مقدمو : تنقيد جا معيار ۽ جديد شاعري
فن ۽ آرٽ جا جيترا به شعبا آهن، تن سان لاڳاپيل فنڪار ۽ تخليقڪار پهريان نقاد هجن ٿا ۽ پوءِ فنڪار ۽ تخليقڪار. مان سمجھان ٿو ڪوبه تخليقڪار پنهنجي فن جو پهريون نقاد پاڻ هجي ٿو. هڪ مصور ڪا تصوير ٺاهڻ کان اڳ هڪ سوچ، خيال ۽ تصور جي دنيا کي رنگن ۽ لڪيرن ۾ قيد ڪرڻ دوران خود ئي ان تي سوچيندو آهي ته ڇا اها تصوير سندس تصور ۽ تخيل جو مڪمل پورائو ڪري ٿي يا نه؟ هڪ سنگتراش جڏهن ڪنهن پٿر کي تراشي ڪا مورتي تخليق ڪري ٿو ته ان مورتيءَ جي خد و خال تي پهرين تنقيدي نظر پاڻ ئي وجھي ٿو ۽ پوءِ لوڪ اڳيان نروار ڪري ٿو. هڪ راڳي جڏهن ڪي سُر، سرگم ۽ راڳڻيون ڇيڙي ٿو، لئي کي تال سان ملائي ٿو، ڪا نئين طرز ۽ ڌن ٺاهي ٿو ته سڀ کان پهريان پاڻ ئي ان جي نزاڪتن کي جاچي، ان جي خوبين ۽ خامين تي نظر وجھي ٿو ۽ وري وري ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هڪ نرتڪي جڏهن ڪنهن ڌن تي جھومي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري ٿي ته هوءَ ان خيال کان ڪڏهن به غافل نه ٿي رهي ته هن جي جسم جي شاعري اظهار جو مڪمل لباس پهري سگھي آهي يا نه! ائين ئي هڪ شاعر پنهنجن جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي اظهار ڪرڻ لاءِ لفظ لفظ کي توري ۽ تخليق جي مرحلي وقت ۽ بعد ۾ سوچي ٿو ته ڇا هو ان خيال، فڪر ۽ احساس کي لفظن جي صراحي ۾ پوري طرح اوتي سگھيو آهي يا نه؟ حقيقت ۾ ڪنهن به فنڪار / تخليقڪار جي پنهنجي فن تي اها پهرين تنقيد هوندي آهي.
[b]تنقيد ۽ ان جا معيار
[/b]تنقيد هڪ وسيع ادبي اصطلاح آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت محدود معنى ۽ مفهوم ۾ نه ٿو وٺي سگھجي. اصل ۾ اهو هڪ گھڻ رخو ۽ گھرو علم آهي، جنهن کي سمجھڻ لاءِ رڳو ان جي لفظي مادي جي ڀاڃ ئي ڪافي ناهي پر ان جي گھرائيءَ تائين پهچڻ ضروري آهي، پر ان ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ان جي گھرائي ۽ وسعت تائين رسائي تيسيتائين ممڪن نه ٿيندي جيسيتائين ان لفظ جي حقيقت جي ساڃاهه نه هوندي. تنقيد جنهن کي انگريزي ۾ Criticism چيو ويندو آهي، جي لفظي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته “انگريزي لفظ Criticism يوناني لفظ Krites مان ورتل آهي جنهن جي لغوي معنى الڳ ڪرڻ ۽ فرق ڪرڻ آهي. لاطيني زبان ۾ ان جي بدران لفظ Criticus استعمال ٿيندو آهي. ان مان Critique ٺهيو آهي، جنهن جي معنى ‘تنقيدي مضمون‘، ‘تنقيدي مقالو’ يا ‘تنقيد جو فن’ آهي..... تنقيد ۾ Criterian مان مراد اهي اصول يا قانون ۽ معيار آهن جن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن تصنيف ۽ تخليق جي سٺائي ۽ خرابي جي باري ۾ ڪوئي فيصلو ڏنو ويندو آهي.” (عتيق، 1995ع، ص 465)
ان مان معلوم ٿيو ته هي هڪ اهڙو فن آهي، جنهن جا پنهنجا معيار آهن ۽ انهن ئي معيارن جي بنياد تي ڪنهن به تخليق جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي آهي. ان ڇنڊ ڇاڻ مان مراد رڳو خامين جي تلاش نه آهي، پر اهو ڪنهن به فنپاري جي گھڻ رخي جاچ جو عمل آهي. ظاهر آهي ڪنهن به نقاد لاءِ ڪنهن تخليق کي تنقيد ۽ پرک جي معيار تي ڪٿڻ هڪ اوکو ڪم آهي. سنڌي ادب ۾ عملي تنقيد هڪ بدعت ان ڪري بڻجي وئي آهي، جو گھڻو ڪري اسان جا نقاد تنقيد جي انهن عالمي معيارن کي سامهون نه رکندا آهن، جيڪي ڪنهن به فنپاري تي تنقيد لکڻ لاءِ ضروري آهن.
اڪثر نقادن تنقيد جي معنى ‘عدل ۽ انصاف ڪرڻ’ ڄاڻائي آهي. ان راءِ مطابق نقاد هڪ منصف ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن به تخليق جي پرک جو معيار ديانتداري تي رکي ٿو. هڊسن پنهنجي ڪتاب Introduction to the study of Literature ۾ لکيو آهي: “ادبي نقاد ان کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪنهن فنپاري کي سمجھڻ ۽ ان تي غور ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. ان فن جي ماهر جو اهو ڪم هوندو آهي ته ڪنهن به فني تخليق کي ڏسي، سمجھي، غور ڪري ۽ ان جي سٺاين ۽ براين جي جاچ ڪرڻ بعد ان جي قدر و قيمت جو صحيح اندازو لڳائي.” (ص 346). حقيقت اها آهي ته اها تنقيد جي محدود وصف آهي، جيڪا سرسري طور مناسب سمجھي سگھجي ٿي پر اها وصف تنقيد جي وسيع اصطلاح جو مڪمل پورائو نه ٿي ڪري. عدل، انصاف، يا راءِ ڏيڻ جي ڳالهه نقاد کي هڪ منصف جو منصب ته عطا ڪري ٿي پر انهن راين پڙهڻ بعد تنقيد جي ڪُلي خوبين توڙي قدرن جي ڳالهه واضح ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
تخليق جو سرچشمو زندگي آهي ۽ ادب زندگيءَ جي ڪشمڪش جي اظهار جو نالو آهي. ادب بابت هڪ عام راءِ اها آهي ته ‘ادب زندگيءَ جي تشريح آهي.’ پر مٿيو آرنولڊ جي اها راءِ به نهايت وزنائتي آهي ته “ادب زندگيءَ جي تنقيد آهي.” ڇوته هڪ تخليقڪار پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ لقائن تي هڪ تنقيدي نظر وجھڻ بعد تخليق جي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو. اها زندگيءَ جي تنقيد آهي ۽ هڪ نقاد فن ۽ آرٽ جي بنياد تي ڪنهن به تخليق جو تنقيدي جائزو وٺي ٿو. ايليٽ جو اهو مشهور جملو تمام گھڻي اهميت رکي ٿو ته “تنقيد اسان جي زندگيءَ لاءِ ايتري ئي اڻ ٽر آهي جيترو ساهه کڻڻ.” (احتشام، 1968ع، 89) جيڪڏهن زندگيءَ لاءِ تنقيد ايتري اهم آهي ته يقيناً ادب لاءِ به آهي. پر جڏهن اسين ادب ۽ تنقيد جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ‘واٽون ويهه ٿيام’ واري ڳالهه سامهون اچي ٿي. ڇوته هن وقت تائين هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي نڪتهءِ نظر مطابق تنقيد جون ايتريون ته تشريحيون پيش ڪيون آهن، جو هڪ پڙهندڙ مونجھاري جو شڪار ٿي پوي ٿو. “ڪوئي تنقيد کي ادبيات جي پرک ۽ جاچ جو اوزار چوي ٿو. ڪوئي چوي ٿو ته اها تخليقي ادب پيش ڪرڻ وارن مٿان لعنت ملامت ڪندي آهي ۽ انهن بابت غلط سلط ڳالهائڻ کان سواءِ ان جو ڪو مقصد ئي ناهي. ڪنهن جو خيال آهي ته اها صرف فني تخليقن جون سٺايون ڳڻائيندي آهي ۽ انهن جي خوبين کي اجاگر ڪري پيش ڪندي آهي ته جيئن پڙهندڙن تي انهن جا اثر گھرا ۽ ديرپا ٿين. ڪوئي چوي ٿو ته اها صرف تخليقي ادب جي تشريح ڪري ٿي. يعني بيان جي سهنجي انداز ۽ سولي نموني ۾ انهن خيالن کي تفصيل سان ڦهلائي بيان ڪري ٿي، جيڪي فني تخليقن ۾ سمايل هوندا آهن. ان خيال تحت ته جيئن انهن کي سڀ سمجھي سگھن. ڪنهن جو خيال آهي ته تخليقي ادب ۾ جيڪي فلسفياڻا خيال لڪل آهن، فن جو جيڪو نڪتهءِ نظر هوندو آهي، هڪ تخليقڪار جيڪو پيغام عوام تائين رسائڻ چاهيندو آهي، ان جو پتو لڳائڻ ۽ تجزيو ڪرڻ تنقيد آهي. مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون!” (ڊاڪٽر عبادت، 1979،80ع، ص 34) جيتوڻيڪ انهن راين مان ڪوبه رايو مڪمل ۽ حتمي نه آهي پر تنهن جي باوجود تنقيد جي معيارن کي سمجھڻ جي سلسلي ۾ انهن مان هر هڪ رايي جي اهميت آهي.
ارسطو، هوريس، آرٽيبنو، پفرهو، کان وٺي ايمرسن، ميٿيو آرنولڊ، جان مورلي، اسڪاٽ جيمس، هڊسن ۽ ٽي ايس ايلئٽ تائين دنيا ۾ جيترا به نقاد ٿي گذريا آهن، اهي ان ڳالهه تي متفق آهن ته تنقيد اصل ۾ ڪنهن به تخليقي فن پاري جي ڪٿ ۽ پرک جو علم آهي. جنهن لاءِ نقادن ڪيترائي اصول متعين ڪيا آهن. تنقيد بابت مجموعي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن وقت تائين تنقيد جي تشريح جي سلسلي ۾ ٽي نظريا وڏي اهميت رکن ٿا. پهريون: تنقيد ڪنهن به فن پاري جي تعريف جو ڪم آهي، جنهن ۾ ان جي خوبين کي اجاگر ڪيو ويندو آهي. ٻيو: تنقيد ڪنهن به تخليق جي تشريح ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. تنقيد جي اهڙي وصف بيان ڪندڙن جي خيال ۾ تنقيد جو مقصد ڪنهن به تخليق جي شرح ۽ تفسير بيان ڪرڻ کان سواءِ ڪجھ به ناهي. هڊسن ان کي پنهنجي ڪتاب Introduction to the study of Litrature ۾ ‘توضيح (Exposition) سڏيو آهي.’ (ص 356). تشريح لاءِ عام طور تعبير جو لفظ پڻ ڪتب آندو ويندو آهي پر تعبير ۽ تشريح ۾ ڪجھ فرق آهي. تشريح ۾ متن جي معنى بيان ڪئي ويندي آهي جڏهن ته تعبير ۾ متن جي معنويت (Significance) کي دريافت ڪيو ويندو آهي. پر عام طور تي ان معنويت جي دريافت کي تشريح جي زمري ۾ آندو وڃي ٿو. ٽيون: تنقيد جو مقصد ڪنهن به فن پاري جو تجزيو ڪرڻ آهي. جنهن مان مراد اها آهي ته ڪوبه تخليقڪار پنهنجي تخليق ۾ جيڪو فڪر ۽ خيال پيش ڪري ٿو ان جو گھڻ رخو جائزو ورتو وڃي ۽ ان جي فني پرک ڪئي وڃي.
تنقيد بابت اهي ٽئي نظريا بنيادي ۽ اهميت وارا آهن. حقيقت اها آهي ته تنقيد وسيلي انهن ٽنهي خيالن کي ڌيان ۾ رکيو ويندو آهي، پر سڀ کان اهم ٽيون نظريو آهي جنهن ۾ ڪنهن به فن پاري جي فني ۽ فڪري پرک ۽ ڇنڊ ڇاڻ وسيلي ان جي خوبين ۽ خامين تي نظر وجھندي ان جو ملهه متعين ڪيو ويندو آهي. تجزيي دوران ڪنهن به تخليق جي قدر جو تعين پڻ ڪيو ويندو آهي، يعني فن پارو ان صنف جي معيار تي پورو لهي ٿو يا نه؟ تجزيي وسيلي ڪوبه نقاد ادبي فن پاري جي ادبي حيثيت جي ڪٿ پڻ ڪندو آهي. “تجزيو تنقيد لاءِ ضروري آهي ۽ ان تجزيي تحت ڪافي ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. مثلاً سڀ کان پهريان ته اهو ضروري آهي ته نقاد تخليق کي غور سان ڏسي ۽ ان جي گھرائين ۾ پهچي اهو معلوم ڪري ته اها ڇا آهي؟ ان ۾ سمايل مواد ۽ فني حسن جو پتو لڳائي. ان لاءِ اهو به معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته ان ۾ ڪهڙي شي اهڙي آهي جيڪا هميشه رهڻ واري آهي ۽ ڪهڙي شيءِ عارضي آهي؟ ان جون معنائون ۽ مطلب ڪهڙا آهن؟ ان کان پوءِ ان لاءِ اهو معلوم ڪرڻ به ضروري آهي ته ڪهڙا اخلاقي ۽ فني اصول اهڙا هيا، جنهن کان فنڪار شعوري طور واقف هيو، يا جيڪي غير شعوري طور تي منجھس ڪم ڪندا رهيا آهن.” (ڊاڪٽر عبادت، 1979،80، ص 39)
ادبي تنقيد لاءِ هڪڙا اصول ۽ نظريا موجود آهن. جن کي سمجھڻ نهايت ضروري آهي. اهڙن اصولن ۽ نظرين ۾ “ادب ۽ زندگيءَ جو حقيقت سان رشتو ۽ تخيل، افاديت ۽ پروپيگنڊا، مواد ۽ هيئت جو تعلق، حسن جو مفهوم، تنقيد نگار جو نقطهء نظر، ادب ۽ عوام، شعر ۽ ادب ۾ زبان جي جڳهه، اسلوب، فني اصول ۽ فن جون روايتون اهم بحث آهن، جن جي پٺيان ٻيا به ڪيئي معاشي، سماجي ۽ نفسياتي پهلو اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن نقاد انهن مسئلن تي واضح راءِ نه ٿو رکي ۽ پنهنجن راين کي ادب جي ڪنهن مخصوص فلسفي سان قطعي طور ملائي نه ٿو سگھي ته ان کي عملي تنقيد جي ميدان ۾ قدم رکڻ جو حق حاصل ناهي. ڇوته انهن ئي مسئلن جي علم جي بنياد تي هو ڪنهن به ادب پاري جو تجزيو ڪري سگھي ٿو.” (احتشام، 1968ع، ص 122)
عام طور تنقيد سان گڏ تحقيق جو لفظ پڻ ڪتب آندو ويندو آهي. ڪي ماڻهو انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي کان ڌار سمجھندا آهن پر حقيقت اها آهي ته تنقيد ۽ تحقيق جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آهي. اصل ۾ تحقيق حقيقتن جي تلاش جو نالو آهي ۽ تنقيد، تخليق جي حقيقي صورتگري جو علم ان ڪري ٻنهي کي ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر سيد محمد عبد الله جو مضمون “تحقيق و تنقيد” پڙهڻ وٽان آهي. جنهن ۾ هن لکيو آهي ته “تنقيد ۾ به تحقيق جي لاءِ ڪيئي پهلو نڪرن ٿا. ۽ تنقيد جي لاءِ به تحقيق هڪ لازمي عمل آهي..... ڪابه سچي تنقيد تحقيق کان جدا ٿي نه ٿي سگھي ۽ رڳو تاريخ ئي نه پر انساني حياتيءَ جي پوري تاريخ ان جي لپيٽ ۾ اچي ٿي ۽ اتي ئي پهچي تحقيق ۽ تنقيد هم معنى لفظ بڻجي وڃن ٿا.” ((احتشام، 1968ع، ص 149 ۽ 150)
ادبي تنقيد جا ڪيترائي قسم آهن مثلاً معروضي تنقيد، موضوعي تنقيد، اجتماعي تنقيد، اخلاقي تنقيد، استعاري تنقيد، تاثراتي تنقيد، تجزياتي تنقيد، تصوراتي تنقيد، تقابلي تنقيد، جمالياتي تنقيد، رومانوي تنقيد، عملي تنقيد، مارڪسوادي تنقيد، فطرتي تنقيد، نفسياتي تنقيد، نئين تنقيد وغيره وغيره پر هتي اسان جو مقصد تنقيد جي انهن سمورن قسمن کي سمجھڻ نه آهي. پر ڪتاب “معروضي تنقيد” جي مصنف ڊاڪٽر سيد وقار احمد رضوي معروضي تنقيد جي وضاحت ڪندي جيڪو نڪتهءِ نظر پيش ڪيو آهي اهو هتي پيش ڪري مان پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائڻ چاهيندس. هو لکي ٿو ته “معروضي تنقيد اصولي تنقيد کي چئبو آهي. اصولي تنقيد يا معروضي تنقيد جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن به ادب پاري کي اصولي تنقيد تي پرکيو وڃي. اصولي تنقيد ۾ چار شيون آهن. جيڪي هي آهن: 1. جذبو 2. خيال 3. مواد ۽ 4. اسلوب. مثال طور اسان ڪنهن به شعر يا ادب پاري کي جاچڻ لاءِ کڻون ٿا، ته هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان شعر يا ادب پاري ۾ جذبو اعلى آهي يا ڪريل. انهيءَ طرح خيال نادر آهي يا معمولي. پوءِ ان شعر يا ادب پاري ۾ مواد ۽ اسلوب کي ڏسندا سين ته شاعر يا اديب جو اسلوب ڪهڙو آهي. ان ۾ نواڻ آهي. اسلوب فطري آهي يا آورد ۽ تصنع کڻي آيو آهي. اِهي اُهي چار اصول آهن جن جي ڪسوٽيءَ تي ڪنهن به شعر يا ادبي تخليق کي پرکيو ويندو آهي.” (ڊاڪٽر رضوي، 2013ع ص 11) ڪنهن به تخليق جي پرک جا اهي چارئي معيار نهايت اهم آهن ۽ ادبي تنقيد ۾ انهن جي تمام وڏي وقعت آهي. تنهنڪري هڪ نقاد لاءِ ڪنهن به فن پاري جو اهو چار رخو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
ادب ۾ نقاد (Critic) هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو تنقيد جي مقرر معيارن کي سامهون رکندي ڪنهن به تخليق جو اڻ ڌريو جائزو وٺندو آهي. پر ادب ۾ نقادن جا به الڳ الڳ گروهه تنقيد جي جدا جدا نقطهء نظر جا حامي آهن. ڪجهه نقاد ادب جي پرک مخصوص قومن جي مزاج، ڪردار توڙي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پس منظر ۾ ڪرڻ گھرندا آهن. اهي ادب ۽ اديب کي قومي ۽ سماجي شعور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪي نقاد تقابلي مطالعي تي زور ڏيندا آهن، سندن خيال مطابق اهو تنقيد جو بنيادي اصول آهي. ڪجهه وري ادب جي موضوعاتي مطالعي کي تنقيد چوندا آهن. ڪي لفظي مطالعي تي زور ڏيندا آهن ۽ تحقيق وسيلي گھڻ رخي لفظي ڇنڊ ڇاڻ کي تنقيد ڄاڻيندا آهن. نقادن جو هڪ وڏو گروهه وري ادب جي نفسياتي مطالعي جو قائل آهي. ڪجھ نقاد جيڪي تحليل نفسي جا پارکو آهن تن جو چوڻ آهي فن جي تخليق ۾ شعور نه پر لاشعور جو عمل دخل آهي. اديب جي لاشعور جي تلاش سندن تنقيد جو بنياد هوندو آهي. اهڙا نقاد ڪنهن شاعر يا نثر نگار جي نفسياتي مطالعي سان گڏ و گڏ سندس تخليقي عمل جي مطالعي، تخليق جي ڪردارن ۽ موضوعن توڙي تخليق جي پڙهندڙن تي ٿيندڙ اثراندازي جو نفسياتي مطالعو پيش ڪندا آهن. هڪڙا نقاد وري تخليق جي تاريخي پهلوئن تي روشني وجھندا آهن. اهڙي ريت ڪي نقادن ڪنهن به تخليق تي ادب ۽ فلسفي جي رشتي کي سامهون رکندي تنقيد ڪندا آهن. اهڙي ريت الڳ الڳ نقادن جي گروهن هن وقت تائين تنقيد کي پنهنجي پنهنجي نقطهء نگاهه سان پيش ڪيو آهي. انهن مان هر هڪ جي پنهنجي اهميت آهي ۽ انهن نظرين تي تنقيد پڻ ٿي آهي.
[b]تنقيد ۽ شاعري
[/b]شاعري بابت هونءَ ته ڪيترن ئي نقادن جدا جدا رايا پيش ڪيا آهن، ڪن ان کي وندر ۽ ورونهن جو ذريعو قرار ڏنو آهي ته ڪن لطيف احساسن جو بيان، ڪن انسان جي جمالياتي حِسن کي اجاگر ڪرڻ جو وسيلو ته ڪن وري سماجي فڪر اڀارڻ جو ذريعو. اهي شاعريءَ جون موضوعي، فڪري ۽ تصوراتي حدون آهن پر حقيقت ۾ “شاعري هڪ اهڙو فن آهي جنهن ۾ ادراڪ ۽ تخيل جي مدد سان مسرت ۽ صداقت ۾ امتزاج پيدا ڪيو ويندو آهي. ان فن جو روح ايجاد آهي...... شاعري جذبن ۽ تخيل جي امتزاج جو نالو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاعريءَ ۾ تخيل ۽ جذبات جو وجود ضروري آهي، پر رڳو اهي ئي شيون شاعريءَ کي تخليق نه ڪنديون آهن..... (ڊاڪٽر سنديلوي، 1963ع، ص 38، 39، 40) مثلاً شاعريءَ ۾ وزن جي به تمام وڏي اهميت آهي اصل ۾ اهو شاعريءَ جي فني ڪٿ جو سوال آهي. جنهن جي بنياد تي ئي شاعري ۽ نثر ۾ فرق ڪري سگھجي ٿو، پر شعر ۾ وزن جي موجودگيءَ بابت به ادب جي نقادن وٽ متضاد رايا نظر اچن ٿا. “سر فلپ سڊني جو خيال آهي ته وزن صرف شعر جو لباس آهي يا ان کي شعر جو زيور چئي سگھجي ٿو، پر اهو شعر جو روح ناهي...... ڪولرج جو به چوڻ آهي ته ‘اعلى درجي جي شاعري بغير وزن جي ٿي سگھي ٿي.’ پر ڪجھ نقادن انهن نظرين جي ترديد پڻ ڪئي آهي. مثلاً لي هنٽ جو خيال آهي ته ‘شاعريءَ جي روح جي تڪميل لاءِ وزن جو هجڻ ضروري آهي، ان کان علاوه سونهن جي سرمستي ۽ سگھ جو اظهار اڌورو هوندو آهي.’ انهيءَ طرح ڪارلائل جي نقطهء نظر کان ‘شاعريءَ جو با وزن ۽ مترنم هجڻ ضروري آهي.’ (ڊاڪٽر سنديلوي، 1963ع، ص 40، 41) ميٿيو آرنولڊ به شعر ۾ وزن ۽ بحر کي لازمي قرار ڏنو آهي. هيگل، شلر ۽ ٻين ڪيترن ئي نقادن به وزن تي زور ڏنو آهي. اصل ۾ وزن سان شاعريءَ ۾ هڪ لئي ۽ ترنم جنم وٺي ٿو، اهڙو شعر ٻڌڻ ۾ وڌيڪ مزو ڏيندو آهي. وزن شاعريءَ ۾ موسيقيت پيدا ڪري ٿو، جنهن سان شاعريءَ جو بنيادي مقصد وندر ۽ لطافت پڻ پورو ٿئي ٿو. وزن جي پورائي سبب شاعريءَ ۾ هڪ خاص قسم جي اثر اندازي پيدا ٿئي ٿي ۽ جذبا تحرڪ ۾ اچن ٿا.
ڪتاب “Modern English in Action” جو مصنف هينري آءِ ڪرسٽ عظيم شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي انگريزيءَ جي چئن اکرن T I M E وسيلي ان جي وضاحت ڪئي آهي. هن جي خيال مطابق ڪنهن به اعلى درجي جي شعر ۾ خيال، تصور، موسيقي ۽ جذبات جو هجڻ نهايت ضروري آهي، ۽ انهن کان سواءِ شعر جي عمدگي ۽ معيار جو تعين نه ٿو ڪري سگھجي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ لفظ TIME کي هن ريت پيش ڪيو آهي.
T hought
I magery
M usic
E motion
اعلى درجي جي شاعريءَ جي گڻن کي سمجھڻ لاءِ هينري جي اها ترڪيب ڪافي ڪارگر آهي. جنهن مطابق عظيم شاعريءَ جي وصف سامهون اچي وڃي ٿي.
شاعرُ جنهن جي ادب ۾ پهرين سڃاڻ صانع يا Maker طور آهي. ان جو ڳانڍاپو شعور ۽ احساس سان گھرو آهي. جيڪڏهن ڪوئي چوي ته شاعرَ باشعور ۽ حساس هوندا آهن ته ڇا ٻيا ماڻهو بي شعور ۽ بي حس هوندا آهن ته ظاهر آهي ته ان جو جواب نفي ۾ ايندو. هڪ شاعر ۽ غير شاعر ۾ بنيادي طور فرق اهو آهي ته هڪ شاعر ڪنهن غير شاعر جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ جي معمولي کان معمولي چرپر ۽ ننڍي کان ننڍي وٿ ۽ سادي کان سادي منظر کي به پنهنجي گھري مشاهدي وسيلي اهڙي ريت پيش ڪندو آهي، جو اهي سڀ معمولي شيون به غير معمولي محسوس ٿينديون آهن. اهو هڪ اعلى درجي جي شاعر جي بيان جو حسن آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه لطيف جي شاعري ان جو عمدو ترين مثال آهي، جنهن سمنڊ جي سپي ۽ سَپَ کان وٺي سُئي ۽ سائي سَلي تائين معمولي کان معمولي شين کي اهڙي نموني بيان ڪيو آهي، جو اهي اهم ۽ املهه محسوس ٿين ٿيون. شاعر جو شعور غير شاعر جي ڀيٽ ۾ ڏاڍو شديد هجڻ سان گڏ ڏاڍو نازڪ، لطيف ۽ وسيع به هوندو آهي ۽ هن وٽ پنهنجي جذبي، احساس، تصور ۽ خيال کي بيان ڪرڻ جو آرٽ هوندو آهي. شاعر وٽ احساس سان گڏ ادراڪ به موجود هوندو آهي.
جيڪڏهن شعر دل جي ڌن آهي ته تنقيد دماغ جي ڪرت، جنهن ۾ دليل ۽ منطق جو گھڻو عمل دخل آهي. شاعري ڪائنات جي سموري جمال ۽ رنگينين کي پنهنجي آغوش ۾ سمائڻ ۽ زندگيءَ جي رمزن کي کولڻ جي سگھ رکي ٿي. هڪ اعلى فهم شاعر جنهن ريت شين ۽ لقائن کي ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو انهن کي پوري سگھ سان اظهارڻ جي قوت پڻ رکي ٿو. هو پنهنجي چوڌاري موجود شين ۽ خارجي لقائن کي جيئن جو تئين پيش نه ٿو ڪري پر انهن کي پنهنجي داخلي جذبات سان گڏائي پيش ڪري ٿو، جنهن سبب ئي ان ۾ تخليقي حسن پيدا ٿئي ٿو. هن جو ذهن شين، معاملن ۽ عڪسن کي ڪيمرا وانگر جھٽي ٿو پر سندس قلم انهن کي ڪنهن پينٽنگ وانگر پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ سندس دل جو لهو به شامل ٿي وڃي ٿو. اهو آرٽسٽڪ اظهار جنهن ۾ سندس خيالَ، جذبا ۽ احساس گڏيل هوندا آهن، تن کي قاري به پنهنجي دل جو آواز سمجھندو آهي. هڪ اعلى درجي جي شاعر جو اظهار موثر ۽ ديرپا هوندو آهي. هن جي ڪلام ۾ ياد رهجي وڃڻ واري خوبي پڻ موجود هوندي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف کان شيخ اياز، استاد بخاري، اياز گل ۽ سعيد ميمڻ تائين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام ۾ اها خوبي موجود آهي. شاعر ڪو مبلغ نه آهي، اهو دراصل پيغامبر آهي، ان جو پيغام جيترو وسيع هوندو اوتريون ان جون سرحدون ڪشاديون ٿينديون وينديون. ڪن شاعرن جو پيغام ڪن به سرحدن جو محتاج نه هوندو آهي ۽ ان کي بين الاقوامي حيثيت حاصل هوندي آهي.
شاعريءَ کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائي سگھون ٿا. پهريون داخلي شاعري ۽ ٻيو خارجي شاعري. داخلي شاعري اها آهي جنهن ۾ هڪ شاعر پنهنجي ذات ۾ گم ٿي انهن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪندو آهي، جيڪي سندس ذاتي تجربن ۽ حادثن تي مشتمل هوندا آهن. جڏهن ته خارجي شاعري ۾ شاعر پنهنجي وجود کان هٽي سماج ۽ ڪائنات جي ڳالهه ڪندو آهي، پر ان جو اهو مطلب هر گز نه آهي ته خارجي اظهار وقت هن جي اندروني جذبن جو ڪو عمل دخل نه هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته شاعر جا داخلي ۽ خارجي احساس ۽ خيال ان حد تائين گڏجي ويندا آهن جو انهن کي ڌار ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي. داخلي شاعريءَ ۾ گھڻو ڪري محبت جا جذبا ۽ احساس شامل هوندا آهن ان ۾ شاعر جون محروميون، مايوسيون، غمَ، خوشيون، اميدون، نااميدون ۽ حسرتون به جھلڪنديون آهن. داخلي شاعريءَ تي تنقيد ڪرڻ وقت مواد ۽ هئيت ٻنهي تي نظر رکڻ ضروري هوندو آهي ۽ ڏسڻو پوندو آهي ته شاعر جو اهو اظهار شعر جي قالب ۾ اسونهون ۽ اجوڳو ته محسوس نه ٿو ٿئي يا ان ۾ مصنوعي بيساختگي ته نه آهي. داخلي شاعريءَ ۾ جذبي جي صداقت ضروري آهي ۽ ان ۾ تصنع جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي. اهڙي شاعري پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي دل ۾ لهي وڃڻ جي سگھ رکندي آهي.
داخلي شاعري جي جاچ ۽ تنقيد لاءِ ان جي اسلوب ۽ جذبي جي سچائي جي پرک جو جائزو ضروري هوندو آهي. جيئن داخلي شاعري اندر جي دنيا سان تعلق رکي ٿي تئين خارجي شاعري وري ٻاهر جي ڪائنات سان سلهاڙيل هجي ٿي. ان ۾ ڪائنات جي شين، منظرن، عڪسن ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويندو آهي. اهڙي شاعري گھڻو تڻو بيانيه انداز ۾ ڪئي ويندي آهي. ان قسم جي شاعريءَ تي تنقيد ڪرڻ وقت ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو آهي ته شاعرَ خارجي شين، منظرن، عڪسن ۽ واقعن کي ڪهڙي ريت پيش ڪيو آهي، ان جو اسلوب ڪهڙو آهي، ڇا منظرن ۽ عڪسن کي پيش ڪرڻ وقت شاعر مشاهدي جي کوٽ جو شڪار ته ناهي؟ ڇا هن انهن منظرن جو مشاهدو پاڻ ڪيو آهي يا ڪتابي مطالعي جي آڌار تي آهي؟ ان منظرنگاريءَ ۾ جمالياتي عنصر ۽ مصوراڻو حسن آهي يا نه؟ انهن منظرن ۾ شاعر جا داخلي احساس گڏيل آهن يا نه؟ ڇا واقعن جي پيشڪش ڪنهن خبرنامي وانگر ته نه آهي ۽ ڇا ان پيشڪش ۾ ڪو آرٽ آهي؟ خارجي شاعريءَ تي تنقيد وقت هڪ نقاد انهن ۽ اهڙن سوال جا جواب تلاش ڪندو آهي.
[b]جديد سنڌي شاعري ۽ تنقيد
[/b]شاعريءَ ۾ ‘جدت’ جو سوال ڏاڍو اهم ۽ پيچيده آهي. ان جو سادو جواب ته اهو ٿي سگھي ٿو ته جديد شاعري اها آهي، جنهن جو فڪر، تخيل، اهڃاڻ، استعارا، ۽ فن جو پورو نظام نئون هجي. اها شاعري نئين دور جي سياسي، سماجي ۽ تهذيبي شعور سان سلهاڙيل هجي ۽ ان ۾ بين الاقواميت ۽ همه گيريت هجي. پر ان سوال کي ايترو آساني سان حل نه ٿو ڪري سگھجي. انهن مان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ پڻ موجود آهن ته پوءِ ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ ۾ حدِ فاصل جو تعين ڪيئن ڪري سگھبو! ڇا ڪلاسيڪل شاعريءَ جو تعلق وقت ۽ تاريخ سان آهي؟ ڇا قدامت ئي شاعريءَ کي ڪلاسيڪيت جو درجو ڏئي ٿي؟ ڇا ڪلاسيڪي شاعريءَ کي به پنهنجي عهد جي جديد شاعري چئي سگھجي ٿو؟ ان حوالي سان تنوير عباسيءَ جو خيال آهي ته “هر دور جي شاعري ان دور لاءِ جديد هوندي آهي. هر دور ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇڻي وينديون آهن، ته وري ڪن نين روايتن جو بنياد پوندو آهي.” (تنوير، 1988ع، ص 51) پر اها ڳالهه جديد ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ کي سمجھڻ لاءِ ڪافي ناهي. اصل ۾ “ڪلاسيڪي ادب اهو آهي، جنهن ۾ آفاقيت ۽ ابديت هجي، اهو ڪنهن هڪ دور يا ملڪ لاءِ مخصوص يا محدود نه هجي پر هر دور ۾ وقت جي ڪسوٽيءَ تي پورو بيهي. ان ۾ فطرت جي عڪاسي هجي ۽ انساني مزاج ۽ فطرت جي ترجماني هجي. حقيقت پسندي ۽ جدت پسندي هجي. ان ۾ صداقت ۽ خلوص هجي ان ۾ مستقل دلڪشي ۽ تاثير هجي، ان ۾ فڪري ۽ فني توازن هجي ۽ ان ۾ اهڙي ڪشش هجي، جنهن جو اثر، رنگ قوم ۽ نسل کان آجو هجي..... ڪلاسيڪي ادب ۾ اخلاقي قدرن جو به خاص خيال رکيل هوندو آهي.” (ڊاڪٽر مجيد، 1991ع ص 9، 10)
ڊاڪٽر اياز قادري جي لفظن ۾ “ڪلاسڪ جو تعلق وقتيت ۽ قدامت سان گھرو آهي.... اهڙا شاهپارا ۽ تخليقون جن ۾ وقت کي مات ڪرڻ جي قوت آهي، ڪلاسڪ ڪوٺجن ٿا... ايران ۾ فردوسيءَ جو شاهنامو، روميءَ جي مثنوي، حافظ جا غزل، انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما، ڀارت ۾ ڪاليداس جي شڪنتلا، سنڌ ۾ شاهه جو رسالو ۽ سچل جو ڪلام ڪجھ اهڙا شاهپارا آهن، جن وقت کي مات ڪري ڇڏيو آهي.” (ڊاڪٽر قادري، 2007، 119، 120) ان مان ظاهر ٿيو ته ڪلاسيڪيت ڪو پُراڻ پسندي جو نالو نه آهي، ان ۾ به پنهنجي وقت جي حالتن ۽ تجربن مطابق هڪ جدت هوندي آهي پر ان جي سڀ کان وڏي خوبي خيال، فڪر ۽ فن جي دائميت آهي، جنهن سبب ڪوبه فن پارو ‘پئي پراڻو’ نه ٿو ٿئي.
اهڙي ريت ‘جدت’ جو لفظ به پنهنجي معنى ۽ مفهوم ۾ وضاحت جو گھرجائو آهي. اسان وٽ ڪي ماڻهو “جدت” (Modernity) ۽ “جديديت” (Modernism) جي لفظن کي هڪ ئي معنى ۾ استعمال ڪندا آهن. جڏهن ته انهن لفظن جي مطلب ۽ مفهوم جي سرحدن کي ڇهڻ سان محسوس ٿيندو ته انهن ٻنهي ۾ تمام وڏو فرق آهي. اصل ۾ Modernism ادب جو هڪ مخصوص لاڙو آهي، جڏهن ته Modernity جو لفظ ان جدت طرازي ۽ نواڻ جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، جنهن وسيلي ڪنهن به تخليق ۾ موضوع، اسلوب ۽ هيئت جي نواڻ جي جاچ ڪئي ويندي آهي ۽ منجھانئس نئين فڪر، فلسفي ۽ تخيل جي تلاش ڪئي ويندي آهي. انهيءَ معنوي مغالطي سبب ڪيترن ئي وڏن شاعرن ۽ نقادن به انهن ٻنهي اصطلاحن کي گڏائي هڪ ئي معنى ۾ استعمال ڪيو آهي. جيئن ن. م راشد پنهنجي مضمون “جديديت کيا هي؟” ۾ لکيو آهي ته “جديديت جي هڪ تعريف ته اها ئي ٿي سگھي ٿي ته جيڪو اندازِ نظر پنهنجي زماني سان هم آهنگ هجي ۽ ماضيءَ سان يگانگت ۽ رابطو محسوس نه ڪري اهو ڄڻ ته جديديت جو حامل آهي. پر جديديت جي معنى رڳو معاصريت نه آهي. يعني هر شاعر جيڪو اسان جي زماني ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي ۽ شعر چوي ٿو جديد شاعر نه ٿو چورائي سگھي..... بيشمار شاعر هن وقت “موجود” آهن پر “جديد” نه آهن. “جديد” شاعر صرف اهو آهي، جيڪو “جديد” شعر چوندو هجي. رڳو ان قسم جا شعر چوندو هجي جن تي قدامت يا روايت جي مهر لڳل نه هجي. جيڪي هر لحاظ کان جديد اندازِ نظر جا حامل هجن، جن منجھ ڪنهن خيالي يا مصنوعي زندگيءَ جي ترجماني بدران جيئري جاڳندي اسان ۽ اوهان جي اردگرد جي دنيا جي ترجماني ڪيل هجي. جنهن ۾ روايتي طور تي ڄاڻي واڻي خيالن، احساسن ۽ علامتن وغيره جو ذڪر نه هجي. اهي خيالَ، احساسَ ۽ علامتون بلڪه اها هر شي جيڪا شاعر جو سرمايو بڻبي آهي، ڪنهن طرح قاري جي “توقع مطابق” نه هجي بلڪه قاري جي لاءِ غير متوقع ۽ اجنبي هجي.” (اشتياق، 2006ع، ص 84) اصل ۾ ن. م راشد جي اها راءِ جديديت جي تحريڪ يا لاڙي جي باري ۾ نه پر جديد شاعري بابت آهي.
ڪي ماڻهو جدت کي روايت کان بغاوت جو نالو ڏيندا آهن، پر اها ڳالهه به مڪمل طور درست نه آهي. ‘روايت’ جون به جدا جدا معنائون آهن. ان حوالي سان ٻه لفظ استعمال ٿيندا آهن. پهريون ‘روايت پرستي’ ۽ ٻيو ‘روايت پسندي‘. ادب ۾ صحتمند ۽ مثبت روايتن کي برو نه سمجھيو ويندو آهي، بلڪه اهي جديد دور ۾ به ادب جو حصو هونديون آهن، البته ‘روايت پرستي’ جو لفظ ادب جي ان جامد تصور کي اڀاري ٿو، جنهن جي ٻي معنى ‘قدامت پرستي’ يا ‘رجعت پرستي’ آهي. ان صورت ۾ اسان روايت پرستيءَ کي جدت جو ضد چئي سگھون ٿا. ڪوبه جديد شاعر نئين دور جي تبديلن ۽ تقاضائن توڙي نون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن کان ڪڏهن به منهن نه موڙيندو آهي ۽ دنيا جي انقلابن کي قبول ڪندو آهي. هن جو نڪتهء نظر سائينٽيفڪ هوندو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ انسان دوستي ۽ جمهوري قدر زنده هوندا آهن.
جڏهن اسين جديد شاعريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اديبن جي هڪ ٽولي جي اها راءِ به سامهون اچي ٿي ته جديد شاعري اها آهي، جنهن ۾ نه رڳو نئين زماني جي مسئلن جي عڪاسي هجي پر اها غير طبقاتي سماج جي اڏاوت ۾ باقاعدي حصو به وٺي. ان صورت ۾ شاعر جو منصب هڪ سماج سڌارڪ وارو به بڻجي پوي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ سچو شاعر پنهنجي دور جي لاهن چاڙهن کان متاثر ٿيندو آهي، هو پنهنجي اردگرد جي حالتن کان ڪڏهن به اکيون ٻوٽي نه ٿو سگھي. ظاهر آهي ڪنهن به انسان وانگر هڪ شاعر سماج کان ڪٽجي زندگي نه ٿو گذاري سگھي، پر اها ڳالهه رڳو جديد شاعريءَ سان لاڳاپيل نه آهي. هڪ روشن خيال شاعر انسان دوست هوندو آهي ۽ سماج ۾ ڪنهن به ظلم ۽ زياتيءَ کي سٺو نه سمجھندو آهي، هو طبقاتي ورڇ جو قائل نه هوندو آهي پر اهو ضروري نه آهي ته هو پنهنجي شاعريءَ کي ڪنهن مخصوص سياسي فڪر ۽ نظريي سان هم آهنگ ڪري پنهنجي اظهار کي پمفليٽ جي درجي تي آڻي ڇڏي. جيئن ته شاعري ڪنهن شاعر جي ذات جي تجربن، مشاهدن ۽ ڪيفيتن کان وٺي ڪائنات جي لقائن ۽ وسعتن کي فني ۽ تخليقي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو هنر آهي، تنهنڪري هڪ جديد شاعر کي اشتهاري نوعيت جي ڳالهه رکڻ ۽ نعري بازي کان پري رهڻ کپي. اهو جديد شاعريءَ جو پهريون تعارف آهي.
جديد شاعريءَ جون پنهنجون فني ۽ فڪري حسناڪيون ۽ ندرتون آهن. ان ۾ جديد شعور ۽ آگهي، نئون تصور ۽ ادراڪ موجود آهي. جديد شاعريءَ ويهين صديءَ جي روح کي پنهنجي اندر جذب ڪيو آهي. اها هڪ بيساخته ۽ اجھل اظهار جو نالو آهي، جنهن ۾ ڪنهن منصوبه بندي جو ڪو عمل دخل نه آهي. ان جو هڪ مثال موجوده دور ۾ لکيل بي عنوان نظمَ آهن. نظم جو عنوان خود هڪ اڳواٽ سوچيل موضوع ۽ منصوبه بندي جو عمل آهي، جنهن تحت ڪنهن خاص عنوان جهڙوڪه “بهار“، “خزان“، “انقلاب“، “جمهوريت“، “سِج“، “ڪارو ڪاري” وغيره تي ڪو شاعر هڪ مخصوص فريم ۾ رهندي پنهنجي خيال يا احساس کي قلم بند ڪري سگھي ٿو، پر جديد نظم هڪ شاعر جي اندر جي اهڙي مسافت آهي، جنهن جا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن، جنهن جا الڳ رستا ۽ راهون آهن. اهڙو نظم ڪنهن مخصوص فريم جو گھرجائو نه آهي، ان ڪري جديد نظم ۾ خيالن جا انيڪ پُر پيچ رستا ۽ وري وري اڀري لهڻ واريون خوبيون موجود آهن، ان ۾ سمنڊ جي موجن وارو شور ۽ درياهه جي لهرن واري رواني هجڻ سان گڏ احساس کي گرمائڻ وارا گڻ اتم درجي تي موجود آهن.
جيتري قدر جديد سنڌي شاعريءَ جو سوال آهي ته جديد سنڌي شاعري جدت ۽ نواڻ جون سموريون خوبيون ساڻ کڻي به پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي ۽ روايت کان ڪڏهن به بغاوت نه ڪئي آهي. پوءِ اهو فن جي سطح تي هجي يا فڪر ۽ موضوع جي سطح تي يا وري شعري صنفن جي حوالي سان. مثلاً فن جي حوالي سان جديد سنڌي شاعري جتي عروضي صنفن غزل، نظم وغيره سان ناتو نڀائيندي اچي ٿي اُتي ماترڪ ڇند تي آڌاريل صنفن بيت، وائي، دوهو وغيره ۾ به جديد شاعرن جي طبع آزمائي هلندڙ آهي. اهڙي طرح موضوعاتي حوالي سان رومانيت کان تصوف تائين اظهار جون مختلف صورتون جيڪي ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ جي سڃاڻپ هيون اڄوڪي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ به موجود ملنديون. فرق اهو آهي ته جديد شاعرن جي ٻولي، اسلوب توڙي موضوعن کي پيش ڪرڻ جو انداز نرالو ۽ نڪور آهي. خاص طور جديد شاعري روايتي عروضي دور جي لب لهجي، فارسيت جي غلبي ۽ لٻيل موضوعن، توڙي ڌاري ماحول مان نڪري آئي آهي. هاڻي اها نج سنڌي ڪلچر ۽ روايتن سان جُڙيل محسوس ٿئي ٿي. ان ڪري ان ۾ سنڌ جي چيڪي مٽيءَ وارو هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو.
جيتوڻيڪ اهو طئي ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي ته نيٺ جديد سنڌي شاعريءَ جو دور ڪڏهن کان شروع ٿيو؟ پر ان سلسلي ۾ تنوير عباسي اسان جي هن طرح رهنمائي ڪري ٿو “جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۽ واڌ گھڻو تڻو پاڪستان جي قيام بعد ٿي آهي. جيتوڻيڪ ان جو ٻج گھڻو اڳ ۾ پوکجي چڪو هو.” (تنوير، 1988ع، 52) جديد سنڌي شاعري جي سلسلي ۾ سڀ کان اڳ اسان کي جيڪو مختصر ۽ ڪارائتو مضمون ملي ٿو اهو آهي تنوير عباسي جو “جديد سنڌي شاعري”. جيڪو هن ‘مهراڻ’ ۾ 1960ع ڌارا لکيو هيو. ان مضمون ۾ هن جديد سنڌي شاعريءَ جا معيار ٻڌائيندي ان جون ڇهه خاصيتون بيان ڪيون آهن، تنوير مطابق “اسان جي جديد شاعريءَ جو مزاج ۽ لهجو سليس، سادو، وڻندڙ ۽ نرم آهي. ائين چئجي ته اسان جا شاعر اڄڪلهه پنهنجي قومي مزاج کان باخبر آهن، سندن شعر جو سڀاءُ، پنهنجي قوم جو مخصوص سڀاءُ آهي. هنن جي تخاطب جا انداز پيارا آهن.... ٻي خصوصيت جيڪا جديد شاعريءَ جي جان آهي، سا آهي انفراديت. اسان جي جديد دور جي هر سٺي شاعر ڪوشش ڪري پنهنجي تخليق ڪئي آهي. پنهنجن ذاتي مشاهدن، تجربن ۽ احساسن کي بيان ڪيو اٿس. ان ڪري هن دور ۾ ڪيتريون ئي تشبيهون، استعارا، اصطلاح ۽ محاورا اسان جي شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن، جيڪي شاعريءَ لاءِ بلڪل نوان آهن..... اڄوڪن شاعرن ‘روايتي حسن’ ۽ مطالعي جي سهاري کي ڇڏي، پنهنجي مشاهدي جي قوت کي تيز ڪيو آهي ۽ پنهنجو احساس وڌيڪ اونهو ڪيو اٿائون.... جديد ادب جي ٽين خصوصيت آهي، پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي کي سنڀالڻ...... بيت، ڪافي، وائي ۽ موضوعن کي پڻ نئين سر هن دور جي ئي شاعرن جيئاريو آهي.... اسان جي جديد شاعريءَ جي چوٿين خصوصيت آهي، موضوعن جي فراواني ۽ ندرت..... پنجين پر اهم خصوصيت آهي هيئت جا تجربا..... ڇهين ۽ آخري اهم خصوصيت آهي ترنم ۽ موسيقيت.” (تنوير، 1988ع، ص 52، 53، 56، 57، 58).
تنوير عباسي مطابق انهن ڇهن اهم نقطن جي بنياد تي اسين جديد سنڌي شاعريءَ جي پرک ڪري سگھون ٿا ۽ جيڪڏهن اهي خاصيتون ڪنهن شاعر جي شعر ۾ موجود آهن ته ان کي اسين جديد شاعر چئي سگھندا سين. ظاهر آهي تنوير جي اها راءِ ڇهه ڏهاڪا اڳ جي آهي، تنهنڪري ان کي اڄ جي جديد شاعريءَ سان مڪمل طور سلهاڙي نه ٿو سگھجي. اڄ جتي ادب جي دنيا جديديت کان جديديت پڄاڻان ۽ ان کان به اڳتي جو سفر ڪري رهي آهي اُتي جديد شاعريءَ جا معيار به تبديل ٿيا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهن ادبي لاڙن جو اثر سنڌي شاعريءَ به قبوليو آهي، پر ان لاءِ هڪ ڌار مطالعي جي ضرورت آهي. هتي اسين رڳو جديد سنڌي شاعريءَ جي ڳالهه ڪندا سين. هتي جيڪڏهن مان تنوير عباسي واري مضمون ۾ ڏنل راءِ کي گڏائي ۽ ان کي ڪجھ وسيع ڪري مختصر لفظن ۾ چوان ته ‘جديد سنڌي شاعري پنهنجي فڪر، احساس ۽ ادراڪ ۾ نئين آهي. ان ۾ موجود تصورن، خيالن ۽ احساسن کي اظهارڻ جو انداز بنهه پنهنجو آهي. ان ۾ گڏيل شعور ۽ تهذيبي ورثي جو حسين اظهار موجود آهي. اها پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي سان سلهاڙيل آهي. ان ۾ موسيقيت سان گڏ نج نبار ٻوليءَ جون حسناڪيون ۽ انوکي لفظيات جو هڪ مانڊاڻ آهي. ان ۾ فن جون نزاڪتون ۽ گھرايون توڙي نج شاعراڻو اسلوب آهي. ان جي پيشڪش نئين ۽ انوکي آهي.’ ته غلط نه ٿيندو.
جڏهن اسين جديد سنڌي شاعريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ائين به نه آهي ته ان بابت ڪلهه تائين جيڪي بحث ٿيا ۽ ان جون جيڪي سرحدون طئي ڪيون ويون اڄ جو شاعر رڳو انهن تي ئي بيٺو آهي. ان جو تازو مثال 2015 ۾ سوشل ميڊيا (فيس بڪ) تي احمد سولنگي پاران “نئين ڪويتا” جو اصلاح پيش ڪري هڪ ڊگھو ڊائلاگ شروع ڪرڻ آهي. اهو ڊائلاگ فياض ڏاهريءَ جي هڪ غزل تي علي آڪاش جي ڏنل ان راءِ ته “هي ‘غزل’ سنڌي ٻوليءَ جي غزل صنف ۾ هڪ بريڪ ٿرو (Break through) جي حيثيت رکي ٿو.” کان پوءِ شروع ٿيو جنهن بعد ان تي هڪ گرماگرم بحث ڇڙي پيو ۽ ڪن اديبن “نئين ڪويتا” جي دفاع ۾ ڳالهايو ته ڪن وري ان جي مخالفت ۾ دليل ڏنا. ڪن ان بحث کي غزل ۽ عروضي شاعريءَ خلاف سازش سڏيو ته ڪن وري ان کي سنڌي ادب ۾ هوا جو نئون جھوٽو چيو. بهرحال ڪجھ به هجي مان سمجھان ٿو اهو جديد سنڌي شاعريءَ بابت هڪ صحتمند بحث هيو. احمد سولنگي “نئين ڪويتا” جي اصطلاح کي Justify ڪندي لکيو: “نئين ڪويتا، سمورا قديم تاڃي پيٽا ٽوڙي هڪ نئون جهان جوڙيو آھي...... روايتي شاعري جي مقابلي ۾ نئين ڪويتا جو ماحول ۽ ان جا سمورا چٽا ۽ اڻ چٽا اهڃاڻ سماج جي سياه ڪارين تي سڌي طرح احتجاج ڪن ٿا...... نئين ڪويتا ۾ “اَڪويتا” به اچي وڃي ٿي، اُلٽ ڪويتا به اچي وڃي ٿي، نثري نظم به اچي وڃي ٿو ۽ هر اها ڪويتا به اچي وڃي ٿي جنهن ۾ نئين سجاڳيءَ ڏانهن شاعر جو رويو تبديل آهي.” (احمد سولنگي جي فيس بڪ وال تان).
جديد سنڌي شاعريءَ جون عصري سرحدون ڳوليندا سين ته ڳالهه خليفي گل محمد ۽ مير عبدالحسين سانگي کان شروع ڪرڻي پوندي ۽ ان ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪشن چند بيوس، هري دلگير، هوندراج دکايل، شيخ اياز، نارائڻ شيام، حيدر بخش جتوئي، عبدالڪريم گدائي، شمشير الحيدري، امداد حسيني ۽ تنوير عباسي کان وٺي اياز گل، حسن درس، اياز جاني، احمد سولنگي، مظهر لغاري، روبينه ابڙو ۽ سعيد ميمڻ تائين ڪيترن ئي شاعرن جو ذڪر ايندو، پر هن مقدمي ۾ منهنجو مقصد انهن شاعرن جي شاعريءَ جي جدتن ۽ ندرتن کي نروار ڪرڻ نه آهي. ان لاءِ هڪ پوري ڪتاب يا ڪتابي سلسلي جي گھرج آهي. تنهنڪري هتي مختصر طور مان رڳو اها ڳالهه رکڻ چاهيان ٿو ته اسان وٽ هن وقت تائين جديد سنڌي شاعريءَ تي تنقيد جي صورتحال ڇا رهي آهي. جيتوڻيڪ ويجھي ماضي ۽ حال ۾ جديد سنڌي شاعريءَ تي تنقيد ڪندڙ ۽ نقاد جي زمري ۾ ايندڙ ڪيترن ئي اديب جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا جن ۾ غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، احسان احمد بدوي، محمد اسماعيل عرساڻي، امير علي چانڊيو، تاج بلوچ، امداد حسيني، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سراج، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، قربان بگٽي، اڪبر لغاري، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، مختيار ملڪ، ممتاز مهر، ادل سومرو، تاج جويو، بدر ابڙو، رئوف نظاماڻي، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، احمد سولنگي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، شبنم گل، عادل عباسي، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر احسان دانش، سرمد چانڊيو، رياضت ٻرڙو، علي آڪاش، ممتاز بخاري، مبارڪ لاشاري، رکيل مورائي، گوهر شيخ، اسير امتياز، مشتاق ڀرڳڙي، رضوان گل، ابراهيم کرل، سرواڻ سنڌي، خليق ٻگھيو، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر ساجده پروين، حبدار سولنگي، قدير شيخ، بخشل باغي، خادم بالادي، مهراڻ ميمڻ وغيره وغيره شامل آهن، پر انهن مان به ڪي نقاد اهڙا آهن، جيڪي تنقيد جي گھربل قدرن ۽ معيارن مطابق سنڌي ادب / شاعريءَ تي تنقيد نه ڪري سگھيا آهن. تنهنڪري حقيقت ۾ سنڌي ادب تنقيد جي ميدان ۾ اڄ به هم عصر ادب جي ڀيٽ ۾ پوئتي نظر اچي ٿو، پر مورڳو ائين به نه آهي جو اسان اهڙو بيان جاري ڪري ويهون ته اڃا سنڌي ادب / شاعريءَ تي تنقيد جي شروعات ئي نه ٿي آهي. بهرحال سنڌ ۾ تنقيد تي جيترو ڪم ٿيو آهي ان جي ڀيٽ ۾ هند ۾ وڌيڪ ۽ معياري ڪم نظر اچي ٿو خاص طور ويجھي ماضي ۾ آنند کيماڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، هيرو شوڪاڻي، کيمن يو مولاڻي ۽ ٻين تنقيد جي جديد معيارن مطابق سنڌي ادب / شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي. هنن وٽ Post Modernism ۽ Deconstruction Theory مطابق شاعريءَ تي تنقيد نظر اچي ٿي.
جيتري قدر سنڌ ۾ سنڌي شاعريءَ تي تنقيد جو سوال آهي ته اسان جي اڪثريتي اديبن ۽ نقادن جي اها ڳالهه ڪافي وزنائتي آهي ته اسان جي تنقيد وڏي حد تائين بي وزن، ادبي معيار کان ڪريل ۽ غير اهم آهي. گھڻو ڪري ته اسان وٽ جديد شاعريءَ تي جيڪا تنقيد ٿي آهي ان ۾ شخصيت کي اڳيان رکيو ويو آهي ۽ ان جي فن تي تمام هلڪي، معمولي ۽ غير معياري تنقيد ٿي آهي. نتيجي ۾ تنقيد جي اوسر جي رفتار سست رهي آهي. تاج بلوچ مطابق “تنقيد جي غير موجودگي تخليقيت جو گس روڪيو بيٺي آهي. فني اسرار ليکڪ جي ميراث آهي، ان کي پنهنجو مفهوم ڏيڻ درست ناهي. اسان هڪ روايت طور ڪنهن شاعر جو ڪو بند، ڪو مصرعو يا ڪا سٽَ حوالي طور ڏيو، ان تي پنهنجو تشريحي بيان نافذ ڪري، تخليقڪار جي حسي اسرار ۽ تجربي تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏيندا آهيون..... تشريحي تنقيدي رويو تخليقڪار جي حسي تجربي کي مڏو ۽ محدود ڪيو ڇڏي ٿو....... اسان وٽ هڪ ٻي روايت به آهي ته سنڌي شاعر صنفي (گھاڙيٽن) تجربن جي چڪر ۾، تخليقيت بدران، گھڻن گھاڙيٽن تي طبع آزمائي ڪيو، پنهنجي تخليقي سڃاڻ کي محدود ڪيو ڇڏي، ۽ اها بدعت تڏهن کان شروع ٿي آهي، جڏهن کان اسان زور ــ مس ڪري ٻاهران آيل گھاڙيٽن يا نون گھڙيل گھاڙيٽن تي طبع آزمائيءَ کي فروغ ڏنو. بلاشڪ ڪجھ تخليقڪارن بي مثال تخليقي تجربا ڪيا، پر گھڻائي شوقيه فنڪارن جي آهي. جن نين صنفن يا ٻاهران آيل گھاڙيٽن جي فني ۽ فڪري هيئت يا پس منظر کي سمجھڻ بدران فيشن طور (اهل) اختيار ڪيو، جنهن مان شاعري گم ٿي چڪي آهي.” (تاج بلوچ، 2014ع ص 124، 125)
جيئن ته شاعري انساني جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو اجھل اظهار آهي، جنهن ۾ هڪ شاعر پنهنجي تصور ۽ تخيل جي دنيا جا رنگ رچي ٿو، پر اهو به سچ آهي ته هر شعر فطري طور اظهار جي الڳ قالب ۾ سمائجي وڃي ٿو، سنڌي شاعريءَ ۾ نين صنفن جي ايجاد جو شوق پنهنجي جڳهه تي پر مروج نئين شعري صنفن ۾ ڪن فنڪارن ڪمال جا تجربا ڪيا آهن، پر انهن تي تمام ٿورو ڳالهايو ويو آهي. مان سمجھان ٿو تاج صاحب جي ان ڳالهه کي ان طرح سان اڳتي وڌائي سگھجي ٿو اهڙا شاعر جن نين پر ڌارين صنفن جهڙوڪه هائيڪو، ترائيل، سانيٽ ۽ خود آزاد نظم توڙي نثري نظم وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي تن بابت ڀرپور تنقيدي اڀياس اچڻ کپن ۽ هڪ ڪٿ ۽ پرک ڪرڻ کپي ته انهن صنفن کي جديد سنڌي شاعريءَ ڪهڙي ريت قبول ڪيو آهي. ان کان علاوه هڪ پاسي سنڌي شاعريءَ تي تنقيد ڪندڙن/ تبصره نگارن جي اڪثريت شاعرن جي شان ۾ ٺلهي تعريف جون پُلون ٻڌي، شاعريءَ جي واڌ ويجھ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي، ته ٻئي پاسي غير ضروري نڪته چيني ۽ تنقيص سان گڏ ڪنهن تخليقڪار سان ذاتي عناد سبب گار گند تائين جي صورتحال اصلوڪن فنڪارن کي Isolation جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. ائين اسان کي جديد سنڌي شاعريءَ تي هن وقت تائين ٿيل تنقيد جو توازن اڪثر بگڙيل نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر اسحاق سميجي ان حوالي سان بلڪل صحيح لکيو آهي ته “اسان جي تخليقڪار کي زمانن کان وٺي، فقط ساراهه ۽ تعريف ٻڌڻ جو عادي بڻايو ويو آهي، تنهنڪري ئي هن جي ويچار جي صلاحيت محدود ٿي رهجي وئي آهي ۽ سندس ذهن سواءِ ڪوڙي ساراهه جي ٻيو ڪجھ به ٻڌڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي، پوءِ ڀلي اهو سچ ئي ڇونه هجي. جيتوڻيڪ ساراهه وارو عمل به خراب ۽ منفي ناهي، پر سکڻي، بي روح ۽ لفاظيءَ تي ٻڌل ساراهه تخليق توڙي تخليقڪار، ٻنهي لاءِ موت برابر آهي. جيڪڏهن ايماندارانه جائزو وٺجي ته همعصر ادبي دور اهڙو ئي سطحي موت مرندي نظر اچي ٿو..... ڪوڙي واهه واهه مان انتهائي بيزاريءَ واري حالت جنم ورتو آهي، تنهنڪري ئي رد عمل ۾ اڀري آيل تنقيد تي به تنقيصي رويي جو غلبو رهي ٿو. تنقيص ته وري به تخليق جي دشمن ناهي پر تنقيد جي نالي ۾ ڪردارڪشي، شخصي تضحيڪ ۽ ذاتيات تي گفتگو، خسيس ۽ سطحي حرڪت آهي ۽ اهڙي ڪنهن حرڪت ۾ ملوث شخص کي نقاد چوڻ، نقاد لفظ جي سڀ کان وڏي تضحيڪ آهي.” (سميجو، 2005ع ص 8) هڪ نقاد جي ذميداري ڪهڙي آهي ان بابت اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. ان سموري پس منظر ۾ جديد سنڌي شاعريءَ تي تنقيد ڪندڙ اصل نقاد اسان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي نظر ايندا.
مان پنهنجي هن ڪتاب ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي چوڏنهن آوازن کي پيش ڪندي تنقيد جي گھربل معيارن مطابق انهن جي شاعريءَ جي ڪٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان پنهنجي هن ڪم کي ڪوئي ڪارنامو سڏڻ لاءِ تيار ناهيان، هن ڪتاب کي جديد سنڌي شاعريءَ تي تنقيد جي سلسلي ۾ هڪ ننڍڙي ڪوشش سمجھڻ کپي. هي ڪتاب هن صورت ۾ يا هن کان ٿورو مختلف، وڏي عرصي کان تيار پيو هيو، پر مونکي جڏهن به هن ڪتاب کي ڇپائڻ جو خيال ايندو هيو ته هڪ غيراطمينانيءَ واري ڪيفيت هِن کي ڇپائڻ لاءِ موڪلڻ اڳيان رڪاوٽ بڻبي هئي. اها غير اطميناني ڪتاب ڇپائڻ جي آخري مرحلي تائين رهي ٿي ۽ هڪ تخليقڪار / نقاد بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. ادب هجي يا زندگي ان تي تنقيد جي هر وقت ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ڪنهن به اهڙي ليکڪ کي مڪملتا ۽ اطمينان جو احساس ڪڏهن به نه ٿيندو آهي، جيڪو سدائين بهتر کان بهتر جي ڪوشش ۾ سرگردان هوندو آهي. اصل ۾ مون سان به ڪجھ اهڙو ئي معاملو آهي. جيتوڻيڪ مان گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌي شاعرن جي شاعريءَ بابت ايترا تنقيدي اڀياس لکيا آهن جو، ههڙو ئي هڪ ٻيو ڪتاب به جُڙي پوندو پر مان مقدار کان معيار کي ترجيح ڏيندي هن ڪتاب ۾ رڳو تيرنهن شاعرن جي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي. اهو اڀياس اوهان مان ڪن پڙهندڙ کي واضح طور سنڌيءَ ۾ عام مروج تنقيد کان مختلف به لڳندو، ڇوته ان ۾ اوهان کي ڪنهن به تخليقڪار جي تضحيڪ، ڪردار ڪشي، پٽڪا ڊاهه، طنز، ٽوڪ ٺٺول نه ملندي، نه ئي وري انهن اڀياس ۾ اوهان کي ڪٿي به شخصيت پرستي، اجائي تعريف، غير معمولي لقب القاب ۽ تخليقن بابت هروڀرو زمين آسمان هڪ ڪرڻ وارو تاثر ملندو. هنن تنقيدي مضمونن ۾ گھڻو تڻو تخليقڪارن جي فن ۽ فڪر تي ڳالهايو ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي شخصيت تي هلڪي روشني وجھڻ جي ضرورت کي پورو ڪيو آهي. انهن اڀياسن ۾ اوهان کي هر شاعر جي فن، آرٽ، جذبي ۽ خيال جي بنياد تي تنقيد نظر ايندي. انهن مان ڪي مقالا اهڙا به آهن، جن ۾ شاعر جي ڪلام جي گھڻ رخي خوبين کي اڀاريو ويو آهي. اهڙا اڀياس ٿي سگھي ٿو، تنقيد جي اصطلاح کي خاص عينڪ سان ڏسندڙ لَڏو قبول نه ڪري ۽ چئي ڏِئي ته ان ۾ ته ڪا تنقيد ئي نه آهي.... پر جئين اسان مٿي تفصيل سان ذڪر ڪري آيا آهيون ته تنقيد جو ڪم رڳو نقص نگاري نه آهي، تنهنڪري منهنجا اهي مضمون انهن لاءِ آهن جيڪي تنقيد جي اصل روح کي سمجھن ٿا.
هن ڪتاب ۾ منهنجا لکيل اهڙا تحقيقي، تنقيدي ۽ تجزياتي مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جيڪي مون مختلف وقتن تي لکيا آهن. انهن مان ڪي مقالا ٿانيڪو ٿي لکيا آهن ته ڪي وري نظريهء ضرورت تحت ــ پر اهي سمورا مضمون ڪنهن نه ڪنهن طور تنقيد جي معيارن مطابق لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇوته اهي مضمون مختلف وقتن تي لکيل آهن، تنهنڪري انهن کي خود منهنجي تنقيدي شعور جي اوسر جي راهه جا نشان سمجھڻ گھرجي. مان اهو قبول ڪريان ٿو ته اهي تحريرون مختلف وقتن تي لکيل هئڻ سبب، سڀئي هڪ ئي معيار جون به نه آهن، انهن مان اوهان کي ڪن ۾ حوالا تحقيق جي مروج اصولن تحت ملندا ته ڪن ۾ روان مواد ۾ موجود ملندا. گھڻو وقت گذرڻ سبب انهن حوالن کي هن وقت ڳولڻ به مون لاءِ محال هيو، تنهنڪري اهڙا مقالا جيئن جو تيئن شامل ڪيا آهن. انهن مضمونن مان اوهان کي ڪٿي تاثراتي انداز به ملندو جيئن شبير هاليپوٽي تي لکيل مضمون ۾ آهي، ڪٿي ٿورو ٿورو شخصيت جو اولڙو محسوس ٿيندو جيئن ادل سومري تي لکيل آرٽيڪل ۾ آهي. ائين ڪٿي وري تبصري ۽ فڪري پروڙ جو احساس ٿيندو جيئن انور پيرزادي جي شاعريءَ تي لکيل مضمون ۾ آهي. اهي اڀياس مجموعي طور منهنجي گذريل ٻن ڏهاڪن جي تنقيدي پورهيي جو ثبوت آهن.
اُهي شاعر جن جي شاعري تي اڀياس هن ڪتابَ ۾ شامل آهن. انهن جو تعلق جديد سنڌي شاعريءَ جي ٽن دورن سان آهي. پهرين دور ۾ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ تنوير عباسي کي شامل ڪري سگھجي ٿو. ٻئي دور ۾ انور پيرزادي، اياز گل ۽ ادل سومرو جا نالا اچن ٿا، جڏهن ته ٽئين دور ۾ سعيد ميمڻ، روبينه ابڙو، اياز جاني، جواد جعفري، شبير هاليپوٽو، شهمير سومرو ۽ گوهر شيخ شامل آهن. اميد ته ٽن دورن جي انهن شاعرن جي الڳ الڳ رخن تي لکيل هي تنقيدي اڀياس جديد سنڌي شاعريءَ تي ٿيل تنقيد جي سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪجھ اهميت ضرور حاصل ڪندا. هي ڪتاب ان سلسلي جو پهريون جلد آهي، ان حوالي سان هن ڪتاب جا وڌيڪ جلد پڻ شايع ٿيڻ باقي آهن. منهنجو هي پورهيو مجموعي طور تنقيد جي تشريحي، معياري، فني، تخليقي، تحقيقي، تجزياتي ۽ عملي رخن تي مشتمل آهي.
هن ڪتاب جي تڪميل تائين جن دوستن ۽ مهربانن جو مون سان ساٿ رهيو آهي ۽ هر لمحي مونکي ان ڪم کي منظرِ عام تي آڻڻ لاءِ اتساهيندا رهيا آهن، انهن مان سر فهرست نالو منهنجي پياري دوست رياضت ٻرڙي جو آهي، جنهن گھڻي عرصي کان هن ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ زور پئي ڀريو. ان کان علاوه منهنجو بابا سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد، رضوان گل، محمد هاشم حامي، لعل بخش ڪلهوڙو ۽ جهانگير عباسي به هن ڪم جي سلسلي ۾ مون کي همٿائيندا رهيا آهن. خاص ٿورا پنهنجي محبوب دوست ڊاڪٽر فياض لطيف جا جيڪو منهنجي عيبن کان به واقف آهي ته منهنجي فن کان به. هُنَ ڪتابَ ۾ اهڙو ته ڀرپور مهاڳ لکيو آهي جو ان جي ڪري هِنَ ڪتاب جي اهميت وڌي وئي آهي. محترم دوست عابد ڪاظمي فليپ تي تعارف ۽ رياضت بئڪ ٽائيٽل تي جيڪي لفظ لکيا آهن، انهن کي به مان پنهنجي لاءِ عزت ۽ اعزاز جي ڳالهه سمجھان ٿو. هن ڪتاب کي منهنجي تخليقي سفر جي ساٿي ۽ سهڻي دوست ساجد سنڌي بنان ڪنهن شرط شروط جي ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي، سچ ته اهو سندس پيار آهي. اميد ته منهنجو هي پورهيو اوهان سڄاڻ پڙهندڙن وٽ صاب پوندو.
[b]حوالا[/b]
1. عتيق الله، (مولف) ادبي اصطلاحات فرهنگ، جلد اول، دهلي يونيورسٹي اردو مجلس، 1995
2. بريلوي ڈاکٹر عبادت “اردو تنقيد کا ارتقا“، انجمن ترقيء اُردو، پاکستان، کراچي، اشاعت سوم 1979،80
3. احتشام حسين، (مرتب) “تنقيدي نظريات” لاهور اکيڈمي، لاهور، بار اول 1968
4. رضوي وقار احمد ڈاکٹر “معروضي تنقيد” مکتبه دانيال کراچي، 2013
5. سنديلوي سلام ڈاکٹر، “ادب کا تنقيدي مطالعه” ميري لائبريري، لاهور 8، 1963
6. احمد اشتياق، (مرتب) “جديديت کا تنقيدي تناظر” بيت الحکمت، لاهور 2006
7. Hudson, Introduction to the study of Literature.
8. Henry I. “Christ Modern English in Action” D. C Heath and Company, 1975
9. عباسي تنوير، “ترورا” سهڻي پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1988ع
10. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، “لطيفي لات” مهراڻ اڪيڊمي 1991ع
11. قادري اياز “مشعلِ اياز” قادري قلم قبيلو ڪراچي / لاڙڪاڻو 2007ع
12. احمد سولنگيءَ جو فيس بڪ وال
13. بلوچ تاج “جديد ادب جو تجزيو“، سوجھرو پبليڪيشن، ڪراچي، ڊسمبر 2014ع
14. سميجو اسحاق، ‘شاعريءَ سان دشمني‘، نئون جنم پبليڪشن حيدرآباد، 2005ع.
[b] ڊاڪٽر احسان دانش
[/b] 10 ڊسمبر 2017