شاعري

جڏهن هُو زلفَ ڇوڙي ٿو

هي شاعريءَ جو ڪتاب ”جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو“ خوبصورت شاعر احساس ميرل سهتي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
هُن جي شاعري جتي سماج ۽ سماجي حالتن جي اُپٽار ڪندي نظر اچي ٿي، اُتي هُو پنهنجي داخلي خيالن کي به اظهاري ٿو، جن ۾ اظهارِ محبت به آهي ته اظهارِ غم و رنج به آهي، جدائي به آهي ته وفائي به آهي ۽ بيوفائي به آهي. هُو عاشق مزاج شاعر آهي يا شاعر مزاج عاشق ان بابت پاڻ کي ڪا خبر ڪانهي پر هُن جي شاعري عشق جهڙي مشغلي سان مُشڪبار آهي
Title Cover of book جڏهن هُو زلفَ ڇوڙي ٿو

• غزل

1.

تن من تڙپيو، تات ختم ٿي، رات ختم ٿي
ساهن جي سڪرات ختم ٿي، رات ختم ٿي

يادن جي هڙ، کوليم رُئندي، ايئَن لڳو پئي
مون لئه ڪائنات ختم ٿي، رات ختم ٿي

پاڳل منڙو، پينارن جان، در در ڀٽڪيو
خوابن جي خيرات ختم ٿي، رات ختم ٿي

اوسيئڙو ڀي، نيٺ اڪيلو، ٿي ويو يارو
اکڙين جي برسات ختم ٿي، رات ختم ٿي

تو ئي چيو هو، دل تي ميرل، بار آهين تون
اڄ تنهنجي فڪرات ختم ٿي، رات ختم ٿي

*

2.

مان جهوپن ۾، تون ماڙيءَ ۾
ڪيئن رهندين گڏ ٻهراڙيءَ ۾

اڄ گدڙن جا ٿي هانءُ ڇِڳا
هو خوف وڏو اوناڙيءَ ۾

مون ڏاڍا ڳوليا، ڪونه لڌا
ڪجھه خواب رکيل الماڙيءَ ۾

اڄ پيءُ چيو پُٽ کي رُئندي
پُٽ! رُئندين تون به پڇاڙيءَ ۾

مان شهر اُڏيري ٽيشڻ جو
دل ڦاسي وئي سرهاڙيءَ ۾

*

3.


تنهنجو ناهيان، توکان ٻُڌڻ مان چاهيان ٿو
تنهنجو هڪ هڪ لفظ لکڻ مان چاهيان ٿو

پنهنجي ڪُلهي تي ڪنڌ رکي اڄ روئڻ ڏي
دل جو هلڪو بار ڪرڻ مان چاهيان ٿو

نيڻن ۾ رک مونکي لڪائي دنيا کان
تنهنجي اکين ۾ گُم ٿيڻ مان چاهيان ٿو

چوڏهينءَ رات جو دلبر جڏهين ظاهر ٿيو
چنڊ چيو بس هاڻ لِڪڻ مان چاهيان ٿو

جيڪو منهنجي سنڌ امڙ جو دشمن آ
اُن جو ميرل ڪنڌ ڪَپَڻ مان چاهيان ٿو

*

4.

هڪ پل به حياتيءَ تي اعتبار به ڪونهي ڪو
۽ موت کي ٽارڻ جو اختيار به ڪونهي ڪو

جن ملڪ لُٽيو تِن لئه ايوارڊ نمونن جا
پر شاعر لئه ڪنهن وٽ هڪ هار به ڪونهي ڪو

مون سان ته پرينءَ جو آ، ٿيو پيار عجب آهي
اقرار به ڪونهي ڪو، انڪار به ڪونهي ڪو

تون سالن جو سوچي، پيو محل اڏين ليڪن
هي جيون جانِ مَن، ڏينهن چار به ڪونهي ڪو

جي درد وڇوڙي جو، توکي به نه آ ميرل
پوءِ وار هي وکريل ڇو، سينگار به ڪونهي ڪو

*

5.

وڌي ويو ريٽ مينديءَ جو، مگر سستو لهُو آهي
چِٽو قيامت جو اڄ منظر، اسان جي روبرُو آهي

صنم جي سونهن تي سوچي مان پٿر ٿِي وَيو آهيان
پرين گل آ گلابن جو يا گل ڪو نازبُو آهي

ڏسي مهتاب کي اڪثر، سندم ننڊ آ ڦِٽي ويندي
پرينءَ جو حُسن ۽ چنڊ جو سراسر هوبهُو آهي

جي دلبرآهي دل منهنجي ته ڌڙڪن مان به هوندس پَڪ
“نه هُن کان ڌار مان آهيان، نه مونکان ڌار هُو آهي”

محبت جي ڏهاڙي تي اچي مِل يار ميرل سان
هَلي آ مان ڏسان توکي، اکين جي آرزُو آهي

*

6.

ڪنهن کي دل جو درد ٻُڌائي، ڇا وَرَندو..!؟
هاڻي ويهي لڙڪ وَهائي، ڇا وَرَندو..!؟

مون ته حياتي اُن کي پنهنجي ارپي آ
هُن جي واتان لفظ اَلائي، ڇا وَرَندو..!؟

سنڌ گھُري ٿي آزاديءَ لئه ساھ سڄڻ
لسٽ ۾ خالي نانءُ لِکائي، ڇا وَرَندو..!؟

جنهن کي ميرل تنهنجي نانءُ کان نفرت آ
تنهن لئه پنهنجو پاڻ وِڃائي، ڇا وَرَندو..!؟

*

7.

اڃا اکڙيون پئي جاڳيون، ستارن موڪلاڻي ڪئي
صبح ٿيو ، سج ڪَنا ڪڍيا، انڌارن موڪلاڻي ڪئي

خزائون منهنجي جيون تي حڪمراني ڪنديون آهن
جڏهن کان تو ڇڏيو دلبر بهارن موڪلاڻي ڪئي

تڏهن مونکي وفائن جو صلو مِلِيو خبر پئي هئي
جڏهن دشمن وڌو گھيري ته يارن موڪلاڻي ڪئي

لُٽي هِن قوم جو پئسو، ڀريائون پيٽ پنهنجو بس
وٺي رشوت، کڻي دولت غدارن موڪلاڻي ڪئي

اميدن سان ڀريل ٻيڙو هليو پئي حوصلي تي پر
جڏهن منزل هُئي سامهون، ڪنارن موڪلاڻي ڪئي

*

8.

يار جو آ ڏنل غم سلامت رهي
منهنجي دلدار جو دم سلامت رهي

ننڊ ۾ جاڳ ۾ سوچ ڌرتيءَ جي آ
زندگيءَ جو اِهو ڪم سلامت رهي

اي خدا! دشمنن جي نظر کان بچا
ملڪ منهنجي جو پرچم سلامت رهي

تون ڏسين ٿو ڦَٽن تي لڳي ٿو مَلَم
ڦٽ منهنجا ۽ مرهم سلامت رهي

تون جي آئين بهاري ٿي ميرل وئي
بس هميشه هي موسم سلامت رهي

*

9.

سندءِ دل ۾ مون لئه جي گھر ٿي پوي ها
سهارو اِهو عمر ڀر ٿي پوي ها

ڪري نيڻ رستا وِڇائي هان ويٺو
هِتان ڪاش! تنهنجو گُذر ٿي پوي ها

کڻي دل جا ٽڪرا، رُئان ڪونه ها مان
“سچو پيار تنهنجو اگر ٿي پوي ها”

اچين ها اڱڻ جي، ڀَري پير پنهنجا
رهڻ هِت ڏکن جو زهر ٿي پوي ها

آ قطري برابر هي ميرل مڃان ٿو
تون پنهنجو ڪرين ها بحر ٿي پوي ها

*

10.

آ دل جي ڳالھه هِي
جيئري جُدا نه ٿِي

چنڊ يار کي چيو
ٿوري ڏي روشنِي

هڪ شخص جي ڪري
سڀني سان دشمنِي

ڏسندي ويو دل کَسي
آهي ڪو اٽڪلِي

احساس کان سواءِ
ڪهڙي آ زندگِي

*

11.

ڀل غمن جي ٻڌي ڏي ڀَري خير آ
توسان ليکو نه آ ڪو چَري خير آ

سڀ خوشيون تنهنجي دَرَ جون سلامي هجن
جي مِليم ڪانه سُک جي ذَري خير آ

چنڊ تي هُن جي چٿرون ڪيون، چنڊ چيو
او پَري! خير آ، مَرمَري! خير آ

تنهنجي خوشين جا ٻيڙا تَرن خير سان
ڪانه ٻيڙي جي منهنجي تَري خير آ

تنهنجي ميرل ڪڏهن ڏک نه ويجھو اچن
منهنجي هر هڪ خوشي وئي مَري خير آ

*

12.

ڳالھه دل جي نه ظاهر ڪري مان سگھيس
زندگي وئي هلي بس حجابن پُٺيان

ووٽ ويجھا ٿيا فاتحائون به ٿيون
آ لُٽڻ جو بهانو ثوابن پُٺيان

مون ته جيون ڇڏيو توکي ارپي سڄو
تون سدائين حسابن ڪتابن پُٺيان

نيڻ جاڳيا اڪيلائي آجيان ڪئي
رات گذري وئي تنهنجي خوابن پُٺيان

ووٽ جنهن کي ڏئي قوم ليڊر ڪيو
سو سدائين شرابن شبابن پُٺيان

چئن ماڻهن کنيو لاش مسڪين جو
شهر سارو هو ميرل، نوابن پُٺيان

*

13.

تنهنجا نيڻ پرين ڪشمير جيان
ٺڪ دل تي لڳن ٿا تِير جيان

تنهنجي زُلفن ۾ سڀ قيد ٿيا
تنهنجا زُلف پرين زنجير جيان

ٿر ڪاري سون جي کاڻ آهي
پر منهنجا سنڌي دلگير جيان

ڪَئين پٿر لڳا پر وسري ويا
ڪي لفظ لڳا شمشير جيان

اڄ مونکان رُسي ويو ڏور هليو
منهنجو يار به آ تقدير جيان

ٿيو ميرل جذبن تي قبضو
ڪنهن سرڪاري جاگير جيان


*

14.

ڏينهن ۾ رات ۾
آهيان فڪرات ۾

ڀور دل ويو ڪري
ڪوئي جذبات ۾

عشق جو ڇا وڃي
ذات ۾ پات ۾

ياد طوفان بڻي
دل جي محلات ۾

لڙڪ بيهن سَهي
وڃ نه برسات ۾

ڏس ته ميرل پُڳو
ڪهڙي حالات ۾

*

15.

اوهان جي مست نظرن جو اشارو خوب ٿي ويو آ
پرين پنهنجو بڻايو ٿا، سهارو خوب ٿي ويو آ

حُسن اڄ سڀ حدون اُڪري اچي ٿيو دنگ دلبر تي
گلن کان ڀي پرين منهنجو پِيارو خوب ٿي ويو آ

نه آ محفوظ اڄ ڪوڀي، اچي گھر ۾ ئي ٿا مارِن
چَوَن ٿا ملڪ ۾ ليڊر، سُڌارو خوب ٿي ويو آ

چيو اڄ چنڊ دلبر کي، ڪيون ڇا سونهن تي سودو
مگر محبوب ڪئي نهڪر، نظارو خوب ٿي ويو آ

تون گڏ ناهين ته ڇا ٿي پيو، ڏنئي جي درد گڏ آهن
سندءِ يادن سان جيون جو گُذارو خوب ٿي ويو آ

*

16.

ڪنهن جو نه مُور ٿيو
منهنجو ضُرور ٿيو

ڪو انتظار ۾
سپنو آ جُهور ٿيو

هڪ شخص آهي جو
اکڙين جو نُور ٿيو

دل جا ڪَيَئي ذَرا
ڪهڙو قصور ٿيو

شيشن جي شهر ۾
احساس چُور ٿيو

*

17.

توکي رُسڻ جي ٿي وئي آ هير ڇا ڪجي
دل ۾ نچن ٿا درد ٻڌي ڇير ڇا ڪجي

دل جي لڳيءَ کان پوءِ نه آ دل تي اختيار
ٻٻرن کان دل گھُري ٿي پئي ٻير ڇا ڪجي

تنهنجو وڇوڙو مونکي پرين ايئن ٿو لڳي
ٽانڊن تي ڄڻ هجن هي سندم پير ڇا ڪجي

غربت حدون وئي اُڪري افسوس بک وِگهي
معصوم ٿا ڦَلورِن پيا ڍير ڇا ڪجي

جنهن کي سدائين ميرل، واري ڍڪيم اکين
اُن جي به دل ۾ مون لئه آ مير ڇا ڪجي

*

18.

چيم دل کي نه ڀر سُڏڪا، چَيَئين اختيار ڪونهي ڪو
رُئان ٿي رات ڏينهن جنهن لئه، اُهو گڏ يار ڪونهي ڪو

چوي ٿو آ امان منهنجي، وري ٿئي سنڌ جو دشمن
اُنهيءَ جهڙو زماني ۾ ڪوئي بيڪار ڪونهي ڪو

وٺي ٿو نانءُ ڪو منهنجو اُنهيءَ جو ٿيو پوين دشمن
اکين ۾ عشق جو درياھ، چَوِين ٿو پيار ڪونهي ڪو

سڄڻ مونکي گُهري ٿو ايئن، گُهري جيئن ٿَرُ ٿو پاڻي
سڪون مونکي به هِت ناهي، پرينءَ کي ڌار ڪونهي ڪو

مليو آهين تون ميرل سان ته هي احساس ٿيو آهي
منهنجي دل تي ڪڏهن آيو، غمن جو بار ڪونهي ڪو


*

19.

نصيبن وارو جُهومَڪ آ
چُمي پيو ڳل، وڏو لَڪ آ

ڏسڻ سان ٿو ڇِڪين دلِيون
سندءِ نيڻن ۾ چقمَق آ

ڇڏي ويو سال گذري ويا
اڃان دل کي نه ٿي پَڪ آ

چيم ليڊر! هي غربت ڇو
چَيَئين منهنجو نه هي تَڪ آ

ٺڪا ٿيو ڪين دل ٽُٽندي
لڳو اهڙو ڳجھو ڌَڪ آ

نه ميرل بيوفا چوندس
اڃان اکڙين ۾ نِيمَڪ آ

*

20.

ڏٺئين هيڪَر زماني کي
لڳي ويا پَر زماني کي

فقط هڪ پاڻ سُهڻي آ
ڪَيَئين ميهَر زماني کي

اسين ٻئي ڪونه ٽُٽنداسين
ٻُڌا دلبَر زماني کي

ختم ناتا ڪري اڄ مون
هنئي ٺوڪَر زماني کي

مُئو شاعر ته کيسي مان
مليا ڪاڳَر زماني کي

*

21.

سک ويا سڀئي، مليا غم، باقي ٻيو ڇا نه ٿيو
دل جي لڳيءَ کان پهرين اهڙو لقا نه ٿيو

هي عشق يار اهڙو، خاموش آهي گھاڻو
دل پِيڙجي وئي پر، ڪوئي ٺَڪا نه ٿيو

دل چاڪ آ هٿن ۾، آهيان مان دربدر
غم درد جو ڪٿان ڀي، دارون دوا نه ٿيو

سڪ سوز کي سَهڻ جي ڪوشش ڪيم مگر
هي سُور گھٽ ڪڏهن ڀي، توکان سوا نه ٿيو

عشرت ۽ عيش نالي لاکون رُپيا مگر
افسوس خرچ سؤ ڀي، راھِ خدا نه ٿيو

دردن جي مئڪدي ۾، غم ٿي مليا خوشيون
ساقي به مون لئه ميرل، واعدي وفا نه ٿيو

*

22.

ذهن تي سوچ دلبر جي طاري ۽ مان
هٿ ۾ ڪاغذ قلم رات ڪاري ۽ مان

مون به يادن جي دنيا وسائي ڇڏي
هاڻ گڏ ٿا رهون بيقراري ۽ مان

ڀل جفائون ڪري مان وفائون ڪندس
پنهنجي ڪوشش ۾ آ هُو به جاري ۽ مان

جيڪا تحفي ۾ مونکي ڏئي وئين هليو
پيا ٿا تڙپون اُها انتظاري ۽ مان

هُو ته چنڊ ٿو لڳي مان ڏيئو ڀي نه هان
هُو ته اُستاد آهي بخاري ۽ مان

هُو به پنهنجن کان ميرل پري هُئي گهڻو
هڪ جهڙا ٽُٽل وڻ جي ٽاري ۽ مان

*

23.

انسان آ ڪٿي..!؟
ايمان آ ڪٿي..!؟

نفرت کي ساڙجي
شمشان آ ڪٿي..!؟

توکي وڇوڙي جو
ارمان آ ڪٿي..!؟

پٿر ۾ ڳولي پيو
ڀڳوان آ ڪٿي..!؟

مَچَ تي ڪچهري، پر
مهمان آ ڪٿي..!؟

هِي عشق فلسفو
آسان آ ڪٿي..!؟

*

24.

جي رکو ٿا نينهن ناتو، پوءِ نڀايو دوستو
سوچي سمجھي پٿرن سان پيچ پايو دوستو

هاڻ ايندا در اوهان جي تي هلي، منٿون ڪرڻ
ملڪ کي جن آ لُٽيو تن کي ڀڄايو دوستو

زندگي کَٽَ تي پئي هُئي، بس هُيون اکيون کُليل
مَنُ هُيو جنهن لاءِ ماندو سو نه آيو دوستو

محبتن جا گُلَ پوکي، محبتن کي عام ڪِيو
نفرتن جا منهن مٿان پردا هٽايو دوستو

عشق سُک آ، عشق ڏک آ، عشق آهي زندگي
عشق آ احساس ٻيو سڀ ڪجھه اجايو دوستو


*

25.

ڪو حسين منظر سُهانو ڳولجي
گڏ رهڻ جو ڪو بهانو ڳولجي

درد غم جنهن ۾ ڀري ٽانڪا ڏجن
اهڙو ڪوئي باڙدانو ڳولجي

ماءُ جو نعم البدل ٿيندو نه ٻيو
ڀل وڃي سارو زمانو ڳولجي

خواب، خوشيون، خواهشون گروي رکي
بس جيئڻ جو آشيانو ڳولجي

سوچ جي اڄ سمنڊ ۾ ڏيئي ٽُٻي
ڪو تخيل جو خزانو ڳولجي

*

26.

گُنگُنائي چَيَئِين..!!
ڇا اَلائي چَيَئِين..!!

توسان دل آ لڳي
مسڪرائي چَيَئِين..!!

تنهنجي آهيان ڀلي
آزمائي! چَيَئِين..!!

حال ڪهڙا اَٿئي
اَک ملائي چَيَئِين..!!

ريل گاڏي هَلي
بائي بائي چَيَئِين..!!

*

27.

مٺا ڏي ڪي مرڪون اُڌاريون کپن
ادائون به مونکي تو واريون کپن

کڻي وڃ خوشين جا ڀري جھول تون
مون کي غم اُداسيون ڏي ساريون کپن

سنڌو ڀي کپي ٿو پلو ڀي کپي
مُهاڻا، بتيلا ۽ ڄاريون کپن

سڄڻ سنڌ ٿيندي سڄي سون پر
اُنهيءَ لاءِ سوچون سگھاريون کپن

وٺي ووٽ ويو آ، ڪندو ڇا اِهو
جنهن کي روز شيشا ۽ ناريون کپن

*

28.

هو اچي گل ٽڙن ٿا، چمن کان پڇو
ڀؤنرن کان پڇو پوپٽن کان پڇو

جو لکيل آ نصيبن ۾ ٿيندو اُهو
مون نه شڪوه ڪئي آ غمن کان پڇو

مون ته جيون گذاري ڇڏيو جاڳ ۾
چنڊ کان، رات کان، ڀل گگن کان پڇو

نينهن جي ڪيئن نشي ذهن ٿيڙي ڇڏيا
محبتن جي وڃي مئڪدن کان پڇو

دل لڳي اَڪَ جي ڪائي ماکي نه آ
دل لڳيءَ جو قدر دل جلن کان پڇو

مونسان ميرل مقدّر وفا ڪانه ڪئي
منهنجي ڪشتي ڪٿي آ ڪُنن کان پڇو

*

29.

جڏهن منهن يار موڙي ٿو
پوءِ مون کي غم وڪوڙي ٿو

عجب آ عشق جو دريا
نه تاري ٿو، نه ٻوڙي ٿو

جُھڙالي ٿيو پوي موسم
جڏهن هُو زُلف ڇوڙي ٿو

اسان جو روح اڄ تائين
وفا لئه روز ڊوڙي ٿو

پرينءَ جو درد ميرل کي
اڃا تائين جھنجھوڙي ٿو

*

30.

تو نهاريو ته زخم ويا ڀرجي
نيڻ تنهنجا دوا مثل آهن

سوچ تنهنجي صفا وڪوڙي وئي
يادگيريون سزا مثل آهن

لفظ تنهنجا سڀئي اُڏامي ويا
قول تنهنجا هوا مثل آهن

مونکي شفقت منجهان سڏيندي آ
ماءُ جا گُفتا دعا مثل آهن

تنهنجو هر ڪُوڙ سچ، مگر منهنجون
سڀ وفائون جفا مثل آهن

*

31.

اوهين جيئن ئي رُٺا، ڏسجو!
ڪندي دل منهنجي ٺا، ڏسجو!

لکي لڙڪن سان جيڪي مون
پڙهي دل جي ڪٿا ڏسجو!

وڙهياسين ديس لئه جڏهين
اسان جا حوصلا ڏسجو!

پرينءَ جا نيڻ مَڌ آهن
وڃي ڀل مئڪدا ڏسجو!

مرڻ کان پوءِ هٿ هڻندو
ڪندو منهنجي پُڇا، ڏسجو!

اَٿَوَ دل ۾ اَلائي ڇا
بظاهر پيا سُٺا، ڏسجو!

*

32.

اکين سان وار ٿيندو آ
ايئين ڀي يار ٿيندو آ

سڃاڻپ ذات ناهي ٿي
امر ڪردار ٿيندو آ

خدا کي پيو پُڪاريندو
جڏهن بيمار ٿيندو آ

سڪون دل کي آهي ملندو
جڏهن ديدار ٿيندو آ

چيم دل کي چري دلبر
اکين جو ٺار ٿيندو آ

ڪٿي سهڻي وفا جهڙي
ڪٿي ميهار ٿيندو آ

گُلن جو ڇو ڀلا ايڏو
ڪنڊن تي بار ٿيندو آ

هميشه سُونهن جو ميرل
دلين تي وار ٿيندو آ

*

33.

ڳالهه حق جي ڪٿي ڀي اگر ٿو ڪيان
شهر پٿر هنيا جي گذر ٿو ڪيان

ناهي سيني ۾ منهنجي هٿن منجھه آ
دل هي پنهنجي پرينءَ جي نذر ٿو ڪيان

سچ جو آئون ساٿي ٿيان ٿو پڪو
مان به دشمن سڄو هاڻ تَر ٿو ڪيان


هاڻ در ۾ نه آ عڪس ايندو نظر
پوءِ به هُن جي گھٽيءَ مان چڪر ٿو ڪيان

تنهنجي تصوير، احساس، ڪمرو ۽ مان
وقت يادن ۾ روئي بسر ٿو ڪيان

*

34.

جيجل امان جي جنهن کي، شفقت نٿي ملي
تنهن کي دنيا ۾ يارو، عزت نٿي ملي

جنهن لاءِ زندگاني، برباد ٿي وئي
تنهن کي ته منهنجي لاءِ، فرصت نٿي ملي

دل کي ڪري مان ڪشتو، دلبر ڏي ٿو وڃان
نفرت ملي ٿي ليڪن، محبت نٿي ملي

دل ڪيئن الئه ملي وئي، حالانڪه فرق آ
مون سان ته هُن جي بلڪل، فطرت نٿي ملي

مزدُور اڄ ڀي ميرل، فاقه ڪَشيءَ ۾ آ
ڪم جيتري اُنهيءَ کي، اُجرت نٿي ملي

*

35.

نه ڇمڪي ڇير ڇا سمجھان
ڪئي تو دير ڇا سمجھان

رڳو اُڻ تُڻ سندءِ اُلڪن
وڌو آ وير ڇا سمجھان

اڱڻ آئين نه اڄ تائين
ڀري تون پير ڇا سمجھان

پڙهيل ناهيان پَٽِي ڀي مان
زبر ۽ زير ڇا سمجھان

وٺي دل پوءِ ڏنئين مونکي
ڏکن جا ڍير ڇا سمجھان

کِلڻ، کائڻ ۾ سڀئي گڏ
آ دشمن ڪير ڇا سمجھان


*

36.

چنڊ مُرڪيو، رات ڇِرڪي اوچتو
هُن جو گھر جي کولي کڙڪي اوچتو

باغ ۾ اڄ باز پئي ڦيرا ڏنا
ٿي وئي غمگين جھرڪي اوچتو

اوچتو وئي اجنبيءَ سان اک اَڙي
دل وئي اُن ڏانهن سِرڪي اوچتو

ٿي ڪبوتر سُونهن جي کُڏ تي لٿي
عشق جي دل کائي ڀڙڪي اوچتو

*

37.

هانءُ ٻَري، عشق ٽانڊن جي چَر ٿو لڳي
ڪنهن جي پُرڪيف اک جو اثر ٿو لڳي

ڪنهن چيو الوداع، ڪنهن چيو ڪربلا
“زندگيءَ جو اڙانگو سفر ٿو لڳي”

کوڙ ڳوليم وفا ڪونه آئي نظر
مون کي هر جاءِ جفائن جو تَر ٿو لڳي

جنهن جي تعريف محفل ۾ ناهيان ڪندو
منهنجو لهجو اُنهيءَ کي زهر ٿو لڳي

دل جي ڌرتيءَ کي کيڙي ڇڏي ٿو صفا
هِي وڇوڙو ڍڳن جو ته هَر ٿو لڳي

جلد موٽي آ سانوڻ جي برسات ٿي
مَنُ اُڃايل صفا يار ٿَر ٿو لڳي

شهر پٿر هنيا ڪونه پئي ڪا خبر
تنهنجو لهجو پرين ڄڻ خنجر ٿو لڳي

*

38.

نفرتن جي ڏيھه ۾ اڄ محبتون روپوش ٿيون
درد ۾ دل قيد آهي ۽ خوشيون روپوش ٿيون

اڄ عقابن جو حڪم پيو ٿو هلي گلشن مٿي
گھر اباڻي کي ڇڏي هِن جھرڪِيون روپوش ٿيون

ساٿ تنهنجو هو جڏهن ڪُل عيش ها عشرت هُئي
تو ڇڏيو دلبر تڏهن سڀ شهرتون روپوش ٿيون

حسن تنهنجي سامهُون ڏَس ڪيئن ڀلا بيهنديون اُهي
جن سڏايو پاڻ کي پئي پدمڻيون روپوش ٿيون

هُن جھروڪي مان جڏهن هو رُخ مٿان پردو کنيو
چنڊ ميرل ويو لِڪي هو ۽ ڪَتيون روپوش ٿيون

*

39.

رهي سنڌ موليٰ، سلامت اسان جي
“محبّت ئي آهي ثقافت اسان جي”

ڏسو سنڌ آهي دليرن جي ڌرتي
زماني ڏٺي آهي طاقت اسان جي

نه ٽوڙي تون سگھندين، مُڙي وڃ مُڙي وڃ
اڃا تو ڏٺي آ شرافت اسان جي

منهنجي سنڌ مهمان نوازيءَ ۾ اَڳِيان
سڃاڻپ سدائين سخاوت اسان جي

هجي سنڌ ميرل پري دشمنن کان
ڪري شال پروَر حفاظت اسان جي

*

40.

ڏسو مون پيار پاڳل جو
وٺان رستو پيو مقتل جو

ستم جي ڳالهه ٿي جڏهين
قصو رُئاڙي ٿو ڪربل جو

تنهنجي زُلفن ڏنو آهي
هوا کي شوق بادل جو

اڙي ظالم! تون سوچي وٺ
اُتي ليکو آ پل پل جو

ڪيو تو ناهي اڄ تائين
ڪڏهن احساس ميرل جو

*

41.

دلين کي يار، جوڙڻ سِک
نه ڪر تون ڌار، جوڙڻ سِک

تون ٻِن ماڻهن کي ٽوڙڻ جا
ڇڏي ڪم ڪار، جوڙڻ سِک

ڇِنڻ کان ٿي ويندئي نفرت
فقط هڪ وار، جوڙڻ سِک

ڪنڊا اُڇلڻ جي ڪاريگر
گُلن جا هار، جوڙڻ سِک

ڪري هَٿَ جوڙ ننڍڙن سان
وڏن سان ڌار، جوڙڻ سِک
*

42.

سوچ ڪر بهتر اڃا
عشق آ ابتر اڃا

سنڌ ۾ پيا ٿا ڪُسن
روز ڏسِ ڪونڌر اڃا

مال، ماڻهو دربدر
آ اُڃارو ٿر اڃا

هُو نه آيو آ تڏهن
اَک ۾ آ ڪينجھر اڃا

بس امان! تنهنجي ڪري
راضي آ پَروَر اڃا

پيو اڃا ميرل جيئي
ڀل جفائون ڪَر اڃا

*

43.

ڪيئن چوان زندگاني اڪيلي رَهِي
سوچ تنهنجي سدا ٻانهن ٻيلي رَهِي

معاملو پيار جو حل ڪٿي ٿي سگھيو؟
دل لڳي بس پهيلي پهيلي رَهِي

تنهنجي سُورن ڪئي بادشاهي سدا
منهنجي دل ٿي اُنهن لئه حويلي رَهِي

ياد تنهنجيءَ سان اڄ ڀي نڀايو اچان
ياد ايندي مٺا تنهنجي ڊيلي رَهِي

هڪڙو ڀيرو هو گلشن ۾ آيو پرين
اڄ به ساريندي هُن کي چنبيلي رَهِي

*

44.

جنوريءَ ۾ نيڻ نيڻن سان مليا
ٿيا شروع فيبروريءَ ۾ سلسلا

گڏ رهڻ جا قول مارچ ۾ ڪَيَئين
ويا وڌي اپريل ۾ سڀ حوصلا

مَئي مچايا رنگ اُلفت جا گھڻا
جُونَ ۾ مون عشق جا جوهر ڏٺا

پر جُولائي ۾ وڇوڙو ٿي وَيو
۽ مُڪا آگسٽ مون ڏي فاصلا

سيپٽمبر ۾ مليون دردن ڀريون
آڪٽوبر ۾ ڏکن جا زلزلا

۽ نومبر ۾ وَيو ميرل ڇڏي
ٿي وَيو آ ڄڻ ڊسمبر ڪربلا

*