لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پيهي پروڙيوم

ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر احسان دانش جديد سنڌي شاعريءَ جو ڀرپور نموني فني ۽ فڪري ڇيد ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٽن مختلف دورن جي 13 چونڊ ڪوتاڪارن جي ڪوتائن تي هڪ نقاد ۽ بهترين پڙهندڙ جي حيثيت سان پنهنجي ذاتي پسند ناپسند کي پرڀرو رکي وت آهر نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان ۾ هو ڪيترو ڪامياب ويو آهي، اهو سڀ پڙهندڙ جي ذهني ائپروچ تي منحصر آهي، بهرحال ان ۾ڪوبه شڪ ناهي ته احسان جي قلم جي جنبش، سوچن جو وسيع ڦهلاءُ، مطالعاتي ۽ مشاهداتي اڏام توڙي احساساتي پيشڪش جي ڪماليت پڻ منفرد ۽ گهڻن کان ممتاز آهي ۽ يقينن سندس اڳ آيل ڪتابن جيان هيءَ تصنيف ”پيهي پروڙيم“ پڻ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري پڙهندڙن لاءِ لاڀائتي سوکڙي ثابت ٿيندي.
  • 4.5/5.0
  • 1360
  • 402
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • احسان دانش
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيهي پروڙيوم

ادل سومري جي شاعريءَ جا رنگ

شاعري، اندر جي موسمن کي اظهار جي چپن تي آڻڻ جو نالو آهي، شاعري اها رمز آهي جنهن سان اندر جي دنيا حسين بڻائي سگهجي ٿي. ڪنهن ڪوتا ۾ جيڪڏهن روح کي گرمائڻ جي سگهه، فڪر جي تازگي، جذبي جي سچائي ۽ جولان نه آهي ته ان کي اڌورو ۽ بي اثر چئبو ۽ اهڙي شاعريءَ کي اڌرنگي ورتل (Paralyzed) شاعري ڪوٺبو. عبيد الله عليم جي اها راءِ ڪيڏي نه وزنائتي آهي ته “شاعري انساني وجود جي هڪ اهڙي خوشبو آهي جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو، شاعر جي زندگي ۽ ذات جي باري ۾ سندس معاشري ۽ ڪلچر جي باري ۾ حساب لڳائي سگهجي ٿو پر شعر جي ڪيفيت ۽ ذائقي کي منتقل نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي محسوس ڪرائي سگهجي ٿو، جنهن کي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو.” اصل حقيقت اها آهي ته شاعر جنهن ڪيفيتن جي سمنڊ مان پاند پسائي لفظن کي احساسن جي زبان ڏئي ٿو، ان زبان کي انهيءَ ڪيفيت سان سمجهيو وڃي. تڏهن ئي ته فارسي جي ڪنهن شاعر چيو آهي:
شعر گفتن گرچه در سفتن بُودڍ
شعر فهميدن به از گفتن بُود

(شعر چوڻ موتي پوئڻ وانگر آهي، پر شعر کي سمجهڻ شعر چوڻ کان به بهتر آهي.)

ادب جي جديد لاڙن مان جديديت پڄاڻان (Post Modernism) جا حامي ته ان خيال جا آهن ته ‘تخليقڪار کان وڌيڪ تخليق يا قاري جي اهميت آهي، ڇو ته تخليقڪار جڏهن ڪو شاهپارو تخليق ڪري ڇڏي ٿو ته اتي تخليقڪار جو ڪم پورو ٿي وڃي ٿو ۽ اتان ئي پڙهندڙ جو ڪم شروع ٿئي ٿو. هر پڙهندڙ ان تخليق مان الڳ الڳ زاوين کان جدا جدا معنائون ۽ مفهوم ڪڍي ان کي گھڻ رخو بڻائي نکاريندو رهي ٿو اهڙي طرح تخليق کي ساڃاهڻ وقت تخليقڪار پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو.’ رولان بارٿ لکيو آهي ته “لکڻ کان پوءِ ليکڪ مري وڃي ٿو. هن جو پوءِ پنهنجي لکڻيءَ سان ڪو تعلق نه ٿو رهي.” اها راءِ ان حد تائين هر ڪوئي قبول ڪندو ته هر ماڻهو پنهنجي فڪر، خيال، سمجهه ۽ ادراڪ آهر ڪنهن به تخليق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سو سخن فهمي جي انهيءَ پنڌ ۾ مان به هن مضمون وسيلي پنهنجي سوچ، عقل ۽ فهم آهر ادل سومري جي شاعري کي سمجھڻ ۽ پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ادل پنهنجي وجود ۾ هڪ سٻاجهو ۽ محبتي ماڻهو آهي. مون سدائين هن کي هڪ معصوم دل رکندڙ لڄاڙي انسان جي روپ ۾ ڏٺو آهي. دوستن کي سدائين آجيان جا گل آڇيندڙ ادل ۾ حد درجي جي سهپ ۽ بردباري آهي. ان جو ثبوت عبدالغفار تبسم جي اها راءِ آهي ته “هو دوستن جي محبتن ۽ مذاق کي ڏاڍي فراخ دلي ۽ سهپ سان برداشت ڪندو رهيو آهي.” ادل جي ذات متعلق سندس سڀ کان ويجهي دوست اياز گل جي اها راءِ وزنائتي آهي ته “اسان جو يار (ادل) ماڻهو به آهي مکڻ، کلڻو ملڻو، يارن جو يار، جيڪو ڏس سندس درياه دلي ۾ تعريف جا پيو ڍڪ ڀريندو. مون کي به ڏاڍو وڻندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان سالن جا فاصلا گهڙي ۽ لتاڙي گڏجي هڪ ٿي ويا آهيون. سنڌ، سچ، سورهيائي، سونهن، سرهاڻ ۽ سورن جي شاعر جو نالو آهي ادل سومرو.” هڪ چيني چوڻي آهي ته “سٺن ماڻهن جي خوشبو هوا جي مخالف پاسي به پهچي ويندي آهي.” حقيقت ۾ ادل سومرو اهڙن ئي سٺن ۽ سٻاجھن ماڻهن مان آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته مهتاب محبوب سندس لاءِ هي لفظ نه لکي ها ته “ادل سومرو مون کي سدائين سٺين عادتن ۽ سهڻي اخلاق وارو هڪ عزتدار شخص لڳندو آهي.” هونءَ به ڪنهن به تخليقڪار جي فن کي تيستائين سٺي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي جيستائين سندس ڪردار سماج لاءِ قابل قبول نه آهي. ناصر ڪاظمي چواڻي:
بات کردار کی ہوتی ہے وگرنہ ناصر،
قد میں انسان سے سایہ بھی بڑا ہوتا ہے۔

ادل سومرو بنيادي طور ٻارن جو شاعر آهي، هن ٻاتل ٻولن وارن ٻالڪن لاءِ اهڙا گيت سرجيا آهن جن تي پيار اچي ٿو. رسول ميمڻ مطابق “ٻاراڻي ادب ۾ ته هن جو ڪو ثاني ڪونهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته موجوده دور ۾ سنڌي ٻاراڻو ادب ادل سومري جي نالي سان ئي سڃاتو ويندو.” ادل جي ميچوئر شاعريءَ جا هن وقت تائين ٽي ڪتاب “وليون وڻ ڦلارئا“، “سمنڊ جاڳي ٿو” ۽ “وساري نه ڇڏجو” پڌرا ٿي چڪا آهن. انهن ٽنهي ڪتابن جي مطالعي کانپوءِ ادل کي هڪ پختي شاعر طور پرکي سگهجي ٿو. هن جيتوڻيڪ نثر ۾ به ڪافي ڪجهه لکيو آهي پر هن جي سڃاڻپ جو مضبوط حوالو شاعري ئي آهي. گلن، خوشبوئن، پوپٽن ۽ ٻارن سان دل وندرائيندڙ ادل جي شاعري ۾ اهڙو اظهار وري وري محسوس ڪري سگهجي ٿو.

منهنجو روح سدائين ريجهيو
خوشبو، گيتن، ٻارن سان.

ادل سومري جي شاعري سندس ڪونئري دل جيان ڪومل احساسن سان ڀرپور آهي. مقصود گل جي لفظن ۾ “ادل سومري جي شاعريءَ کي پڙهڻ سان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سندس شاعري جي سٽ سٽ مان محبت جي خوشبو پنهنجا ون ون جا واس وکيري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي معطر ڪري ڇڏي ٿي. ٻارڙن سان محبت، ساڻيهه سان محبت ۽ ڌرتي ۽ سرتي سان محبت سندس شاعريءَ جا اهم موضوع آهن. گل، ستارا، خوشبو، چنڊ، روشني ۽ ٻار سندس شاعري جا اهڃاڻ ۽ استعارا آهن.”
ادل سومري جيتوڻيڪ لکڻ جو آغاز 1970ع ڌاري ڪيو پر هن زندگي جو پهريون مشاعرو 1974ع ۾ اٽينڊ ڪيو. اهو ‘ڪل سنڌ مشاعرو’ هيو جيڪو خيرپور جي فيض محل ۾ منعقد ڪيو ويو هو. مشاعري جي صدارت غلام محمد گرامي ڪري رهيو هو. ادل پنهنجو شعر پيش ڪرڻ کانپوءِ جڏهن گرامي صاحب کان آٽو گراف ورتو هو ته هن لکيو هو “ادل سومري جو ڪلام پنهنجي فن جي حيثيت سان ترقي جي راهه تي آهي، اها خوشي جي ڳالهه آهي ته نوجوان ترقي پسند شاعرن ۾ هڪ سمجهه واري شاعر جو اضافو ٿيو آهي.” اها راءِ اصل ۾ هڪ اهڙي نوجوان شاعر لاءِ اڳ ڪٿي هئي جنهن جي ان وقت ادبي عمر فقط چار سال هئي. 13 سالن جي وٿي کانپوءِ جڏهن ادل سومرو نئين ٽهي جي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو هو ته ساڳي قسم جي اڳ ڪٿي ڪجهه وڌيڪ ڀرپور لفظن ۾ تنوير عباسي ڪجهه هن طرح ڪئي “ادل جي شاعري جو مطالعو ڪندي مونکي اها اميد نه، پر پڪ آهي ته ادل اسان جي دور ۾ سنڌي شاعرن ۾ تمام سٺو مقام هن وقت به رکي ٿو ۽ پڪ آهي ته اڳتي هلي ادبي تاريخ ۾ به رکندو. هن اڃا گهڻو نه لکيو آهي پر جيڪو ڪجهه لکيو اٿائين اهو ڪافي آهي، هن کي هڪڙي عزت ڀريي مقام ڏيڻ لاءِ.” ادل جي شاعريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن جيڪا پختگي ايندي رهي آهي ان جو اندازو فقط انهن ٻن راين مان نه ٿو لڳائي سگهجي، هن جي شاعري ۾ جيئن جيئن موضوعاتي وسعت ۽ فني پختگي پيدا ٿيندي وئي آهي تئين تئين سندس حوصله افزائي به ٿيندي رهي آهي. 1994ع ۾ شايع ٿيل ادل جي ڪتاب “سمنڊ جاڳي ٿو” جي مهاڳ ۾ شيخ اياز جا هي لفظ پڻ سندس شاعري تي سَندَ محسوس ٿين ٿا: “جن ماڻهن ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي ته اهي ترقي جي راهه ۾ ٿيڙ ۽ ٿاٻا گهٽ کائيندا آهن ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طئي ڪندا ويندا آهن ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چڪي آهي.”
”سمنڊ جاڳي ٿو” کان وٺي “وساري نه ڇڏجو” ۽ ان کان پوءِ هن وقت تائين ادل جي شاعري ارتقائي منزلون طئي ڪندي بهتري جي گس تي تيزي سان وکون کڻي رهي آهي ۽ سندس اها مسافت بغير ڪنهن ساهي جي جاري ۽ ساري آهي. هن جي سيني ۾ جيڪو ساگر آهي اهو ساڳي طرح ڇلندو ٿو رهي.

شاعر ۽ ساگر جي سيني
ڇلندڙ ڇولي ساڳي آهي.

هڪ سچو شاعر دل جي لهو مان قلم ٻوڙي لکندو آهي ۽ هن جا لفظ ستن پردن ۾ ويڙهيل نه هوندا آهن. بقول شاعر:

وہی لکھو جو لہو کی زباں سے ملتا ہے،
سخن کو پردہ الفاظ میں چھپاو مت۔

ادل سومرو به اهڙن ئي جذبن جو شاعر آهي، جيتوڻيڪ هن پنهنجي شاعري کي پنهنجي جگر جو خون پيئاريو آهي پر پوءِ به هن پنهنجي لفظن جو ڪو ملهه مقرر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي شاعريءَ کان ڪجهه طلبيو آهي، تنهن جي باوجود شاعري هن کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي.

شعر برابر سڪا ناهن، پوءِ به آهيون ڌنوان،
ڪوئل ڪنهن لئه ڳائي ٿي، سو ڇا سمجهن نادان.
...........
ڪوتا جي ڳولا ۾ ٿياسين، مرڪ نگر کان دور،
ڏات اسان تي ڇانو نه ڪئي، پر نانءُ ٿيا مشهور.
...........
نفرتن کان نفرتون ــ روح ۾ هي تازگي
شاعري مون کي ڏني.

[b]ادل جي شاعريءَ جا رنگ:
[/b] ادل سومرو، سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن جي شاعري ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ موجود آهن، ۽ سندس ڪوتا جي هر رنگ ۾ پنهنجو حسن ۽ پنهنجي جاذبيت آهي. امر سنڌو “وساري نه ڇڏجو” جي مهاڳ ۾ ادل جي شاعري لاءِ تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي. هن لکيو آهي ته “فنِ لطيف ۾ جيتوڻيڪ موزيق جو ڪم، جيڪو مختلف شيشن ۽ آئينن جي ننڍن ننڍن ترتيبيل ٽڪرن جي مدد سان ڪنهن ڊزائين کي ڀرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي، ادل سومري جي شاعري لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها موذيق جي ڪم جيان مختلف موضوعن تي جڙت سان ترتيب ڏنل، اها ڊزائين آهي، جنهن ۾ هر شيشي ۾ پنهنجو جدا عڪس ته ضرور موجود آهي، پر گڏيل طور تي اُهي جيڪا تصويرڪشي ڪن ٿا، تن کي زندگي جا رنگ چئي سگهجي ٿو.” هونءَ ته ادل جي شاعريءَ ۾ فني توڙي فڪري حوالي سان ڪيترائي رنگ موجود آهن پر مون هتي سندس شاعريءَ مان فقط ٽي رنگ چونڊيا آهن. جن مان پهريان ٻه رنگ ادل جي شاعريءَ جي موضوعن جو احاطو ڪن ٿا. جڏهن ته ٽيون رنگ سندس عڪسي شاعريءَ جو رنگ آهي. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ فني حوالي سان کوڙ ساريون خوبيون موجود آهي. هن جي ڪلام ۾ بهترين تشبيهون ۽ استعارا، ترڪيبون ۽ تلميحون توڙي ڀرپور علامتي اظهار موجود آهي، پر هن مقالي ۾ اسان رڳو انهن ٽن رنگن تي اڪتفا ڪريون ٿا. هن مقالي جي ٽئين رنگ ۾ ادل جي شاعريءَ ۾ موجود علامتي شعور جي ڪجھ جھلڪ ضرور محسوس ٿيندي پر سندس شاعريءَ جي وسيع علامتن تي الڳ سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.


[b]پهريون رنگ (ادل جي رومانوي شاعري)
[/b] سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ سڄو دور رومانوي شاعري جو رهيو آهي، خاص طور انگريزن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ غزل جي شاعريءَ تي اهو اثر نمايان نظر اچي ٿو. خليفو گل محمد، نور محمد خسته، مير عبد الحسين سانگي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ اهڙو رنگ حاوي نظر ايندو. پر حقيقت ۾ ڪنهن به دور ۾ رومانيت کان سواءِ شاعريءَ جو تصور به ڏاڍو ڌنڌلو لڳندو، ڇوته رومانيت شاعريءَ جو روح آهي، تنهنڪري دنيا جي سموري شاعريءَ وانگر سنڌي شاعريءَ تي به اهو رنگ هر دور ۾ ڇانئيل نظر ايندو. سنڌي شاعريءَ جي مزاج ۾ محبت هڪ اهڙي استعاري جيان آهي، جنهن کان سواءِ شعر جي جمال جا معيار اڻپورا لڳندا. محبت، زندگي جو ساز آهي جنهن کانسواءِ حسن جو تصور ممڪن نه آهي، حسن نظر جو نور آهي جنهن کان بنا بينائي بي معنيٰ آهي. عشق، محبت جو عروج ۽ جنون انتها آهي. مير جو شعر آهي ته:

سخت کافر تھا جس نے پہلے میر
مذہبِ عشق اختیار کیا۔

عشق ڪنڊن جي راهه آهي جنهن تي هلڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هي ان بي خودي جو نالو آهي جنهن ۾ محبوب جي نيڻن مان مڌ پيئڻ کان پوءِ جگر چاڪ ٿيڻ تائين عاشق کي ڪائي ڪل نه پوندي آهي. جيئن لطيف سائين فرمايو آهي:

اک پريان جي اک ۾، آ ڪسڻ جهڙو ڪم
لاهي ڏي لطيف چئي، سسي سوڌو چم،
توڙي وڃي دم، ته به اک پرين جي اک ۾.

شاعرَ ته هونءَ ئي پرينءَ جي نيڻن جا متوالا هوندا آهن، ادل جي شاعري ۾ پڻ رومانيت جو اهو رنگ نمايان طور نظر اچي ٿو. هن جي رومانوي شاعري ۾ پيار جي اجري دنيا پسي سگهجي ٿي، اهڙي دنيا جنهن ۾ اڻ ڇهين احساسن جي سڳنڌ محسوس ڪري سگهجي ٿي، ها! ايترو ضرور آهي ته اهي احساس جڏهن زخمي ٿين ٿا ته شاعر جي من ۾ آڳ جا الا ڀڙڪي پون ٿا ۽ سندس نيڻ نم ٿي وڃن ٿا، پر پوءِ به سندس لفظن ۾ ٿڌاڻ ۽ چپن تي مرڪ هجي ٿي.

جيڪو پوکي پيار، تنهن وٽ آ سرهاڻ
اندر اُلا آڳ جا، لفظن منجهه ٿڌاڻ.
اکين ۾ آلاڻ، پوءِ به مرڪ چپن تي.

ادل سومرو پنهنجي شاعري ۾ ان مشهور قول ته “زندگي پيار ڪرڻ لاءِ به ٿوري آهي حيرت آهي ته ماڻهو ان ۾ نفرت جو وقت ڪيئن ٿا ڪڍن.” وانگر رڳو پيار جو پيغام ڏنو آهي ۽ نفرتن بدران پيار جو اظهار ڪرڻ جو ڏسُ ڏنو آهي.

زندگي آ مختصر
نفرتن جي جاءِ تي
پيار جو اظهار ڪر.
هر گهڙي هر بار ڪر.

هڪ شاعر ان کان وڌيڪ ٻيو ڀلا ڇا ٿو چئي سگھي. نفرت بدران وري وري پيار جو اظهار سماج لاءِ هڪ اهڙو سنيهو آهي، جنهن سان انتشار جو خاتمو اچي سگھي ٿو. مختصر زندگيءَ ۾ پيار کان سواءِ ٻي ڪهڙي وٿ آهي جيڪا امن جي رستي تي وٺي وڃي. ادل ته پنهنجي وجود جي وڻ تي پيار کي پکي بڻائي ويهاريو آهي، ان ڪري هن کي ساري جڳت ۾ محبت جي مهڪار ٿي محسوس ٿئي.

پکي بڻجي پيار، ويٺو وڻ وجود تي
سارو هي سنسار، هاڻ ته پيارو ٿو لڳي.

ادل سومرو، پيار ۽ دوستي جي معاملي ۾ تمام حساس آهي ۽ اهڙو احساس هن جي ڪيترن ئي شعرن مان جهلڪا ڏئي ٿو.
لفظن کي ڄڻ لوڻ لڳل آ،
تنهنجو لهجو ساڳيو ناهي.
..........
نه ترسي ڳالهائي عجب دوست آ،
رڳو هٿ ملائي هليو ٿو وڃي.
..........
تو ملڻ وقت اهڙو هو، تاثر ڏنو،
ڄڻ ته توسان ڪڏهن دوستي ڪا نه هئي.

پيار، محبت ۽ دوستيءَ ۾ بي رخُي وارو رويو هونءَ ئي ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي ان عذاب کي جڏهن ڪو شاعر ڀوڳي ٿو ته هن جا لفظ لڙڪن هاڻا محسوس ٿين ٿا. ادل جا مٿيان شعر به حقيقت ۾ لفظن جي روپ ۾ سندس لڙڪ آهن. ادل جا اهي شعر پڙهي مونکي اردو جو هڪڙو شعر ياد آيو:

ٹھر جاو کہ حیرانی تو جائے،
ڍتمہاری شکل پہچاني تو جائے۔

ادل جي شاعريءَ جو رومانوي لهجو پنهنجو آهي. هن وٽ عشق جي اظهار جا انوکا دڳ آهن. عشق جيڪو اڪثر ماڻهن ۾ ارڏائي به پيدا ڪري ڇڏيندو آهي پر ادل هڪ نماڻو ۽ نرم دل عاشق آهي. وفا ناٿن شاهي به هن لاءِ ڪجهه اهڙي ئي ڳالهه لکي آهي: “ادل نهايت حضور شرم ۽ شريف قسم جو عاشق آهي، هن وٽ “محبت“، “پوڄا” جو درجو رکي ٿي. حسن جي هڳاءُ ۽ عشق جي رنگ سندس شاعريءَ کي گلاب جو گل بڻائي ڇڏيو آهي. سهڻن خيالن کي سهڻا لفظ ڏيڻ سندس انفراديت آهي. اهڙي صاف ۽ شفاف شاعري مون گهٽ پڙهي آهي.” ادل جي اهڙي صاف ۽ شفاف روماني شاعريءَ مان ڪجهه شعر ڏسو جن ۾ هن پرين سان پيار جو تمام خوبصورت ۽ نفيس اظهار ڪيو آهي.

توجي نيڻ کنيا هن مُرڪي
دل جي ٿر تي باک ڦٽي آ.

ڪنهن جهڙالي شام جان
مان سندءِ ڪو گيت هان
ڳاءِ مون کي ڳاءِ تون
آهين منهنجي لاءِ تون.
..........
پاڻ بچائي لوڪ کان
اچي آءٌ لڪان
تنهنجن نيڻن ۾.

جڏهن پرين من جي ويجهو هوندو آهي ۽ هو پنهنجا مرڪندڙ نيڻ کڻي نهاريندو آهي ته واقعي دل جي پياسي ٿر تي باک ڦٽي پوندي آهي. هن جا لفظ جهڙالين شامن ۾ ڳاتل ڪي سندر گيت ڀاسندا آهن. مٿي ڏنل وائيءَ جي بند ۾ ادل ڪيڏي نه موهيندڙ انداز ۾ پنهنجي محبوب سان اهو اظهار ڪيو آهي ته مان لوڪ جي بي رحم رويي کان بچي فقط تنهنجي نيڻن ۾ پناهه حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. هونءَ به ميلاپ جي گهڙين ۾ عجيب موهه هوندو آهي. بقول فراق گور کپوري:
شبِ وصال کے بعد آئینہ تو دیکھ اے دوست
تیرے جمال کی دوشیزگی نکھر آئی۔

ادل سومري جي رومانوي شاعريءَ ۾ محبت جا ٻئي رخ آهن يعني ٻن وجودن جو ميلاپ ۽ وڇوڙو. ڪي ماڻهو ميلاپ کي محبت جو معراج تصور ڪندا آهن پر حقيقت ۾ وڇوڙو ماڻهوءَ کي رچائي ريٽو ڪري اهڙي سگهه ڏئي ٿو جو هو زندگي ۾ هر لمحي هر آزمائش لاءِ تيار رهي ٿو، جي ائين نه هجي ها ته ڀٽائي اهو نه چئي ها ته “ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت.” تنهنڪري فراق جي تڙپ ۽ تشنگي ۾ به پنهنجو لطف آهي. ادل جي روماني شاعري ۾ وڇوڙي ۽ فراق جا رنگ به ڏاڍا گھرا آهن. محبوب جي رڳو امڪاني جدائي تي ئي هُن، غزل جي هنن شعرن ۾ ڪيڏو نه پيارو اظهار ڪيو آهي.

جڏهن قرب جي ڪا وڃو ناو ڪاهي
خدارا اسان کي، ڪناري نه ڇڏجو
کلڻ جي ته عادت اوهان ئي ڏني آ
روئي پاڻ مون کي روئاري نه ڇڏجو.

پرينءَ جي وڇوڙي کان پوءِ هڪ عاشق سندس ياد جا نغما پيو ڳائيندو آهي ۽ ذهن جي پردي تي محبوب جي تصور کي پيو چٽيندو آهي. بقول غالب:

لبم اززمزمہ یاد تو خاموش مباد
غیر تمثال تو نقش ورق ہوش مباد

(خدا ڪري ته منهنجا چپ تنهنجي ياد جا نغما آلاپڻ کان چُپ نه رهن ۽ تنهنجي چهري جي تصور کانسواءِ منهنجي ذهن جي ورقن تي ڪو ٻيو نقش نه ٺهي.)
ادل سومري جي شاعريءَ ۾ به سندس پرين جي سار جا عڪس ۽ اولڙا نمايان طور نظر اچن ٿا. مثال طور فقط هي ٻه بيت ڏسو.

منهنجي من جون ڇوليون تو لئه، ساگر ڏيندءِ ساک.
اوسيئڙي جي روز ڦٽي ٿي، منهنجي اکين ۾ باک.
...........
تنهنجون يادون جيون بن ۾ مونکي ٿيون رولن
جوڳي بڻجي گيت هي منهنجا توکي ئي ڳولن.

وجود جي تتل رڻ ۾ درد جي شدت کي برداشت ڪندڙ ادل جي دل سندس محبوب جي نانءَ سان ڌڙڪي ٿي ۽ هن جي نيڻن ۾ سندس ئي اوسيئڙو آهي.
ادل جي سموري رومانوي شاعري سنڌي ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ سان جڙيل ۽ سنجوڳي هجڻ باوجود پنهنجي اندر اظهار ۽ اسلوب جي ندرت ۽ جدت رکي ٿي. خاص طور غزل جي نج رومانوي صنف ۾ ادل اهڙا ته حسين ۽ جديد رومانوي غزل لکيا، جن جي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي اهميت ۽ وقعت آهي. ادل سومري جي شاعري مان رومانس جي رنگ توڙي وصال ۽ فراق جي موضوعن جا هونءَ ته ٻيا به ڪيئي مثال ڏئي سگھجن ٿا پر مان مٿين مثالن تي اڪتفا ڪريان ٿو.


[b]ٻيو رنگ (ادل جي سماجي شاعري)
[/b] ادب کي ڪنهن به صورت ۾ سماج کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي، ڇوته ادب سماج جو آئينو آهي. مشهور فرينچ نقاد ٽين جي نظريي مطابق “ادب انساني سماج جي تخليقي قوتن جو اظهار آهي ۽ ادب ان ماحول جي تخليق هوندو آهي جنهن ۾ اهو پيدا ٿيندو آهي ۽ وڌندو ويجهندو آهي. سندس پيدا ٿيڻ وارو زمانو ۽ ماحول، ان ۾ ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا مٿس اثر ڪندا آهن ۽ سندس ذهن کي هڪ خاص رخ ۾ مخصوص سانچي ۾ تبديل ڪندا آهن ان ڪري هر مڪان ۽ زمان جو ادب هڪ خاص نسل ۽ هڪ خاص لمحي جي تخليق هوندو آهي.” انهي حوالي سان ادل سومري جي شاعري جو مطالعو ڪبو ته ان ۾ اسان جي سماج جو عڪس ۽ اولڙو چٽي طرح نظر ايندو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماجي وارتائن، ڪردارن ۽ روين کي ڀرپور نموني پورٽريٽ ڪيو آهي. ادل جي شاعريءَ ۾ مجموعي طور انساني سماج جي عڪاسي سان گڏوگڏ خاص طور سنڌي سماج جي حالتن ۽ مسئلن کي واضع طور ڏسي سگهجي ٿو.
ادل سومرو جديد سنڌي شاعرن جي اهڙي کيپ منجھان آهي جن سماج جي ننڍي کان مسئلي تي به ڀوڳيو، تڙپيو ۽ لکيو آهي. لڇمڻ ڪومل اهڙن ئي شاعرن لاءِ لکيو هو ته “اڄ جو شاعر بند ڪمري ۾ ويهي رڳو تخيل ۽ تصور جي زور تي ڪجهه تخليق نه ٿو ڪري پر هو گهر کان ٻاهر نڪري کليل اکين سان، هر اسرار نه رڳو ڏسي رهيو آهي، پر ان عذاب کي شدت سان محسوس ڪري ۽ ڀوڳي پڻ رهيو آهي.”
ادل سومري جي شاعريءَ ۾ سماج جي ڏتڙيل ۽ پيڙيل طبقي جي اهنجن ۽ عذابن کي آساني سان پسي سگهجي ٿو. غربت جي ڌٻڻ ۾ لهندڙ ڪردار ادل جي شاعري جو مرڪز ۽ محور آهن. مفلسي ۽ تنگ دستي جي احساس کي هن ويجهو کان محسوس ڪيو آهي، ڇو ته هن جو خود سماج جي اهڙي طبقي سان تعلق رهيو آهي جنهن لاءِ لطيف سائين چيو “آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.” ادل انهن ماڻهن مان آهي جيڪي پل پل زندگي جي تجربن مان پرائيندا آهن. ان سلسلي ۾ هن جو نظم “نيرولي جو خواب” پڙهڻ وٽان آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي والد جو ذڪر ڪيو آهي. نظم جي پڄاڻي ته غضب جي آهي:

نيروليءَ جو خواب به نيرو
ڏکَ به ڇينڀن وانگر آهن
جيڪي هن جي جيون ۾ آخر تائين رهڻا آهن
پوءِ به هو مايوس نه آهي
اجرڪ جي ڦُلڙي وانگر
هن جي ڌنڌلن خوابن ۾
آس جون اَڇيون ڦلڙيون آهن.

ادل جي شاعري ۾ دک درد ۽ پيڙا جا احساس نمايان آهن پر تنهن جي باوجود هو ڪٿي به مايوس ۽ نا اميد نظر نه ٿو اچي، هن جي من ۾ آس ۽ اميد جي روشني آهي.

نيٺ ته چهرا ٻهڪي پوندا،
ڪيسين رهندا نيڻ ڀنل.

مايوسيءَ جي مينهن ۾
ڀائو! ائين نه ڀڄ
ڪنبي ويون ڪڪريون_ هوءَ جا جرڪي وڄ

شاعري پنهنجي دور جي تاريخ هوندي آهي. هڪ ذميدار شاعر پنهنجي دور جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي ضرور قلمبند ڪندو آهي. ادل سومري جي شاعريءَ مان ڪجهه اهڙا مثال ڏسو جن مان نه رڳو سنڌي سماج جي موجوده حالتن، خاص طور سماجي ڀڃ ڊاهه، ظلم، تشدد ۽ بي انصافي وارن عڪسن کي آساني سان پسي سگهجي ٿو، پر سندس شعرن مان عالمي امن جو پيغام به ملي ٿو.

ڌماڪي ۾ ڌار، ڌڙ سسين کان ٿي ويا،
رانديڪا ۽ ٻار، ڪوئلو ٿي ويا ڪار ۾.

ڪرفيو جي وقفي ۾، ملياسين تون مان،
رهجي ويا ڪيترا اندر ۾ اڌ مان،
ڌار ٿيس توکان، سائرن جي آواز تي.
..........
تنهنجون صدائون بي معنيٰ هن
رهبر ٻوڙا گونگا ٿئي.
..........
باهه ڪا بغداد ۾ ڀڙڪي نه شل
آڳ کان آجو سڄو ايران ڪر.

پهرين شعر ۾ نه رڳو بد امني ۽ دهشتگرديءَ جي هڪ واردات جو ذڪر آهي پر ٻارڙن ۽ سندن رانديڪن جو ڪوئلا ٿي وڃڻ غم جي احساس کي شدت بخشيندڙ آهن. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اهو نهايت گھٽيل ۽ ٻوساٽيل سماج آهي. ادل ان جو نقشو چٽيندي جيڪي احساس اوريا آهن انهن کي پڙهندي هيئين ۾ هٿ پئجي وڃي ٿو. ڪرفيو جي وقفي ۾ ملي سائرن جي آواز تي ڌار ٿيڻ نه رڳو محبت جي تشنگيءَ جو احساس ڏياري ٿو پر اهي سٽون پڙهندي سماج ۾ بد امني ۽ بي سڪونيءَ جي باهه جي شدت کي به محسوس ڪري سگھجي ٿو. ادل سومرو ٻڌائي ٿو ته هيءُ اهو سماج آهي جتي صدائون بي معنى آهن، ڇوته رهبرن ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. اهڙي بي حسيءَ تي هڪ شاعر ڏاڍو ڀوڳي ٿو. ادل رڳو سنڌ جي حالتن کان ئي مايوس نه آهي پر دنيا ۾ جتي به ظلم ۽ بربريت جو سلسلو جاري آهي ان تي سندس جيءُ جھري پوي ٿو. هن کي بغداد جي باهه به ڏکائي ٿي. هو جتي ڪٿي امن جا پکي آزاد اڏرندي ڏسڻ چاهي ٿو ان ڪري سندس من ۾ ايران کي آڳ کان آجو ڪرڻ جي آس آهي.
ادل خاص طور پنهنجي نثري نظمن ۾ ٻرندڙ سماجي مسئلن تي تمام ڀرپور نموني لکيو آهي. اهڙن نظمن ۾ “امن جا وٿاڻ“، “ڪتب خانا ۽ قبرستان“، “ڌرتي تي دوزخ“، “بلڊ گروپ“، “ترقي“، “مائرون فقط روئڻ لاءِ هونديون آهن” ۽ “ڊپ” وغيره جهڙا نظم پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا. ادل سومري جي سماجي شاعري پڙهندي محسن نقوي جو اهو شعر وري وري ياد ٿو اچي ته:
ہر نفس درد کے سانچے میں ڈھلا ہو جیسے۔
زیست ناکردہ گناہوں کی سزا ہو جیسے۔

خوف، هراس، ظلم، تشدد ۽ بي انصافي واري هن سماج ۾ هڪ پيڙيل ماڻهو زندگي کي اڻ ڪيل گناهه وانگر ئي ڀوڳي ٿو، ۽ هو جيون جو هر لمحو رڳو موت جي انتظار ۾ گذاري ٿو. جيئن ادل چيو:

جنهن ۾ آهي موت جو ئي انتظار
سا به سڏبي چئه ڀلا ڪا زندگي.

هڪ فرينچ اديب کان جڏهن هڪ انٽرويو دوران پڇيو ويو هو ته “جيڪڏهن هڪ گهر ۾ باهه لڳي وڃي، ان ۾ آرٽ جو هڪ عظيم شاهپارو به هجي ۽ هڪڙو ننڍڙو معصوم ٻار به هجي ۽ توکي ٻنهي مان ڪنهن به هڪ شي کڻڻ جو اختيار هجي ته تون ان گهر مان ڇا کڻندين؟” ته هن امالڪ چيو هو ته “مان باهه کڻي ايندس.”
اها هڪ حقيقت آهي ته هڪ سچو ۽ ڪميٽيڊ اديب سماج ۾ وڌندڙ تخريب جو خاتمو چاهيندو آهي. هڪ حساس ليکڪ ماڻهن جي اکين ۾ درد جا ڳوڙها ڏسڻ نه چاهيندو آهي. هو چاهيندو آهي امن، محبت ۽ پيار. ڇوته هڪ شاعر سک، سلامتي، پيار، محبت ۽ امن جو پرچارڪ ئي ته هوندو آهي. ادل سومري جي شاعريءَ ۾ به انهن اُتم انساني جذبن ۽ خيالن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هو ڌرتيءَ تي خوشي ۽ خوشحالي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. هن کي بارود جي دونهين کان نفرت آهي ۽ محبت جي مهڪار پسند آهي.

بارودن کي ڳاري ٺاري.
ڌرتيءَ تي ڇڏ گل پٿاري.
..........
سک ۽ سرهاڻ جون گهلن هوائون،
گهوٽ لهن لائون، سدا پنهنجي سنڌ ۾.


[b]ٽيون رنگ (ادل جي عڪسي شاعري)
[/b] شاعريءَ ۾ عڪسن (Images) جي تمام وڏي اهميت هوندي آهي. تنوير عباسي جي تحقيق مطابق بنيادي طور عڪس ڇهن قسمن جا ٿين ٿا جن ۾ نظري عڪس (Visual Image) ٻڌڻ جو عڪس (Auditory Image) سنگهڻ جو عڪس (Olfactory Image) ذائقي جو عڪس (Taste Image) ڇهڻ وارو عڪس (جنهن مان ڪنهن شي جي لساڻ کهراڻ يا نرمي ۽ سختي جو احساس ٿئي.) (Tocile Image) ٿڌي يا گرم جي تاثر کي وري پيدا ڪرڻ وارو عڪس (Thermal Image) شامل آهن.
عڪسي شاعري جي وضاحت ۾ مشهور نقاد پروفيسر پي گري (P.Gurrey) پنهنجي مقالي “Appreciation of Poetry” ۾ لکيو آهي ته “عڪسي شاعري عام گفتگو ۽ عام لکت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ يڪسوئي، صداقت ۽ بلندي عطا ڪندي آهي ۽ عڪسن کانسواءِ شاعري مبهم بنجي ويندي آهي ۽ منجهس انهن خصوصيتن جي اڻهوند نظر ايندي آهي جيڪي ان کي اظهار ۽ بيان جي منطقي ۽ واضح طريقي کان مٿاهون ڪري بيهارين ٿيون..... هڪ سچو شاعر مختلف تجربن مان عڪس ۽ مثال اخذ ڪندو آهي. شاعر جي عظمت مشاهدي جي عظمت ۽ وسعت تي منحصر هوندي آهي، جنهن سان هو پنهنجا تخليقي پيڪر يا تصويرون جوڙيندو آهي.”
عڪسي شاعريءَ جي ان مختصر وضاحت کانپوءِ جڏهن ادل سومري جي عڪسي شاعريءَ جو جائزو وٺبو ته ان ۾ ڪافي پختگي ۽ جاذبيت نظر ايندي. هن جي شاعريءَ ۾ ٽن قسمن جا عڪس نمايان طور نظر اچن ٿا. پهريون نظري عڪس ٻيو ٻڌڻ جو عڪس/آوازي عڪس ۽ ٽيون سنگهڻ جو عڪس. جڏهن ته هن جي شاعريءَ ۾ جزوي طور ٻيا عڪس به شامل آهن. هيٺ ادل جي عڪسي شاعري تي سرسري نظر وجهون ٿا.

[b] 1. نظري عڪس (Visual Image)
[/b] هن عڪس جو تعلق نظر سان آهي يعني کليل اک سان ڏٺل ڪنهن منظر يا ڪنهن ماڻهوءَ جي منهن مهانڊن کي ڏسي ساڳي نقش کي اهڙي فنڪاري سان چٽڻ جو اهو لفظن ۾ منظر/ تصوير وارو ڏيک ڏئي. اهڙي عڪس کي نظري عڪس چئبو. ادل سومري جي شاعري ۾ نظري عڪسن جا نهايت خوبصورت مثال موجود آهن. خاص طور هن جا هائيڪا/ ٽيڙو اهڙن عڪسن سان ڀرپور آهن، ڇو ته هائيڪو بنيادي طور آهي ئي عڪسي شاعري تنهنڪري هيٺ ادل جي هائيڪن توڙي ٻي شاعريءَ مان نظري عڪسن جا ڪجهه مثال پيش آهن:

شامون سانوڻ رُت جون، سنڌو ڪنارا
بادل وسڪارا، چوڏس مهڪ گلاب جي.
..........
پکي، بتيلا، سنڌو سانوڻ،
لهر لهر تي باک ڦٽي آ.
..........
مان اڪيلو، ٿر جي سانجهي، تنهنجي ياد،
سامهون ٿوهر جي پٺيان ٿو سج لهي.

ساڌ ٻيلي جي شام
سنڌو جي لهرن مٿان
پکين جي اڏام.
.........
ڪڪريون روئن ٿيون
۽ پوءِ ساري ڳوٺ ۾
کنڀيون کلن ٿيون.
..........
هي ڪنڊيءَ جو وڻ
سُتل ڇوڪر ڇانو ۾
ڀرسان ٿڪل ڌڻ.

مٿي ڏنل سمورا منظر ڄڻ اکين اڳيان ڦرن ٿا. پهرين بيت ۾ سانوڻ جي شامن جو ذڪر ڪندي سنڌو ڪناري برسات جو نظارو جيتوڻيڪ هڪ خوبصورت نظري عڪس آهي پر بيت ۾ ان سندر شام جي ڀنل ماحول ۾ گلاب جي مهڪ وسيلي سنگهڻ جو عڪس به شامل آهي. ٻئي شعر ۾ سانوڻ جي مند ۾ سنڌوءَ مٿان پکين جي ولر ۽ بتيلن جي موجودگيءَ ۾ کيس سنڌو جي لهر لهر ۾ باک ڦٽڻ به ڇا ته من موهيندڙ منظر پيش ڪري ٿو، سچ ته اهو هڪ حسين نظري عڪس آهي. اهڙي طرح ٽئين شعر جي پهرين مصرع ۾ جيتوڻيڪ ادل ٿر جي سانجھيءَ کي پرين جي ياد سان تشبيهه ڏئي منظر ۾ هڪ احساس کي اڀاريو آهي، پر ٻي مصرع ۾ ٿر جي سانجھيءَ ٽاڻي ٿوهرن پٺيان لهندڙ سج کي هڪ اهڙي پياري منظر طور پيش آهي جيڪو روح ۾ لهي وڃي ٿو. ائين ادل جا ٽئي هائيڪا جن ۾ ساڌ ٻيلي جي شام ۾ سنڌوءَ جي لهرن مٿان پکين جي اڏام، ڪڪرين جي روئڻ پڄاڻان کُنڀين جي کلڻ توڙي ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڇانوَ ۾ ستل ڇوڪر جنهن جي ڀر ۾ جانورن جو ڌڻ بيٺل هجڻ جهڙا عڪس ڏنل آهن، سي ٽئي هائيڪا پنهنجي بنيادي موضوع منظر نگاري ۽ محاڪات جي حوالي سان نهايت ڀرپور آهن. انهن منجھان اهڙا ته خوبصورت نظري عڪس اڀرن ٿا جيڪي ذهن جي پردي تي تصويرن سمان اڀرن ٿا.

[b]2. ٻڌڻ جو عڪس/ آوازي عڪس (Auditory Image)
[/b] ٻڌڻ جي عڪس کي آوازي عڪس (Sound Image) پڻ چيو ويندو آهي. هڪ شاعر جڏهن پنهنجي مترنم لفظن ۾ ڪنهن اهڙي آواز يا سُر کي پيش ڪندو آهي جنهن کي اڳ ۾ اسان جي ڪنن ٻڌو هوندو آهي ۽ اهو ساڳيو سر يا آواز لفظن وسيلي ٻيهر پڙهندڙ جي ڪنن ۾ گونجڻ لڳندو آهي ته ان کي آوازي عڪس چئبو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي شاعريءَ مان آوازي عڪس جي مثال طور شيخ اياز جو هيٺيون بيت ڏئي لکيو آهي ته:

”ڪويل ڪوڪي رات جو، ڪوڪ وراڻي بن
لڏيا پيل پن، تارن ڇنڀيون اکڙيون.

هنن سٽن ۾ سماعي عڪس (Sound / Auditory Image) آهي. پهرين سٽ ۾ ڪويل جي ڪوڪ ۽ پڙاڏي جي سماعي عڪس جو تاثر پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي رد عمل ۾ شاعر نظري عڪس (Visual Image) کان ڪم ورتو آهي جنهن ۾ پپل جي پنن جو لڏڻ ۽ تارن جي اکيون ڇنڀڻ جو منظر چٽيل آهي جنهن کي تصور جي مدد سان ذهن جي پردي تي آڻي سگهجي ٿو.”
ادل سومري جي شاعريءَ ۾ “ٻڌڻ جو عڪس” نمايان طور نظر اچي ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف نوعيتن جا آوازي عڪس پيش ڪيا آهن. اهڙن سماعي عڪسن ۾ سُرندي جو آوازي عڪس، ڪويل جي ڪوڪ جو عڪس، سڏڪن ۽ ٽهڪن جو عڪس، تڏِ جو آوازي عڪس، سائرن جو سماعي عڪس وغيره شامل آهن. ادل جا هيٺيان شعر جن ۾ انهن آوازن جو ذڪر آهي پڙهندڙن جي ڪنن ۾ گونجن ٿا ۽ اهڙي طرح اها موسيقي، سُر يا آواز ذهن ۾ Recall ٿين ٿا ۽ انهن مان ڪو مخصوص عڪس جُڙي ٿو.

دور ڪنهن سُرندو وڄايو ٿي ڪٿي،
ڄڻ ته سڏڪا ٿي ڀريا ٿر جي هوا.
.........
ڪوئل جو آواز اڏامي
ڄڻ ته هوا ۾ ويو اجهامي
مند ڪيا هن
ڪيڏا ماڻا
آءُ او راڻا
..........
خاموشي جو ساز
رات، اڪيلو ڪمرو ۽
تِڏ جو آواز
..........
سائرن ايمبولينس جا
رڳو ٿا وڄن
شهر مٿان خاموشي آهي.

ادل سومري جي شاعري گھڻ رخي ۽ گھڻ رنگي آهي. هن جي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري پهلوئن تي لکڻ لاءِ گھڻو مواد موجود آهي پر هتي مون سندس شاعريءَ جي رڳو ٽن رنگن کي ڦوليو آهي. سچ ته سندس شاعريءَ جي ٻين رنگن ۾ به عجب حسناڪي موجود آهي، جن تي وڌيڪ گھرائي، سنجيدگي ۽ سچيتائيءَ سان لکڻ جي ضرورت آهي.


(هي مقالو 2006 ۾ لکيو، جيڪو ڪٿي به نه ڇپايو.)