اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿَ
مونکي خيرپور جي اها رات اڃا به چٽي طرح ياد آهي، جنهن رات جاني منهنجي اڳيان پنهنجي جيون ڪٿا جا تاڪيا کوليا هئا. ان ڪٿا ۾ درد هيو، سڏڪا هيا، محروميون هيون. هن اها ڪٿا ڏوڪري کان شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ هن جو ٻال پڻو هيو. ان ڪٿا ۾ نئين ديري جا پراڻا ورق به هئا ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل انسانن جون ڪيهون پڻ. جانيءَ اها ڪهاڻي نَم نيڻن سان ٻڌائي هئي ۽ منهنجو من به ڀِڄائي رکيو هو. هاڻي ان ڪٿا تي سوچيندي جڏهن اياز جانيءَ جي شاعري پڙهان ٿو ته گھڻو تڻو مونکي اها سندس زندگيءَ جو پوتاميل ڀاسي ٿي.
سدا پرواز ۾ آهي
پکي زخمي حياتيءَ جو.
سدا سڙندو سدا رَڙندو
رهيــو آواز ۾ آهـي
پکي زخمي حياتيءَ جو.
ميٿيو آرنلڊ چيو هو ته “شاعري جذبات جي اظهار جو بهترين اوزار آهي.” جذبو شاعريءَ جو روح آهي تنهنڪري ڪيبل شاعريءَ کي ڀرپور جذبن جي اظهار جو ذريعو ڄاڻائي ٿو. اهڙي طرح تخيل شعر جو حسن آهي. تنهنڪري شاعري جذبات ۽ تخيل جي ميلاپ جو نالو آهي. هڪ شاعر ٻن درياهن جو ناکئو آهي. پهريون داخليت ٻيو خارجيت. اياز جاني جي شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو ان داخلي ڪائنات کي کولي ٿو ته ٻيو خارجيت جي اثرن کي پڌرو ڪري ٿو. ڇوته فرد خود به خارج جو حصو ٿئي ٿو، تنهنڪري اهي ٻئي حالتون هڪ ٻئي سان سلهاڙيل به ٿين ٿيون. ان ڪري شاعريءَ کي زبردستي انهن ٻن خانن ۾ فٽ نه ٿو ڪري سگھجي، جيئن گڏ وهندڙ ٻن درياهن جي وچ ۾ ديوار نه ٿي ڏئي سگھجي تيئن داخليت ۽ خارجيت جي سرحدن کي به هڪ ٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. داخلي شاعري جيتوڻيڪ وڏي حد تائين شاعر جي ذاتي تجربن، احساسن ۽ جذبن جي عڪاسي ڪندي آهي پر ڇو ته ان ۾ هڪ عام انسان جي جذبن کي ئي نظم ڪيو ويندو آهي انهيءَ ڪري اها ذات کان ڪائنات يا داخل کان خارج جو سفر طئي ڪندي آهي. يورپ ۾ بائرن اهڙو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي نظر ۾ “انانيت” جي وڏي اهميت هئي پر پوءِ به سندس شاعريءَ ۾ آفاقيت موجود هئي، جنهن انقلابي دور ۾ سڄي يورپ کي ڌوڏي ڇڏيو هو.
ننڍي کنڊ ۾ ‘غزل’ داخلي شاعريءَ جو حسين مثال آهي، جتوڻيڪ جديد سنڌي غزل ۾ هڪ وسيع خارجي ڪائنات به نظر اچي ٿي پر حقيقت ۾ غزل جي الڳ الڳ شعرن ۾ منتشر خيال داخلي ۽ خارجي ڪائنات کي هڪ مالها ۾ ڳنڍڻ جو ڪم به ڪن ٿا. اياز جاني جو غزل، جنهن تي اسان کي تفصيل سان ڳالهائڻو آهي پڻ انهيءَ ڌارا ۾ سفر ڪري ٿو.
شاعريءَ جي منطقي ۽ عروضي وصف ۾ فرق آهي. “شاعريءَ جي منطقي وصف اها آهي ته اها ماڻهن جي دلين ۾ خاص تاثر پيدا ڪري. اهلِ منطق شعر جي معنوي پهلوئن کي سامهون رکندا آهن، علم عروض جا ماهر وزن، قافيي يا شعر جي ظاهري تعريف ۽ تحسين تي اڪتفا ڪن ٿا. يعني عروض وارن وٽ شعر ۾ وزن هجڻ ضروري آهي جڏهن ته منطق جا صاحب چون ٿا ته ان ۾ اثر هجڻ ضروري آهي...... ان لحاظ کان جيڪڏهن ڪوئي ڪلام موزون هجي پر بي اثر هجي ته اهو عروض جي لحاظ کان شعر هوندو پر منطقي لحاظ کان ان کي شعر نه چئي سگھبو.” (1) تنهنڪري سٺي شاعري ان کي سمجھڻ کپي جنهن ۾ ٻئي يعني منطقي ۽ عروضي / ڇند جون خوبيون هجن. اسان سولي سنڌي ۾ ان کي ڏات ۽ ڏانءُ سڏيندا آهيون. حقيقت اها آهي ته “شاعري بهترين لفظن جي بهترين ترتيب جو نالو آهي. جيئن عام طور چيو ويندو آهي ته "Poets are in love with words" ان جو مطلب اهو آهي ته شاعرُ لفظن جي Full potential کي استعمال ڪندو آهي. کيس لفظن جي وسيلي پيڪر سازي [Image making capacity of language] جو فن ايندو آهي. اهو ئي فن اسان جي جذبات کي جاڳائيندو آهي ۽ اسان جي ٻڌندڙ کي لطف پهچائيندو آهي. اڪثر ڪري (ڪو سٺو) شعر پڙهندي يا ٻڌندي ئي اسان ڦڙڪي پوندا آهيون. ان جو سبب اها جمالياتي توانائي [Aesthetic energy] آهي جيڪا زبان جي تخليقي استعمال ۾ لڪل هوندي آهي. جدلياتي لفظَ يا تشبيه، استعارو، ڪنايو، علامت وغيره جي ڪري تخليقيت ۾ حسن پيدا ٿيندو آهي ۽ شاعري قافيه پيمائي بدران معنى آفريني بڻجي ويندي آهي. ابهام ۽ مبالغي جو اگر مناسب استعمال ڪيو وڃي ته اهي شاعريءَ جي لاءِ فائديمند آهن. انهن خاصيتن سان گڏ اهو به ياد رکڻ گھرجي ته شعر جي لاءِ بنيادي شرط تخيل [Imagination] آهي. شاعر جي اندر جيڪڏهن تصور جي قوت [Fancy] موجود آهي ته تخليقي عمل ۾ اها کيس مدد ڏيندي آهي. ان ڪري شعر ۾ لفظن جي موزون ترتيب [Pattern] سان گڏ عميق تخيل هجڻ گھرجي. ڪيفيت ۽ احساس جي فراواني هجڻ گھرجي، شعري تجربو هجڻ گھرجي، شعريت هجڻ گھرجي. ورنه شعر فقط لفظن جو گورک ڌنڌو رهجي ويندو. ان ۾ جسم ته هوندو پر ان مان جان فنا ٿي ويندي.” (2) شاعريءَ جي تاريخ ۾ اسان کي اهڙا انيڪ بي مقصد ۽ بي جان شعر به ملندا جن جي ڪا به وقعت ناهي ۽ نه ئي شعري تاريخ ۾ ڪا حيثيت.
انهيءَ سموري پس منظر ۾ اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته ‘اياز جاني جي شاعري ڪٿي بيٺي آهي؟’ ان ۾ فن، تخيل ۽ جذبي جي ڪيتري آميزش آهي ۽ منجھس نئين خيال، احساس ۽ ادراڪ جي اظهار جي قوت ۽ شعري مبالغي، ابهام، استعاري ۽ تشبيهه جي حسناڪي ۽ اسلوب جي رنگيني ڪيتري آهي؟ ان ۾ لفظي ترڪيب، تلميح ۽ تجريديت جا گڻ موجود آهن يا نه؟ منجھس فڪري گوناگونيت ۽ سماجي شعور توڙي آمد ۽ آورد جو سنگم موجود آهي يا نه؟ اهي ۽ اهڙا سوال ئي منهنجي هن اڀياس جو احاطو ڪن ٿا ۽ انهن سوالن جي جوابن پڄاڻان ئي اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿ ممڪن ٿي سگھندي. هن اڀياس لاءِ مون هتي سندس شاعريءَ جي پهرين سهيڙ “دراوڙ دل جي تنهائي” تي انحصار ڪيو آهي.
مان سمجھان ٿو ته “دراوڙ دل جي تنهائي” نه رڳو جاني جو هڪ تخليقي، فڪري ۽ حسي تجربو آهي پر ان ۾ هڪ عهد جو دردُ احساس جي شدت سان موجود آهي. هن جي هيءَ شاعري پڙهندي مونکي منجھس موجود عصري صداقت ۽ شاعراڻي نزاڪت بيحد موهيو ۽ متاثر ڪيو.
جڏهن مون جاني جو اهو شعري مجموعو پڙهي پورو ڪيو ته مون کي محسوس ٿيو ته اڪيلائي، تنهائي، نراسائي، اُڃ، ٻاٽ ۽ لاٽ هن جي شاعريءَ جا اهڙا استعارا آهن، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ وري وري اڀري اچن ٿا.
ڏيل ڏياٽيون ٻاٽ ۾،
نيڻ ڪري ڏيئڙا
اڄ به اڃارا پنڌ ۾.
مونکي اياز جاني جي شاعري پڙهي لڳو ته هن جي من ۾ هڪ عجيب اُڃ، تڙپ ۽ تلاش آهي. هن جي اها تلاش به ناتمام آهي، ڇوته هن جي تلاش زمين جي ڇيڙن کي ڇهڻ تي ختم نه ٿي ٿئي، بلڪه هن جو وجود آسمانن جي وسعتن تائين وڃڻ لاءِ آتو آهي. ۽ هو جڏهن هيج مان هلندي اکڙيون پير ڪري آسمانن ڏانهن اڏري ٿو ته هن کي پنهنجي منزل اهڙي اڻ ڏٺل ماڳ جيان ٿي محسوس ٿئي جنهن جي اڳيان اڀ به اورتي آهي. هو حاصلات کان پوءِ وري هڪ نئين پنڌ ۽ جستجو ۾ محو ٿي وڃي ٿو. حقيقت ۾ اها جستجو ۽ تلاش ئي زندگيءَ ۾ رمق پيدا ڪري ٿي.
جُڳن کان جيءَ ويڳاڻو
الائي ڇا تلاشي ٿو؟
اڏاڻـــو آسمانــن ڏي،
وساري آب ۽ داڻو
الائي ڇا تلاشي ٿو؟
..........
پـنــهنـجـــو پنڌ پـــري،
اڀُ ته آهي اورتي.
هلندو رهجي هيج مان،
اکڙيـــون پير ڪــري
اُڀ ته آهي اورتي
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنف “وائي” جاني جي محبوب صنف آهي ۽ هن جي شاعراڻي سڃاڻپ جو هڪ اهم حوالو پڻ. وائي ۾ هن جدا جدا تجربا ڪيا آهن. جيتوڻڪ هن جون ڪجھ وايون اڻ پورين ماترائن سبب ڪنهن مئه خوار جيان ٿيڙ به کائن ٿيون ته ڪڏهن وري بي معنويت جو شڪار به ٿين ٿيون، ڪٿي انهن جون وراڻيون بندن سان تز نه هجڻ ڪري اوپريون ۽ اجوڳيون به ڀاسن ٿيون، پر مجموعي طور هن جي وائي پنهنجي فڪر، فن ۽ تصور ۾ نهايت جامع ۽ پختي آهي. اها ڄڻ ته ڪلاسيڪيت ۽ جدت جو سنگم آهي. يعني ان جو گھاڙيٽو ڪلاسيڪي وائي وارو آهي ۽ موضوعَ عصري حالتن، سماجي شعور ۽ جديد شعري اظهار جو احاطو ڪندڙ آهن، پر ڪٿي ڪٿي ته اهي وايون پنهنجن موضوعن ۾ به ڪلاسيڪل شعري روايت جو حصو محسوس ٿين ٿيون. جاني جي ڪتاب جي پهرين وائي هن طرح آهي:
تنهنجي حد نه ڪا
مان هڪ ٽٻڪي ــ دائرو
تنهنجي سامهون رک جان،
مـنـهـنــجـــي سڀ پـــوڄـــا.
مان هڪ ٽٻڪي ــ دائرو
آهــي تنهنجــي نــانءَ جي،
جــيـــڪــــا وســعــت آ.
مان هڪ ٽٻڪي ــ دائرو
مٿين وائي اظهار جي جديد انداز ۽ مروج اسلوب باوجود پنهنجي موضوع ۾ تصوف جي ان فڪري روايت سان ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿي، جنهن ۾ تون جي تنوار هجي ٿي. “مان” کي ڦٽي ڪرڻ، پنهنجي هستيءَ کي نيست سمجھڻ، پرينءَ جي نانءَ کي ڪائنات جي وسعتن ۾ گم ڪرڻ. اهي سڀ صوفياڻي فڪر جون ڌارائون آهن. ان ڪري اسين چئي سگھون ٿا ته جاني پنهنجي ڪلاسيڪل شعري روايتن سان جڙيل آهي. اهڙي طرح هن جي هيٺين وائي به سُر سسئي جو تسلسل لڳي ٿي:
رات: اڻانگو لَڪُ
وک وک ٿوهر پيچرا
جاني جي وائي ان اساسي روايت جي پيروي ڪندي جدت جو روپ ڌاري ٿي. ان اظهار جي تازگي ۽ خيال ۽ فڪر جي جدت، کي اسين سندس کوڙ وائين مان چڱيءَ پَرِ پرکي سگھون ٿا.
منهنجي مايا اُڃ آ،
سپنا سپنا نيڻ
آءٌ مسافر آهيان.
..........
نيڻ اجھاميل آڳ جيان،
ڳــاهـيـل ڳــاهيل ڳل
اُجياري جي آس ۾.
اياز جاني جون ڪيئي وايون اهڙي ٻوٽي وانگر آهن جن تان هڪڙا گل ڇڻن ئي مس ٿا ته وري ٻيا ٽڙي پون ٿا. هو ڪنهن به وائيءَ کي اجائي طوالت ڏئي ساھ گھٽڻ کان انهيءَ وائيءَ جي ڪُک مان هڪ ٻي وائي جنمڻ کي بهتر سمجھي ٿو. اهڙين وائين جو هڪ ٻئي سان انوکو ربط ۽ تعلق محسوس ٿئي ٿو ۽ لڳي ٿو ته اياز اهي وايون هڪڙي ئي ويهڪ ۾ ٿوري ٿوري ڪيفيت جي تبديلي سان لکيون آهن. جيئن:
رتُ گھرين يا جَرُ
او ڏيئڙا تون اڃا ڀي ٻرُ
..........
جيئڙا ڏيئڙا ٻَرُ
گھر گھر گھري ٻاٽ ۾.
مٿين ٻنهي واين ۾ شاعر جي ڪيفيت ساڳي آهي. ٻنهي واين ۾ ڏيئڙو ٻري ٿو فرق رڳو اهو آهي ته پهرين وائيءَ ۾ مٽيءَ جو ڏيئو آهي ۽ ٻي وائي ۾ جيءَ جو ديپڪ.
اياز جاني جي شاعريءَ ۾ ڏيئو، روشني، سج، اجيارو ۽ باک جا لفظ رڳو پنهنجي مخصوص معنوي دائري تائين محدود نه آهن پر اهي ان کان گھڻو اڳتي اهڙا استعارا بڻجي وڃن ٿا جيڪي جاني جي شاعريءَ کي معنوي گھرائي، وسعت ۽ تخليقي حسن بخشين ٿا. اهڙي طرح مٿين لفظن جا متضاد لفظ اوندهه، ٻاٽ، انڌيارو، ڪاراڻ ۽ رات پڻ سندس شاعريءَ ۾ الڳ الڳ علامتن جي روپ ۾ ظاهر آهن.
آهي جي گھگھ اونداهيءَ ۾
جيئڻ جو جذبو
ٽڙندي جاڳرتا
..........
ڪاري ڪاري رات
گذري ويندي جيئڙا
..........
ڳڀرو ارپيو رت
۽ پو باک ڦٽي پئي
..........
ڇڏي آڪاشُ، پنهنجا پير
ڌرتيءَ تي ڌري ماڻهو
ته سج وانگر ٻري ماڻهو
..........
اڳي کان اپرو انبر،
اڳي کان رات ڀاري آ
اڳي کان رات ڪاري آ
..........
سڌيون گوليون هڻائي ٿي
جڏهن ڀي رات پهچي ٿي
ڪُڇي جيڪو پُڇي جيڪو،
کنڀي ان کي کڻائي ٿي
جڏهن ڀي رات پهچي ٿي
..........
ٽانڊاڻن تي بندشون!
اوندهه منجھ اسير
ڪيئن وساريان بند کي
..........
ٻاٽ سان جھيڙي پُڳس،
روشنيءَ جي راهه ۾
زندگي مون سان هئي
اوندهه ظلم جو استعارو آهي، جاني پهرين وائي ۾ چوي ٿو جيڪڏهن ظلم جي گھگھ اوندهه ۾ به جيئڻ جو جذبو آهي ته ان کي سجاڳي ۽ جاگرتا جي ابتدا سمجھڻ کپي. ائين اها ظلم جي ڪاري رات هڪ ڏينهن ضرور گذري ويندي پر ان لاءِ قرباني به ضروري آهي، ڇوته جڏهن ديس جا ڳڀرو ڌرتيءَ کي پنهنجو رت ڏيندا آهن ته آزاديءَ جي باک ڦٽندي آهي، ۽ ائين جڏهن ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان رشتو مضبوط ڪندو آهي ته سج وانگر ٻرندو آهي ۽ ضرور سرخرو ۽ ڪامياب ٿيندو آهي. ٻي صورت ۾ انبر اڳي کان وڌيڪ اوپرو ۽ ظلم جي رات اڳي وڌيڪ ڪاري ڀاسندي. ائين مٿي ڏنل هڪ وائي جي بندن ۾ جڏهن جاني چوي ٿو ته “سڌيون گوليون هڻائي ٿي، جڏهن ڀي رات پهچي ٿي” ته ان جي پٺيان هڪ وڏو درد آهي. ڇو ته اتي رات آمريت جي علامت آهي. آمراڻي دور ۾ ماڻهو جي اظهار تي به بندش هوندي آهي ان ڪري ڪوبه آمر ڪڏهن به پنهنجي خلاف ڪجھ ٻڌڻ نه چاهيندو آهي. “کنڀي کڻائڻ” اصل ۾ زبان بندي جي دستور جو ڪنايو آهي. اهڙين حالتن ۾ ٽانڊاڻن يعني ساڃاهوند ۽ سماجي شعور رکندڙ سجاڳ ماڻهن تي بدشون هونديون آهن ۽ کين اسير بڻايو ويندو آهي پر بالآخر ان جبر جي ٻاٽ سان جھيڙيندي روشني جي راهه يعني ڪاميابي تائين رسڻ هر باهمت ماڻهوءَ جو مقدر بڻبو آهي.
تازو ئي ريڊيو لاڙڪاڻي تي جاني سان ڪچهري ڪندي جڏهن سندس شاعريءَ بابت سوال ڪيم ته هن چيو “منهنجي شاعريءَ ۾ ڇاهي اهو ته هن دور جو نقاد ئي ٻڌائي سگھندو پر ڪجھ دوستن جو خيال آهي ته منهنجي شاعريءَ ۾ نراسائي ۽ مايوسي وڌيڪ آهي.” هاڻي مان جڏهن اياز جاني جي شاعريءَ سان مليو آهيان ته مونکي اها راءِ اڌوري ٿي ڀاسي. ائين ضرور آهي ته جاني پنهنجي اندر هڪ اداس روح رکي ٿو پر ائين به نه آهي جو ڪو چوي ته هن جي شاعريءَ ۾ Optimist Approach آهي ئي ڪونه. هن جي اندر جي ڪائنات بيشڪ اداس ۽ نراس آهي. پر اها نراسائي ڪٿي Subjective ته ڪٿي Objective آهي، ڇوته هن جو داخل سندس خارج سان جُڙيل آهي. تنهنڪري جهڙو سماج آهي ۽ جهڙيون سماج جون حالتون آهن فطري طور هن جي شاعري به اُهڙي ئي آهي. اندر ۾ ٿوهر ڦٽل هوندا ته لفظن مان رابيل جي خوشبو ڪيئن ايندي. ڊاڪٽر وقار احمد رضوي جي اها راءِ ڪيڏي نه تز آهي ته “شاعر رڳو حاضر تي ئي اڪتفا نه ڪندو آهي، اهو حاضر جي آئيني ۾ مستقبل جو مشاهدو ڪندو آهي. سندس خيال انهن گلن وانگر آهن جن کي زمانو پٽي ڇڏيندو آهي. شاعرُ قوم کي بيدار ڪندو آهي. اهو قوم جي شعور کي جنجھوڙيندو آهي. هو امن جو نقيب ۽ انقلاب جو داعي هوندو آهي..... هو انسانيت جي ڪتاب جو مفسر هوندو آهي. شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن جي شفاف چهري ۾ عظيم مستقبل جو اولڙو نظر ايندو آهي. مستقبل جو اهو ڌنڌلو عڪس جنهن کي شاعر پنهنجي خيالات جي دنيا ۾ حاضر جي مطابق پيش ڪندو آهي.” (3) اياز جاني جي شاعريءَ کي به انهيءَ راءِ جي آڌار تي پرکڻو پوندو.
اصل ۾ جاني جي شاعريءَ جو هڪ وڏو سماجي ۽ سياسي پس منظر آهي، تنهنڪري سندس شاعريءَ تي پنهنجي دور جي حالتن، سماج جي ڪربناڪين ۽ ويساهه گھاتين جا آثار چٽا آهن. هن جي شاعري رڳو لطف جو ذريعو ناهي پر ان ۾ پنهنجي وقت جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي چرپر ۽ قومي شعور به موجود آهي. ڪٿي هن کي سياست جي بازار ۾ دوکيباز، دلال، چمڙا ۽ چرٻٽ ٿا نظر اچن ته ڪٿي سنڌ جي ڳوٺن ۾ بي جرم نياڻين جو ڪوس، ڪڏهن هو ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ متل مانگر مڇ جي مستيءَ تي تڙپي ٿو ته ڪڏهن هو اهي ڪارا پير پٿر تي ليڪڻ چاهي ٿو جن پنگريي ۾ ڀوري جي لاش کي لتاڙيو هو. هو غلامي جي زندگيءَ کي ڪُن سان ڀيٽي ٿو، هن جي اکين ۾ آزاديءَ جو خواب آهي، هو سمجھي ٿو ته اسان جي حال جي هٿ ۾ سڀاڻي لاءِ جوکو آ، هو ڄاڻي ٿو ته عوام تي امن ۽ عدالت جا در ٻوٽيل آهن، هن کي پتو آهي ته ٺلهن نعرن سان ڪابه تبديلي نه ايندي آهي. هو بي فيض جمهوريت کي پراڻو ناٽڪ ڪوٺي ٿو ۽ سنڌ مٿان هر نئين وار کي محسوس ڪري ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ قومي جاڳرتا ۽ سماجي بيداري جو پيغام ڏيندي ڪٿي به نعري بازي وارو انداز اختيار نه ڪيو آهي. هن جي اظهار جو اسلوب نهايت تخليقي، ڳوڙهو، سنجيده ۽ با وقار آهي. ڊوائلي جو اهو قول ڪيڏو نه کرو آهي ته “شاعريءَ وسيلي اسان موجوده زماني کان پنهنجي غير اطمينانيءَ جو اظهار ڪريون ٿا.” اياز جاني به اهو ئي ڪيو آهي، تنهنڪري هن جي شاعري پنهنجي وقت جو نوحو محسوس ٿئي ٿي پر شاعريءَ کي رڳو نراسائي جي نوحه گري نه بڻائڻ کپي ان ۾ اميد جو نغمو به ضروري آهي ۽ اياز جاني جي شاعريءَ ۾ به ان نغمي ۽ ان گيت جي گونج محسوس ٿئي ٿي.
سوچي ٽڻ ٺاهيون
ٻيگھي ٽوڙيون ٻاٽ جي
روڙي پنهنجي روح تان
ڊپ ســڄـــو لاهــيـــون
ٻيگھي ٽوڙيون ٻاٽ جي
..........
جوڳي اوتي اُڃ کــي،
پهتا ســنـــڌو جـــل
اُجياري جي آس ۾
..........
دراوڙ دل جــي تنهـائــي،
وصل جو ڪاڄ ماڻيندي
جڏهن سوراج ماڻيندي
جي سرواڻي سچي نڪري
ته ڌرتي جھومندي جاني
جڏهن شاعر جي من ۾ اميد ۽ خوشي جو احساس ڪر موڙي اُٿي ٿو ۽ اندر تي مسرت جو مينهن اوڙڪون ڏئي وسي ٿو ته سندس لفظ به گلابن وانگر مهڪي پون ٿا ۽ سٽ سٽ ۾ سوين سڳنڌون اچي وڃن ٿيون. هينئين ۾ هوڪرا مچي وڃن ٿا. پوءِ کيس گُجريون ۽ پاڻياريون، ڇلا، ويڙها ۽ نازڪ آڱريون ياد اچن ٿيون.
هٻڪارن جا هل
هينئڙو سارو هوڪرا
..........
گج گُجر پائي
جرڪي پيئي ڪاڄ ۾
..........
پاڻياريءَ پاتو
گج گلابي جسم تي
..........
ويڙهو ويڙهي ٻاچ ۾،
پيئي ڦيرائي
جرڪي پيئي ڪاڄ ۾
اها ساڳي جوت ۽ جمال، منظر ۽ احساس توڙي رومانوي فضا جاني جي غزلن تي به ڇانئيل آهي. هو اهڙي دل جيڪا پيار لاءِ نه ٿي ڌڙڪي، اها ڪڍي ڪانون کي ڏيڻ چاهي ٿو.
دل ڪڍي اڇلائجي ڪانون اڳيان
هيءَ هاڻي پيار لئه ڌڙڪي نه ٿي
هن جي من ۾ پرين جي ياد جي ڇولي هزارين رنگ کڻي اچي ٿي ۽ هو پنهنجي روح ۾ هولي محسوس ڪري ٿو:
ياد جي ڇولي هلي آئي هئي
روح ۾ هولي هلي آئي هئي
جاني جي غزلن ۾ اهي رومانوي رنگ حسين احساس پيدا ڪن ٿا. هن جي کوڙ غزلن ۾ پرين جي نيڻن ۽ چپن جو تذڪرو مختلف رخ اختيار ڪري وري وري اچي ٿو:
من ۾ ٿاڪ تُنهنجي نيڻن جا
چَپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا
..........
ٻن چپن جي وچ ۾ ويري رهي
هڪ چميءَ جو خواب ويو ڌنڌلائجي
..........
ڊائريءَ ۾ رکُ سدائين پنکڙيون
پر ڪويءَ کي ڀي چميءَ جو جام ڏي
..........
عشق جي ڪيڏي انوکي ڇڪ آ
ڪير چاهيندو چُمي پوري ٿئي
اياز جاني جي غزلن ۾ وصل ۽ فراق جو داستان به آهي، سپنن جي ساڀيان ٿيڻ جا قصا به آهن ته جيئڻ مرڻ جون ڳالهيون پڻ. انهن ۾ سار ۽ سرور جا ساز به ٻُرن ٿا ته وجودي ڇڪ به محسوس ٿئي ٿي. انهن غزلن ۾ عشق جي ماهيت به سمجھايل آهي ته منجھائن هجر جي لذت به چڱيءَ پر محسوس ڪري سگھجي ٿي.
تو چيو: سپنا به ساڀيان ٿيا ڪڏهن؟
مون چيو: تنهنجو ملڻ ڇا معنى
..........
هوءَ هاڻي ڀي ڏسي ٿي پر سڃاڻي ڪين ٿي
پر نه جاني جِي سگھي ٿو هُنَ کان هينئڙو پلي
..........
ڪنهن پڇيو مرڪندي “عشق ڇاهي ڀلا؟“
مون اڳيان ٽاڪ هئي، جيستائين ڏٺو
شام تائين اوهان نه ساريندؤ
جيئري ئي لڳي ٿو ماريندؤ
..........
ڄاڻان ٿو مان منهنجي نه آ جاني
پر ڪنهن به پَل هن مان نه ٿو نڪران
اياز جاني جي غزلن ۾ نئين حسيت ۽ جدت توڙي انوکو لفظياتي جهان آباد آهي. البته هن جي اندر ۾ وائي ايتري ته رچيل آهي جو سندس کوڙ غزل پڙهندي به انهن تي وائي جو گمان ٿئي ٿو. سندس ڪجھ غزل ڊگھن رديفن ڪري به اهڙو تاثر ڏين ٿا. هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سهڻا ۽ اڇوتا رديف هن جي غزلن کي هڪ انوکو حسن بخشين ٿا. اهڙي ريت تز ۽ نرالا قافيا به سندس غزلن جي سونهن آهن. جاني جي ڪجھ غزلن ۾ وزن ٿيڙ کائي ٿو ۽ هن کوڙ اکرن کي زوري حزف ڪري وزن جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. ائين ئي سندس غزلن جي ڪجھ شعرن ۾ ابلاغ يا Comunication جو مسئلا پڻ موجود آهي. انهن ۾ سمايل خيال پڙهندڙ تائين پوريءَ طرح پهچي نه ٿا سگھن. جاني جي ڪيترن ئي شعرن ۾ بي ربطگي ۽ معنوي جھول پڻ محسوس ٿين ٿا پر انهن ڳالهين باوجود حسين تشبيهن ۽ تلميحن، سگھارن استعارن ۽ علامتن، فطري ماحول ۽ محاڪات، اندروني قافين جي جڙاوت ۽ احساس جي لطافت، فطري رواني ۽ غنائيت وارين خوبين سبب هن جو غزل سندس هم عصر ٽهيءَ ۾ نمايان ۽ معتبر مقام تي بيٺل آهي.
فلپ سڊني لکيو آهي ته “انسان جو ڪوئي فن اهڙو ناهي جيڪو فطرت جي ٺاهيل شين تي مبني نه هجي...... صرف شاعر هڪ اهڙو فنڪار آهي، جيڪو فطرت جي لڪير جي فقيريءَ کان انڪار ڪندي، پنهنجي ايجاد واري قوت جي ٻَلَ تي، هڪ نئين فطرت تخليق ڪري ٿو ۽ اهڙيون شيون ايجاد ڪري ٿو جيڪي يا ته فطرت جي شين جون اصلاح يافته صورتون هونديون آهن يا ان کان بنهه ڌار ۽ نيون شيون هونديون آهن.” (4) هڪ شاعر ۾ اهو گڻ سندس تخليقي ذهن سبب پيدا ٿئي ٿو ۽ هو الڳ الڳ وٿن ۽ فطرت جي لقائن مان هڪ نئين دنيا تخليق ڪري ٿو، تنهنڪري هو رڳو صانع نه آهي پر ان کان اڳتي هڪ موجد آهي. اها ايجاد جي قوت ۽ وجدان ئي هڪ بهترين شاعر جو سرمايو آهي. اياز جاني جي شاعري پڙهندي اها ڳالهه مڃڻي پوي ٿي ته هن وٽ خيال جي مٽي کي ڳوهڻ ۽ لفظن جي صورتگري جو هنر موجود آهي.
صحرا جھاڳي گھر لئه پاڻيءَ لپ کڻي آئي آ
پاڻياري پر پنهنجا پياسا چپ کڻي آئي آ
..........
ان کي ڪُلها، پٺاڙا، هٿ پير ٿا کپن
هي شهر آهي، ڪنهن جو چهرو پڇي نه ٿو
مٿيان ٻئي شعر تخليقي اظهار جو عمدو مثال آهن. پهرين شعر ۾ صحرا جو درد آهي ٻئي ۾ شهر جو دک. پهرين شعر ۾ گھر لاءِ Sacrifice ڪرڻ جي ڳالهه آهي. ان شعر ۾ “گھر” کي رڳو هڪ چار ديواري طور نه اڀاريو ويو آهي پر اهو هڪ سگھارو استعارو بڻجي آيو آهي. گھر اهو آهي جتي رشتا آهن، محبتون آهن، جتي جياپي جي جنگ پئي هلي. تتل صحرا ۾ اڏيل جھوپي ۾ پاڻيءَ جي لپ ڪيڏي وڏي دولت آهي اهو ته ڪو پياسو ئي ٻڌائي سگھي ٿو. پياس ته پاڻياريءَ جي چپن تي به آهي پر هوءَ هٿ آيل پاڻي لپ سان پنهنجي لبن کي سيراب ڪرڻ بدران ان گھر لاءِ ٿي سوچي جتي سندس پيارا پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ واجھ وجھي ويٺا آهن. اهڙي طرح ٻئي شعر ۾ شهرن ۾ مشين بڻجي ويل انسان جي دک جي ڪٿا آهي. اياز جو خيال آهي ته شهرَ بيحسي جو آماجگاهه بڻجي ويا آهن. ميشينين، ڪارخانن ۽ اقتصادي مفادن شهرن کان اکيون کسي ورتيون آهن. هتي شهر حقيقت ۾ سرمائيدار طبقي جي علامت طور اڀريل آهي، جنهن کي هر حال ۾ پنهنجو مفاد عزيز آهي هنن کي ان مزدور ۽ پورهيت جي پيڙا نظر نه ٿي اچي جيڪو جيئاپي جي جنگ ۾ پل پل ٽٽندو ۽ ڀرندو رهي ٿو.
اياز جاني جي شاعريءَ جي اها Approach توڙي عصري صداقت کي تخليقي قالب ۾ پيش ڪرڻ وارو ڏانءُ ئي کيس هڪ جيڏن شاعرن ۾ نمايان ڪري بيهاري ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ شعري جماليات، سماجي، سياسي ۽ قومي شعور، فڪر ۽ احساس جو توازن ته موجود آهي پر سندس شاعري فني ۽ اسلوبي گھرجون پڻ چڱيءَ پر پوريون ڪري ٿي. البته ڪٿي ڪٿي ناقص تشبيهون ۽ معنوي جھول سندس شعر کي ڇيهو رسائين ٿا. جيئن:
تِرُ گلابي چپ تي هو يا چنڊ کڙيو
ڏسندي ڏسندي تارن تائين پهتاسين
..........
من مسافر موسى وانگر، پنڌ عصا آهي
ڇاهي جي فرعوني دنيا سَپَ کڻي آئي آ
پهرين شعر ۾ تِر جِي چنڊ سان تشبيهه بنهه اجوڳي محسوس ٿئي ٿي. چنڊ روشني جي علامت آهي ان جي ڀيٽ ۾ تر چهري جي سونهن ته ضرور ٿئي ٿو پر ان مان جوت جو ڪو تصور نه ٿو اڀري. اهڙي ريت ٻيو شعر به معنوي ۽ تشبيهي نقص جو شڪار آهي جنهن ۾ پنڌ کي عصا سان تشبيهه ڏئي جاني شعر جي معنوي حسن کي ڌڪيو آهي. اهو شعر رڳو هڪ لفظ جي تبديليءَ سان هن طرح پنهنجي ڀرپور معنويت ۽ تُز تشبيهه جو پورائو ڪري سگھي ٿو.
منُ مسافر موسى وانگر، هَٿِ عصا آهي
ڇاهي جي فرعوني دنيا سَپَ کڻي آئي آ
اياز جاني جي شاعري پنهنجي موضوعن ۾ ڳوڙهي ۽ ڳتيل آهي. وطن دوستي، انسان دوستي، قوم پرستي ۽ رومانيت مجموعي طور هن جي شاعري جو محور آهن، پر ان سان گڏ و گڏ مذهبي رواداري، ظلم کان انڪار، فرسوده رسمن جي نفي، خود آشنائي، امن جي اميد، بک جو دوزخ، سچ جي پچار ۽ اهڙا ٻيا انيڪ موضوع سندس شاعريءَ جي آڪاس تي تارن جيان ٽمڪن ٿا. ارسطو چيو هو ته “شاعرُ تخليقڪار آهي اهو ندرت پيدا ڪندو آهي ۽ تخيل جي دنيا وسائيندو آهي.” اياز جاني جي غزلن ۾ اسان کي اهڙي ندرت ۽ تخيل جي حسين دنيا نظر اچي ٿي. هن جي غزلن ۾ اسان کي ڪيئي اڇوتا، اڻ ڇهيا ۽ تازا خيال ملن ٿا ۽ اهي خيال هن جي شاعريءَ ۾ موتين وانگر جرڪن ٿا. اهي حسين خيال چُڻي ۽ چونڊي مان هتي هڪ مالها جي صورت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان ست رنگي مالها کي مان سنڌي شاعريءَ جي ڳلي جي زينت سمجھان ٿو:
پَرَ ڪَٽي ضرورتن ڦٽي ڪري ڇڏيو
پو ڪڏهن زمين تان اُڏي سگھيس نه مان
..........
نه ڪنهن جي جھل تي بيٺا
ٻه موتي ڳل تي بيٺا
..........
رات ويهي ٿي رهي بس گھرُ ڪري
اچُ ته ان کي مُڪ وهايون ڀَرُ ڪري
..........
گھر ٻار جي خفي ۾ فرصت ملي نه هوندس
هٿ ۾ ته زهر هوندس، پر پي سگھيو نه هوندو
..........
واٽ تي وڇون ڏسي نه خوف پئي ٿيو
واهرو ڊنو ته مان وري وري ڪريس
..........
ڪاٺ جو چهرو، اکيون پٿر رکي
ڪيئن ملجي وچ ۾ خنجر رکي
..........
هٿ ڏي ته پهچون زندگيءَ جي توڙ تي
هر موڙ تي هٿ جي تري ڇا ٿي ڏسين؟
اياز جاني جي شاعريءَ ۾ جيڪو تخيل ۽ تفڪر، تصور ۽ وجدان، حسيت ۽ تاثر، اسلوب جي جدت ۽ خوبصورت لفظيات موجود آهي اها کيس شيخ اياز واري جديد شعري روايت سان ڳنڍي ٿي. اياز جاني جي شاعري پڙهي مونکي سنڌي شاعريءَ جي آئيندي ۾ ويساهه پختو ٿيو آهي. هن جي شاعريءَ جو مطالعو منهنجي لاءِ ان آٿت جو باعث ٿيو آهي جو مان چئي سگھان ٿو ته جديد سنڌي شاعري ۾ اها تخليقي سگھ ۽ ڪرشماتي قوت آهي جنهن سان اسين ايندڙ دور اڳيان ندامت مان ڪنڌ جھڪائڻ بدران ناز سان ڳاٽ اوچو ڪري سگھون ٿا.
حوالا
1. سيد وقار احمد رضوي ڈڊاکٹر “معروضي تنقيد“، مکتبهء دانيال، 2013، ص 76 ۽ 77
2. اشعرنجمی (مدیر) کتابی سلسلہ’ اثبات‘،ممبئی، جلد دوم،شمارہ:7،2010، مقاله: “شعر: دو جملے” (معيد رشيدي) ص 33
3. سيد وقار احمد رضوي ڈڊاکٹر (”معروضي تنقيد“، مکتبهء دانيال، 2013، ص 73
4. حسين محمد هادي (مرتب) “مغربي شعريات” مجلسِ ترقيِ ادب، لاهور، طباعت سوم 2010، ص 14
(7 مارچ 2016 تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ‘ادب شعبي’ پاران اياز جاني جي ڪتاب “دراوڙ دل جي تنهائي” جي مهورت واري تقريب ۾ پڙهيل.)