مذهب

رهبر حج (حج جي تربيت)

حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
Title Cover of book رهبر حج (حج جي تربيت)

باب ٽيون:عمري جو طريقو

[b]عمري جا فعل:
[/b] عمري جا هيٺ درج ٿيل اهم فعل آهن:
1. احرام. 2. طواف. 3. سعي. 4. حلق يا قصر
احرام ۽ طواف فرض آهن. جڏهن ته طواف کان پوءِ سعي ۽ حلق يا قصر ڪرائڻ واجب آهي.
احرام: احرام ٻڌڻ جي تفصيل گذري چڪي آهي.

[b]طواف: طواف جا ٻه فرض آهن:
[/b]1. نيت 2. چار چڪر فرض آهن ۽ باقي ٽي واجب آهن، ڪل ست چڪر آهن.
طواف جا واجب هيٺ ڏجن ٿا:
1. طهارت يعني بي وضو نه هجي ۽ حيض ۽ نفاس ۽ جنابت کان پاڪ هجي.
2. اوگھڙ ڍڪڻ.
3. پنڌ هلڻ (ان لاءِ جيڪو پنڌ هلڻ تي قادر هجي).
4. طواف دوران ڪعبي جو کاٻي طرف هجڻ.
5. حطيم جي ٻاهران چڪر لڳائڻ.
6. ست چڪر پورا ڪرڻ.
7. طواف کان پوءِ ٻه رڪعتون واجب الطواف جي نماز پڙهڻ.

[b]طواف جو سنتون هيٺ ڏجن ٿيون:
[/b]1 اضطباع (احرام ۾ ساڄي ٻانهن ۽ ڪلهو کليل رکڻ).
2 مردن جي لاءِ پهرين ٽن چڪرن ۾ رمل ڪرڻ (يعني جوانن وانگر تيز تيز هلڻ) آخري چڪرن ۾ رمل نه ڪرڻ
3 حجر اسود جي سامهون کان شروع ڪرڻ
4 رڪن يمانيءَ کي ڇهڻ
5 حجر اسود جو استلام
6 بيت الله شريف ڏانهن نه ڏسڻ.
7 رڪن يمانيءَ ۽ رڪن حجر اسود جي وچ ۾ هيٺ درج ٿيل دعا پڙهڻ.
8 رََبَّنَا آتِنَا فِيْ الدُّنْيَا حَسَنَةً وَّفِيْ الآخِرَةِ حَسَنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ
اي الله اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي عطا فرماءِ ۽ آخرت ۾ به اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.

[b]طواف ڪرڻ جو طريقو:
[/b] طواف شروع ڪرڻ کان پهريان توهان ڪعبته الله جي اُن ڪُنڊ ڏانهن ايندا جتي حجر اسود لڳل آهي. بيت الله شريف جي حجراسود واري ڪنڊ تي تمام گھڻي رش هوندي آهي تنهنڪري جڏهن به طواف شروع ڪرڻ جي لاءِ حجر اسود جي سامهون اچڻو هجي ته طواف ڪرڻ وارن جي سامهون کان بلڪل نه ايندا ته جيئن ڪنهن کي ايذاءُ نه پهچي، بلڪي توهان ڪعبه شريف جي ارد گرد ٻين طواف ڪرڻ وارن وانگر گھڙيال جي الٽي رخ چڪر لڳائيندا. جڏهن حجر اسود جي سامهون ايندا ۽ تلبيو پڙهڻ بند ڪندا ۽ ان ڪنڊ تي پهچي ڪري توهان ساڄو ڪلهو کولي ڇڏيندا اهڙي طرح ته جيئن ساڄي ٻانهن جي بغل مان احرام جي چادر ڪڍي ڪري کاٻي ڪلهي تي وجھي ڇڏيندا. ان عمل کي اضطباع چوندا آهن ۽ هي صرف طواف جي دوران ڪيو ويندو آهي. هاڻي ڪعبه شريف جي طرف منهن ڪري طواف جي نيت هيئن ڪندا. اي الله! مان تنهنجي رضا جي لاءِ عمري جي طواف جي نيت ڪريان ٿو/ ٿي، تون ان کي منهنجي لاءِ آسان فرمائيندا ۽ قبول فرمائيندا.
طواف جي شروعات حجر اسود کي چمي ڏيڻ يا استلام ڪرڻ سان ٿيندي آهي. استلام مان مراد چمي ڏيڻ هٿ سان ڇهڻ يا پري کان اشارو ڪري چمي ڏيڻ آهي. اڄ ڪلهه تمام گھڻي رش جي ڪري حجر اسود کي سڌو سنئون چمي ڏيڻ کان بچڻ گھرجي، ان تي خوشبو پڻ لڳل هوندي آهي ۽ چمي يا ڇهڻ جي ڪري اها بدن تي لڳي سگھي ٿي جڏهن ته احرام جي حالت ۾ خوشبو جو استعمال منع آهي. تنهنڪري صرف اشاري تي پورائو ڪرڻ گھرجي يعني بسم الله الله اڪبر ولله الحمد چوندي ٻنهي هٿن سان حجر اسود جي طرف اشارو ڪندا هٿن جون تريون چمندا.
هاڻي ڪعبي شريف کي کاٻي طرف رکندي طواف شروع ڪندا. پهريون چڪر ختم ڪندي جڏهن حجر اسود جي بلڪل سامهون پهچو ته ٻيهر استلام ڪندي بسم الله الله اڪبر ولله الحمد چئي ڪري ٻيو چڪر شروع ڪندا، طواف جي پهرين ٽن چڪرن ۾ جوانن وانگر ڪلها لوڏيندي پهلوانن وانگر ٿورڙو تيز هلڻ سنت آهي. ان عمل کي "رمل" چئبو آهي جڏهن ته طواف جي آخري چئن چڪرن ۾ رمل نه ڪرڻ سنت آهي.
طواف دوران ڪائي خاص دعا پڙهڻ ضروري ناهي. ۽ وري ڪتاب تان ڏسي ڪري پڙهڻ سان ڌيان ڪتاب جي طرف رهندو آهي ۽ دل جو ڳانڍاپو ڪعبي سان جُڙي ناهي سگھندو. انهيءَ ڪري بهتر آهي ته پنهنجي زبان ۾جيڪا به دعا گھرڻ چاهيو گھرندا. درود شريف، استغفار ۽ ٻين ذڪرن جو ورد پڻ ڪندا. پر رڪن يمانيءَ ۽ رڪن حجر اسود جي وچ ۾ هي دعا پڙهڻ سنت آهي
رَبَّنَا آتِنَا فِيْ الدُّنْيَا حَسَنَةً وَّفِيْ الآخِرَةِ حَسَنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ
دعا وڏي آواز سان نه پڙهندا ته جيئن ٻين طواف ڪرڻ وارن ۾ رخنو نه پوي. طواف جي هر چڪر پورو ڪرڻ کانپوءِ حجر اسود جو استلام ڪندا. طواف جا ست چڪر پورا ٿيڻ تي حجر اسود جو استلام ڪندا ۽ اضطباع ختم ڪندا يعني ساڄو ڪلهو ۽ ٻانهن ڍڪي ڇڏيندا، طواف مڪمل ٿي ويو. طواف مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اهڙي جڳهه تي ٻه رڪعتون واجب الطواف جي نماز پڙهندا ته جيئن مقام ابراهيم توهان جي ۽ ڪعبي شريف جي وچ ۾ هجي. رش جي ڪري اهڙي جڳهه نه ملي ته ڪنهن به ٻي جڳهه تي پڙهندا.

[b]زم زم:
[/b] ٿڌا ۽ سادا زم زم سان ڀريل ڪولر ڪعبي جي اڱڻ ۾ ۽ مسجد حرام جي ويرانڊن ۾ ڪافي تعداد ۾ رکيل هوندا آهن. دعا کان واندو ٿيڻ کانپوءِ قبلي رُخ بيهي ڪري ٽن ساهين ۾ پيٽ ڀري ڪري ڪولر مان زم زم پيئندا ۽ هيئن دعا گھرندا.
اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اَسْئَلُكَ عِلْمًا نَّافِعًا وَّ رِزْقًا وَّا سِعًا وَّشِفَآءً مِّنْ کُلِّ دَآءٍ
"اي الله پاڪ مان توکان نفعو ڏيندڙ علم ۽ ڪشادو رزق ۽ هر بيماريءَ کان شفا جو طلبگار آهيان".

[b]صفا ۽ مروه جي سعي:
[/b] آب زم زم پيئڻ کان پوءِ سعي جي لاءِ صفا جي طرف ويندي حجر اسود جو نائون استلام ڪندا، هي استلام مسنون آهي. مطاف کان صفا پهاڙي جي طرف وڃڻ جو رستو هينئر واري ڪيل واڌاري ۾ مقام ابراهيم جي سامهون ويرانڊن مان ٺاهيو ويو آهي. جنهن جي نشاندهي جي لاءِ جڳهه جڳهه تي بورڊ به لڳايا ويا آهن. صفا جي طرف هي چوندا ويندا:
اَبْدَأُ بِمَا بَدَأَ اللّٰہُ تَعَالٰی بِہٖ، اِنَّ الصَّفَا وَالْمَرْوَۃَ مِنْ شَعَآئِرِاللّٰہِ
" مان ابتدا ڪريان ٿو ساڻ ان جي جنهن جي ذڪر سان الله تعاليٰ ابتدا ڪئي آهي. يقينن صفا ۽ مروه الله تعاليٰ جي نشانين مان آهن".
صفا جي ٽڪريءَ تي گھڻو مٿي چڙهڻ سنت جي خلاف آهي ۽ مروه تي به گھڻو مٿي چڙهڻ نه گھرجي. صرف ايترو چڙهڻ ڪافي آهي ته جيئن خانه ڪعبه نظر اچي، اتي بيت الله ڏانهن منهن ڪري بيهي رهندا. پوءَ ٻنهي هٿن کي ڪُلهن تائين آسمان جي طرف اهڙي طرح کڻندا جهڙي طرح دعا ۾ کڻندا آهيون، پوءِ الله تعاليٰ جو حمد ۽ ثنا ڪندي ٽي دفعا الله اڪبر پڙهندا. تڪبير ۽ ڪلمو بلند آواز ۾ پڙهندا ۽ خوب دل لڳائي ڪري دعائون گھرندا هر هڪ جي لاءِ دعا گھرندا، سڀني مسلمانن جي حق ۾ دعا گھرندا، ۽ ملڪ جي سلامتيءَ ۽ بقا جي لاءِ دعا گھرندا هي به دعا جي قبول ٿيڻ جي جڳهه آهي. هيٺ درج ڪيل ڪلمات کي پڻ ورد زبان رکندا.
لَاْ إلَهَ إلَّا اللهُ وَحْدَهُ لاَ شَرِيْكَ لَهُ ، لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ۔ لَاْ إلَهَ إلاَّ اللهُ وَحْدَهُ أنْجَزَ وَعْدَهُ وَنَصَرَ عَبْدَهُ وَهَزَمَ الْأَحْزَابَ وَحْدَهُ
هاڻي صفا کان مروه جي طرف هلندا. ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي مسعيٰ جي ڇت ۾ ڪجهه ڊگھائي ۾ سايون ٽيوب لائيٽون لڳل آهن (صفا ۽ مروه جي وچ واري علائقي کي مسعيٰ چيو ويندو آهي). جيئن ئي سائي لائيٽن جي هيٺان پهچندا ته مرد حاجي ٿورو تيز هلندا پر عورتون عام رفتار سان هلنديون ۽ هيءَ دعا گھرندا:
رَبِّ اغْفِرْ وَارْحَمْ وَتَجَاوَزْ عَمَّا تَعْلَمُ اِنَّكَ اَنْتَ الْاَعَزُّالْاَ کْرَمُ
اي منهنجا رب بخشي ڇڏ ۽ رحم فرماءِ درگزر فرماءِ منهنجي گهمراهين کي جنهن کي تون ڄاڻي ٿو، بيشڪ تون زبردست بزرگيءَ وارو آهين.
صفا ۽ مروه جي چڪرن جي باري ۾ هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪندا ته صفا کان مروه تائين وڃڻ کي هڪ چڪر چوندا آهن ۽ پوءِ مروه کان صفا تائين اچڻ کي ٻيو چڪر. ٻيهر صفا کان مروه تائين ويندا ته ٽيون چڪر ۽ پوءِ مروه کان صفا تائين ايندا ته چوٿون چڪر ٿيندو. اهڙي طرح ستون چڪر مروه تي ختم ٿيندو. ستين چڪر کانپوءِ مروه تي توهان جي سعي مڪمل ٿي ويندي.

[b]حلق يا قصر:
[/b] طواف ۽ سعي کان پوءِ احرام مان حلال ٿيڻ جي لاءِ مردن کي وار ڪوڙائڻ يا سموري مٿي جا وار هڪ آڱر جي ويڙهي جي برابر ڪترائڻ واجب آهي. پر وار ڪوڙائڻ افضل آهي. عورتن جي لاءِ مٿي جا وار ڪوڙائڻ جائز ناهي بلڪي اهي آڱر جي هڪ ويڙهي يا انچ يا ان کان ڪجهه وڌيڪ سمورن يا گھٽ ۾ گھٽ چوٿائي مٿي جي وارن جي چوٽي پڪڙي ڪري ڪترائين، ته احرام جي حالت مان نڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي. مرد حاجي سڳورا حجمن جي دوڪانن تي وڃي ڪري حلق يا قصر ڪرائن.
ان کانپوءِ جيڪڏهن ٿي سگھي ته ٻه نفل مسجدالحرام ۾ ڪهڙي به جڳهه تي پڙهندا. مروه تي نفل پڙهڻ مڪروهه آهي. هاڻي توهان جو عمرو مڪمل ٿي ويو ۽ ان سان گڏ ئي توهان احرام ۽ احرام جي پابندين مان آجا ٿي ويا. پر حرم جي حدن جون پابنديون لاڳو رهنديون. توهان وهنجي سهنجي سبيل ڪپڙا پائي سگھو ٿا ۽ هاڻي 8 ذوالحج جو مڪه مڪرمه کان منيٰ روانگيءَ جي لاءِ حج جي احرام ٻڌڻ جي ضرورت ٿيندي. مناسب ٿيندو ته عمرو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ توهان حرم ۾ لڳل گھڙيال ۾ نمازن جا وقت نوٽ ڪندا ۽ نماز جي لاءِ وقت تي حرم پهچڻ جي ڪوشش ڪندا. پنهنجي خيريت جو اطلاع پاڪستان ۾ پنهنجي گھر وارن کي ڏيندا.