باب چوٿون: مشاعر مقدسه جو تعارف
[b]منى کان مختلف جڳهن جا فاصلا:
[/b]مسجد الحرام کان منى جو مفاصلو 6 ڪلو ميٽر آهي ۽ پنڌ هلڻ وارن لاءِ انهن جڳهن جي وچ ۾ هڪ ڇانوري وارو رستو ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ٻنهي ڪنارن تي ٿوري ٿوري پنڌ تي پيئڻ جي لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر هنيا ويا آهن.
منى کان ميدان عرفات تائين جو مفاصلو تقريبن 13 ڪلوميٽر آهي ۽ هتي به پنڌ هلڻ وارن جي سهولت لاءِ الڳ الڳ وسيع رستا ٺاهيا ويا آهن. بسن ۽ ٻي ٽريفڪ جي لاءِ الڳ الڳ روڊ آهن جنهن تي عرفه واري ڏينهن (9 ذوالحج) جو ايتري وڌيڪ رش ٿيندي آهي جو پير رکڻ جي جاءِ ناهي هوندي.
منى کان مزدلفه تقريبن چار ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. منى کان عرفات وڃڻ وارا سڀئي رستا مزدلفه مان ئي گذرندا آهن. حج جي پانڌيئڙن کي هي سفر 10 ذوالحج جو ڪرڻو هوندو آهي ۽ ان کي پنڌ هلي ڪري پورو ڪرڻ ٻين ذريعن جي نسبت کان وڌيڪ آسان هوندو آهي. ميدان عرفات کان مزدلفه جو رستو تقريبن 9 ڪلوميٽر آهي.
[b]منى ۾ داخل ٿيڻ جا رستا:
[/b] 8 ذوالحج جو هن مبارڪ جاءِ تي حج جي پانڌيئڙن جي داخل ٿيڻ سان ئي اسلام جي رڪن حج جي مناسڪن جو آغاز ٿي ويندو آهي. حج جي پانڌيئڙن لاءِ بهتر ٿيندو ته 8 ذوالحج جو منى ۾ پهريون دفعو پنهنجي مڪتب جي ذميدار ماڻهن جي رهنمائيءَ ۾ وڃن. جڏهن ته منى ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ هيٺ ذڪر ڪيل 4 وڏا رستا آهن. انهن رستن جي سڃاڻپ حاجين سڳورن جي لاءِ فائدي مند ٿيندي.
1. مدخل طريق 68 الملڪ فهد: هي رستو منى ۾ ماٿريءَ جي اولهه پاسي کان داخل ٿيندو آهي. شيشه ۽ طريق الحج جي علائقن ۾ رهڻ وارا حاجي سڳورا ان رستي کان منى ۾ داخل ٿيندا آهن.
2. مدخل ڪبري الملڪ خالد: هي رستو منى ۾ ڏاکڻي پاسي کان مسجد خيف جي ويجهو کان داخل ٿيندو آهي. عزيزيه ۾ سوق السلام، راجحي سينٽر ۽ ٻين ويجهن علائقن ۾ رهائش رکندڙ حاجي سڳورا هن رستي کان منى ۾ داخل ٿيندا آهن.
3. مدخل ڪبري الملڪ عبدالعزيز: هي رستو به منى ۾ ڏکڻ طرف کان داخل ٿي ڪري منى جي عين وچ مان گذرندو آهي. تنهنڪري وڌ ۾ وڌ حاجي سڳورا منى ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ هي رستو اختيار ڪندا آهن. عزيزيه جي اوڀر واري پاسن جي علائقن يعني بن داؤد، طريق الملڪ عبدالله ۽ طريق عبدالله خياط جي آس پاس رهائش رکندڙ حاجي سڳورا هن رستي کان منى ۾ داخل ٿيندا آهن.
4. مدخل ڪبري الملڪ فيصل: هي رستو منى ۾ڏکڻ طرف کان ئي داخل ٿيندو آهي. پر جيئن ته هي منى کان انتهائي اوڀر ڪناري کان منى ۾ داخل ٿيندو آهي تنهنڪري گھٽ ماڻهن جي استعمال هيٺ ايندو آهي.
[b]منى ماٿريءَ ۾ امتيازي (ترجيحي يا نمايان) نشان(Land Marks):
[/b] حج جا پانڌيئڙا حج جي ڏينهن ۾ گهڻو وقت منى جي خيمن ۾ ئي گذاريندا آهن ۽ پوءِ هتان کان انهن کي حج جي مناسڪن جي ادائگي جي لاءِ مختلف ڏينهن ۾ منى کان ٻين مقدس جاين ڏانهن وڃڻو اچڻو هوندو آهي. انهيءَ ڪري منى ۾ پنهنجي خيمن جي جاءِ چڱي طرح ذهن نشين ڪرڻ انتهائي ضروري هوندي آهي. جيئن وقت سر پنهنجي خيمن ۾ اچڻ وڃڻ وارن رستن کان چڱي طرح سڃاڻپ ٿي وڃي ۽ خدا نه خواسته گم ٿيڻ جا امڪان بلڪل ختم ٿي وڃن. ان مقصد لاءِ منى ماٿريءَ ۾ موجود هيٺ ذڪر ڪيل امتيازي نشانن کان آگاهي نهايت ئي ضروري آهي.
[b]منى جون اَهم پُليون:
[/b] پُل کي عربي ۾ ڪُبري يا جَسر چوندا آهن مقامي زبان ۾ پُل جي لاءِ گھڻوڪري ڪُبري جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي منى ماٿريءَ ۾ ٽريفڪ جي سهولت جي لاءِ ڪيتريون ئي پُليون ٺاهيون ويون آهن جن مان ٽن اهم ترين پُلين جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
1. ڪُبري ملڪ خالد: هيءَ ڪُبري منى کان اتراهين علائقن مسجد خيف جي ويجهو جمرات کان تقريبن اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي جيڪڏهن توهان منى ۾ شارع خالد کان داخل ٿيندا ته هڪ سرنگ (عربي زبان ۾ نفق) کان داخل ٿيڻ کان پوءِ توهان اُن ئي ڪُبري تي اچي نڪرندا ۽ توهان جي کاٻي هٿ جي طرف منى جي هڪ اسپتال آهي جنهن کي عربي زبان ۾ مستشفى الطواري چيو ويندو آهي يعني ايمرجنسي اسپتال. هن ڪبري جي ساڄي طرف کان منى ۾ وڏن رستن کان ڪبريءَ جي مٿان اچڻ لاءِ رستو مهيا ڪندو آهي.
2. ڪُبري ملڪ عبدالعزيز: هيءَ ڪبري منى جي تقريبن وچ ۾ ڪبري ملڪ خالد کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي ۽ منى ۾ حاجين جي خيمن کي ٻن وڏن حصن ۾ ورهائي ٿي جيڪڏهن توهان شارع ملڪ عبدالله جي رستي عزيزيه کان منى ۾ داخل ٿيندا ته هن ڪبري جي مٿان کان توهان منى ۾ داخل ٿيندا ۽ توهان جي کاٻي طرف هڪ ٻي اسپتال آهي جنهن جو عربي زبان ۾ نالو مستشفى منى الجسر آهي. ڪبري ملڪ عبدالعزيز جي هيٺان مستشفى الجسر جي ويجهو ايمبولينس اسٽاپ به واقع آهي. ضرورت جي وقت هتان کان ايمبولينس وٺي سگھجي ٿي. ايمبولينس کي عربي زبان ۾ اَسعاف چوندا آهن.
3. ڪُبري ملڪ فيصل: هيءَ ڪبري نيو منى ۽ مزدلفه جي ميدان جي وچ ۾ واقع آهي. حاجين سڳورن جا رهائشي خيما جيڪي ڪبري ملڪ خالد ۽ مسجد خيف جي ويجھو کان شروع ٿيندي ئي ڪبري ملڪ فيصل جي ويجهو اچي ڪري ختم ٿيندا آهن ۽ ڪبري جي ٻئي طرف ميدان مزدلفه شروع ٿي ويندو آهي. حج جا پانڌيئڙا 10 ذوالحج جي صبح جو جڏهن مزدلفه کان منى جي طرف روانا ٿيندا آهن ته سڀ کان پهريان ڪبري فيصل جي هيٺان کان ئي انهن جو گذر ٿيندو آهي ۽ هتان کان ئي خيما شروع ٿيندا آهن جيڪي تقريبن چار ڪلوميٽرن کان پوءِ ڪبري ملڪ خالد کان ٿوري ئي فاصلي کان پوءِ ختم ٿي ويندا آهن.
[b] منى جا زون:
[/b]زون کي عربي زبان ۾ منطقه چيو ويندو آهي ۽ منى جي ماٿريءَ کي 9 مختلف زونن ۾ ورهايو ويو آهي.زون 1 کان 7 منى ۾ جڏهن ته زون 8 ۽ 9 مزدلفه ۾ آهن. زون هڪ جمرات جي طرف آهي ۽ ائين انهن جا نمبر مزدلفه جي طرف وڌنڌا ويندا آهن. منى ۾ حاجين سڳورن جا رهائشي خيما زون 7 تائين ويندا آهن جيڪي ڪبري فيصل جي بلڪل ويجهو واقع آهن. هر هڪ زون جي نشاندهي جي لاءِ تمام وڏي ڊگھي پول تي پيلي رنگ جا بورڊ لڳايا ويا آهن ۽ انهن تي ڪاري رنگ سان زون نمبر لکيا ويا آهن. زون جي نشاندهي اتي موجود ننڍن رستن سان به ٿيندي آهي. جيئن شارع 511 يعني زون 5 جي 11 نمبر رستي تي آهي ۽ اهڙي طرح شارع 219 يعني زون 2 جو 19 نمبر رستو آهي. پاڪستاني حاجين سڳورن جا خيما عام طور تي زون 6,5,4,2 ۽ 7 ۾ هوندا آهن.
[b]نيو منيٰ:
[/b]وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جيئن جيئن حج بيت الله ڪرڻ وارن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو ويو ته منى جي ماٿري پنهنجي سموري گنجائش جي باوجود تنگ ٿيڻ شروع ٿي وئي. ان ڳالهه جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهريان جتي پوري ڳوٺ يا محلي ۾ صرف ڪجهه ماڻهن کي حج بيت الله جي سعادت نصيب ٿيندي هئي الحمد الله هاڻي اُتي هر ٻئي گهر جا ڪيترائي حج جا پانڌيئڙا نظر اچڻ لڳا آهن انهيءَ ڪري اهو ضروري ٿي ويو آهي ته حج جي پانڌيئڙن جي رهائشي خيمن کي قديم (پُراڻي) منى ماٿريءَ جي حدن کان ٻاهر مزدلفه جي حدن ۾ به هنيو وڃي. انهيءَ ڪري سعودي حڪومت مستند (سرڪاري) عُلماء ڪرامن جي متفقه فتوى جي روشنيءَ ۾ حاجين سڳورن جي رهائشي خيمن کي قديمي يعني پراڻي منى سان بلڪل گڏ مزدلفه جي حدن ۾ ڪبري فيصل تائين وڌائي ڇڏيو آهي. مزدلفه جي حدن ۾ اُهي علائقا جتي حاجين سڳورن جا رهائشي خيما لڳايا ويا آهن ان کي عام طرح نيو منى چيو ويندو آهي ۽ هتي حاجين سڳورن جو رهڻ انهن جي منى جي قيام کي ظاهر ڪري ٿو.
[b]منى جا اهم رستا:
[/b] منى هڪ ڪشادي وادي (ماٿري) آهي هتي لکين ماڻهن جي قيام (ترسڻ) جي لاءِ انتظام ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ِ هتي ڪيترن ئي ننڍن ۽ وڏن رستن جو ڄار وڇايو ويو آهي. وڏن رستن کي عربي زبان ۾ طريق چوندا آهن ۽ منى ۾ هر طريق يعني وڏي رستي جو پنهنجو نالو ۽ نمبر هوندو آهي. هي رستا منى ماٿريءَ جي ڊگھي رُخ يعني شرقاً (اوڀر) غرباً (اولهه) ٺاهيا ويا آهن. منى جا ڪجهه اهم رستا بيان ڪجن ٿا.
1. طريق 38 الملڪ عبدالعزير: هي رستو مسجد الحرام کان منى ۽ مزدلفه کان ٿيندو عرفات تائين وڃي ٿو ۽ ريل جي پٽڙي جي بلڪل هيٺان هلندو آهي.
2. طريق 44 القصر المکي: هي رستو عرفات جي ميدان کان شروع ٿيندو آهي ۽ مزدلفه کان ٿيندو ڪبري فيصل جي هيٺان کان منى ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ پوءِ طريق الملڪ عبدالعزيز سان گڏ هلندي ڪبري عبدالعزيز کان پوءِ طريق 38 سان مِلي ويندو آهي.
3. طريق 50 الملڪ فيصل: هي رستو عرفات جي ميدان جي اوڀر ڪناري کان شروع ٿيندي ئي ۽ طريق القصرالمڪي جي اُتر طرف کان ان سان گڏوگڏ هلندو آهي. پوءِ مزدلفه کان ٿيندو منى جي آخري حصي ۾ جمرات جي ويجهو ختم ٿيندو آهي.
4. طريق المشاة (پنڌ هلڻ جو رستو): مشاة عربي زبان ۾ پنڌ هلڻ کي چئبو آهي. يعني مڪه کان منى ۽ منى کان عرفات تائين پنڌ سفر ڪرڻ وارن جي سهولت جي لاءِ ٺاهيل رستن مان هي پهريون وڏو پنڌ هلڻ وارن لاءِ رستو آهي. گھڻو ڪري حاجي سڳورا مزدلفه کان منى ايندي هن رستي تي سفر ڪندا آهن.
5. طريق 56 الجوهرة: هي رستو به طريق مشاة سان گڏ هلندي عرفات کان منى جي آخري حصي ۾ واقع جمرات تائين وڃي ٿو.
6. طريق 62 سوق العرب: طريق سوق العرب به عرفات جي ميدان کان اوڀر واري حصي کان شروع ٿيندي ئي جبل الرحمت جي ويجهو کان گذرندو آهي. طريق 62 ميدان مزدلفه ۽ منى جي ماٿريءَ کان ٿيندو جمرات جي ويجهو اچي ختم ٿيندو آهي. منى ۾ جنوب ايشيائي ملڪن يعني افغانستان، پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي حاجين سڳورن جا خيما طريق الجوهرة ۽ طريق سوق العرب تي ئي واقع هوندا آهن. انهيءَ ڪري توهان جي لاءِ انهن وڏن رستن کي چڱي طرح سمجھڻ نهايت ضروري آهي.
[b]اهم نوٽ:
[/b]طريق الجوهرة، طريق سوق العرب ۽ طريق المشاة عرفات کان شروع ٿيندا آهن، انهن جي وچ ۾ وقفو ڪٿي ڪجهه وڌيڪ ٿي ويندو آهي ته ڪٿي گھٽ ۽ وادي محسر ۾ ته بلڪل ملي وڃڻ کان پوءِ وري الڳ ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري حج جا پانڌيئڙا 10 ذوالحج جي صبح مزدلفه کان منى جو سفر ڪندي جڏهن وادي محسر پهچندا آهن ته انهن جو غلطيءَ سان پنهنجي واسطيدار رستي جي بجاءِ ڪنهن ٻئي رستي تي هلي وڃڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. انهيءَ ڪري توهان کي وادي محسر ۾ انهن رستن جي نشاندهي ڪرڻ وارن بورڊن ۽ نقشن وغيره جي مدد سان پڪ ڪرڻ گھرجي ته توهان واسطيدار (گھربل) رستي تي ئي سفر ڪري رهيا آهيو. نه ته پنهنجي خيمن جا رستا ڀلجي وڃڻ جوامڪان وڌي ويندو آهي.
7. طريق 68 الملڪ فهد: هي رستو عرفات جي ميدان جي اولهه ڪناري تي واقع عرفات رنگ روڊ کان شروع ٿي ڪري مزدلفه ۽ منى جي اُتر واري حصي کان گذرندو آهي ۽ جمرات جي اُتر کان گذرندي مڪه مڪرمه ۾ داخل ٿيندو آهي. منى ۾ ان رستي جي ڪناري تي گھڻو ڪري آفريقي ۽ عرب ملڪن جي حاجين سڳورن جا خيما لڳل هوندا آهن.
[b]ننڍا رستا:
[/b]منى ۾ مٿي ذڪر ڪيل رستن کي ڪيترن ئي ننڍن لاڳاپيل رستن جي ذريعي ملايو ويو آهي. انهن رستن کي عربي زبان ۾ شارع چيو ويندو آهي. انهن مان هر هڪ رستي کي ان جي زون جي مطابق نمبر الاٽ ڪيو ويو آهي. مثال طور شارع نمبر 521 ۾ 5 جو انگ ان جي زون کي ظاهر ڪري ٿو ۽ 21 رستي جو نمبر آهي. يعني هي زون 5 جو 21 نمبر شارع آهي. اهڙي طرح شارع 210 يعني زون نمبر 2 جو 10 نمبر رستو آهي. رستن جي نمبرنگ ۾ هڪ ٻي خاص ڳالهه سمجهڻ جي هيءَ آهي ته منى جي اُفقي (اولهه اوڀر) رستن جا ٻڌي انگ ۽ عمودي رستن جا نمبر اِڪي هوندا آهن. مثال طور شارع 714، شارع 716 ۽ شارع 718 زون نمبر 7 ۾ نسبتن يعني وڏا اُفقي (اوڀر اولهه) رستا آهن ۽ شارع 717، شارع 735 ۽ شارع 737 ننڍن عمودن (اتر ڏکڻ) رستن جي ذريعي ان جي وچ ۾ رابطو مهيا ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح منى جي هر زون ۾ حاجي سڳورن جي سهولت جي لاءِ ننڍن وڏن رستن جو نيٽ ورڪ موجود آهي. جنهن ۾ ڪجهه رستا ضرورت وقت بند به ڪيا ويندا آهن.
[b]مڪتب نمبر:
[/b]منى ۾ حاجين سڳورن جي خيمن کي مختلف مڪتبن ۾ ورهايو ويندو آهي ۽ هر مڪتب کي هڪ نمبر الاٽ ڪيو ويندو آهي. جنوبي ايشيائي ملڪن جا مڪتب منى جي هڪ ئي حصي ۾ هوندا آهن. ڪجھه مڪتب صرف پاڪستاني حاجين جي لاءِ مخصوص هوندا آهن جڏهن ته ڪجهه مڪتبن ۾ پاڪستان سان گڏ ٻين ايشيائي ملڪن جي حاجين سڳورن جا گڏيل خيما به هوندا آهن. مڪتبن جي سلسلي ۾ ڪجهه خاص ڳالهين جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
• منى ۾ مڪتبن جي جڳهه ڪنهن خاص ترتيب سان الاٽ نه ڪئي ويندي آهي انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته مڪتب نمبر 1 سان گڏ مڪتب نمبر 13 ۽ پوءِ 28 موجود هجي. پاڪستاني مڪتبن جي وڏي گيٽ جي مٿان مڪتب نمبر جا بورڊ لڳايا ويندا آهن ۽ پاڪستاني جھنڊا به لڳايا ويندا آهن مڪتب جي مين گيٽ سان گڏ پول نمبر جو بورڊ به لڳل هوندو آهي.
• حج جي پانڌيئڙن کي گذارش آهي ته جڏهن 8 ذوالحج جو مڪتب جا ذميدار ماڻهو توهان کي پهريون دفعو پنهنجي مڪتب ۾ وٺي وڃن ته پنهنجي مڪتب جو ماڳ، هنڌ ۽ ٺڪاڻو چڱي طرح سمجهي وٺو ته ڪهڙي رستي تي واقع آهي ۽ ان جو پول نمبر ڪهڙو آهي ته جڏهن به مڪتب کان ٻاهر وڃڻو هجي ته آسانيءَ سان واپس اچي سگھجي.
• مڪتب ۾ رهائش دوران مڪتب جو جاري ڪيل ڪارڊ هر وقت پاڻ سان گڏ رکندا ته جيئن مڪتب ۾ داخل ٿيڻ وقت سڪيورٽيءَ تي مقرر ٿيل ماڻهن کي ڏيکاري ئي توهان اندر وڃي سگھندا. مڪتب جي اندر وضو خانه ٺهيل هوندا آهن ۽ نماز جي وقتن کان پهريائين اڪثر ڪري اُتي رش وڌي ويندي آهي. انهيءَ ڪري وضو جي لاءِ اهڙي وقت جي چونڊ ڪندا جنهن وقت رش گھٽ هجي. عام طور تي نمازن جي وقتن کان پوءِ وضو خانن تي رش گھٽ ٿي ويندي آهي. وضو خانن ۾ لڳل پاڻيءَ جي ٽوٽين (ٻُجين) کي آرام سان کوليندا نه ته پاڻي وڌيڪ پريشر سان ٻاهر ايندو ۽ حمام يعني غسل خاني جي فرش کي لڳڻ کان پوءِ ڇنڊا توهان جي ڪپڙن تي به پئجي سگھن ٿا.
[b]پول نمبر:
[/b]منى ۾ حاجين جي رهائشي علائقن کي مختلف ڪيمپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ڪيمپ جو هڪ خاص نمبر هوندو آهي جيڪو هڪ پول جي مٿان ننڍي بورڊ تي پڌرو ۽ چٽو لکيو ويندو آهي. هي نهايت ئي اهم نشان آهي جيڪوحاجين جي منى ۾ رهنمائيءِ جي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. ان پول تي خيمي جو نشان ٺهيل هوندو آهي. خيمي جي نشان جي مٿان عربي زبان ۾ ۽ هيٺان انگريزي زبان ۾ پول نمبر لکيل هوندو آهي. پول نمبر جي متعلق هيٺ ذڪر ڪيل خاص ڳالهين کي چڱي طرح ذهن نشين ڪرڻ سان منى ۾ نه صرف پنهنجي خيمن کي ڳولهڻ آسان ٿي ويندو بلڪه ٻين حاجين سڳورن جي رهنمائي ڪري اجر ۽ ثواب حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿي ويندو.
پول نمبر ڪسر عدد (ڀاڱن جي شڪل ۾ لکيا ويندا آهن. مثال طور 6/56 جو مٿيون عدد ڪيمپ نمبر يا پول نمبر کي ظاهر ڪندو آهي ۽ هيٺيون عدد يا انگ واسطي دار (لاڳاپيل) رستي جي نمبر کي ظاهر ڪندو آهي. يعني پول نمبر 6/56 ۾ رستي 56 جي 6 نمبر ڪيمپ کي ظاهر ڪري ٿو.
پول نمبر هر ننڍي وڏي رستي تي ٻنهي ڪنارن تي ڪيمپ جي اندر لڳل نظر ايندا آهن. انهن نمبرن جي شروعات هر رستي جي مُنڍ ۾ اُبتي پاسي کان يعني کاٻي پاسي کان اهڙي طرح هوندي آهي جو اِڪي انگ جي پول جو رستو کاٻي طرف ۽ ٻڌي انگ جي پول جو رستو ساڄي طرف هوندو آهي. مثال طور توهان جيڪڏهن 56 رستي جي مُنڍ ۾ هلڻ شروع ڪندا ته شروع ۾ ئي پول نمبر 1/56 توهان جي کاٻي طرف هوندو ۽ ٿوري دير کان پوءِ پول نمبر 2/56 توهان جي ساڄي هٿ جي طرف ايندو.
ڪنهن به رستي تي سڀني پول نمبرن جي ڳڻپ انهن جي ڊگهائيءَ تي مدار رکي ٿي. يعني ڪنهن ننڍي رستي جي پولن جي ڳڻپ وڏن رستن جي ڳڻپ کان گھٽ ٿيندي. مثال طور رستو نمبر 521 زون نمبر 5 جو هڪ ننڍو رستو آهي انهيءَ ڪري انهن جي پول نمبر جي ڳڻپ 9 آهي. يعني آخري پول نمبر 9/56 آهي. اهڙي طرح طريق 62 سوق العرب هڪ وڏو رستو آهي ان جي پول نمبر جي ڳڻپ 63 آهي يعني رستي تي آخري پول 63/62 آهي.
سمورن وڏن رستن جا پول نمبر جمرات جي طرف کان شروع ٿيندا آهن ۽ ڪبري فيصل وٽ ختم ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري جيڪڏهن توهان ان رستي تي ڪٿي به موجود آهيو ته توهان کي پنهنجي مڪتب جي پول نمبر جي خبر آهي ته توهان صحيح رخ طرف وٺي ڪري پنهنجي خيمي ۾ وڃي سگھندا.
مڪتب جا ذميدار ماڻهو هرهڪ حاجيءَ کي ڳچيءَ ۾ پائڻ وارو مڪتب جو ڪارڊ يا ٻانهن ۾ ٻڌڻ وارو پلاسٽڪ جو ڪنگڻ ڏيندا آهن. جنهن تي منى ۽ عرفات جو ڏس پتو ۽ ان سان گڏ پول نمبر لکيل هوندو آهي. ان کي حج جي ڏينهن ۾ پاڻ وٽ محفوظ رکندا ۽ پنهنجي خيمن جو رستو ڀُلجڻ جي صورت ۾ ڪنهن به مُلڪ جي رضاڪار يا معاون کي ڪارڊ يا ڪنگڻ ڏيکاري رستو پڇي سگھو ٿا.
[b]طواف زيارت جي لاءِ وڃڻ وارا رستا:
[/b]جڏهن به 10۽12 ذوالحج جي وچ ۾ توهان کي پنهنجي سهولت مطابق منيٰ کان مڪه مڪرمه طواف زيارت جي لاءِ وڃڻو هجي ته توهان پيرين پنڌ به وڃي سگھو ٿا ۽ بس ٽيڪسي تي به پر جيڪڏهن صحت اجازت ڏئي ته پنڌ وڃڻ ڏاڍو ڀلو آهي، نوجوانن کي ته هر صورت ۾ پنڌ وارو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته بس، ٽيڪسي وارا هڪ ته انهن ڏينهن ۾ ڪرايا تمام وڌيڪ ڪري ڇڏيندا آهن ٻيو ته ٽريفڪ جي رش جي ڪري تمام گھڻو وقت لڳائي ڇڏيندا آهن. ۽ پوءِ توهان کي حرم کان ڪافي فاصلي تي لاهي ڇڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته ٽريفڪ جي پابندين جي ڪري حرم جي ويجھو وڃڻ ممڪن ناهي هوندو. اهڙي طرح حرم کان (طواف زيارت کان پوءِ) منيٰ اچڻ وقت اتان کان پري ڪنهن اڻ ڄاڻ جڳهه تي لاهي ڇڏيندا ۽ توهان لاءِ پنهنجن خيمن ۾ پهچڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو، طواف زيارت جي لاءِ هيٺ ذڪر ڪيل ڳالهين کي چڱي طرح ذهن نشين ڪندا:
منيٰ کان جمرات تائين وڃڻ وارا سڀئي رستا جمرات جي ويجھو پاڻ ۾ ملي ويندا آهن ۽ جمرات جي عمارت کان سڌو اڳتي ويندا ته ٿوري دير کان پوءِ کاٻي هٿ تي سرنگ کان هڪ رستو نڪرندو آهي جيڪو حرم تائين پنڌ هلڻ وارن لاءِ ٺاهيو ويو آهي ان رستي جو گھڻو حصو ڍڪيل آهي ۽ حج جي پانڌيئڙن کي ڇَانوَ مهيا ڪندو آهي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر به هنيا ويا آهن، طواف زيارت جي لاءِ هن روڊ تان پنڌ وڃڻ بهتر طريقو آهي وڏي عمر وارا ماڻهو جيڪي وڌيڪ پنڌ نه هلي سگھن جتي ٿڪجي پون ته ٿوري دير آرام ڪن ۽ ٿوري دير ساهي پٽڻ کان پوءِ ٻيهر سفر شروع ڪن اهڙي طرح ساهيون پٽيندي پنڌ سفر ڪرڻ گاڏيءَ تي سفر ڪرڻ کان ڀلو آهي.
جيڪڏهن توهان جا خيما جمرات کان وڌيڪ مفاصلي تي آهن ۽ پنڌ حرم شريف وڃڻ مشڪل هجي ته توهان جمرات تائين جو سفر ٽرين تي ڪندا ۽ منيٰ اسٽيشن 3 تي لهڻ کان پوءِ جڏهن توهان لنهواري وانگر پل جي ذريعي جمرات جي طرف ويندا ته تقريبن 300 ميٽر هلڻ کان پوءِ هي رستو طريق ملڪ عبدالعزيز سان ملي ويندو آهي ۽ ان جي ساڄي طرف کان طريق ملڪ عبدلعزيز تي آسانيءَ سان وڃي سگھو ٿا، هتان کان حرم وڃڻ واريون بسون ملي وينديون آهن جيڪي توهان کي حرم جي ٿوري مفاصلي تي لاهي ڇڏينديون، جتان کان توهان پنڌ حرم شريف وڃي سگھو ٿا.
طواف زيارت جي لاءِ وڃڻ لاءِ جيڪڏهن توهان کي بس، گاڏيءَ تي وڃڻ جو چارو نه هجي ته توهان هيءِ سهولت ڪبري خالد، ڪبري الملڪ عبدلعزيز ڪبري الملڪ فيصل کان آسانيءَ سان ملي ويندي جيڪا به ڪبري توهان جي خيمي/ مڪتب جي ويجھو هجي اتان کان حرم وڃڻ واري گاڏي توهان کي ملي ويندي.
حاجين سڳورن کي سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران پنهنجي گروپ سان گڏ رهڻ گھرجي ۽ رميءَ جي لاءِ مڪتب جي طرفان ڏنل وقتن جي سختيءَ سان پابندي ڪندا. حاجي سڳورن جي رميءَ جي لاءِ روانگيءَ جي وقت مڪتب ۽ معاونين جو عملو حاجي سڳورن کي منظم رکڻ جي لاءِ موجود هوندو آهي. معذور، ويل چيئر تي سوار ۽ ٻار رميءَ جي لاءِ شريعت جي مطابق پنهنجي طرفان پنهنجي گروپ جي مرد ساٿين مان ڪنهن کي پنهنجو وڪيل بڻائي سگھن ٿا.
[b]مشاعر مقدسه (منيٰ، مزدلفه، عرفات) لڳل رهنمائيءَ جي لاءِ بورڊ:
[/b]مشاعر مقدسه ۽ مڪه مڪرمه ۾ حج جي پانڌيئڙن جي رهنمائيءَ لاءِ، روڊ، اسپتالون، مسجدون ۽ ٻين اهم جڳهن جي نشاندهي جي لاءِ ڪيترن قسمن جا بورڊ لڳايا ويندا آهن انهن بورڊن کي عربي زبان ۾ ”لوحات“ چيو ويندو آهي انهن مان ڪجهه اهم قسمن جي بورڊن جو ذڪر هيٺ درج ڪجي ٿو:
[b]حدود بورڊ:[/b] هي بورڊ تمام وڏي اهميت جا حامل آهن ۽ هي منى، مزدلفه ۽ عرفات جي حدن جو تعين ڪندا آهن هي بورڊ مشاعر مقدسه جي حدن جي شروعات يعني مُنڍ ۽ اختتام يعني پُڄاڻيءَ تي لڳايا ويندا آهن منى جي حدن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ بنفشي رنگ. مزدلفه جي لاءِ ڄمونءَ جو رنگ جڏهن ته عرفات جي نشاندهي جي لاءِ پيلي رنگ جا بورڊ لڳايا ويندا آهن انهن سڀني جڳهن جي حدن جي شروعات تي ”بدايه“ (يعني ابتدا)، اڳياڙي يا مُنڍ لکيل هوندو آهي ۽ حدن جي پُڄاڻيءَ تي ”نهايه“ يعني انتها يا آخري حد لکيل هوندو آهي ياد رکندا جيڪڏهن توهان کي ”بدايه عرفات“ جو بورڊ نظر اچي رهيو آهي ته توهان هن وقت ميدان عرفات جي حدن کان ٻاهر آهيو ۽ جيڪڏهن توهان کي ”نهايه عرفات“ جو بورڊ نظر اچي رهيو آهي ته توهان عرفات جي حدن جي اندر موجود آهيو، اهائي ڳالهه مزدلفه ۽ منى ۾ حدن جي نشاندهي ڪرڻ وارن بورڊن جي لاءِ به صحيح آهي.
[b]رستن جي نشاندهي وارا بورڊ:[/b] سمورن اهم رستن تي مختلف قسمن جا بورڊ لڳايا ويندا آهن. جن تي ان رستي تي اچڻ وارين اهم جڳهن جي فاصلي ۽ رستي جي ساڄي کاٻي وڃڻ وارن رستن جي نالن وغيره جي به خبر پوندي آهي. حج جا پانڌيئڙا پنهنجي منزل جي لاءِ صحيح رستو منتخب ڪرڻ وقت انهن بورڊن جي رهنمائي وٺي سگھن ٿا يعني توهان جنهن رستي تي وڃي رهيا آهيو ان رستي جي اڳيان ۽ ساڄي کاٻي پاسي وڃڻ وارن رستن تي ڪهڙيون اهم جڳهون ڪيتري فاصلي تي اينديون.
[b]قبله رُخ بورڊ: [/b] هي بورڊ منى، مزدلفه ۽ عرفات ۾ قبلي جي رُخ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لڳايا ويا آهن انهن جڳهن ۾ نماز جي ادائگيءَ کان پهريان ”اتجاهه قبله“ جي بورڊ کي ڏسي ڪري قبلي جي رُخ جو صحيح تعين ڪندا.
[b]جمرات:
[/b]جمرات لفظ جمره جو جمع آهي منى وادي جي اولهه واري حصي ۾ جمرات کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ تمام وڏي چار منزله عمارت ٺاهي وئي آهي هيءَ عمارت مسجد خيف جي ويجھو ڪبري خالد کان تقريبن هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي منى کان مڪه مڪرمه جي طرف واقع آهي هتي گرائونڊ فلور سميت پنجن منزلن تي هڪ ئي وقت رمي ڪري سگھجي ٿي هر منزل تي رميءَ جي لاءِ وڃڻ جا مختلف رستا آهن جمرات جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ وارا رستا اُن عمارت کان منى جي طرف آهن ۽ ٻاهر نڪرڻ وارا رستا ان کان مڪه مڪرمه جي طرف آهن عمارت جي اندر ٽي جمرات آهن انهن جا نالا جمره صغره، جمره وسطى ۽ جمره عقبه آهن، عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان تقريبن 150 ميٽرن کان پوءِ سڀ کان پهريان جمره صغره (ننڍو جمره) آهي ان کان 150 ميٽر پوءِ جمره وسطى (وچون جمره) ۽ ان کان پوءِ 190 ميٽرن جي مفاصلي تي جمره عقبه (وڏو جمره) واقع آهي. جمرات سان تعلق رکندڙ اهم ڳالهيون هيٺ لکجن ٿيون:
پاڪستاني حج جا پانڌيئڙا منى کان جمرات جي طرف پنڌ هلندي طريق المشاة 1(پنڌ هلڻ لاءِ رستو) طريق الجوهرة يا طريق سوق العرب کان گذرندا آهن جيڪڏهن ٽرين جي ذريعي وڃو ته منى اسٽيشن 3 تي لهندا.
منى کان جمرات ڏانهن اچڻ وارا سمورا رستا حاجين سڳورن کي جمرات جي عمارت جي مختلف منزلن تي وٺي ويندا آهن طريق الجوهرة ۽ طريق سوق العرب تي وڃڻ وارا حاجي گرائونڊ فلور تي رمي ڪندا آهن. طريق المشاة1 (پنڌ هلڻ وارو رستو) هڪ جھڪيل، لنهواري رستي ذريعي پهرين منزل تي ويندو آهي ۽ ٽرين تي وڃڻ وارا حاجي سڳورا مٿاهين منزل تي رمي ڪندا آهن.
جيڪڏهن حج جا پانڌيئڙا طواف زيارت ڪرڻ کانپوءِ مڪه مڪرمه کان واپسيءَ تي پنڌ هلڻ وارا رستا استعمال ڪن ته تقريبن 600 ميٽر هلڻ کانپوءِ اُهي جمرات وٽ پهچندا آهن جيڪڏهن ڪنهن کي ان ڏينهن جي رمي ڪرڻي هجي ته ان ئي رستي تي ٺهيل لنهواريءَ وارو رستو حج جي پانڌيئڙن کي جمرات جي عمارت جي ٻي منزل تي وٺي ويندو آهي ٻئي فلور تي رمي ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن حج جا پانڌيئڙا عزيزيه وڃڻ چاهن ته ٻي منزل جي مخرج (يعني خارج ٿيڻ جي جاءِ کان نڪري ڪري هڪ سرنگ يعني زمين دوز رستي جو استعمال ڪندي اُهي پنهنجي بلڊنگ ۾ وڃي سگهن ٿا.
جمرات عمارت جي ٽئين منزل پاڪستاني حج جي پانڌيئڙن جي استعمال هيٺ ناهي ايندي، ان منزل تي اچڻ وارا رستا منى جي اُن حصي مان ايندا آهن جتي صرف ٻين ملڪن جا حاجي سڳورا رهائش رکندڙ هوندا آهن.
ٽرين جي ذريعي رمي جمرات ڏانهن اچڻ وارا حج جا پانڌيئڙا منى کان پنهنجي ويجهي ريلوي اسٽيشن يعني منى اسٽيشن 1 يا منى اسٽيشن 2 کان ريل ۾ سوار ٿيندا آهن ۽ منى اسٽيشن 3 (جيڪو جمرات جي ويجھو آهي) تي لهي ويندا آهن. هتان کان هڪ لنهواريءَ وانگر پُل تي تقريبن 600 ميٽر پنڌ هلڻ کانپوءِ اُهي جمرات عمارت جي مٿئين منزل تي پهچندا آهن اتي ٽنهي جمرات تي واري واري سان رمي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي کاٻي هٿ تي ٺهيل پُل جي مٿان وڃڻ وارا رستا اختيار ڪندي واپس منى اسٽيشن 3 تي هليا ويندا آهن.
مٿئين منزل تي رمي کان واندو ٿي ڪري پُل وارو رستو اختيار ڪرڻ وارن بزرگ عورتن، مردن ۽ ٻارن کي اسٽيشن تي پهچائڻ جي لاءِ ننڍين گاڏين جو بندوبست به هوندو آهي پنڌ هلڻ وارا حج جا پانڌيئڙا طريق الملڪ عبدالعزيزکي پار يعني عُبور ڪندا آهن ۽ پوءِ آٽوميٽڪ ڏاڪڻين جي ذريعي اسٽيشن وڃڻ واران رستن تي وڃي سگهن ٿا.
رمي جمرات جي ٻنهي طرفن کان ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن توهان رمي ڪرڻ وقت جمري جي طرف اهڙي طرح رُخ ڪندا ته جيئن منى توهان جي ساڄي هٿ جي طرف ۽ مڪه مڪرمه کاٻي هٿ جي طرف هجي ته توهان جو هي عمل سنت جي مطابق ٿيندو ۽ جمرات کان واپسيءَ جي لاءِ پنهنجي اُبتي هٿ وارو رستو وٺڻ آسان ٿيندو هي رستو طريق الجوهره طريق سوق العرب، زون 5 ۽ زون 7 ۾ رهڻ وارن حاجين کي آسانيءَ سان پنهنجي خيمن جي طرف وٺي ويندو جيڪڏهن منى جي انهن علائقن ۾ رهڻ وارن حاجين واپسيءَ تي جمرات جي ساڄي طرف کان اچڻ وارا رستا اختيار ڪيا ته اُهي انهن کي پنهنجي خيمن کان گھڻو پري اتر منيٰ جي طرف وٺي ويندا.
جمرات کان واپسيءَ تي کاٻي طرف نڪرڻ وارا ماڻهو طريق 50 الملڪ فيصل تي اچي نڪرندا ۽ مسجد خيف جي ويجهو گذرندي ڪبري ملڪ خالد جي هيٺان کان گذرندا هيءَ ڳالهه چڱي طرح ذهن نشين ڪندا ته توهان جنهن رستي کان واپس وڃي رهيا آهيو توهان رميءَ لاءِ اچڻ وقت اهو رستو اختيار نه ڪيو هو بلڪه جنهن رستي کان توهان رميءَ جي لاءِ آيا هئا هاڻي اُهو توهان جي کاٻي هٿ جي طرف آهي ڇاڪاڻ ته ڀاڄ ۽ ڌِڪ ڌِڪان کان بچڻ جي لاءِ رميءَ جي لاءِ اچڻ وارن رستن تي واپس وڃڻ سعودي حڪومت طرفان بند ڪيو ويندو آهي. هاڻي توهان کي ڪافي پري تائين واپسيءَ جي لاءِ ٻيو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ کاٻي طرف وڃڻ جي لاءِ جيڪوبه پهريون ملڻ وارو رستو کُليل ملي نهايت ذهانت سان ان کي اختيار ڪندي پنهنجي گھربل رستي يعني طريق الجوهره يا طريق سوق العرب جي طرف ويندا.
زون نمبر 6 ۾ ڪويتي مسجد جي چئو طرف رهائش رکندڙ حاجي سڳورا رميءَ کان واندي ٿيڻ کانپوءِ واپسيءَ تي پنهنجي کاٻي هٿ وارو اتر منيٰ ڏانهن وڃڻ وارو رستو اختيار ڪن ۽ طريق الملڪ فهد تان ٿيندا پنهنجي خيمن ۾ پهچندا.
[b]مشاعر ٽرين:
[/b]گذريل ڪجهه سالن کان منى، مزدلفه ۽ عرفات جي وچ ۾ حاجين سڳورن جي سفر کي آسان بڻائڻ لاءِ ٽرين جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ان مقصد لاءِ انهن جڳهن جي وچ ۾ هڪ پل تي ٻِٽي پٽڙي وڇائي وئي آهي ان سلسلي ۾ ڪجهه خاص ڳالهيون جن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
منى، مزدلفه ۽ عرفات ۾ ٽي ٽي ريلوي اسٽيشنون ٺاهيون ويون آهن انهن اسٽيشنن کي عرفات جي اوڀر ڪناري جي طرف کان نمبر الاٽ ڪيا ويا آهن. عرفات جي ميدان ۾ اوڀر جي طرف سڀ کان پهرين اسٽيشن عرفات اسٽيشن 1 آهي پوءِ عرفات اسٽيشن 2 ۽ عرفات اسٽيشن 3 آهي. منى ماٿريءَ ۾ به مزدلفه جي طرف پهرين ريلوي اسٽيشن جو نالو منى اسٽيشن1 آهي منى ۾ رهائش رکندڙ گھڻي ڀاڱي پاڪستاني حج جا پانڌيئڙا اِهي اسٽيشنون استعمال ڪندا آهن. ان کانپوءِ منى اسٽيشن 2 آهي. هي به ڪيترن پاڪستاني حاجين سڳورن جي استعمال هيٺ ايندي آهي ۽ آخر ۾ جمرات وٽ منى اسٽيشن 3 آهي رمي جمرات جي لاءِ اچڻ وارا سڀئي حاجي ان ئي اسٽيشن تي لهندا آهن.
هر اسٽيشن جي ٻنهي طرفن کان پليٽ فارم ٺاهيا ويا آهن مسافرن جي حفاظت لاءِ هر پليٽ فارم ۽ ريل جي پٽڙي جي وچ ۾ شيشي جي آڙ (رڪاوٽ) لڳائي وئي آهي جنهن تي ڪيترا ئي دروازا ٺاهيا ويا آهن ٽرين جڏهن بيهندي آهي ته ان جا دروازا شيشي جي رڪاوٽ جي دروازي جي بلڪل سامهون هوندا آهن ۽ مسافرن کي ٽرين ۾ سوار ٿيڻ وقت ڪنهن به مشڪلات جو منهن نه ڏسڻو پوندو آهي.
هر پليٽ فارم تي تقريبن ٽي هزار مسافرن جي بيهڻ جي گنجائش هوندي آهي. پليٽ فارم تي وڃڻ وارن مسافرن جي تعداد يعني انگ کي ڳڻڻ لاءِ ٿرمل ڪيميرائون لڳايون ويون آهن ۽ گھربل تعداد پورو ٿيڻ کانپوءِ پليٽ فارم تي وڃڻ وارن مسافرن کي ان وقت تائين روڪيو ويندو آهي جيسيتائين اُتي پهريان کان موجود حج جا پانڌيئڙا ٽرين ۾ سوار نه ٿا ٿين.
ڇاڪاڻ ته پليٽ فارمَ زمين کان گھڻو اونچائيءَ تي آهن. انهيءَ ڪري انهن تي وڃڻ لاءِ ڪشاديون ۽ حرڪت ڪندڙ ڏاڪڻين ۽ ڪشادين لفٽن جو انتظام ڪيو ويو آهي. ويل چيئر تي وڃڻ وارا مسافر لفٽن جي مدد سان پليٽ فارم تي ويندا آهن.
ٽرين جي رفتار تقريبن 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هوندي آهي ۽ هي منى کان عرفات جو سفر صرف 13 منٽن ۾ جڏهن ته عرفات کان مزدلفه جو سفر 7 منٽن ۾ طئي ڪندي آهي. مشاعر مقدسه جي وچ ۾ سفر دوران ٽرين جيتوڻيڪ ڪجهه منٽ وٺندي آهي پر ان تي سوار ٿيڻ لاءِ گھڻو انتظار ڪرڻو پوندو آهي ٽرين ۾ سوار ٿيڻ وارن مسافرن کي انهن جي مڪتبن جي حساب سان گروپ بندي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن گروپن کي مناسب وقفي کانپوءِ پنهنجي پنهنجي نمبر اچڻ تي مڪتب جي ريلوي اسٽيشن تي آندو ويندو آهي ائين ڪجهه گروپ پليٽ فارم تي انتظار ڪري رهيا هوندا آهن ۽ ڪجهه گروپ ڏاڪڻين تي انتظار ۾ هوندا آهن. اهڙي طرح ان کان پوءِ اچڻ وارا گروپ ويجهي رستن تي موجود هوندا آهن ۽ انهن جو وارو ان کانپوءِ هوندو آهي ۽ اُهي پنهنجي مڪتبن ۾ انتظار ڪري رهيا هوندا آهن. فرصت ۽ واندڪائي ۽ انتظار جي وقتن کي گذارڻ صبر آزما هوندو آهي پر انهن لمحن کي الله جي ذڪر،تلبيه ۽ استغفار ۾ گذاريندا ته مشڪل آسانيءَ ۾ بدلجي ويندي.
ٽرين جي سفر تي وڃڻ وقت پاڻيءَ جي بوتل ۽ ڇٽي پاڻ سان گڏ ضرور رکندا ته جيئن اُس کان بچي سگهو ۽ اُڃ لڳڻ جي صورت ۾ پاڻي به توهان وٽ موجود هجي.
حج جا ڏينهن شروع ٿيڻ کان پهريان مڪتب جا ذميدار ماڻهو حج جي پانڌيئڙن جي بلڊنگ ۾ اچي ڪري انهن کي ٽرين جي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏيندا آهن هي هڪ پلاسٽڪ جو پٽو هوندو آهي جنهن کي ٻانهن جي ڪارائيءَ ۾ ٻڌي ڪري محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ اهو پٽو حج جي 5 ڏينهن ۾ استعمال جي قابل هوندو آهي.
ٽرين تي سوار ٿيڻ لاءِ پليٽ فارم تي وڃڻ وقت ٽرين تي سوار ٿيڻ وقت ۽ اهڙي طرح لهڻ وقت صبر جو دامن هٿ مان نه ڇڏيندا نه ته ڌِڪ ڌِڪان ۽ پيهه پيهان جي ڪري حادثن ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي. منى کان عرفات جي سفر ۾ ٽرين مان لهڻ کان پوءِ مڪتب جي ذميدار ماڻهن يا رضاڪارن جي رهنمائيءَ ۾ پنهنجي مڪتب جي لاءِ مخصوص خيمن ۾ هليا ويندا ۽ اُتي به نهايت عاجزيءَ ۽ نوڙت واري حالت ۾ عبادتون ڪندي عرفات جو ڏينهن نهايت قيمتي گذاريندا.
مزدلفه ۾ ڇاڪاڻ ته خيما نه هوندا آهن ۽ هيءَ رات کُلئي آسمان جي هيٺان گذارڻ سنت آهي انهيءَ ڪري عرفات کان مزدلفه جي سفرکانپوءِ ٽرين مان لهڻ کانپوءِ اسٽيشن جي ويجھو ئي ويهڻ شروع نه ڪندا بلڪه ٿورو پري هليا ويندا ته جيئن ان کانپوءِ اچڻ وارن حاجي سڳورن کي جڳهه آسانيءَ سان ملي سگھي.
[b]نوٽ[/b]: اها ڳالهه ملحوظ خاطر رهي ته مشاعر ٽرين جي گنجائش محدود هوندي آهي. گھڻن ملڪن جي حاجين جي منيٰ کان عرفات روانگي ۽ واپسيءَ جي لاءِ مڪتب جي طرفان بسين جو انتظام ڪيو ويندو آهي.
[b]عرفات جي ميدان جو تعارف:
[/b]عرفات جو ميدان مڪه مڪرمه کان اوڀر ۾ حرم جي حدن کان ٻاهر واقع آهي ان ميدان جي ڊيگهه چار ڪلو ميٽر ۽ ويڪر ڪٿي ٽي ته ڪٿي چار ڪلوميٽرن تائين آهي هتي حج جي پانڌيئڙن کي ڇانوَ مهيا ڪرڻ جي لاءِ بي شمار وڻ لڳايا ويا آهن ان ئي ميدان ۾ ”جبل رحمت“ نالي پهاڙ موجود آهي جتي حضور ﷺخطبه”حجته الوداع“ ارشاد فرمايو هيو. هتان جي وڏي مسجد جو نالو مسجد نمره آهي جتي حج جو خطبو پڙهيو ويندو آهي هتي ٽرين جون ٽي اسٽيشنون آهن هن ميدان ۾ 9 ذوالحج جو حاضر ٿي ڪري دعائون گھرڻ حج جو رڪن اعظم آهي.
[b]مزدلفه:
[/b]مزدلفه ، منيٰ ۽ عرفات جي وچ ۾ واقع آهي. مزلفه کان عرفات جو مفاصلو تقريبن 7 ڪلوميٽر آهي هتان جي وڏي مسجد جو نالو مسجد مشعرالحرام آهي. مشعرالحرام نالي جبل به هتي واقع آهي، مزدلفه ۾ به عرفات ۽ منيٰ وانگر ٽي ئي ريلوي اسٽيشنون آهن هتي گھڻي تعداد ۾ طهارت خانه به موجود هوندا آهن. مزدلفه جيتوڻيڪ هڪ ڪشادي ماٿري آهي، پر 10 ذوالحج جو مغرب کان پوءِ جڏهن حج جا پانڌيئڙا عرفات کان مزدلفه جو سفر ڪندا آهن ته رات جو هتي پير رکڻ جي جڳهه به ناهي ملندي.