مذهب

رهبر حج (حج جي تربيت)

حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
Title Cover of book رهبر حج (حج جي تربيت)

باب ڇهون:مدينه منوره جي زيارت

مدينه منوره جي زيارت جيتوڻيڪ حج جي عملن جو حصو نه آهي پر ڪنهن به مسلمان جي مدينه منوره ۾ حاضري تمام وڏي سعادت آهي. مدينه منوره ۾ ڪجهه حاجين کي مرڪزيه ۽ ڪجهه حاجين کي مرڪزيه کان ٻاهر رهائش ڏني ويندي پر جن حاجي سڳورن کي مرڪزيه کان ٻاهر رهائش ملندي انهن کي ڪرائي (Rent)جي مد ۾ ڪاٽيل رقم جي ڪرائي جو فرق واپس ڪيو ويندو آهي. هن سال به ڪوشش ڪئي وڃي رهي آهي ته حج جي پانڌيئڙن جي اڌ تعداد کي پاڪستان کان سڌو سنئون (Direct) مدينه منوره روانو ڪيو وڃي جنهن سان نه صرف وقت ۽ خرچن جي بچت ٿيندي بلڪي سفري مشڪلاتون به گھٽ ٿي وينديون.
مڪه مڪرمه کان مدينه منوره جو مفاصلو تقريبن 440 ڪلوميٽر آهي. عام حالتن ۾ هي سفر تقريبن 6 کان 8 ڪلاڪن ۾ طئي ٿي ويندو آهي. ان مبارڪ سفر ۾ نهايت توجهه سان درود شريف جي ڪثرت رکندا. درود شريف جي جيتري ڪثرت ٿيندي اوترو ئي فائدي مند ٿيندو. هي سفر نهايت ئي ادب ۽ محبت جو سفر آهي. مڪه مڪرمه کان مدينه منوره جي آخري منزل ذوالحليفه جي ويجھو آهي. هي مدينه منوره کان تقريبن 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هتان کان گاڏي روانو ٿيڻ کان ڪجهه منٽن کان پوءِ توهان کي مدينه منوره جي آبادي ۽ مسجد نبوي جا بلند مينار نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.

[b]مدينه منوره ۾ داخل ٿيڻ وقت جي دعا:
[/b]اَللّٰھُمَّ اَنْتَ السَّلَامُ وَ مِنْكَ السَّلَامُ وَ اِلَیْكَ یَرْجِعُ السَّلَامُط فَحَیِّنَارَبَّنَا بِالسَّلَامِط وَاَدْخِلْنَا دَارَا السَّلَامِط تَبَارَکْتَ رَبَّنَا وَتَعَالَیْتَ یَا ذَا الْجَلَالِ وَالْاِکْرَامِط رَبِّ اَدْخِلْنِیْ مُدْ خَلَ صِدْقٍ وَّاَخْرِجْنِیْ مُخْرَجَ صِدْقٍ وَّاجْعَلْ لِّیْ مِنْ لَّدُنْكَ سُلْطَانًا نَّصِیْرًا۝ وَقُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَ زَھَقَ الْبَاطِلُ ط اِنَّ الْبَا طِلَ کَانَ زَھُوْقًا۝وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَاھُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَۃٌ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ وَلَا یَزِیْدُ الظَّالِمِیْنَ اِلَّا خَسَارًا۝
ترجمو الاهي! تون سلامتيءَ وارو آهين ۽ تنهنجي طرف کان ئي سلامتي آهي ۽ تنهنجي طرف سلامتي موٽندي آهي. اي اسان جا رب زنده رک اسان کي سلامتيءَ سان گڏ ۽ داخل فرماءِ تون اسان کي پنهنجي گھر ۾ جيڪو سلامتيءَ وارو آهي. بابرڪت آهي ته اي اسان جا رب ۽ عاليشان، اي عظمت ۽ بزرگيءَ وارا پروردگار! يا رب مونکي جتي داخل فرماءِ سٺائيءَ سان داخل فرماءِ ۽ جتان کان ڪڍين ته سٺائيءَ سان ڪڍجانءِ. ۽ مونکي خاص پنهنجي طرفان اهڙو اقتدار عطا فرماءِ جنهن ۾ گڏ (تنهنجي) مدد هجي. ۽ چئو ته حق اچي ويو باطل مٽجي ويو ۽ يقينن باطل اهڙي ئي شيء آهي جيڪا مٽجڻ واري آهي. ۽ اسان قرآن نازل ڪري رهيا آهيون جيڪو مومنن جي لاءِ شفا ۽ رحمت جو سامان آهي. البته ظالمن جي حصي ۾ ان سان نقصان کان سواءِ ڪنهن ٻي شيء جو اضافو نه ٿيندو.
جڏهن توهان مدينه منوره پهچي وڃو ته پنهنجو سامان اطمينان سان پنهنجي رهائش گاهه تي رکندا ۽ ڪجهه دير آرام ڪندا ۽ پنهنجو ٿڪ لاهيندا. ان کانپوءِ جيڪڏهن ممڪن ٿي سگھي ته غسل ڪندا نه ته صرف وضو ڪندا. مسواڪ (ڏندڻ) ڪندا ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پائيندا ۽ خوشبو لڳائيندا ۽ هاڻي مسجد نبويءَ ۾ داخل ٿيڻ ۽ حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جي روضه اقدس تي حاضري ڏيڻ جي ارادي سان مسجد نبوي جي طرف هلندا. جنهن جو بنياد اڄ کان چوڏهن صديون پهريان پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم پاڻ پنهنجي هٿن مبارڪ سان رکيو هيو ۽ ان ئي مسجد ۾ پنهنجي حجري ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم جي آخري آرام گاهه آهي.
هاڻي توهان مسجد نبويءَ ۾ درود شريف ۽ مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي دعا پڙهندي داخل ٿيندا. روضه مبارڪ جي طرف وڃڻ جي لاءِ اولهه طرف باب السلام کان سڌو رستو روضه مبارڪ ڏانهن وڃي ٿو. اوڀر کان باب جبريل کان داخل ٿي ڪري کاٻي هٿ تي رياض الجنت مان گذرندي روضه مبارڪ صلي الله عليهه وسلم تي پهچي سگھجي ٿو. داخل ٿيڻ کان پهريان ڪجهه صدقو ڏيندا ۽ داخل ٿيڻ وقت هيءَ دعا پڙهندا.
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سیِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰٓی اٰلِ سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ ط اَللّٰھُمَّ اغْفِرْلِیْ ذُنُوْبِیْ ط وَافْتَحْ لِٓیْ اَبْوَابَ رَحْمَتِكَ ط اَللّٰھُمَّ اجْعَلْنِیَ الْیَوْمَ مِنْ اَوْجَہِ مَنْ تَوَجَّہَ اِلَیْكَ ط وَاَقْرَبِ مَنْ تَقْرَّبَ اِلَیْكَ ط وَاَنْجَحِ مَنْ دَعَاكَ ط وَاَبْتَغِ مَرْضَا تِكَ ط
ترجمو: ”اي الله! درود موڪل اسان جي سردار حضرت ﷴﷺ ۽ ان جي آل تي. اي الله! منهنجي گناهن کي بخشي ڇڏ ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي رحمت جا دروازا کولي ڇڏ. اي الله! اڄوڪي ڏينهن مونکي پنهنجي طرف متوجهه ٿيڻ وارن ۾ مونکي سڀ کان وڌيڪ متوجهه ٿيڻ وارو بڻاءِ ۽ تنهنجو قرب حاصل ڪرڻ وارن ۾ مونکي سڀ کان وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏ ۽ مونکي انهن ماڻهن کان وڌيڪ ڪامياب ڪرجن توکان دعا ڪئي ۽ جيڪي تنهنجي رضا جا طالب ٿيا“.
جيڪڏهن مڪروهه وقت نه هجي يا فرض نماز نه ٿي رهي هجي ته ٻه رڪعتون تحيته المسجد پڙهندا. نماز کان پوءِ الله جو شڪر ادا ڪندا ته حرم نبويءَ صلي الله عليه وسلم ۾ داخل ٿيڻ جي سعادت بخشي ۽ خوب توبهه، استغفار ۽ دعائون گھرندا.

[b]رياض الجنته:
[/b]مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم ۾ منبر رسول ۽ حجره مبارڪ جي وچ واري حصي کي رياض الجنت چيو ويندو آهي. ان جڳهه جي نسبت حديث ۾ آئي آهي ”جيڪا جڳهه منهنجي گھر ۽ منبر جي وچ ۾ آهي. اها جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي.“
يعنيٰ هي جڳهه حقيقت ۾ جنت جو هڪ ٽڪرو آهي جيڪو هن دنيا ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن هي ٽڪرو جنت ۾ هليو ويندو. ان ئي رياض الجنت ۾ حضور پاڪ ﷺ جو مُصلى به آهي. جتي پاڻ ﷺ بيهي ڪري امامت فرمائيندا هئا.
حضور اڪرمﷺجي وصال کان پوءِ مُصلى رسول جهڙي مُتبرڪ جڳهه جي تعظيم کي برقرار رکڻ جي غرض سان حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنه حضور ﷺجي نماز پڙهڻ واري جڳهه کان سواءِ پاڻ سڳورنﷺجي قدم مبارڪ جي جڳهه ڇڏي ڪري باقي جڳهه تي ڀت ٺهرائي ڇڏي ته جيئن پاڻ سڳورن ﷺجي سجدي جي جڳهه ماڻهن کان محفوظ رهي. ان جڳهه تي اڄ هڪ خوبصورت محراب ٺهيل آهي جنهن کي محراب نبوي چئبو آهي. وليد بن عبدالمالڪ جي دور ۾ وليد جي حڪم سان عمر بن عبدالعزير جڏهن مسجد نبوي جو واڌارو ڪيو ته ان جڳهه تي هي محراب ٺهرايو. جيڪڏهن ڪوئي حاجي مُصلى رسول جي سامهون بيهي ڪري نماز پڙهي ته ان جو سجدو حضور اقدس ﷺ جي قدمن جي جڳهه تي پوندو.
هن وقت جيڪو مقدس محراب ٺهيل آهي اهو 9 فوٽ سنگ مرمر جي هڪ ئي ٽُڪري جو آهي. جنهن تي سون جي پاڻيءَ سان خوبصورت چٽسالي ڪئي وئي آهي. ٻنهي پاسن کان ڳاڙهي سنگ مرمر جا بيمثال ٿنڀ ٺهيل آهن. محراب جي مٿان اُھا آيت لکيل آهي جنهن ۾ دورود شريف پڙهڻ جو حُڪم ڏنو ويو آهي. سورة احزاب جي 56 آيت آهي.

[b]مُواجہہ شريف ۽ مقصوره شريف:
[/b] روضه اقدس تي پتل جون ڄاريون ٻن طرفن کان لوهه جي ڄارين وانگر دروازن سان بند ڪيو ويو آهي. مُواجہہ شريف جي طرف ٽنهي مزارات متبرڪه جي آمهون سامهون گول گول جي ويجھو لڳ ڀڳ 6 انچ گولائيءَ ۾ سوراخ آهن. هڪ دروازو به آهي جيڪو ٻين دروازن وانگر بند رهندو آهي هن عمارت کي مقصوره شريف چوندا آهن.
هن برڪت ڀري جڳهه تي حضرت ابو بڪر صديق رضه جو منهن مبارڪ حضور صلي الله عليهه وسلم جي سيني مبارڪ جي ويجھو آهي ۽ حضرت عمر رضه جو منهن حضرت ابو بڪر صديق رضه جي سيني جي ويجھو آهي ان کان سواءِ هڪ قبر جي جڳهه حضرت عيسيٰ عليه السلام جي لاءِ محفوظ پئي آهي.

[b]روضه اقدس صه تي حاضري ۽ زيارت جا ادب:
[/b] پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي هن دنيا ۾ تشريف آوري باعث سعادت ۽ رحمت آهي. پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم جن جا هن امت تي لاتعداد احسانن جو تقاضو آهي ته اسان پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن تي ڪثرت سان درود موڪليون. توهان جي سٺن اخلاقن تي هلڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. حج جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ سيد الانبيا ۽ ختم الرسل صلي الله عليه وسلم جي روضهء اقدس تي حاضري ڪنهن خوش نصيبيءَ کان گھٽ نه آهي. ان موقعي تي نهايت ادب ۽ احترام عجز ۽ انڪساريءَ جو اظهار پيش نظر رهڻ گھرجي. آقا جي درٻار تي حاضريءَ وقت انهن جي تعليمات تي عمل پيرا ٿيڻ جو جذبو موزن (ڇوليون هلندڙ) هجي. جيئن ئي مواجهه شريف جي سامهون پهچندا ته هيٺ درج ٿيل لفظن سان گڏ نذرانه درود شريف پيش ڪندا.
اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُوْلَ اللهِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَانَبِیَّ اللهِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا حَبِیْبَ اللهِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا خَیْرَ خَلْقِ اللهِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَامُزَّمِّلُط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَامُدَّثِّرُط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ الرَّحْمَۃِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاشَفِیْعَ الْاُمَّۃِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَآ اَبَا الْقَاسِمِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَابَشِیْرُط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَانَذِیْرُط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَآ أَکْرَمَ وُلْدِ اٰدَمَط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاسَیِّدَالْأَنْبِیَآءِ وَ الْمُرْسَلِیْنَط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا خَاتَمَ الْنَبِیِّنَط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا قَآئِدَ الْغُرِّ الْمُحَجَّلِیْنَط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاقَآئِدَالْخَیْرِ ط وَ فَاتِحَ الْبِرِّ ط وَھَادِیَ الْاُمَّۃِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ وَعَلٰٓی اَھْلِ بَیْتِكَ الطَّیِّبِیْنَ الطَّاهِرِیْنَ الَّذِیْنَ أَذْھَبَ اللهُ عَنْھُمُ الرِّجْسَ وَطَھَّرَھُمْ تَطْھِیْرًا ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ وَ عَلٰٓی اَصْحَابِكَ اَجْمَعِیْنَ ط وَ عَلٰٓی اَزْوَاجِكَ الطَّاھِرَاتِ أُمَّھَاتِ الْمُؤْمِنِیْنَ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ وَعَلٰی سَآئِرِ الْاَنْبِیَآءِ وَ عَلى عِبَادِ اللّٰہِ الصَّالِحِیْنَ ط جَزَاكَ اللهُ یَا رَسُوْلَ اللهِ اَحْسَنَ وَ اَفْضَلَ مَا جَزٰی نَبِیًّا عَنْ قَوْمِہٖ ط وَرَسُوْلًا عَنْ اُمَّتِہٖط اَشْھَدُ اَنْ لَّآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ وَحْدَہٗ لَا شَرِیْكَ لَہٗ ط وَاَشْھَدُ أَنَّكَ عَبْدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ وَاَمِیْنُہٗ وَ صَفِیُّہٗ وَ خِیَرَتُہٗ مِنْ خَلْقِہٖط اَشْھَدُ أَنَّكَ قَدْ بَلَّغْتَ الرِّسَالَۃَ وَ اَدَّیْتَ الْأَمَانَۃَ وَ نَصَحْتَ اُمَّتَكَ وَ أَوْضَحْتَ الْحُجَّۃَ وَجَا ھَدْتَّ فِیْ اللهِ حَقَّ جِھَادِ ہٖط حَتَّى اَتٰكَ الْیَقِیْنُط یَا خَیْرَالرُّسُلِط إِنَّ اللهَ عَزَّ وَجَلَّط أَنْزَلَ عَلَیْكَ کِتَابًا صَادِ قًا قَالَ فِیْہِط وَلَوْ أَنَّھُمْ اِذْ ظَّلَمُوْآ اَنْفُسَھُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوْا اللّٰہَ وَاسْتَغْفَرَ لَھُمُ الْرَّسُوْلُ لَوَجَدُوْا اللهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا۝ (سورۃ النساء آیت: 64)
(ترجمو) اي الله جا رسول پاڻ صه تي سلام، اي الله جا نبي پاڻ صه تي سلام، اي الله جا حبيب پاڻ صه تي سلام، اي الله جي سڀني مخلوق کان بهتر پاڻ ص تي سلام، اي مزمل پاڻ صه تي سلام، اي مدثر پاڻ صه تي سلام، اي نبي رحمت پاڻ صه تي سلام، اي اُمت جي شفاعت ڪرڻ وارا پاڻ صه تي سلام، اي ابو القاسم پاڻ صه تي سلام، اي بشارت ڏيڻ وارا پاڻ صه تي سلام، اي ڊپ ٻڌائڻ وارا پاڻ صه تي سلام، اي آدمؑ جي سڀ کان وڏي معزّز فرزند پاڻ صه تي سلام، اي نبين ۽ مرسلين جا سردار پاڻ صه تي سلام، اي خاتم النبين پاڻ صه تي سلام، اي سڀ کان مشهور قائد پاڻ صه تي سلام، اي ڀلائي جا رهنما، نيڪي جا فاتح ۽ هادي امت پاڻ صه تي سلام، پاڻ صه تي سلام هجي ۽ پاڻ صه تي سلام هجي ۽ انهن طيب ۽ طاهر اهل بيت جن تان الله تعاليٰ نجاست پري ڪري انهن کي خوب پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ صه تي سلام ۽ پاڻ صه جا سڀئي اصحاب رضه ۽ پاڻ صه جون ازواج مطهرات رضه اُمهات المومنين تي سلام، پاڻ صه تي سلام ۽ سڀني نبين و مرسلين ۽ الله جي نيڪ ٻانهن تي سلام هجي، اي الله جا رسول صه! الله توهان صه کي اهڙو احسن ۽ افضل بدلو ڏئي جو ان ڪنهن نبيءَ کي ان جي قوم جي طرف کان ۽ رسول کي ان جي امت جي طرف کان ڏنو. مان گواهي ڏيان ٿو/ ڏيان ٿي ته الله کان سواءِ ڪوئي معبود نه آهي، هو اڪيلو آهي ۽ ان جو ڪوئي شريڪ نه آهي، مان گواهي ڏيان ٿو/ ڏيان ٿي ته توهان صه ان جا ٻانها آهيو، ان جا رسول آهيو. ان جا امين آهيو، ان جا مخلص دوست آهيو، ان جي مخلوق منجهان ان جا اعليٰ ٻانها آهيو. مان گواهي ڏيان ٿو/ ڏيان ٿي ته توهان صه الله جو پيغام پهچايو. توهان صه امانت ادا ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي امت کي پوري خير خواهي ۽ دين حق جي دليل روشن ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ خوب جهاد ڪيو ۽ دين کي مضبوط ڪيو. توهان صه پنهنجن دشمنن سان جهاد ڪيو ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪئي ايستائين جو توهان صه انتقال فرمائي ويا. اي خير الرُسُل، الله عز و جلّ توهان ؐ تي سچو ڪتاب نازل فرمايو جنهن ۾ ان فرمايو:
”ڪوئي پيغمبر نه موڪليوسون پر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا“. (سورةالنساء 64)
هر نماز کان پوءِ درود ۽ سلام جي لاءِ رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ تي حاضريءَ جو اهتمام توهان تي منحصر آهي. سلام پڙهي ڪري اتان هٽي ويندا ته جيئن ٻين کي موقعو ملي. مسجد ۾ ڪٿي به ويهي ڪري دورد پڙهي سگھو ٿا. حضرت ابو هريره رضه چون ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو ”پنهنجي گھرن کي قبرستان نه بڻايو (يعني گھرن ۾ نفل نماز پڙهو ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا ڪيو) ۽ منهنجي قبر کي سير گاهه نه بڻايو ۽ مون تي دورود موڪليو، توهان جتي ڪٿي به هوندا توهان جو درود مون تائين پهچايو ويندو“. (ابوداود)

[b]زيارت حضرت ابو بڪر صديق (رضي الله عنه)
[/b]هاڻي ٿورو ساڄي هٿ ٿي ڪري حضرت ابوبڪر صديق رضه جي زيارت ڪندا ۽ هي پڙهندا:
اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاسَیِّدَنَآ اَبَا بَکْرِ نِ الصِّدِّیْقِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاخَلِیْفَۃَ رَسُوْلِ اللّٰهِ عَلَی التَّحْقِیْقِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاصَاحِبَ رَسُوْلِ اللّٰهِ ثَانِیَ اثْنَیْنِ اِذْھُمَا فِی الْغَارِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَامَنْ اَنْفَقَ مَا لَہٗ کُلَّہٗ فِیْ حُبِّ اللّٰهِ وَحُبِّ رَسُوْلِہٖ ط حَتّٰی تَخَلَّلَ بِالْعَبَا رَضِیَ اللّٰهُ تَعَالٰی عَنْكَ ط وَاَرْضَاكَ اَحْسَنَ الرِّضَا وَجَعَلَ الْجَنَّۃَ مَنْزِلَكَ ط وَمَسْکَنَكَ وَ مَحَلَّكَ وَمَأْوٰكَ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَآ اَوَّلَ الْخُلَفَآءِ وَتَاجَ الْعُلَمَآءِط وَصِھْرَالنَّبِیِّ الْمُصْطَفٰی وَرَحْمَۃُ اللّٰہِ وَ بَرَکَاتُہٗ ط
ترجمو: سلام هجي توهان رضه تي اي اسان جا سردار ابوبڪر صديق رضه سلام هجي توهان رضه تي اي رسول الله جا حقيقي خليفه، سلام هجي توهان رضه تي اي رسول الله ؐ جا ساٿي، ٻن مان ٻيا، جڏهن ته هو غار ۾ هئا. سلام هجي توهان رضه تي اي اها هستي جنهن پنهنجو سمورو مال الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي محبت ۾ خرچ ڪري ڇڏيو ايستائين جو پنهنجي عبا کي به لاهي ڇڏيو. الله توهان رضه سان راضي ٿئي ۽ سهڻي طريقي سان توهان رضه کي راضي ڪري ۽ جنت کي توهان رضه جو گهر ۽ رهڻ جي جڳهه ۽ ٺڪاڻو بڻائي. سلام توهان تي اي سڀ کان پهريان خليفه ۽ سرتاج علماء ۽ نبي محمد ﷺ جا سُهرا ۽ الله جي رحمت نازل ٿئي ۽ ان جون برڪتون نازل ٿين توهان رضه تي.

[b]حضرت عمر (رضي الله عنه) جي زيارت
[/b]ان کان پوءِ ساڄي طرف هڪ هٿ هٽي ڪري حضرت عمر فاروق رضه جي زيارت ڪندا ۽ پڙهندا:
اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاعُمَرَ بْنَ الْخَطَّابِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَانَاطِقًام بِالْعَدْلِ وَالصَّوَابِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاحَنَفِیَّ الْمِحْرَابِ طاَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَامُکَسِّرَالْاَصْنَامط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَآ اَبَا الْفُقَرَآءِوَالضُّعَفَآءِ وَالْاَرَامِلِ وَالْاَیْتَامِ ط اَنْتَ الَّذِیْ قَالَ فِیْ حَقِّكَ سَیِدُالْبَشَرِ لَوْ کَانَ نَبِیٌّ مِّنْ بَعْدِیْ لَکَانَ عُمَرَبْنَ الْخَطَّابِ ط رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالٰی عَنْكَ ط وَاَرْضَاكَ اَحْسَنَ الرِّضَا وَجَعَلَ الْجَنَّۃَ مَنْزِلَكَ ط وَمَسْکَنَكَ وَمَحَلَّكَ وَمَاْوٰكَ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاثَانِیَ الْخُلَفَآءِ وَ تَاجَ الْعُلَمَآءِط وَصِھْرَ النَّبِیِّ الْمُصْطَفٰی وَ رَحْمَۃُ اللّٰهِ وَبَرَکَاتُہٗ ط
ترجمو: سلام هجي توهان رضه تي اي (حضرت) عمر بن الخطاب، سلام هجي توهان تي اي انصاف ۽ سچي ڳالهه ڪرڻ وارا، سلام هجي توهان رضه تي اي محرابن کي زينت ڏيڻ وارا، سلام هجي توهان رضه تي اي دين اسلام کي غلبو (واڌارو) ڏيڻ وارا، سلام هجي توهان رضه تي اي بتن کي ڀڃڻ وارا، سلام هجي توهان رضه تي اي فقيرن، ضعيفن، بيواهن ۽ يتيمن جي مدد ڪرڻ وارا. توهان رضه اُهي آهيو ته توهان رضه جي حق ۾ حضور ﷺ جن فرمايو جيڪڏهن مون کان پوءِ ڪوئي نبي هجي ها ته عمر بن خطاب رضه هجي ها. الله توهان رضه کان راضي هجي. ۽ توهان رضه کي سهڻي طريقي سان راضي ڪري. ۽ جنت توهان جو گهر ۽ رهڻ جي جڳهه ۽ ٺڪاڻو بڻائي. سلام توهان تي اي ٻيا خليفه ۽ سرتاج علماءِ نبي مصطفيٰﷺجا سهرا ۽ رحمت نازل ٿئي توهان تي ۽ ان جون برڪتون نازل ٿين توهان رضه تي.

[b]پوءِ مسجد مان نڪري ڪري قبلي رُخ ٿي ڪري هيٺ درج ٿيل دعا يا ڪابه دعا پڙهندا:
[/b]اَللّٰھُمَّ لَا تَدَعْ لَنَافِیْ مَقَامِنَا ھٰذَا الشَّرِیْفِ بَیْنَ یَدَیْ سَیِّدِنَا رَسُوْلِ اللّٰہِ ذَنْبًا اِلَّا غَفَرْتَہٗط وَلَاھَمًّا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا فَرَّجْتَہٗط وَلَا عَیْبًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا سَتَرْتَہٗ ط وَلَا مَرِیْضًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا شَفَیْتَہٗ وَعَافَیْتَہٗط وَلَا مُسَافِرًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا نَجَّیْتَہٗط وَلَا غَآئِبًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّآ رَدَدْتَّہٗط وَلَا عَدُوًّا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا خَذَلْتَہٗ وَدَمَّرْتَہٗط وَلَافَقِیْرًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّآ اَغْنَیْتَہٗ ط وَلَا حَاجَۃً یَآ اَللّٰہُ مِنْ حَوَآئِجِ الدُّنْیَا وَالْاٰخِرَۃِ لَنَا فِیْھَا صَلَاحٌ اِلَّا قَضَیْتَھَا وَیَسَّرْتَھَا ط اَللّٰھُمَّ اقْضِ حَوَآئِجَنَا ط وَیَسِّرْاُمُوْرَنَا ط وَاشْرَحْ صُدُوْرَنَا ط وَتَقَبَّلْ زِیَارَتَنَا ط وَاٰمِنْ خَوْفَنَا ط وَاسْتُرْ عُیُوْبَنَا ط وَاغْفِرْذُنُوْبَنَا ط وَاکْشِفْ کُرُوْبَنَا ط وَاخْتِمْ بِا لصَّالِحَاتِ اَعْمَا لَنَاط وَرُدَّ غُرْبَتَنَآ إِلٰی اَھْلِنَا وَ اَوْلَادِنَا ط سَا لِمِیْنَ غَانِمِیْنَ مَسْتُوْرِیْنَ مِنْ عِبَادِكَ الصَّالِحِیْنَ ط مِنَ الَّذِیْنَ لَا خَوْفٌ عَلَیْھِمْ وَلَا ھُم یَحْزَنُوْنَ بِرَحْمَتِكَ یَآ اَرْحَمَ الرَّاحِمِیْنَ یَا رَبَّ الْعَالَمِیْنَ
ترجمو:اي الله! نه ڇڏ اسان جي لاءِ هن مبارڪ جڳهه ۾ سامهون اسان جي آقا رسول الله صه جو ڪوئي گناهه، پر تون ان کي بخشي ڇڏ.۽ نه ڇڏ ڪوئي غم اي الله! پر تون ان کي مٽائي ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪوئي عيب اي الله، پر تون ان کي لڪائي ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪوئي مريض اي الله، پر تون ان کي شفا ۽ عافيت ڏي، ۽ نه ڇڏ ڪوئي مسافر اي الله! پر اُن کي سفر جي تڪليف کان نجات ڏئي ڇڏ ۽ نه ڇڏ ڪوئي ڀليل اي الله! پر ان کي واپس فرمائي ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪوئي دشمن اي الله! پر ان کي رسوا فرمائي ڇڏ، ۽ ان کي هلاڪ ڪري ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪوئي فقير اي الله! پر ان کي غني فرمائي ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪائي ضرورت اي الله، دنيا ۽ آخرت جي ضرورتن منجهان، جنهن ۾ اسان جي ڀلائي هجي، پر ان کي پورو ۽ آسان فرمائي ڇڏ، اي الله! اسان جون حاجتون پوريون فرمائي ڇڏ ۽ آسان فرمائي ڇڏ اسان جا ڪم ۽ کولي ڇڏ اسان جو سينو، ۽ قبول فرماءِ اسان جي زيارت ۽ امن سان بدلائي ڇڏ اسان جي خوف کي، ۽ پردو رکج اسان جي عيبن تي، ۽ بخشي ڇڏ اسان جي گناهن کي، ۽ پري فرمائي ڇڏ اسان جي تڪليفن کي، ۽ خاتمو فرماءِ نيڪين تي اسان جي عملن جو، ۽ موٽاءِ اسان کي پنهنجي اهل ۽ اولاد ۾ صحيح ۽ سالم، خوشحال، پرده پوشيءَ سان گڏ، پنهنجي نيڪ ٻانهن کان انهن ماڻهن منجهان ته ناهي ڪوئي خوف انهن کي ۽ نه ئي اهي غمگين ٿيندا، تنهنجي رحمت کان. اي سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارا، اي پروردگار سموري جهان جا.

[b]عورتن جي لاءِ روضه مبارڪ جي زيارت جا ادب:
[/b] عورتن جي لاءِ سلام پڙهڻ لاءِ ٽي وقت مقرر ٿيل آهن ۽ انهن جي ئي مطابق عورتن جي لاءِ مسجد ۾ هال سان ڳنڍيل دروازو کوليو ويندو آهي. اُهي وقت اشراق، ظهر ۽ عشاء کان پوءِ جا آهن. عورتن لاءِ روضه رسول صلي الله عليهه وسلم جي زيارت جي لاءِ وڃڻ لاءِ باب عثمان (باب نمبر 25) ۽ باب علي رضه (باب نمبر 28) جي اندران رستو آهي. ان کان سواءِ عورتن جي لاءِ نماز جي جڳهه باب عمر بن خطاب رضه ۽ باب ملڪ عبدالمجيد جي اندر واري هال کان به آهي. پر اتان کان زيارت جي لاءِ نٿو وڃي سگھجي. سعودي حڪومت جي طرفان عورتن لاءِ روضه مبارڪ جي حاضري ۽ رياض الجنت ۾ نفلن جي ادائيگيءَ جي لاءِ گروپ جي صورت ۾ وٺي وڃڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. جيڪي انتهائي تعريف جوڳا آهن. مختلف ملڪن کان هڪ جھڙي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجھائڻ وارين عورتن جا گروپ ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن جي اڳواڻي ڪرڻ واريون عورتون سندن ٻوليءَ ۾ رهنمائي ڪنديون آهن. ترتيب سان هڪ گروپ کي مسجد جي ان حصي ۾ پهچايو ويندو آهي جتان روضه مبارڪ تي سلام پڙهي سگھجي ٿو ۽ رياض الجنت ۾ نفل ادا ڪري سگھجن ٿا. انهيءَ دوران هي رهنمائي ڪندڙ عورتون روضه مبارڪ ۽ مسجد نبوي جي زيارت جا ادب، درود جا فضائل ۽ ٻيا حڪم ٻڌائينديون رهنديون آهن. پنهنجي لاڳاپيل گروپ ۾ رهندي بغير ڪنهن گھٻراهٽ ۽ پريشانيءَ جي هي مرحلو طئي ٿي ويندو آهي.

[b]ست ٿنڀ:
[/b] هونءَ ته مسجد نبويءَ جي هر جڳهه بابرڪت آهي پر رياض الجنت جا اُهي ٿنڀ جن کي سنگ مرمر، سون ۽ چانديءِ سان رنگين چٽساليءَ جي ڪم سان چٽيو ويو آهي. خاص طور تي قابل ذڪر آهن هي ست ٿنڀ جيڪي روضه انور صلي الله عليهه وسلم جي اولهه واري ڀت سان گڏ اڇي رنگ سان نمايان ڪيا ويا آهن.
1. ستون حنانه: هي محراب نبوي صلي الله عليهه وسلم جي ويجهو آهي نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم هن ٿنڀ جي ڀرسان بيهي ڪري خطبو ارشاد فرمائيندا هئا. هتي اهو کجيءَ جو وڻ دفن ٿيل آهي جيڪو ڪاٺيءَ جو ممبر ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم جي فراق ۾ ٻارن وانگر رُنو هيو.
2. ستون عائشه صديقه رضه: هڪ دفعو نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم ارشاد فرمايو ته منهنجي مسجد ۾ هڪ اهڙي جڳهه آهي جيڪڏهن ماڻهن کي اتي نماز پڙهڻ جي فضيلت جو علم ٿي وڃي ته اُهي ڪڻا ڪڍڻ لڳندا.(طبراني). ان جڳهه جي نشاندهي حضرت عائشه صديقه رضه فرمائي هئي. هاڻي اتي ستون عائشه ٺاهيو ويو آهي.
3. ستون ابي لبابه: هتي صحابي حضرت ابو لبابه رضه جو قصور هن جڳهه تي معاف ٿيو هيو. ان پنهنجو پاڻ کي هن ٿنڀ سان ٻڌي ڇڏيو هيو.
4. ستون وفود: هن جڳهه تي نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم ٻاهران کان اچڻ وارن وفدن سان ملاقات فرمائيندا هئا.
5. ستون سُرير: هن جڳهه تي نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم اعتڪاف فرمائيندا هئا ۽ رات جو پاڻ سڳورن صه جو بسترو وڇايو ويندو هيو.
6. ستون حرس: هن جڳهه تي حضرت علي رضه اڪثر نماز پڙهندا هئا ۽ ان جڳهه تي ويهي ڪري ٻنهي جھانن جي سردار جي نگھباني ڪندا هئا. هن کي ستون علي به چوندا آهن.
7. ستون تهجد: نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم هن جڳهه تي تهجد جي نماز ادا فرمائيندا هئا.
هي سڀئي ٿنڀ هن مسجد جي حصي ۾ آهن جيڪي حضور اقدس صلي الله عليهه وسلم جي زماني ۾ هئا. جڏهن به موقعو ملي ان جي ڀرسان سنتون ۽ نفل ادا ڪندا هي اُهي برڪت ڀريون جڳهون آهن جتي نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم جي نظر ڪرم پئجي چڪي آهي.

[b]اصحاب صفه رضوان الله عليهم اجمعين:
[/b] صفه، ڇَپرَ ڇَانوِرَي واري جڳهه کي چئبو آهي پراڻي مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم جي اتر اوڀر ڪناري، مسجد سان مليل هڪ چبوترو هيو هيءَ جڳهه باب جبرائيل کان اندر داخل ٿيندي ئي ساڄي هٿ کان محراب تهجد جي بلڪل سامهون آهي. ان جي ڊگهائي ۽ ويڪرائي 40x40 فوٽ آهي. ان جي سامهون خدام ويٺل رهندا آهن ۽ هتي ماڻهو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ چاهي ته مشڪل سان ئي جڳهه ملندي آهي.

[b]مسجد نبوي ۽ گنبد خضراء:
[/b] 1 هجري (622ع) ۾ آنحضرت صه هن مسجد جو بنياد رکيو، شروعات ۾ ڊيگهه 90 فوٽ، ويڪر 105 فوٽ ۽ بلندي تقريبن 10 فوٽ ڀتين جو ٿولهه ڏيڊ فوٽ، ٽي دروازا، کجين جي پتن جي ڇت ۽ فرش ڪچو هيو خيبر فتح کان پوءِ 7 هجري (628ع) ۾ آنحضرت صه واڌارو ڪري ڊيگهه 150 فوٽ ۽ ويڪر 150 فوٽ يعني سئو هٿ هم چورس ڪري ڇڏي. مسجد سان ويجهو ازواج مطهرات جا نَوَ حجرا تعمير ٿيا.
18 هجري ۾ حضرت عمر رضه جن ڊيگهه 210 ويڪر 180 فوٽ ۽ ڇهه دروازا ٺهرايا. 29 هجري ۾ حضرت عثمان رضه ڊيگهه 480 ويڪر 450 فوٽ ڪري ڇڏي ۽ نقش ۽ نگار سان سينگاريو. قبلي جي طرف کان اضافو ڪيو جنهن جي محراب "محراب عثماني" سان موسوم ٿي. 88 هه کان 91 هجري تائين واڌارو وليد بن عبدالمالڪ ڊيگهه 600 فوٽ ۽ ويڪر 486 فوٽ ڪري ڇڏي.
161 هجريءَ کان 165 هجري تائين خليفه مهدي ڊيگهه 900 فوٽ ۽ ويڪر 540 فوٽ ڪري ڇڏي. پوءِ معتصم بالله (الله تي ڀروسو ڪندڙ) تعمير ڪرائي. ملڪ ناصر ويرانڊن جا دالان ٺهرايا. ملڪ اشرف هي دالان ڀڃي ڪري نوان ٺهرايا، 853 هه ۾ شاهه ظاهر حقيق روضه پاڪ ۽ مسجد ٻيهر ٺهرائي. 924 هه ۾ ملڪ ناصر غازيءَ ٻيهر ڀتيون ٺهرايون. 980 هه (1572ع) ۾ سليم خان ثانيءَ عظيم الشان تعمير ڪرائي. 999 هه ۾ سلطان مراد ڊيگهه ۾ واڌارو ڪيو. 1254هه کان 1266 هه (1838 کان 1850ع) ۾ سلطان عبدالمجيد نئين سر تعمير ڪرائي. گنبد خضراء ٺهرايو عمارت کي گنبد نما ۽ قرآني آيتن سان سينگاريو. ان کانپوءِ سلطان عبدالعزيز ڪم مڪمل ڪرايو.
812 ع/ 1233 هه ۾ سلطان محمود گنبد نبويءَ صه کي نئين سر ٺهرايو پهريان گنبد جو رنگ اڇو هيو پر 1255ع ۾ ان گنبد تي سائو رنگ ڪرايو ويو تڏهن کان ئي گنبد خضراء جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. هي اهو گنبد خضراء آهي جنهن کي عاشقان رسول صلي الله عليهه وسلم پنهنجي خوابن ۾ ڏسندا آهن ۽ قسمت وارا جڏهن اُتي پهچي ويندا آهن ته ان جون روشنيون انهن جي دلين ۾ نور، انهن جي اکين ۾ ايمان جي روشني ۽ انهن جي روح ۾ سرور پيدا ڪري ڇڏينديون آهن.

[b]مسجد قبا:
[/b] مسجد نبويءَ کان ٽي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جيڪا آبادي آهي ان کي قبا چيو ويندو آهي. هجرت مدينه جي زماني ۾ هتي انصار جا گھڻا خاندان آباد هئا حضور اڪرم صه چار ڏينهن تائين قبا ۾ قيام فرمايو هيو ۽ اتي ئي پنهنجن هٿن مبارڪ سان مسجد قبا جو بنياد رکيو هو اسلام جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريان هيءَ مسجد ٺاهي وئي هئي هن مسجد جي فضيلت جو ان واقعي سان به گھرو تعلق آهي.
هڪ صحيح حديث جي مطابق مسجد قبا ۾ ٻه نفل پڙهڻ جو ثواب هڪ مقبول عمري جي برابر آهي ۽ هيءَ حديث مبارڪ مسجد جي محراب تي عربيءَ ۾ لکيل آهي.

[b]مسجد قبلتين:
[/b] هيءَ مسجد نبويءَ کان تقريبن ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي هيءَ مسجد اسلام جي تاريخ جي هڪ اهم واقعي جي علامت آهي شروعات ۾ مسلمان بيت المقدس جي طرف منهن ڪري نماز ادا ڪندا هئا حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جيستائين مڪه معظمه ۾ تشريف فرما رهيا اهو ئي دستور رهيو پر پاڻ سڳورا صه نمازون اهڙي رخ سان ادا فرمائيندا هئا ته جيئن خانه ڪعبه به پاڻ سڳورن جي سامهون هوندو هيو پر مدني زندگيءَ جي شروعات ڏينهن ۾ مڪمل طور تي بيت المقدس ئي قبلو هو ۽ تقريبن سورنهن سترنهن مهينا پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم بيت المقدس جي طرف منهن ڪري نمازون پڙهيون (بيت المقدس مسلمانن جي لاءِ انهي ڪري به مقدس هيو ۽ آهي جو هتان کان حضور صه معراج تي تشريف وٺي ويا هئا). پر ان سموري عرصي ۾ حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جي هيءَ دلي خواهش رهي ته مسلمان حضرت ابراهيم عليه السلا جي ٺاهيل خانه ڪعبه جي طرف رخ ڪري نماز ادا ڪن. حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم لاڳيتو ان خواهش ۾ آسمان ڏانهن ڏسندا هئا آخرڪار هڪ ڏينهن ٺيڪ ان وقت نماز جي حالت ۾ آيت نازل ٿي.
قَدْ نَرَى تَقَلُّبَ وَجْهِكَ فِي السَّمَاءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضَاهَا فَوَلِّ وَجْهَكَ شَطْرَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَحَيْثُ مَا كُنْتُمْ فَوَلُّوا وُجُوهَكُمْ شَطْرَهُ
ترجمو: هي توهان جو منهن بار بار آسمان جي طرف کڻڻ اسان ڏسي رهيا آهيون هاڻي اسان ان قبلي جي طرف توهان کي ڦيري ٿا ڇڏيون جنهن کي توهان پسند ڪندا آهيو، مسجد حرام (خانه ڪعبه) جي طرف رخ ڦيري ڇڏيو هاڻي جتي ڪٿي به هجو ان جي طرف منهن ڪري نماز پڙهندا ڪريو. (البقره 144)
هي حڪم رجب يا شعبان 2 هجريءَ ۾ ٿيو هيو حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم بشر بن براء بن معرور رضه وٽ بنو سلمه جي محلي ۾ تشريف وٺي ويا هئا اتي ظهر جي نماز جو وقت ٿيو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم بنو سلمه جي مسجد ۾ نماز جي امامت فرمائڻ لاءِ بيهي رهيا ٻه رڪعتون پڙهائي چڪا هئا ته ٽئين رڪعت ۾ اوچتو وحيءَ جي ذريعي تحويل قبلي جي هيءَ آيت نازل ٿي ۽ ان ئي وقت پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم جي پيرويءَ ۾ جماعت جي سمورن ماڻهن جان مُنهن بيت المقدس کان خانه ڪعبه ڏانهن ڦري ويا ۽ هي تحويل قبله جي آيت مسجد جي محراب تي لکيل آهي.

[b]مسجد جمعه:
[/b] مسجد قبا کان ڪجهه فاصلي تي مدينه منوره آباد هيو حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جڏهن هجرت ڪري مدينه منوره روانا ٿيا هئا ته جمعي جو ڏينهن هيو بنو سالم جي قبيلي ۾ پهتا هئا ته جمعي جي نماز جو وقت ٿي ويو جمعي جي نماز ادا فرمائي مدينه منوره ۾ جمعو هيو ان جڳهه تي پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم جمعو ادا فرمايو اتي مسجد ٺاهي وئي آهي قبا کان واپسيءَ تي ٻه رڪعتون نفل نماز ادا ڪندا.

[b]مسجد غمامه:
[/b] مسجد نبويءَ ۾ باب السلام کان ٻاهر ايندا ته ڏکڻ اوڀر طرف تقريبن 1500 فوٽن جي مفاصلي تي چار ديواريءَ جي ٻاهر هيءَ مسجد واقع آهي. حضور اقدس صلي الله عليهه وسلم هتي 2 هجريءَ ۾ پهريون دفعو عيد جي نماز ادا فرمائي هئي ۽ نائين صدي هجريءَ تائين عيدن جون نمازون پڙهايون وينديون رهيون. هن کي مسجد مصليٰ به چوندا آهن، پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم هن جڳهه تي نماز استسقاء به ادا فرمائي هئي ان وقت ڪڪر (جُهڙ) ظاهر ٿيو ۽ مينهن وسڻ شروع ٿي ويو، انهيءَ لاءِ هن مسجد کي مسجد غمامه به چوندا آهن. هيءَ مسجد هاڻي بند هوندي آهي ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي مسجد نبويءَ جي نئين ٺهڻ کانپوءِ هيءَ مسجد نبويءَ جي تمام ويجهو ٿي وئي هئي انهيءَ ڪري هتي نماز نه ٿيندي آهي. ان کي حضور صلي الله عليهه وسلم جي يادگيري طور محفوظ ڪيو ويو آهي.

[b]جنت البقيع:
[/b] مسجد نبويءَ ۾ روضه مبارڪ صلي الله عليهه وسلم تي درود ۽ سلام کان واندا ٿي ڪري جنهن دروازي کان توهان ٻاهر ويندا ان کي باب بقيع چيو ويندو آهي. ان جي بلڪل سامهون جنت البقيع جو قديم ۽ متبرڪ مشهور قبرستان آهي جيڪو چئني طرفن کان مضبوط ۽ مٿانهين چار ديواريءَ ۾ گِھريل آهي. ان جو مرڪزي دروازو مسجد نبويءَ طرف کلي ٿو. عورتن کي ڪنهن به وقت اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. انهن جي لاءِ زيارت ۽ سلام پڙهڻ لاءِ دروازي سان گڏ ڄاريون لڳايون ويون آهن. هتي گھڻو ڪري عورتون ۽ مرد جمع ٿيندا آهن ۽ جنت البقيع وارن تي سلام موڪليندا رهندا آهن. جنت البقيع ۾ اهل بيت کان علاوه ڏهه هزار صحابه ڪرام رضه هزارا اولياء ڪرام ازواج مطهرات حضور پاڪ صلي الله عليهه وسلم جا صاحبزادا ۽ صاحبزاديون آرام فرما آهن. روايت جي مطابق قيامت ۾ 70 هزار اهڙا نيڪ ماڻهو اٿندا جن جا منهن چوڏينهن جي چنڊ وانگر چمڪندا رهندا ۽ بغير حساب جي جنت ۾ ويندا. حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم اڪثر ڪري جنت البقيع تشريف وٺي وڃي ڪري مغفرت جي دعا فرمائيندا هئا. جنت البقيع ۾ هيءَ دعا پڙهندا جيڪڏهن اندر وڃڻ جو موقعو نه ملي ته قبرستان جي ٻاهران ئي هي دعا پڙهندا:
اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ یَآاَھَلَ الْبَقِیْعِط یَآاَھْلَ الْجَنَابِ الرَّفِیْعِ ط اَنْتُمْ السَّابِقُوْنَط وَنَحْنُ اِنْ شَآءَ اللّٰہُ بِکُمْ لَاحِقُوْنَ ط اَبْشِرُوْا بِاَنَّ السَّاعَۃَ اٰتِیَۃٌ لَّارَیْبَ فِیْھَاط اَنَّ اللّٰہَ یَبْعَثُ مَنْ فِی الْقُبُوْرِط اٰ نَسَکُمُ اللّٰہُ تَعَالٰی وَشَرَّفَکُمُ اللّٰہُ تَعَالیٰ بِقَوْلِ اَشْھَدُ اَنْ لَّا اِلٰہَ اِلَّااللّٰہُ وَحْدَہٗ لَاشَرِیْكَ لَہٗ ط وَاَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّدْا عَبْدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ ط
سلام هجي توهان تي اي اهل بقيع اي اعليٰ بارگاه وارﺆ! توهان اسان کان پهريان هليا ويا ۽ اسان انشاالله توهان سان ملڻ وارا آهيون. خوشخبري حاصل ڪيو ته قيامت اچڻ واري آهي، ناهي شڪ ان ۾ ۽ بنا شڪ ۽ شبهي جي الله زنده ڪري اٿاريندو قبرن وارن کي، پسنديده بڻائي ڇڏي الله تعاليٰ توهان کي، عزت وارو ڪري توهان کان ان قول سان ته مان گواهي ڏيان ٿو هي، ته ناهي ڪوئي معبود سواءِ الله جي هو هڪ آهي، ناهي ڪوئي شريڪ ان جو ۽ گواهي ڏيان ٿو ته محمد صلي الله عليهه وسلم الله جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهي.

[b]مدينه شريف مان رخصت ٿيڻ وقت (الوداعيه دعا):
[/b]توهان جڏهن مدينه منوره کان رخصت ٿيو ته ٻه رڪعتون نفل مسجد نبوي ۾ ادا ڪندا ۽ رسول الله صلي الله عليهه وسلم جي روضي مبارڪ تي ايندا. پنهنجي والدين، مٽ مائٽن ۽ دوستن ۽ سڀني دشمنن جي هدايت ۽ مغفرت جي لاءِ دعا گھرندا ۽ جنھن جنهن ماڻهوءَ توهان کي سلام پڙهڻ ۽ دعا ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي انهن سڀني جي لاءِ دعا گھرندا. حضور صه کان رخصت ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ دعا گھرندا:
اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اَسْئَلُكَ بِنُوْرِ وَجْھِكَ اَنْ تَغْفِرَلِیْ وَلِجَمِیْعِ اَھْلِ بَیْتِیْ ط وَاَحِبَّآلِٔیْ وَلِنَاشِرِ ھٰذِہِ الْاَدْعِیَۃِ وَلِوَالِدَیْہٖ وَلِلْمُؤْمِنِیْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ مَغْفِرَۃً لَّا تُغَادِرُ ذَنبًا وَّ تُدْ خِلَنَا الْجَنَّۃَ جَمِیْعًا بِغَیْرِ حِسَابٍ ط اَللّٰھُمَّ اَعِذْنَا جَمِیْعًا مِّنْ ھَمَزَاتِ الشَّیَاطِیْنِ ط وَ اَمِتْنَا وَاَمِتْھُمْ مَّعَ الْاِیْمَانِ عَلیٰ مَحَبَّتِكَ وَ مَحَبَّۃِ نَبِیِّكَ صَلّی اﷲُ عَلَیْہِ وَسَلَّمَ وَ سُنَّتِہٖ ط بِرَحْمَتِكَ یَآ اَرْحَمَ الرَّاحِمِیْنَ ط
ترجمو: يا الله! مان دعا ڪريان ٿو تنهنجي طفيل تنهنجي ذات نور جي، تون مونکي ۽ منهنجي سڀني خاندان ۽ سڀني دوستن ۽ انهن سڀني دعائن جي ناشر ۽ انهن جي والدين ۽ اهل عيال، ڪل مؤمن مردن ۽ عورتن کي بخشي ڇڏ ۽ اسان سڀني کي قبر جي عذاب کان محفوظ رکجان ۽ اهڙي بخشش عطا فرماءِ جو ڪنهن جو گناهه کي باقي نه رهي ۽ اسان سڀني کي بغير حساب جي جنت ۾ داخل فرماءِ. اي اللهٰ! اسان سڀني کي شيطان جي شر کان محفوظ رک ۽ اسان سڀني کي ايمان سان گڏ خاتمو باخير ڪر، اي الله پنهنجي ۽ پنهنجي نبي پاڪ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي محبت ۽ ايمان تي اسان جو خاتمو فرماءِ. اي رحم ڪرڻ وارا اسان تي رحم فرماءِ.