• اداري پاران : ميرل جي محبوبه : شاعري
احساس ميرل نوجوان شاعر آهي ۽ هُن جو تعلق سنڌ جي زرخير پٽي اسٽيشن اُڏيرولال سان آهي. هُن جي تعلمي لياقت ته پنجن درجن جي پاس ٿيڻ تائين آهي، پر علمي، عقلي، ڏاهپ ۽ ڏات جي حوالي سان هُو ڪيترائي درجا پاس آهي ۽ هڪ شاعر طور سندس اُڏام اُوچي آهي، جنهن جو هُن کي الاءِ احساس آهي يا ناهي پر هُن جي سنگت ۾ سلهاڙيل هر دوست کي اهڙو احساس ضرور آهي.
احساس ميرل جي شاعراڻن احساسن ۽ جذبن جي لاءِ آءٌ ڪجهه به نٿو ڳالهايان ۽ ڪابه راءِ اوهان تي نٿو مڙهيان جو آءٌ هن جي شاعراڻي طاقت کي ڄاڻان ٿو. هُن جي شاعراڻي سگهه ۽ ائپروچ ڪنهن به سگهاري شاعر کان گهٽ ڪانهي. پختي يقين سان اها ڳالهه چئي رهيو آهيان ته هُن جي تخيل جي اُڏام مٿانهين آهي. هُن جي شاعري جتي سماج ۽ سماجي حالتن جي اُپٽار ڪندي نظر اچي ٿي، اُتي هُو پنهنجي داخلي خيالن کي به اظهاري ٿو، جن ۾ اظهارِ محبت به آهي ته اظهارِ غم و رنج به آهي، جدائي به آهي ته وفائي به آهي ۽ بيوفائي به آهي. هُو عاشق مزاج شاعر آهي يا شاعر مزاج عاشق ان بابت پاڻ کي ڪا خبر ڪانهي پر هُن جي شاعري عشق جهڙي مشغلي سان مُشڪبار آهي، جنهن ۾ پيار به آهي ته انتظار به آهي ته شڪوه شڪايتون به ملن ٿيون. عشق جون مڙئي ڪيفيتون سندس شاعريءَ ۾ نمايان آهن.
توهان جڏهن هُن جي شاعري پڙهندا ته توهان کي هُو هڪ جاڳندڙ شاعر نظر ايندو، جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي حالتن، ضرورتن ۽ انهن جي تبديلين ۽ نجات جون ڳالهيون به آهن ته محبتن جو ڪمال اظهار به ملي ٿو. محبت ته هُن جي ڪلام ۾ جا بجا نظر اچي ٿي.
احساس ميرل دراصل هڪ محبت ڏيندڙ ۽ محبت وٺندڙ دوست به آهي ته محبوب به آهي ۽ عاشق به... ۽ مجموعي طور هُن جي سموري شاعري محبت جي شاعري آهي يا ائين چئجي ته هُن جي شاعري اصل ۾ محبت جو مينيفئسٽو آهي. اهڙي محبت جيڪا محبوب سان ته آهي ئي آهي پر سنڌ سان سنڌ جي ماڻهن سان ۽ سموري عالم سان محبت جو مذڪور آهي.
امرتا پاران سندس شاعريءَ جو پڌرو ٿيندڙ هي پهريون ڳُٽڪو آهي، جڏهن ته هُن جا هِن مجموعهءِ ڪلام کان اڳ به ٻه شاعريءَ جا مجموعا پڌرا ٿي چڪا آهن. نوجوان شاعر جي شاعريءَ جو هي ڳٽڪو اوهان کي اميد ته پسند ايندو. اسان جو ادارو ۽ احساس ميرل اوهان وٽان محبتن جي موٽ جا آسائتا آهيون. دعا آهي ته جتي به هجو جڙيا هجو سلامت هجو.
نيازمند
فقير محمد ڍول
20 مارچ 2016ع - ٽنڊوڄام