تنوير عباسي جي شاعري جا دور (هڪ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)
شاعريءَ جي قدامت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا جي ڪيترن ئي مذهبن جي مقدس ڪتابن جي ٻولي پڻ شاعراڻي رهي آهي. خود سنڌوءَ ڪناري جيڪي ويد لکيا ويا انهن جو اسلوب شاعراڻو آهي. انسان جيئن جيئن شعور جون ٻرانگھون کڻندو اڳتي وڌندو رهيو آهي تيئن تيئن شاعري به ساڻس گڏ رهي آهي. جيئن ته بنيادي طور شاعريءَ جو تعلق ئي فڪر ۽ خيال سان آهي، جنهن کي هڪ خاص فني قالب ۾ وجھڻ به ضروري آهي، تنهنڪري انسان جي ذهني ۽ فڪري اوسر سان گڏ شاعري به هڪ ارتقا مان گذرندي رهي آهي. اها ارتقا ۽ اوسر سموري انساني اوسر جي حوالي سان به ڏسڻ ۽ سمجھڻ لائق آهي پر انفرادي طور به هر شاعر مختلف دورن مان گذري ٿو ۽ سندس فن توڙي فڪر ارتقا ڪندو رهي ٿو. هتي مان هڪ تخليقڪار فرد طور سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻهڳڻي شاعر تنوير عباسي جي شاعريءَ بابت ڪجھ لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جنهن وسيلي سندس شاعريءَ جي ارتقائي سفر کي سمجھي سگھجي ٿو.
هڪ تخليقڪار طور تنوير عباسيءَ جي تخليقي اوسر تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن کي ٻالپڻي کان وٺي ئي شاعريءَ سان گھڻو چاهه هو. شايد اهو ئي سبب هو جو هن ادب جي ميدان ۾ سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي حيثيت سان پير پاتو. شاعريءَ سان ويجھڙائپ ۽ محبت جي باري ۾ هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته “ننڍي هوندي ئي مونکي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو. جيڪي درسي ڪتابَ هوندا هئا انهن ۾ مونکي نظم وڌيڪ وڻندا هئا، پوءِ چاهي انگريزيءَ ۾ هجن، چاهي سنڌيءَ ۾ پر شعرَ مونکي جلد ياد ٿي ويندا هئا.” (1) شاعريءَ سان اهڙي عشق ئي تنوير کي هڪ خوبصورت شاعر بڻايو.
تنوير عباسي کي اسين هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڏسنداسين ته هن جديد سنڌي شاعريءَ جي ابتدا ۽ عروج واري دور ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نوان لاڙا متعارف ڪرايا. غزل، نظم، آزاد نظم، گيت ۽ هائيڪو وغيره تي مختلف انداز جي طبع آزمائي ڪئي ۽ موضوع توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪافي مثبت تبديلي آندي. جديد سنڌي شاعريءَ جي ابتدائي دور ۾ جن شاعرن جي ڪلام ۾ روشن خيالي، انسان دوستي، قوم پرستي، انقلابيت ۽ مزاحمت جو تصور ملي ٿو، انهن ۾ تنوير عباسيءَ جو نالو نمايان آهي. ون يونٽ واري زماني ۾ تنوير ۽ سندس هم عصر ساٿين قلم جي قوت کي نهايت سگهاري انداز سان استعمال ڪيو. قمر شهباز جي راءِ مطابق “شاعريءَ کي عام فهم، سادو ۽ سٻاجھو بڻائڻ ۾ تنوير جو مٽ ڳولڻ اڄ به ممڪن ناهي.” (2)
تنوير عباسي جنهن دور ۾ شاعريءَ جي سحر انگيز واديءَ ۾ داخل ٿيو اهو سنڌ ۾ جميعت الشعراء جو دور هيو، جيڪا ان زماني جي وڏي ادبي تنظيم هئي. ان وقت جا وڏا وڏا شاعر جن کي ادب جي دنيا ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام حاصل هو، پر سندن شاعري ايراني ماحول ۾ رچيل لڳندي هئي. سندن ڪلام ۾ اهي ساڳيا فارسي شاعريءَ وارا موضوع، ساڳيا محاورا، ساڳيون تشبيهون ۽ تلميحون ۽ ساڳيا استعارا هوندا هئا. ابتدائي دور ۾ تنوير به انهن حالتن جو اثر قبوليو ۽ مغموم عباسي جي نالي سان شعر لکڻ لڳو ۽ ان دور جي ساڄي ڌر جي نهايت وڏي شاعر ۽ جميعت الشعراء سنڌ جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کان اصلاح ورتي ۽ وٽانئس باقائدگيءَ سان علم عروض سکيو. ڊاڪٽر تنوير هڪ انٽرويو ۾ ان دور بابت ٻڌائي ٿو ته “انهيءَ وقت ٻن قسمن جي شاعري ٿيندي هئي، هڪڙي فارسي عروضي شاعري، انهي وقت ۾ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، نواز علي نياز، غلام محمد نظامي اسانجا وڏا شاعر ليکيا ويندا هئا. انهيءَ دور جي شاعريءَ جو ماپو يا ماڻ اهو هوندو هو ته عروض تي پوري هجي. شعر وزن بحر تي پورو هجي ۽ فارسي ترڪيبون، فارسي شاعريءَ جون تشبيهون ۽ ماحول اردو جي غزل تان ورتو ويندو هو. جيڪو گهڻا فارسي ۽ عربي لفظ وجهندو هو، تنهن کي چوندا هئا تون وڏو شاعر آهين ۽ فڪر ۽ گهرائيءَ ڏي يا ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ تي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ ايئن لڳندو هو ته اها شاعري هڪڙي اوپري ماڻهوءَ جي شاعري آهي، سواءِ ڪن ڳاڻ ڳڻين شاعرن جي! ان کانپوءِ ٻئي قسم جي شاعري جنهن کي قومي شاعري چوندا هئا. ‘ٻَڌ ڪفن سر ساڻ، هل ڪشمير هل‘، اهڙي قسم جا شاعر، جيڪو ٻن قومن وارو (هندو ۽ مسلم) نظريو هو. انهي جي آڌار تي يا ان کان متاثر ٿي شاعري ڪندا هئا ۽ ان کي قومي شاعري چوندا هئا!” (3)
[b]تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جا دور
[/b]تنوير عباسي جي شاعريءَ جي اوسر تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اها پنهنجي فن، هئيت ۽ گھاڙيٽن توڙي فڪر ۽ تخيل جي لحاظ کان ابتدا کان آخر تائين تبديل ٿيندي رهي آهي. ان ڪري سندس شاعريءَ کي الڳ الڳ دورن ۾ ورهائڻ ضروري آهي. ان طرح صحيح معنى ۾ سندس فني ۽ فڪري اوسر جي پروڙ پوندي. پروفيسر سحر امداد پنهنجي هڪ مقالي “تنوير عباسيءَ جي پنهنجي اصل ڏانهن مراجعت” ۾ تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ کي ٽن دورن ۾ ورهايو آهي. “پهريون روايتي دور (شروعاتي دور) ٻيو ترقي پسند دور (وچون دور) ۽ ٽيون جديد دور (هلندڙ دور).” (4) تنوير جي شاعريءَ جي اهڙي ورڇ نهايت مناسب آهي ۽ مان ان سان متفق آهيان. تنهنڪري هن مطالعي ۾ مان انهيءَ ورڇ کي بنياد بڻائي سندس ڪلام تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. البته سندس فڪري ۽ فني اوسر جي بنياد تي انهن ٽنهي دورن جو عرصو مون پاڻ متعين ڪيو آهي. جنهن مطابق روايتي دور 1950ع کان 1958ع تائين، ترقي پسند دور 1959ع کان 1985ع تائين ۽ جديد دور 1985ع کان 1998ع تائين مقرر ڪيو آهي.
تنوير عباسي، تاج بلوچ جي ڪتاب “لفظن جو ماتم” جي اڀياس ۾ ڪيڏي نه صحيح ڳالهه لکي آهي ته “شاعري تاريخ نويسي نه آهي، پر اها جذبن جي تاريخ نويسي آهي. هر شاعر ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ رهندو آهي ۽ سندس شعور ۽ لاشعور تي ان دور جا اولڙا پوندا رهندا آهن، ائين چئجي ته هر شاعر جو شعر سندس دور جي جذبن ۽ احساسن جي تاريخ آهي ته غلط نه ٿيندو.” (5) تنوير عباسيءَ جي شاعري به حقيقت ۾ سندس جذبن ۽ احساسن جي تاريخ آهي. اها مختلف دورن مان گذري آهي ۽ ان تي مختلف اثرَ رهيا آهن. جيئن مٿي هن جي شاعريءَ جي ٽن دورن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته هيٺ سندس شاعري جي انهن دورن کي سامهون رکندي نهايت مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
[b]1. روايتي دور (ابتدائي دور) جي شاعري
[/b]تنوير عباسيءَ جي هن دور واري شاعري 1950ع کان 1958ع تائين يعني اٺن سالن تي محيط آهي. اڳ ۾ ذڪر ڪري آياسين ته ان ابتدائي دور ۾ تنوير جي شاعري جيئن ته هڪ مخصوص ماحول ۾ اسري ۽ نسري، تنهنڪري فڪر ۽ تخيل جي گهرائي توڙي نج ٻوليءَ جي حسناڪين جي حوالي سان سندس ان دور واري شاعريءَ ۾ ڪافي کوٽ نظر اچي ٿي. جڏهن ته فني حوالي سان سندس ان دور جي شاعريءَ ۾ وڏي پختگي آهي. روايتي دور واري شاعريءَ ۾ تنوير نه صرف موضوعن جي لحاظ کان ان دور جي شاعريءَ کان متاثر ٿيو آهي، پر هُن شاعريءَ جي صنفن جي حوالي سان به عام مروج صنفن غزل، رباعي، قطعه کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. جيتوڻيڪ بعد ۾ تنوير نظم، آزاد نظم، گيت ۽ وائي تي به طبح آزمائي ڪئي، پر غزل کي محبوب صنف طور اختيار ڪيو. ان دور ۾ هن شعر جي فن، هئيت ۽ اسلوب تي گھڻو ڌيان ڏنو آهي ۽ سندس شعر وزن بحر ۾ بيحد پختو نظر اچي ٿو، البته ان دور ۾ سندس ڪلام ۾ فارسي ترڪيبن جو حد کان وڌيڪ استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تنوير عباسيءَ جي پهرئين شعري مجموعي “رڳون ٿيون رباب” کان اڳ واري شاعري جيڪا 1950ع کان 1954ع تائين آهي، کي جڏهن ڪتاب “تنوير چئي” ۾ شامل ڪيو ويو ته سندس شاعريءَ جي شروعاتي دور وارو هڪ نئون باب اسان جي سامهون آيو.
سحر امداد پنهنجي مقالي “تنوير عباسيءَ جي پنهنجي اصل ڏانهن مراجعت” ۾ تنوير جي روايتي دور واري شاعريءَ متعلق لکي ٿي ته “روايتي دور ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ اهي ئي تشبيهون، ترڪيبون، لفظ ۽ موضوع ملندا، جيڪي روايتي غزل لاءِ مخصوص بلڪه لازم آهن. ‘رڳون ٿيون رباب’ کان اڳ ۾ ستيتاليهن صفحن تي پکڙيل شاعريءَ ۾ توهان کي جا بجا، ساغر و مينا، ساقي وميڪده، دستِ جنون، عزمِ عمل، عالمِ خرد، چاڪِ دامان، چاڪِ گريبان، چرخِ نيلگون، گردشِ ڪهن، مئي گلگون، ڪوءِ يار، جبينِ آستان، اشڪِ خون، جلوه گري، بزمِ جهان، زلفِ پيچان، ديدهِ خونبار، ديدهِ شوق، جرائت سجده، دل و نظر، بزمِ رفيقان، خونِ عاشق، تابشِ انوار، زلفِ يار، ضبطِ مسلسل، رونقِ محفل، دامنِ ساحل، ذوقِ سفر، سرِ منزل، چشمِ تر، سوزِ پنهان، جهانِ دل، ذوقِ جستجو، دشت پيمائي، واعدهِ فردا، فڪرِ روزگار، غمِ دنيا، بزمِ سخن، طرزِ ستم، تڪلم، طرزِ فغان، دردِ دل، در و ديوار، حياتِ جاودان، بارِ عصيان، پيڪرِ مشت غبار.... جهڙا روايتي لفظي جوڙ ملندا.” (6)
فارسي ترڪيبن ۽ ڌارئي لهجي جي ڪري تنوير جي ابتدائي شاعري ۾ فن جي پالوٽ ته آهي پر منجھس اهو رس ۽ رچاءُ، اها نج نبار سنڌي ٻوليءَ واري خوشبو نه ٿي محسوس ٿئي ۽ سندس شعرَ ايراني جُبي ۾ ويڙهيل نظر اچن ٿا. مثال طور تنوير عباسيءَ جا ان دور ۾ لکيل ڪجھ شعر ڏسو:
هي اشڪ هاءِ مسلسل، هي داغ هاءِ جگر،
گذشته دور جا آهن، هي يادگار اڃان.
(رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)
رهڻ ڏي دستِ جنون، تار هڪڙي دامن ۾،
بيادگارِ جنون، ڪجهه ته پيرهن ۾ هجي،
تون پنهنجي رونقِ محفل جو ڪجهه خيال ته رک،
زبون حال ڪو ۽ تنهنجي انجمن ۾ هجي.
(رڳون ٿيون رباب)
گلن ڀي ڪيو چاڪ دامن چمن ۾،
هي تنهنجي فغان زيرِ دام الله الله
(رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)
ستم مون اهڙو ڪٿي، چرخِ نيلگون نه ڏٺو.
ٿيو دل جو خون مگر دل جو خون مون نه ڏٺو.
(رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)
مٿين شعرن ۾ نه ته سنڌي ٻوليءَ جي اصل لهجي جو حسن آهي ۽ نه ئي موضوعي پنهجائپ. انهن شعرن ۾ رومانيت ۽ جماليات ۾ به ڌاريائپ جو احساس عيان آهي. انهن شعرن ۾ ايراني رومانوي شاعريءَ وارو روايتي پِٽڪو اشڪ هاءِ مسلسل، داغ هاءِ جگر، دستِ جنون، بيادگارِ جنون، رونقِ محفل، زيرِ دام ۽ چرخِ نيلگون جهڙن اوپرن لفظن ۽ ترڪيبن وسيلي بيان ٿيل آهي، تنهنڪري اهي ڳالهيون پنهنجي اصل تاثر ۽ احساس سان قاريءَ جي دل تائين نه ٿيون پهچن. اصل ۾ اها شاعري هڪ خاص طبقي جي شاعري هئي، جيڪي ان مخصوص لفظيات جا ڄاڻو هئا. اهڙي شاعري عوام يا گهٽ پڙهيل ماڻهن لاءِ نه رڳو ڳوري هئي پر کين اهڙي شاعريءَ کان بُڇان ايندي هئي. ڇوته سنڌي ماڻهن تائين ان کان اڳ سنڌ جي صوفي شاعرن وسيلي نج سنڌي ٻوليءَ واري شاعري پهتل هئي جنهن کي هنن روح سان قبول ڪيو هيو.
تنوير عباسيءَ جي ان دور جي شاعري ۾ روايتي شاعريءَ وارا سمورا لوازمات شامل آهن. ان ۾ زيرِ اضافت، همزه اضافت، واءُ عطفي سان گڏوگڏ ٺهيل ٺڪيل قافيي ۽ رديف جو استعمال به موجود آهي. تنوير جي اها شاعري هڪ مخصوص روايتي دائري ۾ ڦري ٿي. اهڙي قسم جي شاعريءَ متعلق خود تنوير ماهوار “پروڙ” ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چوي ٿو ته “ٺهيل ٺڪيل يا ريڊي ميڊ لفظ هوندا هئا، جي “بهار” آ ته پوءِ ان سان “خزان” هوندو “بلبل” هوندي ته “چمن” هوندو، ته اهي لفظ ڦيرائي ڦيرائي استعمال ڪري لکيا ويندا هئا. حالت اها هوندي هئي ته پنجاهه ديوان پڙهو، غزل ساڳي معنى وارا هوندا هئا.” (7) تنوير جي ابتدائي شاعري پڻ انهيءَ اثر هيٺ هئي تنهنڪري ان ۾ به ائين ساڳي معنى وارا ڪيترائي شعر ملن ٿا، اهڙو ورجاءُ شاعريءَ کي بي چسو ۽ پاروٿو بڻائي ڇڏي ٿو. مثال طور تنوير عباسي جا هيٺيان ڪجھ شعر پڙهي سگهجن ٿا:
چمن ۾ آهي اي دل، موسمِ بهار اڃان.
خدا ٿو ڄاڻي رهان ڇو ٿو بيقرار اڃان.
(رڳون ٿيون رباب اڳ ۾)
خزان جي خون جي سرخي، گلن ۾ اڄ ڏسان ٿو مان،
به اندازِ دگر منهنجي چمن ۾ اڄ بهار آيو.
(رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)
نوان فتنا نوان طوفان کڻي دل ۾ قرار آيو،
الاهي خير جو منهنجي چمن ۾ اڄ بهار آيو.
(رڳو ٿيون رباب کان اڳ ۾)
تنوير عباسيءَ تي ان دور ۾ ايراني ماحول ۽ اثر هيٺ لکجندڙ ڪلام ۽ ساڳين موضوعن هيٺ سرجندڙ شاعريءَ جو اثر گهڻو وقت نه رهيو. هن 1950ع کان 1954ع يعني چئن سالن تائين اهڙي قسم جي روايتي شاعري ڪئي، پر پوءِ بيزار ٿي پيو ۽ جلد ئي ترقي پسند فڪر واري ڌارا ۾ شامل ٿي ويو. تنوير پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ ٻڌائي ٿو ته “56_1955ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سان تعلق ٿيو، تيستائين مون اهڙي قسم جي شاعري ڪئي، جيڪا منهنجن مجموعن ۾ به شامل آهي. 56_1955ع کانپوءِ هڪڙو دور اهڙو آيو، جو ادبي سنگت جي منظم شروعات ٿي ۽ ان کان اڳ ڪشنچند بيوس، هوند راج دکايل، کئيل داس فاني، نارائڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير اهي شاعر هئا، جيڪي روايتي شاعريءَ کان مختلف شاعري ڪندا هئا ۽ انهن چاهيو ٿي ته سنڌي ماحول پنهنجي شاعريءَ ۾ هجي. پنهنجي شاعريءَ ۾ تشبيهون، ٻولي، ٻوليءَ جو مزاج، ٻوليءَ جي نغمگي سنڌي ٻوليءَ واري هجي ۽ تنهن کانپوءِ جديد خيال، جديد مسئلا ڏجن ۽ انهن جو شعر ۾ بيان هجي ته اها تحريڪ اسان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان 1956ع کان باقاعدي شروع ڪئي.” (8)
تنوير عباسيءَ جو پهريون شعري مجموعو “رڳون ٿيون رباب” 1958ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ گيت، نظم ۽ غزل شامل ڪيل آهن. سندس ان شعري مجموعي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾ سندس شاعريءَ ۾ هن جي ابتدائي دور واري شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ موضوع توڙي اسلوب جي حوالي سان ڪجھ تبديليون آيون. ان دور واري شاعريءَ ۾ رڳو غمِ جانان نظر نه ٿو اچي پر ان سان گڏ غمِ دوران به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. “رڳون ٿيون رباب” تائين تنوير جي شاعريءَ کي اسان سندس ابتدائي دور ۾ شامل ڪيو آهي. هن مجموعي ۾ ڪٿي ڪٿي سندس شعرن جي ٻولي ۽ بيان جو انداز ڇرڪائيندڙ آهي، پر ان شاعريءَ تي بهرحال فارسي زده شاعريءَ وارو اڳوڻو اثر به موجود آهي ورنه خود تنوير کي ان مجموعي جي منڍ ۾ ائين لکڻو نه پوي ها ته “منهنجي شعر، خاص ڪري منهنجن تازن غزلن، گيتن ۽ نظمن ۾ ٻولي ۽ موضوع ڪجھ اوپرا پيا ڀانئبا.” (9) اهڙي ڳالهه ساڳئي مجموعي ۾ نياز همايوني هنن لفظن ۾ ڪئي آهي “هي مجموعو تنوير جي ابتدائي شاعريءَ تائين محدود آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين تجرباتي شاعري چئي سگھجي ٿو. هن ۾ جيتوڻيڪ گھٽ وڌايون موجود آهن تنهن هوندي به هيءَ شاعري نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي.” (10) بيشڪ تنوير عباسي جي ان شاعريءَ جي پنهنجي اهميت آهي، جنهن وسيلي اسان سندس فني ۽ فڪري اوسر کي سمجھي سگھون ٿا.
تنوير عباسيءَ “رڳون ٿيون رباب” جي منڍ ۾ لکيو آهي: “سنڌيءَ کي پنهنجو لهجو ۽ پنهنجي مخصوص لئه آهي، فارسيءَ جو لهجو ۽ موسيقيت سنڌي شعر ۾ اجنبي پيا لڳن. ان ڪري نون لکيل غزلن ۾ سنڌي لهجي ۽ موسيقيت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان سان گڏ موضوع پڻ سنڌي ماحول مان چونڊيا اٿم.” (11) نصير مرزا رڳون ٿيون رباب واري شاعريءَ تي لکيل تاثر ۾ چوي ٿو ته “تنوير هڪ آدرشي شاعر آهي ۽ هڪ آدرشي شاعر پنهنجي وقت ۽ وقت جي دکدائڪ حالتن کان ڪڏهن به منهن نه موڙي سگهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تنوير جي هن مجموعي واري شاعري جنهن وقت جي حالتن ۾ سرجي وئي آهي. ان جا پاڇا ۽ اولڙا هن شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجن ٿا.” (12)
تنوير عباسي جي ان شعري مجموعي ۾ منفرد اسلوب ۽ خوبصورت ٻوليءَ وارا سهڻا گيت به نظر اچن ٿا، جيڪي پنهنجي موضوع ۽ فڪر جي لحاظ کان نهايت جاندار آهن. گيتن جي ڀيٽ ۾ تنوير جي ان دور ۾ لکيل نظمن ۾ ايڏي پختگي نظر نه ٿي اچي پر پوءِ به ڪٿي ڪٿي ڪافي سٺا نظم به پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جيئن:
زندگانيءَ ۾ حقيقت جي ڪڏهن تلخي هئي،
زندگيءَ جي جام مان.
جو ڀريل هو زهر سان،
مون به ڳيتون ڏئي دکن دردن جي وهه پيتي هئي.
(رڳون ٿيون رباب)
تنوير عباسيءَ جي خوبصورت گيتن مان هتي هڪ گيت پيش آهي، جنهن ۾ هڪ اميد ۽ آس آهي. روشن صبح جا ڪرڻا ۽ اوندهه جي ڪُک مان ڦٽندڙ باک جون ڳالهيون آهن:
صبح نه آهي دور ساٿي
صبح نه آهي دور.
لمبي رات وهامي ويندي،
وک جي آڳ اجهامي ويندي،
آس نه لاٿي تو جي ساٿي،
اوندهه مان ئي باکون ڦٽنديون،
ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون،
ڇو ٿو وڃين وهلور ساٿي.
صبح نه آهي دور.
(رڳون ٿيون رباب)
اِهو اُهو ئي دور هو جڏهن تنوير عباسي ۽ سندس هم عصر ۽ هم فڪر شاعرن سنڌي شاعريءَ تان فارسي لهجي جي دز دور ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، تنوير جي مٿئين گيت جون سٽون به ان جو ثبوت آهن. ان وقت ترقي پسند شاعرن پنهنجن غزلن ۾ پڻ محبوب جي حسن ۽ ادا جي تذڪري سان گڏ قومي جاگرتا ۽ مزاحمت جا موضوع شامل ڪيا. اهڙن غزلن ۾ پنهنجي قومي حقن جي حاصلات لاءِ ترقي پسند شاعرن وٽ هڪ عزم، همت ۽ حوصلو نظر اچي ٿو. تنوير عباسي جي ڪلام مان ان جي جھلڪ ڏسو:
ٿڙنداسين ٿاٻڙنداسين پر اڳتي هلندا هلنداسين،
لهرن وانگر اٿندي ڪرندي ماڳ ڏي وڌندا هلنداسين،
پاڻ جلائي لاٽ ڏبي هن جڳ کي هڪڙي واٽ ڏبي.
اوندهه کي چيريندي تارن وانگر کڙندا هلنداسين.
(رڳون ٿيون ارباب)
’رڳون ٿيون رباب’ جي شاعري، ٻوليءَ ۽ اسلوب جي لحاظ کان تنوير جي 1958ع تائين واري شاعريءَ کان ڪجهه مختلف ضرور آهي، پر ڪٿي ڪٿي ان قسم جي چٽي پٽي جهلڪ نظر اچي ٿي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته تنوير 1958ع تائين به لفظن ۽ خيالن جي فارسي زده ڄار کان مڪمل طور جان نه ڇڏائي سگهيو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ان دور واري شاعريءَ کي مون ابتدائي دور واري شاعريءَ ۾ شامل ڪيو آهي. “رڳون ٿيون رباب” مان مثال:
اهو ئي گل ۽ اهو تبسم اهو ئي آنسو،
اهو ئي تنهنجو جواب آهي، اهو ئي منهنجو سوال آهي.
(رڳون رٿيون رباب)
نه پڇ اي همدم تون مونکان هي غم پسندين جو فسانو هرگز،
جهان کي جنهن مان ملي ٿي راحت، اهو ئي منهنجو ملال آهي.
(رڳون رٿيون رباب)
مٿين شعرن ۾ تبسم، آنسو، همدم، فسانو، جهان (نون غُني سان) ۽ ملال اهڙا لفظ آهن، جيڪي فارسي زده شاعريءَ جي باقيات محسوس ٿين ٿا. خيال جي لحاظ کان به غم ۽ ياس جو ان قسم جو گِريو فارسي غزل جي ياد تازي ڪندڙ آهي.
مجموعي طور تنوير عباسيءَ جي پهرين دور جي شاعريءَ ۾ ان دور جي فني ۽ موضوعي تقاضائن پٽاندڙ روايتي انداز حاوي آهي. تنهنڪري هن جي ڪلام ۾ فارسي زده لهجي جي فراواني ملي ٿي ۽ هن پاڻ کان سينيئر شاعرن جي اثر هيٺ جيڪو ڪلام چيو آهي اهو فني حوالي سان ته ڏاڍو پختو ۽ علم عروض جي اصولن تي گھڻي حد تائين پورو آهي، پر موضوعن جي ورجاءَ جي ڪري سندس شاعريءَ جو فڪري پهلو اڀري نه سگھيو آهي. 1958ع ۾ هن پنهنجي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ جلد ئي هو پنهنجي ڪلام تان فارسي ٻولي، لهجي، موضوعن ۽ استعارن جي ڇاپ لاهڻ ۾ ڪامياب ويو.
[b]2. ترقي پسند دور (وچئين دور) جي شاعري
[/b]تنوير عباسيءَ جي ٻئي دور واري شاعري، جنهن کي اسين ترقي پسند دور واري شاعري سڏيون ٿا، 1959ع کان 1985ع تائين پکڙيل آهي. ان دوران تنوير جي شاعريءَ جا ٽي مجموعا اسان جي سامهون آيا. پهريون “شعر” 1970ع، ٻيو “سج تريءَ هيٺان” 1977ع، ۽ ٽيون “هيءَ ڌرتي” 1985ع. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو هي دور 26 سالن تي مشتمل آهي. سندس ان دور واري شاعريءَ جو اڀياس پيش ڪرڻ کان اڳ ضروري ٿو سمجھان ته ان دور جي حالتن جي حوالي سان ٻن نقطن پهريون ترقي پسند تحريڪ جو پس منظر ۽ سنڌي ادب ۽ ٻيو ون يونٽ خلاف تحريڪ جو ٿورو ذڪر ڪريان. ڇوته انهن ٻنهي نقطن کي سمجھن کان سواءِ سندس شاعريءَ جي ان دور جو جائزو وٺڻ ممڪن نه آهي.
[b]• ترقي پسند تحريڪ جو پس منظر ۽ سنڌي ادب
[/b]ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ اردوءَ سان گڏوگڏ سنڌي ادب تي پڻ گهرا اثر وڌا. ان وقت ٻن نظرين سان سلهاڙيل اديب هئا. هڪڙا ادب براءِ ادب جا حامي هئا ۽ ٻيا ادب براءِ زندگيءَ جا. اهي ٻئي نظريا بنيادي طور تي اولهه جي اديبن وٽان اسريا ۽ اڀريا جن بعد ۾ ٻين ٻولين جي ادب تي پنهنجي ڇاپ قائم ڪئي. ڪتاب “ترقي پسند ادب” جو مصنف ڊاڪٽر عزيز احمد ادب براءِ ادب واري تحريڪ جي آغاز بابت لکي ٿو ته “ادب براءِ ادب هڪ ڀرپور تحريڪ طور فرانس ۾ شروع ٿي هئي. وسلر (Wissler) انگريزي ادب کي ان سان روشناس ڪرايو، اسڪر وائيلڊ ان جي سرپرستي ڪئي. اڻهويهين صديءَ جي آخري ڏهن سالن ۾ انگريزي ادب هڪ لحاظ کان رجعت پسنديءَ طرف مائل ٿيو ۽ هيءَ تحريڪ ڏاڍي مقبول ٿي.” (13) ان نظريي جي علمبردارن ۾ ڪيٽس ۽ پيٽرا جا نالا خاص طور ذڪر لائق آهن. ترقي پسند تحريڪ سان واڳايل سنڌي اديبن به پنهنجي بنيادي نظريي مطابق ادب براءِ زندگيءَ تي زور ڏيندي ادب براءِ ادب جي نظريي کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ننڍي کنڊ ۾ اردو ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو آغاز 1936ع ڌاري ٿيو. جڏهن ته سنڌي ادب ۾ ان تحريڪ سٺ واري ڏهاڪي ۾ باقاعده زور ورتو. ڪتاب “اردو ادب ڪِي مختصر تاريخ” جو مصنف ڊاڪٽر انور سديد لکي ٿو: “ترقي پسند هڪ موثر ۽ پرجوش سماجي تحريڪ هئي. ان تحريڪ معاشي ناانصافيءَ جي دور ۾ انسانيت ۽ مساوات کي مذهب جو درجو ڏنو ۽ اديب کي سائنسي ۽ تجزياتي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. هن تحريڪ استحصال خلاف سماجي ناانصافيءَ جو احساس پيدا ڪيو. رجائيت ۽ اميد جي شمع روشن ڪئي. عام انسان، محنت ڪش ۽ هاريءَ کي ادب جو موضوع بڻايو ويو.” (14)
ترقي پسند تحريڪ جي هڪ شاخ “حقيقت نگاري” به هئي، جنهن وسيلي ليکڪن اشاري ۽ ڪنايي ۾ ڳالهه ڪرڻ بدران فطرت جي اصولن مطابق هر ڳالهه کلي عام، صاف صاف ۽ بي ڊپائيءَ سان ڪرڻ کي ترجيع ڏني. سندن چوڻ هيو ته سچ کي پردن ۾ لڪائڻ جي ضرورت نه آهي. زندگيءَ جي حقيقتن ۽ رازن کي لڪائڻ بدديانتي آهي. انسان آزاد پيدا ٿيو آهي. انڪري ان کي آزاد خيال به هجڻ کپي، اهڙيءَ طرح حقيقت نگار اديبن جنس (Sex) جهڙن حساس موضوعن تي پڻ آزاداڻي انداز سان لکيو. اهڙن موضوعن تي اڳ يا ته قلم نه کنيو ويندو هو يا ان کي ڍڪي ستن پردن ۾ ويڙهي پيش ڪيو ويندو هو. تنوير عباسي سميت شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، رشيد ڀٽي، امر جليل، نجم عباسي، طارق اشرف، امداد حسيني، تاج بلوچ ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌي اديبن ان تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
[b]• ون يونٽ خلاف تحريڪ
[/b]ترقي پسند تحريڪ سان گڏوگڏ سنڌ ۾ انهيءَ دوران ون يونٽ خلاف زبردست تحريڪ هلائي وئي. ون يونٽ ٺاهي صوبن جا حق غصب ڪيا پئي ويا، جنهن لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان احتجاج جا آواز بلند ٿيا، پر ان ڏاڍ خلاف سنڌ مان سنڌي اديبن جنهن جوش ۽ ولولي جو مظاهرو ڪيو. اهو تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. حقيقت ۾ انهيءَ دور ۾ ئي سنڌ ۾ مزاحمتي ادب جي هڪ ڀرپور تحريڪ اڀري. ان تحريڪ ۾ جن سنڌي اديبن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو انهن ۾ تنوير عباسيءَ جو نالو به نمايان آهي، هن هڪ تخليقڪار طور هن تحريڪ کي اڀاريو. ايتري تائين جو هن سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جي تمنا به ڇڏي ڏني ۽ ائين هن پنهنجو ڪيريئر داءُ تي لڳائي ون يونٽ تحريڪ ۾ حصو ورتو. تنوير پاڻ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته “سڀني دوستن قسم کنيو هو ته جيستائين ون يونٽ نه ٽوڙينداسين. تيستائين سُک سان نه ويهنداسين.” (15) اهو ئي سبب هو جو سنڌي اديبن جي گڏيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽٽو.
سنڌي ادب / شاعريءَ تي مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي تحريڪن جو گهرو اثر پيو. ترقي پسند تحريڪ جي حوالي سان ادب ۾ موضوع ۽ فڪر جي لحاظ کان جيڪي تبديليون آيون، اهي بنهه نيون ۽ ڇرڪائيندڙ هيون. جڏهن ته ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ سنڌي اديبن جيڪا تحريڪ شروع ڪئي، ان دوران سندن لکڻين ۾ قوميت، اجتماعيت، مزاحمت ۽ انقلابيت جهڙا موضوع اڀري آيا. ان دوران نثر توڙي نظم ۾ ڌرتي، ڌرتيءَ واسين ۽ ڌرتيءَ جي ڏکن توڙي پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جي حوالي سان بهترين ادب سرجيو ويو. تنوير عباسيءَ جي ٻئي دور واري شاعريءَ کي انهيءَ سموري پس منظر ۾ ڏسڻو پوندو.
تنوير عباسيءَ جي ٻئي دور واري شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان سموري عرصي دوران هن جي شاعريءَ ۾ نه صرف ٻولي ۽ اسلوب جون تبديليون نظر اچن ٿيون، پر خاص طور موضوع جي لحاظ کان سندس پهرئين دور واري شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻي جدت نظر اچي ٿي. هو، گل و بلبل، ساغر و مينا ۽ زلفِ پريشان واري شاعريءَ کان ته اڳي ئي بغاوت ڪري چڪو هو، پر هاڻي هن پنهنجي دور جي سگهارن شاعرن شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، هوند راج دکايل، شيخ راز، عبدالڪريم گدائي، ڪيرت ٻاٻاڻي، نياز همايوني، بردي سنڌي، امداد حسيني، شمشير الحيدريءَ ۽ ٻين جي تقليد ڪندي غزل جهڙي نازڪ ۽ نفيس صنف ۾ پڻ ٻوليءَ توڙي موضوعن جون حسناڪيون اوتيون ۽ غزل کي محبوب جو سراپا بڻائڻ کان وڌيڪ ڌرتيءَ، قوم ۽ عوام جي ڏکن سورن جو داستان بڻايو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع منجهس سمايا. جيتوڻيڪ اها ان دور جي حوالي سان روايتي شاعريءَ خلاف هڪ وڏي بغاوت هئي، پر تنوير فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي پاروٿن اصولن جون تارازيون کڻي ڦرندڙ شاعرن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو ڪم جاري رکيو. ائين ڪرڻ سان سندس فڪر ۽ تخيل ته اوچو ضرور ٿيو پر فن کي ڌڪ رسيو. ڇوته انهن ڏينهن ۾ هن علم عروض کي فڪر جي ڀيٽ ۾ ثانوي شي پئي سمجھيو. نتيجي ۾ سندس ان دور واري شاعري ۾ وزن ۽ بحر جا جھول نظر اچن ٿا. جڏهن ته موضوعاتي لحاظ کان هن جي شاعري جديد ۽ سماجي حقيقت نگاري واري محسوس ٿئي ٿي، جنهن ۾ هڪ قومي جذبو ۽ مزاحمتي شعور موجود آهي. ان حوالي سان سندس هيٺيان شعر پڙهڻ وٽان آهن:
اڃا به جاڳندا رهو،
اڃا به جاڳندا رهو،
اڃا ته وقت پر خطر ٽريو نه آ ٽريو نه آ،
اڃا سڻائو واءُ ڪيو وريو نه آ وريو نه آ.
اڃا به جاڳندا رهو،
متان ٿي ڀورڙا اوهان ڀلي پئو ڀلي پئو،
متان اوهان جي اک لڳي وڃي اوهان سمهي پئو.
اڃا به جاڳندا رهو،
اڃا به جاڳندا رهو.
(سج تريءَ هيٺان)
سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن،
منهنجي جرئت منهنجي همت تو لئه آهي.
منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لئه آهي.
ٻانهن ۾ جيڪو آٻل سو تو لئه آهي.
منهنجي رڳن ۾ آهي جو رت تو لئه آهي.
سنڌڙي، جڳ جي ساري عظمت تو لئه آهي.
هونءَ ته اڙٻنگائيءَ جو انگ نه آهي مون ۾،
پوءِ به جيڪا آهي بغاوت تو لئه آهي.
(شعر)
’اڃا به جاڳندا رهو’ جي ورجاءَ سان تنوير جيڪو سماجي بيداري ۽ سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو، ان جي اڄ به گھرج آهي. اڃا به وقت جا خطرا ۽ طوفان اسان جي سامهون آهن، اڃا به اسان اگھور ننڊ ۾ آهيون، اسان پنهنجن حقن کان غافل ۽ عمل ۾ ڪاهل آهيون. تنوير عباسي پنهنجي دور جي ماڻهن جا اهڙا حال ڏسي لڇي تڙپي ۽ روئي ڏنو. هو پنهنجي ڌرتيءَ کي پنهنجِي همت، جرئت ۽ طاقت آڇي، هر بغاوت لاءِ تيار رهيو. هو پنهنجيءَ ڀونءِ کي عظيم کان عظيم تر ڪوٺي ٿو. ان دور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ پيش ڪيل اهڙا ويچار بلڪل نڪورا هيا، اهو لهجو دل کي ڇهندڙ ۽ عام ماڻهوءَ کي قابلِ قبول هيو.
امداد حسيني تنوير جي ڪتاب “سج تريءَ هيٺان” جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته “تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي، تنوير جي اندر مان شعر ائين ڦٽي ٿو نڪري، جيئن ٿڻن مان ٿڃ جو گوهو اڇو اجرو ۽ مقدس..... ڇلڪندڙ کوکلن لفظن جي ميڙ ڪٺي ڪرڻ ۾ هن جو ڪو به چاهه ناهي.” (16) تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري آهي. هن پنهنجي سوچ، فڪر، تصور ۽ تخيل کي هرو ڀرو گهٽيو نه آهي، بلڪه هن کي جيڪا ڳالهه صحيح محسوس ٿي آهي ته هن کلي عام چئي ڏني آهي.
سمنڊ جي اونهائي ڀي سچ،
شاعر جو سينو ٻي ڳالهه،
جيڪو سوچيندو، چوندو،
شاعر ڪيئن چوندو ٻي ڳالهه.
(شعر)
تنوير عباسيءَ ان دور ۾ شاعريءَ جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي تن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائيءَ کان علاوه خاص طور جاپاني شاعريءَ جي صنف هائيڪو ذڪر قابل آهن. تنوير عباسيءَ ڏانهن اهو به ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هو پهريون سنڌي شاعر هو جنهن هائيڪو کي پهريان ترجمن وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ متعارف ڪرايو ۽ پوءِ وري سنڌيءَ ۾ اصلوڪا هائيڪو لکيا. موضوع توڙي فن جي لحاظ کان سندس ڀرپور هائيڪو ان دور ۾ اسان جي سامهون آيا. اهڙن هائيڪن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿا:
جرڪيو اهڙي ريت،
اونداهه ۾ ڄڻ ڪا کنوڻ،
منهنجو روشن گيت.
هوريان وهندڙ واهه،
پاڻيءَ تي پاڇا لُڏن،
ترڪي وڃي نگاهه.
هي جي ساوا پن
۽ هو ڳاڙهيون پنکڙيون،
ڪنهن جا ويس ۽ ون.
ڪنهن جو چوريو چنگ،
۽ ڇرڪي آواز کان،
اڏري ويو هو ڪنگ،
(سج تريءَ هيٺان)
هائيڪو جو حُسن منظر نگاري آهي. ان ڪري بنيادي طور اها عڪسي شاعري آهي. تنوير جي مٿين هائيڪن ۾ به اهي ئي عڪس ۽ اولڙا نظر اچن ٿا. پهرين هائيڪي ۾ پنهنجي روشن گيت کي اوندهه ۾ چمڪندڙ کنوڻ سان تشبيهه ڏئي ٿو، يعني گيت جيڪو هڪ غير مادي چيز آهي، کي فطرت جي لقاءَ سان گڏائي پيش ڪري ٿو. ٻئي ۾ جماليات سان ڀريل منظر پيش ڪندي هوريان وهندڙ واهه تان لڏندڙ پاڇن تان نگاهه جي ترڪي وڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ٽئين ۾ ساون پنن ۽ پنکڙين کي ڪنهن جا ويس ۽ ون سڏي حسن ۽ رنگن جي دنيا پَسائي ٿو ته چوٿين ۾ وري چنگ جي آواز تي ڪنگ جي اڏرڻ جو حسين منظر چٽي ٿو. اهي سمورا هائيڪا منظرن ۽ آوازن جو جھرمٽ محسوس ٿين ٿا. تنوير عباسي نه فقط اصلوڪي هائيڪو جي موضوعي ۽ فني تقليد ڪئي، پر ان حوالي سان نئون تجربو ڪندي ان ۾ جذبات نگاري به ڪئي آهي. بعد ۾ انهن هائيڪن ۾ ڪن شاعرن گهاڙيٽي جي لحاظ کان به تبديليون آنديون، جن کي اڳتي هلي ٽيڙو يا ٽه سٽو سڏجڻ لڳو، تنوير جي اهڙن موضوعي ۽ فني تبديليءَ وارن هائيڪن (ٽيڙن) ۾ هيٺيان ڳڻائي سگهجن ٿا:
تون آهين ڪوگيت
لڇندي منهنجي روح ۾،
جاڳائي سنگيت.
تون آهين سا ٻاجهه،
هر ماڻهو مظلوم لئه،
جا وجهندي آ واجهه.
ماڻهو ڪورئيڙي مثال آهي،
پاڻ مان نڪري جا ڪڍي ٿو ڄار.
جنهن ۾ ٿو پنهنجو پاڻ ڦاسائي.
جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو ته تنوير عباسي ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ ٻوليءَ، موضوع توڙي اسلوب جي حوالي سان روايتي شاعريءَ کان بغاوت ڪئي. ان سلسلي ۾ ان دور ۾ تنوير جي شاعريءَ جي ٻوليءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ان ۾ نج سنڌي لفظن جو خوب استعمال نظر اچي ٿو ۽ اوپرائپ جو احساس ڪٿي به محسوس نٿو ٿئي. ان دور واري شاعريءَ ۾ هو جوت، هوت، ڳڻ، ڳڀرو، نينهن، ساڻيهه، اجهل، ڪهل، ڪانئر، پرين، پرڀات، سانجهه ۽ سرتيون جهڙا خوبصورت لفظ استعمال ڪري ٿو. نج ٻوليءَ ۽ حسين استعارن جي استعمال توڙي معنوي ندرت جي حوالي سان خاص طور ان دوران سندس لکيل “سرُ ڪيڏاري” جا بيت ڏاڍا اهم آهن. هتي نموني طور انهن مان ڪجھ ڏسو.
ڌڌڪا دونهان ڌڪ، چوٽون چيٽون چوطرف،
سوڀارا ٿيندا اهي، جي نه لکائن لڪ،
آهي مونکي پڪ، ماڻيندا اهي ماڳ کي.
(شعر)
هيءُ واريءَ جو ڪوٽ ۽ هوءَ مکڻ جي ماڙي،
ٻرندا ائين جيئن ٽهي وڃي، تاڙيءَ سان آڙي،
ڏيئي اماڙي، ساڙيو جهوني ڪوٽ کي.
(هيءَ ڌرتي)
ويريءَ سان وڙهي، آيو جنهن جو ڪانڌ آ،
سا وَني گل گلاب جيئن، آهي پئي ٽڙي،
سرتيون سڀ مڙي، ڏين مبارڪ ان کي.
(هيءَ ڌرتي)
مٿيان بيت ڪنهن به ريت ڌاريائپ جو احساس نه ٿا ڏين، نه ٻوليءَ جي لحاظ کان ۽ نه ئي موضوعن جي لحاظ کان. اهي بيت نج سنڌي ٻوليءَ ۽ خوبصورت شعري لفظيات جو مظهر آهن. انهن ۾ رومانويت ناهي پر رزميت آهي، ويڙهه، جنگ ۽ جوڌن جي ڳالهه آهي، بغاوت ۽ انقلابيت جو سنيهو آهي.
تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ جي ٻئي دور ۾ “سُرڪيڏارو” جي سِري هيٺ پنهنجن ٽنهي شعري مجموعن ۾ وايون ۽ بيت آندا آهن. جن جو موضوع ڌرتي، قوميت، بغاوت، مزاحمت ۽ آزادي آهي. هن انهيءَ سُر ۾ ظلم ۽ تشدد جو شڪار ٿيل سنڌ جي اهڙن جوڌن ۽ شهيدن کي به خراج پيش ڪيو آهي. جن هوشوءَ واري نعري “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون” تي عمل ڪندي پنهنجي سرن جو سودو ڪيو. ملڪ نديم، تنوير جي سُر ڪيڏاري جي حوالي سان لکي ٿو ته “تنوير سنڌي قوم جي آزارن کي آڏو رکندي مزاحمتي شعور سان ڀرپور “سُر ڪيڏارو” تخليق ڪيو.” (17)
رومانيت شاعريءَ حسن ۽ جوهر آهي، ان ڪري اهو موضوع ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪڏهن به ختم نه ٿيو آهي. جيسيتائين انسان ۽ محبت جو احساس موجود هوندو تيسيتائين اهو موضوع تازو رهندو. ها باقي ان جي اظهار جو انداز تبديل ٿي سگھي ٿو. تنوير عباسيءَ جي هن دور واري شاعريءَ ۾ به ٻين موضوعن سان گڏوگڏ سندس پهرئين دور واري شاعريءَ وانگر رومانوي موضوع پڻ ڀرپور نموني ملن ٿا، پر هن دور ۾ ٻوليءَ ۽ اسلوب جي لحاظ کان سندس اظهار جو انداز ڪجهه مختلف آهي. هن جي غزلن ۾ ناسي اکڙين ۽ جاڙن ڀرون وارن ماڻهن کان وٺي دلبر جي ديدار تائين رومانويت جي جهلڪ ملاحظه ٿئي ٿي:
ناسي اکڙين وارا ماڻهو،
جاڙين ڀرون وارا ماڻهو،
منهنجي حياتي منهنجو جياپو،
منهنجي خوشي تو پارا ماڻهو.
(شعر)
تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان،
تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان.
توسان مان عشق جو اظهار ڪري،
تنهنجي حيراني ڏسڻ ٿو چاهيان.
(شعر)
جُهڙ ٿيو مينهن ٿو وسي سائين،
ڪوئي دل منهنجي ٿو کسي سائين،
ڀل چوي پوءِ چنڊ کي سهڻو،
پهرين منهنجو پرين پسي سائين،
هن حياتيءَ تي ڀروسو ٿي ويو،
پيار جي ئي ته ڀروسي سائين.
(شعر)
تنوير عباسيءَ جي اهڙي رومانوي شاعريءَ ۾ حقيقت نگاري ۽ اجھل پڻو چٽو نظر اچي ٿو. هو شاعريءَ کي حجاب جي پردن ۾ ڍڪي اظهارڻ نه ٿو چاهي نه ئي پنهنجي دل جي اڌمن کي دٻائي رکڻ پسند ڪري ٿو. هو پنهنجن خواهشن جو اظهار کلي عام ڪري ٿو ۽ اهڙي اظهار ۾ شاعراڻو حسن ۽ بيساختگي جھلڪي ٿي.
سادا، سهڻا، مٺڙا، آءُ چپن سان توکي لايان،
آءُ ته سمجھي بيت ڀٽائيءَ جو مان، توکي ڳائيان.
(شعر)
شرم ٻوٽي ڇهڻ سان ڪومائجي،
توکي هٿ لايان، تون ٽڙي ٿي پوين.
(شعر)
تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جي سلسلي ۾ مٿي ڪجهه مثال پيش ڪيا اٿم، انهيءَ حوالي سان سندس ٻيا به ڪيترائي غزل ۽ نظم پيش ڪري سگهجن ٿا. امداد حسيني لکيو آهي ته “تنوير وٽ ٻوليءَ جي اهميت صرف هڪ واٽ، هڪ وسيلي واري آهي ۽ بس. ۽ ان جي ڪارائتي ۽ بامقصد واهپي جي اهميت کان تنوير پوري ريت باخبر آهي.” (18) سليس ۽ سهڻي سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان تنوير جو هيٺيون رومانوي نظم “منهنجي دل ٿي چوي” خاص طور تي پڙهڻ وٽان آهي.
تنهنجي اکڙين جي روشن ڏيئن جي اڳيان،
ڪنڌ پنهنجو جهڪائي مان ويهي رهان،
تنهنجي ئي روشني ۾ مان توکي ڏسان،
ان کان ٻاهر جتي جوت ڪائي پسان،
منهنجي دل ٿي چوي سا وسائي ڇڏيان،
جا سوا پيار جي سوز جي ٿي ٻري،
منهنجي دل ٿي ٻري،
منهنجي دل ٿي چوي،
منهنجي دل ٿي چوي،
پيار جي اڻ لکي نرم ٿيان مان نظر،
ماڻڪين کي مان تنهنجي ڪيان پنهنجو گهر،
تنهنجي اکڙين جي ڳڙکين مان واجهون وجهان،
تنهنجي نظرن ۾ توريءَ ڏسان پاڻ کي.
منهنجي دل ٿي چوي.
منهنجي دل ٿي چوي.
(شعر)
مٿيون نظم ٻولي جي سلاست جي حوالي سان ئي نه پر رواني ۽ نغمگيءَ جي حوالي سان به دل لڀائيندڙ آهي. ان نظم ۾ اکڙين جا ڏيئا يا اکڙين جون ڳڙکيون جهڙا استعارا به آهن ته “پيار جي اڻ لکي نرم ٿيان مان نظر” جهڙي سٽ وسيلي اهو رومانوي احساس سان تار به نظر اچي ٿو. يا وري پرين کي نظرن ۾ تورڻ وارو اصطلاح به ڏاڍو وڻندڙ آهي.
مجموعي طور تنوير عباسيءَ جي ٻئي دور (ترقي پسند دور) واري شاعري پنهنجن موضوعن توڙي ڊڪشن جي لحاظ کان نهايت جديد ۽ ڀرپور نظر اچي ٿي. هن دور ۾ سندس شاعريءَ تي ترقي پسند تحريڪ واري ڇاپ صاف ظاهر آهي. ان دوران هن جيڪا قومي ۽ انقلابي شاعري لکي، ان کي ڀرپور موٽ ملي. ون يونٽ تحريڪ واريءَ جدوجهد دوران سندس مزاحمتي شاعري هن دور جو اهم باب آهي. ٻين شاعرن سان گڏوگڏ تنوير عباسي هن دور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ موضوع، ٻولي توڙي هئيت جا ڪامياب تجربا ڪيا ۽ هن هڪ جديد ۽ ترقي پسند شاعر طور پاڻ مڃرايو.
[b]3. جديد دور جي شاعري
[/b]تنوير عباسيءَ جي ٽئين دور (جديد دور) واري شاعري 1986ع کان 1996ع تائين يعني ڏهن سالن جي عرصي تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ تنوير جو انتقال 1999ع ۾ ٿيو، پر پوين ٽن سالن ۾ شاعريءَ طرف سندس گهٽ لاڙو رهيو ۽ جيڪڏهن ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ شعر لکيائين به ته اهي منظر عام تي اچي نه سگهيا. ان ڪري هتي 1996ع تائين هن جي جيڪا شاعري منظر عام تي آئي، ان جو جائزو پيش ڪبو. پوين ڏهن سالن ۾ تنوير جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا اسان جي سامهون آيا، جن ۾ 1. تنوير چئي 1989ع ۾ 2. ساجن، سونهن، سرت 1992ع شامل آهي. پهرئين مجموعي ۾ 1985ع تائين ڇپيل چارئي ڪتاب ۽ ٽي سال وڌيڪ يعني 1988ع تائين جي شاعري شامل آهي. جڏهن ته ٻئي ڪتاب ۾ 1988ع کان 1996ع تائين جي شاعري شامل آهي.
تنوير عباسيءَ جي جديد دور واري شاعريءَ کي الڳ ڪرڻ جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ان دور ۾ هن ڪو پنهنجي شاعريءَ ۾ ترقي پسند فڪر کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، ها البته ايترو ضرور آهي ته ان دوران سندس شاعريءَ ۾ موضوع ۽ هيئت جون وڌيڪ تبديليون آيون آهن. تنهنڪري تنوير جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ اسان جي سامهون اچي ٿو.
تنوير عباسي جي چوڻ مطابق “هر دور جي شاعري ان دور لاءِ جديد هوندي آهي” (19) هو پنهنجي مضمون “جديد سنڌي شاعري” ۾ لکي ٿو: “هر دور ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇڻي وينديون آهن، ته وري ڪن نين روايتن جو بنياد پوندو آهي. موت سدائين زندگيءَ جي خوراڪ رهيو آهي. نه فقط مادي دنيا ۾ زندگي موت جي سهاري ٿي پلجي، پر ذهني دنيا ۾ پڻ ڪي ادبي نظريا مرجهايو ۽ مريو وڃن ته ڪي جيئرا اٿن. هڪ افق تي ڪيئي سج نڪرن. ٺاهه ۽ ڊاهه فطرت جو ازلي اصول آهي.” (20) ساڳئيءَ طرح تنوير جي شاعريءَ ۾ پڻ وقتاَ فوقتاَ اهو تغير ۽ تبديلي ايندي رهي. فني ۽ فڪري حوالي سان سندس ان دور واري شاعري ڏاڍي خوبصورت آهي. اياز گل، سندس آخري دور واري شاعريءَ متعلق ڪجهه هن طرح پنهنجا ويچار ونڊي ٿو: “فطرت ۽ محبت جي شاعر طور سڃاپجندڙ تنوير عباسيءَ جي شاعري پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جيان اڄ به جذبا جاڳائيندڙ ۽ من ڪتڪائيندڙ آهي، خيالن جي اڏام اتاهين کان اتاهين ۽ فن جي گهرائي پاتالن تائين پهتل. فطرت جي سونهن جي سندس شاعريءَ ۾ موجودگي ڊسمبر جي صبح ۾ اس جي تڙڪي وانگر وڻندڙ ۽ مزو ڏيندڙ آهي. تنوير ڌرتيءَ جو شاعر آهي. ڌرتيءَ جي ماڻهن جو شاعر آهي، دل وارو آهي ۽ دل وارن جو شاعر آهي.” (21)
تنوير عباسيءَ جي آخري دور واري شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ موضوعاتي حوالي سان ڪٿي ڪٿي هن جي روايتي شاعريءَ ڏانهن موٽ به نظر اچي ٿي، پر هن پنهنجي فنڪاراڻين صلاحتين سان انهن پراڻن موضوع کي به سهڻي ۽ سليس ٻوليءَ جو لباس پارائي اظهار جي نئين قالب ۾ وجھي جيڪا جدت بخشي آهي، ان جو جواب ناهي، سندس واين مان ئي مثال ڏسو:
تنهنجي نيڻ نهار، جهڙي مند بهار،
کڻ اکيون کل يار !!!
وهه وهاٽيل تو بنا، لڳي سڄو سنسار،
کڻ اکيون کل يار !!!
(سجن، سونهن، سرت)
رات جي راڻي رات جو سرهي،
سڄڻ سدا سرهاڻ
هي سڳنڌ سندا اوٻارا،
اچڻ سندا اهڃاڻ
(ساجن، سونهن، سرت)
آمهون سامهون ويهي، تو تنوير سان ٻوليو،
جرڪيو جرڪيو جيئڙو.
(ساجن، سونهن، سرت)
تنوير عباسيءَ جي پهرئين دور واري فارسي زده شاعريءَ ۾ محبوب جي سراپا، سندس ناز، ادا، مرڪڻ، شرمائڻ، ۽ نظرن جي گهاون سان گڏوگڏ درد و الم ۽ آه و فغان جو تذڪرو چوٽ تي نظر اچي ٿو. تنوير ان وقت اهڙي قسم جا ڪيترائي شعر چيا. مثال:
وڃي ٿي غرق غم دو جهان جنهن ۾ اي دوست!
جهانِ غم ۾ اٿم اهڙي چشمِ تر جي تلاش،
(رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)
غم ڏيڻ آهي تنهنجي ئي وس ۾
اشڪ هارڻ ته منهنجو ڪم آهي
(رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾)
جديد دور واري شاعريءَ ۾ پڻ تنوير غم ۽ الم جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ درد سان ڀرپور غزل لکيا آهن، پر انهن کي پڙهڻ سان نج سنڌي ٻوليءَ جي سرهاڻ پئي محسوس ٿيندي ۽ لفظ لفظ گلاب جيان پيو ڀاسندو. “ساجن، سونهن، سرت” مان تنوير جو هي غزل ڏسو.
ايترا لڙڪ ڪو اگهي نه سگهي،
گهاو ايڏا جو ڪو سبي نه سگهي.
درد ايڏا جو ڪو ڳڻي نه سگهي،
بار ايڏا جو ڪو کڻي نه سگهي،
دل ۾ ايڏيون ته ڳالهيون آهن،
جي ٻڌايان ته ڪو ٻڌي نه سگهي،
هن سان ايڏي ڪجي محبت جو،
جي رسڻ چاهي ته به رسي نه سگهي،
ٻيا سڀئي داغ ڌوپجي ٿا وڃن
درد جو داغ ڌوپجي نه سگهي.
(ساجن، سونهن، سرت)
شاعريءَ جو اهو لهجو جديد آهي. مٿين غزل ۾ ڳالهه ته غزل جي روايتي موضوع سان لاڳاپيل آهي پر ان ۾ ڪو به لفظ اجوڳو ۽ اوپرو محسوس نه ٿو ٿئي. اهي احساس هزارين شاعرن پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيا هوندا ته تنوير عباسي انهن کي بلڪل پنهنجو لهجو ڏنو آهي، ان لهجي جي سونهن ۽ اظهار جي جديد انداز ئي سبب ئي هن جديد شاعرن ۾ اهم مقام ماڻيو.
تنوير عباسي سچل جي نگريءَ جو پانڌيئڙو هو، ان ڪري منڍ کان وٺي مٿس صوفياڻو رنگ ڇانيل نظر اچي ٿو. هن ان سٽ کي چڱيءَ پر پرکيو هو ته “صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو” هو سچل واري واٽ وٺندي “جو ئي آهيان سو ئي آهيان” وارو نعرو به هڻندي نظر اچي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڏاڍو بيباڪي وارو اظهار ڪري ٿو. هن وٽ “سبحاني ما اعظم شاني” وارو ورجاءُ ان سرمستيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪا سنڌ ۾ سچو جي ئي سڃاڻپ هئي.
مان ئي آهيان پنهنجو جاني،
سبحاني ما اعظم شاني.
(هيءَ ڌرتي)
تنوير عباسيءَ جي جديد دور واري شاعريءَ ۾ پڻ صوفياڻي فڪر جو ڪافي رنگ ملي ٿو ۽ هو تصوف جي عميق ساگر ۾ غرق نظر اچي ٿو.
آءٌ اُگهاڙو آهيان ڇو جو،
ويس دوئيءَ جا لاهيان ٿو.
(ساجن، سونهن، سرت)
وڄون منجهه وجود، آهن آديسين جي،
نه ڪو ڪن رڪوع ۽، نه ڪو ڪن سجود،
پنهنجو پاڻ ئي غيب سي، پنهنجو پاڻ شهود،
جي آهيان موجود مان، آهي حق موجود،
تون ڀي لامحدود، مان ڀي لامحدود.
(ساجن، سونهن، سرت)
اها حق موجود جي صدا، غيب ۽ شهود جون ڳالهيون ۽ لامحدوديت جون رمزون خالص تصوف جا اصطلاح آهي، جن کي تنوير جديد فڪر سان ڳنڍي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. صوفي محبت جا پيغامبر هوندا آهن، سندن دليون دوئيءَ جي دز سان ميريون نه هونديون آهن. هو محبت کي ئي سڀ کان وڏي عبادت تصور ڪندا آهن. بقول تنوير:
نه ڪا رياضت نه ڪا عبادت،
رڳو محبت، رڳو محبت.
(ساجن، سونهن، سرت)
ڊاڪٽر اياز قادري، تنوير عباسيءَ جي غزلن تي راءِ ڏيندي لکي ٿو: “هن جي غزلن جي ٻولي ڌارين لفظن کان پاڪ هوندي آهي جنهن ڪري سندس غزل ۾ ميٺاج ۽ دلڪشي آهي، سندس خيالن ۾ پرهه ويل ٽڙيل ٽانگر جي گلن جهڙي دلفريبي آهي.” (22) فني حوالي سان تنوير جي غزلن جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته تنوير غزل ۾ نواڻ آندي آهي. خاص طور هن ننڍي بحر ۾ نهايت خوبصورت غزل لکيا آهن. جيتوڻيڪ اهڙا غزل سندس ٻئي دور واري شاعريءَ ۾ پڻ ملن ٿا، پر خاص طور ٽئين دور واري شاعريءَ ۾ اهڙن غزلن جو تعداد وڌيڪ نظر اچي ٿو. اهڙن غزلن جي نئين ٽهيءَ جي نوجوانن پڻ تقليد ڪئي آهي ۽ سهڻا غزل سرجيا آهن. تنوير جو ننڍي بحر ۾ لکيل هڪ خوبصورت غزل ڏسو:
مون ته گلاب لڳايا آهن،
پوپٽ پاڻهي آيا آهن،
پيار جا سانگ سجايا آهن،
ٻيا سڀ ڪم اجايا آهن،
تنهنجا ٽهڪ گلن جي صورت،
بسنت رت ورجايا آهن،
سو مجبوريءَ جا افسانا،
تنهنجيءَ سانت ٻڌايا آهن.
(ساجن، سونهن، سُرت)
اهو اظهار جو نج ۽ نئون قالب آهي، اِها اُها تازگي آهي، جيڪا جديد سنڌي شاعريءَ جي سڃاڻپ بڻي. تنوير جديد سنڌي شاعرن جي ان سٿ، جنهن سنڌي غزل کي گيڙو ويس غزل بڻايو ۾ ان ڪري معتبر نالو آهي جو هن فن ۽ اظهار جي ان روايت کي اڳتي وڌايو ۽ شاعريءَ جي موضوعن ۽ نئين ڪرافٽنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ جي پوئين دور ۾ جاپاني صنف هائيڪو ۾ ڪافي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ٻين صنفن سان گڏوگڏ خوبصورت منظر نگاريءَ وارا ڪيترائي هائيڪو لکيا آهن. اصل ۾ تنوير عباسي ئي اهو ليکڪ هيو جنهن پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ ۾ هائيڪو ترجمو ڪيا ۽ ان جي فن جي ڄاڻ ڏني. هو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هائيڪو بابت ٻڌائي ٿو ته “ هائيڪو هڪ مختصر صنف آهي، جيڪا صرف جھلڪ ٿي ڏيکاري، ڪنهن به شي جي تفصيل ۾ نه وڃي. هائيڪو شاعريءَ جي تشبيهه جاپاني شاعريءَ جي پينٽنگ سان ڏني وئي آه. جاپاني پينٽنگ ۾ رڳو خاڪا يا آئوٽ لائين هوندي آهي، ته هائيڪو به اوهان کي هڪ خاڪو ڏئي ٿو.” (23) هيٺ سندس ئي لکيل ڪجھ هائيڪن ۾ اهڙا خوبصورت خاڪا ڏسو:
آيو اونهارو،
پنکڙيون ڇڻنديون ويون،
ڦٽڻ لڳو ميوو.
واهه ۾ تڙڳن ٻار،
اڀ تي ڳاڙهو سج آ،
پرتي لال ليار.
پن ڇڻ جي سانجهي،
دز رليل ڪرڻا هئا،
هر شيءِ ميرانجهي.
نوريئڙو ڊوڙيو،
ٽار لڏي ٻير جي،
پڪل ٻير ڪريو
(ساجن، سونهن، سرت)
مٿيان سمورا هائيڪا پنهنجي نج سڃاڻپ يعني منظرنگاري جي حوالي سان شاندار هائيڪا آهن. هر هائيڪي ۾ هڪ دل ڇهندڙ منظر آهي ۽ اهي منظر فطرت جي هنج مان کنئيل آهن. بهرحال منظر نگاري ۽ محاڪات جيڪا هائيڪو جو حسن آهي ان سان تنوير سٺو نڀاءُ ڪيو آهي.
تنوير عباسيءَ جي جديد دور واري شاعريءَ جا نظم به پنهنجي خوبصورت ٻوليءَ ۽ گهاڙيٽن جي اعتبار کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندس هن دور واري شاعريءَ ۾ ڇرڪائيندڙ موضوعن وارا ڪيترائي نظم پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. اهڙن بهترين نظمن ۾ “مسجد مندر“، “حضرت عيسيٰ“، “مذهب مسلڪ” وغيره ڳڻائي سگهجن ٿا.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي نئين دور واري شاعريءَ ۾ انقلابي زبان کان وڌيڪ صوفياڻي محبت وارو لهجو ۽ رومانوي رنگ جهلڪي ٿو. ان دوران هن سنڌي شاعريءَ جي مختلف صنفن تي جيڪا طبع آزمائي ڪئي، ادب جي گهڻ گهرين ان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ائين سندس شاعراڻي جوت ۾ اڃا اضافو آيو. مولانا غلام محمد گرامي، تنوير عباسيءَ جي سموري شاعريءَ تي مجموعي تبصرو ڪندي پنهنجي تاثر ۾ لکي ٿو: “تنوير پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هر صنف کي حسين کان حسين بڻائڻ جي سلسلي ۾ جي فني تجربا ڪيا آهن، انهن کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي. ان لحاظ کان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳهه ملي چڪي آهي. محبت، باهمي اخوت، انسانيت، عام جو تصور ۽ حب الوطني سندن فن جا مکيه عناصر آهن. اهي ئي قدر آهن جن کي عالمي قدر چيو ويو آهي. جي سندس شاعريءَ جي جان آهن.” (24)
هن اڀياس مان اسان کي معلوم ٿيو ته هر شاعر الڳ الڳ دورن مان گذرندي ارتقائي سفر طئي ڪري ٿو ۽ آهستي آهستي سندس فڪر ۽ فن ۾ ندرتون اچن ٿيون. هن مطالعي کان پوءِ اسان چئي سگھون ٿا ته تنوير عباسي سنڌي شاعريءَ جي ارتقائي سفر ۾ اهم شاعر واري حيثيت رکي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ نه ته فڪر، تخيل ۽ تصور جي ڪمي آهي ۽ نه ئي اعلى قسم جي فن جي. اهو ئي سبب آهي جو نياز همايوني تنوير جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي لکيو هو ته: “سندس شاعريءَ ۾اهي سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون جيڪي ڪنهن شانائتي شاعريءَ ۾ جهلڪنديون آهن.” (25) تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ هڪ ئي وقت آمد ۽ آورد واريون خوبيون موجود هيون. هن پنهنجي شاعريءَ جي الڳ الڳ دورن ۾ جدا جدا موضوعن کي ڇهيو ۽ گڏ و گڏ فن جي پالوٽ پڻ ڪئي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ نوان تجربا به ڪيا ته نيون صنفون پڻ متعارف ڪرايون. هن جي شاعري قدامت کان جدت، فارسيت کان نج سنڌي لهجي تائين جي سموري سفر ۾ پنهنجي ڌار مقام رکي ٿي. تنوير عباسي وٽ تصوف، انسان دوستي ۽ وطن دوستي جهڙا موضوع عام جام ملن ٿا، هن جي شاعريءَ ۾ رومانويت، مزاحمت ۽ انقلابيت جو روح موجود آهي. هو شاعريءَ جي آرٽ ۽ ڪرافٽ کان چڱيءَ پر واقف هيو، ۽ کيس شعري فن ۽ نزاڪت جي پروڙ هئي. هن وٽ نيون تشبيهون، اصطلاح، استعارا، علامتون ۽ محاڪات موجود ملن ٿا. هن جي شاعريءَ بابت تاج بلوچ جي هيءَ راءِ ڏاڍي وزنائتي آهي ته “جديد سنڌي شاعريءَ کي جيڪڏهن بيوس ٺاهيو ۽ نئون موڙ ڏنو ته ان کي اجارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شيخ اياز کان پوءِ جيڪو نانءُ چٽائيءَ سان اڀريل نظر اچي ٿو اهو آهي تنوير عباسي.” (26) تنوير عباسي جي شاعريءَ جي مجموعي مطالعي مان اسان اهو نتيجو ڪڍي سگھون ٿا ته هو جديد سنڌي شاعرن جي صف جو هڪ اهم شاعر هيو، جنهن جو ڪلام گھڻ رخو، گھرو ۽ جديد آهي.
[b]حوالا[/b]
1. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” انٽرويو (رڳون ٿيون رباب) انٽرويو وٺندڙ: انعام شيخ، اياز گل ـــ 15 جنوري 2000 ص 14
2. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” تاثر، قمر شهباز 15 جنوري 2000ع، ص 20
3. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” انٽرويو (رڳون ٿيون رباب) انٽرويو وٺندڙ: انعام شيخ، اياز گل ـــ 15 جنوري 2000 ص 15
4. امداد سحر، “تنوير عباسيءَ جي پنهنجي اصل ڏانهن مراجعت” ڪينجھر 4، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1990ع ص 156
5. بلوچ تاج، “لفظن جو ماتم“ڪلا اڪيڊمي ڪراچي
6. امداد سحر حوالو ساڳيو ص 157
7. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” انٽرويو (رڳون ٿيون رباب) انٽرويو وٺندڙ: انعام شيخ، اياز گل ـــ 15 جنوري 2000ع ص 14 (هي انٽرويو ان کان اڳ 1990ع ۾ ماهوار پروڙ ۾ ڇپيو)
8. ساڳيو
9. عباسي تنوير “رڳون ٿيون رباب” آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد، سنڌ، ٻيون ڇاپو 1979ع ص 7
10. ساڳيو ص 10
11. ساڳيو ص 9
12. ساڳيو ص 10
13. عزيز احمد ڊاڪٽر “ترقي پسند ادب“
14. انور سديد ڊاڪٽر “اردو ادب ڪي مختصر تاريخ” ص ...
15. ڪريمي غفور، حوالو ساڳيو
16. عباسي تنوير “سج تريءَ هيٺان” (مهاڳ: ڪوتا مارڳ: پٿون پير ــ امداد حسيني)، نذر سنز لميٽيڊ حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1977ع ص 12
17. گل اياز (چونڊ ۽ ترتيب) “زندگي گھارجي مرڪي مرڪيِ” (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي خاص اشاعت، ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي ــ شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ 25 نومبر 2000ع، ص 9
18. عباسي تنوير “سج تريءَ هيٺان” (مهاڳ: ڪوتا مارڳ: پٿون پير ــ امداد حسيني)، نذر سنز لميٽيڊ حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1977ع، ص 15
19. عباسي تنوير “ترورا” سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد، 1988ع، ص 51
20. ساڳيو ص 51
21. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” جي ماريا نه موت (مضمون) اياز گل ـــ 15 جنوري 2000 ص 25
22. گل اياز حوالو ساڳيو ص 8
23. ڪريمي غفور (ايڊيٽر) پندرنهن روزه “عبرت مئگزين” انٽرويو (رڳون ٿيون رباب) انٽرويو وٺندڙ: انعام شيخ، اياز گل ـــ 15 جنوري 2000ع ص 17
24. گل اياز حوالو ساڳيو، ص 8
25. عباسي تنوير “رڳون ٿيون رباب” تنوير جي شاعري ـــ نياز همايوني، آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد، سنڌ، ٻيون ڇاپو 1979ع، ص 12
26. گل اياز حوالو ساڳيو، ص 9
27.
نوٽ: هن مقالي ۾ تنوير عباسي جي شاعري سندس هيٺين شعري مجموعن مان ورتل آهي.
1. رڳون ٿيون رباب (ڇاپو پهريون)، 1958ع.
2. شعر (ڇاپو پهريون)، 1970ع.
3. سج تريءَ هيٺان (ڇاپو پهريون)، 1977ع.
4. هيءَ ڌرتي (ڇاپو پهريون)، 1985ع.
5. تنوير چئي (ڇاپو پهريون)، 1989ع.
6. ساجن، سونهن، سرت، تنوير عباسي، (ڇاپو پهريون)، 1996ع.
(تنوير عباسي جي ورسيءَ جي مناسبت سان 2002ع ۾ لکيل، جيڪو 2003ع ۾ “ڪلاچي” تحقيقي جرنل ۾ شايع ٿيو.)