي لاءِ بيت الخلا:
[/b] طهارت جي لاءِ بيت الخلا ( ان کي عربيءَ ۾ دورة المياه چوندا آهن) باب الملڪ عبدالعزيز ۽ الملڪ فهد جي طرف مسجد کان ٿورو پري ٺاهيا ويا آهن جيڪي ٻه منزله آهن. اهڙي طرح مروه کان ٻاهر ۽ اجياد روڊ جي طرف به ڪيترائي بيت الخلا موجود آهن. عام طور ڏٺو ويو آهي ته حج جا پانڌيئڙا داخل ٿيڻ سان ئي بيت الخلا جي سامهون رش ڪري ڇڏيندا آهن جڏهن ته ان کان پوءِ وارا يا هيٺين منزل وارا بيت الخلا خالي موجود هوندا آهن.

[b]حرڪت ڪندڙ ڏاڪڻيون:
[/b]مسجد حرام ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي پهرين ۽ ٻي منزل تي وڃڻ لاءِ بجلي تي هلڻ واريون آٽوميٽڪ ڏاڪڻيون لڳايون ويون آهن. اهڙي طرح ڪجھه وضو خانن ۾ وڃڻ لاءِ به اهڙين ئي ڏاڪڻن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. وڏي عمر جا مرد ۽ عورتون انهن ڏاڪڻن کي استعمال ڪرڻ وقت پنهنجا پير نهايت ئي آرام سان ٻن ڏاڪن جي جوڙ (ڳنڍ) واري جڳهه کان بچائيندي رکن ته جيئن توهان پنهنجو توازن برقرار رکي سگھو. مٿين منزل تي وڃڻ لاءِ هيٺان کان مٿي حرڪت ڪندڙ ڏاڪڻن تان ويندا. جيڪڏهن ان مقصد لاءِ ابتي پاسي کان اچڻ وارين ڏاڪڻين تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا ته حادثي جو سبب ٿي سگھي ٿو. حرڪت ڪندڙ ڏاڪڻين تي چڙهڻ وقت پاڻ کان اڳين حاجين سان گڏ ملي ڪري نه بيهندا نه ته لهڻ وقت ڌِڪ ڌِڪان جو انديشو ٿي سگھي ٿو.

[b]ڪعبي شريف جو تعارف:
[/b]
[b]حجر اسود:
[/b]هي مبارڪ پٿر ڪعبه شريف جي اوڀر واري ڪنڊ تي نصب ٿيل آهي جنهن جي بلندي مطاف کان تقريبن هڪ ميٽر آهي ان پٿر جي حفاظت جي لاءِ خالص چانديءَ جي گول دائري ۾ گھريل آهي. طواف جي شروعات ۽ پڄاڻي ان مبارڪ پٿر جي سامهون کان ٿيندي آهي. آنحضرت صلي الله عليه وسلم ۽ توهان جا پيشرو (اڳيان اڳيان هلڻ وارا) انبياء ڪرام عليهم السلام هن مبارڪ پٿر کي چميو آهي. انهيءَ لاءِ طواف ڪرڻ وارن جي لاءِ مسنون آهي ته جيڪڏهن آسانيءَ سان ممڪن ٿي سگھي ته اهي ان کي چمن نه ته رش جي وقت ان جو استلام ڪن يعنيٰ هٿ سان ان جي طرف اشارو ڪن. گھڻي رش جي وقت حج جا پاڌيئڙا ڍڪ ڍڪان ۽ پيهه پيهان ڪري هڪ ٻئي کي نه ايذائن.

[b]رڪن يماني:
[/b]هي ڪعبي شريف جي ڏاکڻي ڪنڊ جو حصو آهي. جيڪڏهن رش جي ڪري پاڻ کي يا ٻين کي ايذاءُ ڏيڻ جو انديشو نه هجي ته رڪن يمانيءَ کي ٻنهي هٿن سان يا ساڄي هٿ سان برڪت طور ڇهندا. صرف کاٻي هٿ سان نه ڇهندا ۽ نه ئي پري کان ان جي طرف اشارو ڪري استلام ڪندا.

[b]ملتزم:
[/b]ڪعبي شريف جي دروازي کان وٺي ڪري حجر اسود تائين بيت الله شريف جي ڀت کي مقام ملتزم چيو ويندو آهي. جنهن جي ويڪر تقريبن 2 ميٽر آهي ان جڳهه کي مقام ملتزم چوڻ جي وجهه هي آهي ته پاڻ سڳورن صه جڏهن طواف کان واندا ٿي ويندا هئا ته هن جڳهه تي اچي ڪري ڪعبه شريف کي چمبڙي ڪري پنهنجو سينو مبارڪ هٿ ۽ ڳل ان جڳهه تي رکي چمبڙي ويندا هئا. هي انهن جڳهن منجهان آهي جتي دعائون يقينن قبول ٿينديون آهن.

[b]حطيم:
[/b]ڪعبه شريف جي اُتر ۾ اڌ گول واري شڪل وانگر جڳهه کي حطيم چيو ويندو آهي. هي ڪعبته الله جو حصو آهي. هن جڳهه جي فضائل مان هي آهي ته ان ۾ نماز پڙهڻ ائين آهي جيئن ڪنهن بيت الله جي اندر نماز پڙهي. طواف ڪرڻ وقت حطيم جي اندران نه گذرڻ گھرجي.

[b]ميزاب (نيسارو):
[/b]هي نيسارو ڪعبي شريف جي ڇت تي اتراهين پاسي يعني حطيم جي طرف ڪعبه شريف جي ڇت مان مينهن جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ لڳايو ويو آهي.

[b]مطاف[/b]:
خانه ڪعبه جي چئني طرف کليل جڳهه جنهن ۾ طواف ڪيو ويندو آهي ان کي مطاف چئبو آهي. مختلف دورن ۾ حج پانڌيئڙن جي وڌندڙ تعداد جي پيش نظر مطاف ۾ واڌارو ٿيندو رهيو آهي ۽ اڃان به هلندڙ آهي.

[b]مقام ابراهيم:
[/b]حضرت ابراهيم خليل الله هڪ پٿر تي بيهي ڪري ڪعبه شريف جي تعمير ڪئي. جنهن وقت حضرت ابراهيم عليه السلام ان پٿر تي بيهي رهيو ته حضرت ابراهيم عليه السلام جا پير مبارڪ ان جي اندر دٻجي ويا ۽ توهان جي پيرن جا نشان اڄ به موجود آهن. مقام ابراهيم ڪعبه شريف کان لڳ ڀڳ 13 ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ان جي فضيلت قرآن مجيد ۾ وارد ٿي آهي.

[b]زم زم جو پاڻي:
[/b]نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو: زم زم جو پاڻي هر ان شيء جي لاءِ آهي جنهن جي لاءِ (جنهن نيت سان) پيتو وڃي. يعني هي مبارڪ پاڻي جنهن به مقصد جي لاءِ پيتو وڃي الله تبارڪ و تعاليٰ ان جي برڪت سان اهو مقصد پورو فرمائيندو آهي. زم زم جو پاڻي اهڙو مبارڪ ثابت ٿيو آهي جو صدين کان نه صرف مڪي جا رهاڪو بلڪي سڀئي دنيا جا مسلمان ان مان فائدو وٺي رهيا آهن. اڄڪلهه مسجد الحرام کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي "ڪدئي" جي علائقي ۾ هڪ فيڪٽري لڳائي وئي آهي ۽ اتي زم زم جون بولتون ميسر هونديون آهن.
حاجي سڳورا وطن واپس ورندي متوقع پاليسيءَ جي مطابق جده ۽ مدينه منوره جي ايئرپورٽ يا پاڪستاني ايئرپورٽز تان 5 لٽر جي پيڪ ٿيل بوتل حاصل ڪري سگھندا. ان ڏس ۾ حاجين کي وڌيڪ آگاهي ڏني ويندي.

[b]صفا مروه:
[/b]صفا ۽ مروه ننڍڙيون پهاڙيون هيون. صفا ڪعبه شريف جي ڏکڻ اوڀر ۽ مروه بيت الله شريف کان اُتر اولهه جي طرف واقع آهي. انهن ٻنهي پهاڙين جي وچ واري جڳهه (جتي حج ۽ عمري جي لاءِ سعي ڪئي ويندي آهي) کي مسعيٰ چيو ويندو آهي. مسعيٰ کي ڇانوري ۽ ويڪري ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن ۾ واڌارو ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻي مسعيٰ هڪ تهه خاني سميت چار طبقن تي ويرانڊن جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي ۽ ان کي اڇي رنگ جي سنگ مر مر سان سينگاريو ويو آهي. مسعيٰ واري ويرانڊي جي ڊيگهه تقريبن چار سئو ميٽر آهي. ان جي هڪ طرف صفا ۽ ٻئي طرف مروه پهاڙين جا نشان آهن. صفا پهاڙيءَ جو نسبتن وڌيڪ حصو پنهنجي اصل حالت ۾ موجود آهي.
صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي هڪ تاريخي واقعي سان منسوب آهي ۽ اهو آهي حضرت ابراهيم عليه السلام جي گھرواريءَ محترمه حضرت هاجره عليه السلام انهن پهاڙين جي وچ ۾ پنهنجي ننڍي ٻار جي لاءِ پاڻيءَ جي ڳولها ۾ ڊوڙڻ. الله تعاليٰ کي پنهنجي ٻانهيءَ جي هيءَ ادا پسند آئي ۽ اُن ڏينهن کان قيامت تائين مسلمانن کي پابند ڪري ڇڏيو ته جيڪي بيت الله ۾ حج ۽ عمري جي نيت سان اچن انهن لاءِ لازمي آهي ته هو صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪن.

[b]خانه ڪعبي تي پهرين نظر:
[/b]مسجد حرام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ خانه ڪعبه تي پهرين نظر پئي ته هيءَ دعا گھرندا:
اللّٰهُمَّ أنْتَ السَّلَامُ وَمِنْكَ السَّلَامُ فَحَيِّنَا رَبَّنَا بِالسَّلَامِ
اللّٰهُمَّ زِدْ بَيْتَك هذا تَعْظِيمًا وَتَشْرِيفًا وَمَهَابَةً وَتَکْرِيْمًا
وَزِدْ مِنْ حَجَّةٍ أَوْ عُمْرةٍ تَشْرِيْفًا وَتَعْظِيْمًا وَبِرًّا
ترجمو: اي الله تنهنجو نالو سلام آهي ۽ تنهنجي ئي طرفان سلامتي ملي سگهي ٿي پوءِ اسان کي سلامتيءَ سان زنده رک. هن گھر جي شرافت، عظمت ۽ بزرگي، ۽ دٻدٻو وڌاءِ. جيڪو ان جي زيارت ڪرڻ، ان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ وارو هجي حج ڪرڻ وارو يا عمرو ڪرڻ وارو هجي، ان جي به شرافت ۽ بزرگي ۽ ڀلائي ۾واڌارو فرماءِ.