سيلف ڊولپمينٽ

هيرا تراشڻ جو فن

ٻارن جي تريبت جي تحريڪ پيدا ڪندڙ ھن ڪتاب جو ليکڪ قاسم علي شاھ آھي ۽ سنڌي ترجمو اظهر آدرش ڪيو آھي.
”هيرا تراشڻ جو فن“ ننڍڙو پر جامع اصلاحي ڄاڻ ڏيندڙ بهترين ڪتابچو آهي. هن ڪتاب جا باب آهن ته مختصر پر، ڏاڍا پُراثر آهن. ڪتاب جو هڪ هڪ جملو ذهن جي تبديلي جو محرڪ آهي. هڪ جملو لک لهي ٿو. هڪ جملو توهان جي زندگي سان گڏ توهان جي نسلن جي زندگي کي جوڙي ڇڏي ٿو. هن سماج کي مهذب، خوشحال ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ هنن ڪتابن جي ضرورت هوندي آهي. دنيا جي هر وڏي ماڻهوءَ جي ماءُ ڪهڙا تربيتي اصول اپنايا اھوئي ھي ڪتاب ٻڌائي ٿو.
Title Cover of book هيرا تراشڻ جو فن

ڇا توهان به گھرو ٿا ؟

ته توهان جو ٻار ڪنهن جو محتاج نه رهي، هو خود اعتماد ۽ پُر يقين هجي، هُو زندگيءَ کي ٻوجهه نه بلڪه زندگي کي چئلينج سمجهي ان مان مزو ماڻيندو رهي. ٻين سان رَلي مِلي زندگي جي دلچسپين ۾ شريڪ ٿئي. هو نه صرف اسڪول پر زندگي جي هر شعبي ۾ نمايان هجي. توهان جو ٻار توهان لاءِ فخر جو سبب بڻجي. هو انسانيت جي خدمت ڪري، دنيا ان جي تعريف ڪري، هو پنهنجي شعبي ۾ بي تاج بادشاھ هجي. ان وٽ دولت هجي، شهرت، طاقت ۽ آزادي!- ملطب ته سڀ ڪجهه هجي.
توهان يقين ڪريو- هر والدين جي اها ئي خواهش هوندي آهي، پوءِ چاهي هُن جو ٻار جهوپڙي ۾ اک کولي يا هڪ وڏي محل ۾! سڀئي والدين اهوئي چاهيندا آهن ته هنن جو ٻارڙو اکين جو تارو- آسمان جو تارو بڻجي وڃي ۽ پنهنجو ۽ والدين جو نالو روشن ڪري. پر ڇا سڀني والدين جون اهي نيڪ تمنائون پوريون ٿين ٿيون؟ بلڪل نه!
اسان منجهان هر شخص پنجاھ، سٺ، ستر سالن جي عمر ۾ هي دنيا ڇڏي وڃي ٿو. جنهن کانپوءِ ماڻهو ان جي شڪل ته ڇا- نالو به ڀُلجي وڃن ٿا. پر اهو ته سڀئي ڄاڻن ٿا ته اسان منجهان ڪجهه اهڙا شخص به هوندا آهن جيڪي دنيا ڇڏي به ويندا آهن، پر تڏهن به هو زندهه رهجي ويندا آهن. اهو شخص جيڪو ڪوئي اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏئي ٿو، جنهن سان تاريخ جي اکين ۾ حيرانگي اچي وڃي ٿي ته ان شخص جو نالو هزارن سالن تائين ياد رکيو ويندو آهي. رڳو محمد علي جناح، اقبال، کي ڏسو، هي ڪير ماڻهو هئا؟ ڀلا، آئن اسٽائن، نيوٽن ، ايڊيسن ۽ توهان جي ٻار ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هي ماڻهو پنهنجي ٻاروتڻ ۾ آخري حد تائين احمق ۽ بي وقوف طور سڃاتا ويندا هئا. پر اها ڪهڙي طاقت آهي جنهن انهن کي طاقتور ۽ نامور ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇاڪاڻ ته هُو وقت جي ديوارن کي ٽوڙي انساني ذهنن جو حصو بڻجي ويا.
”ڇا سبب آهي جو هُو هيرو ۽ اسان جا ٻار زيرو آهن؟“
اسان وٽ هڪ هي به ڳالهه عام آهي ته ٻين جي ڪاميابي ۽ پنهنجي ناڪامي جي صرف هڪ وجهه سمجهندا آهيون ۽ اها وجهه هوندي آهي ”قسمت!“
جڏهن توهان صرف هڪ سبب کي آخري مڃي وٺو ٿا ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته، توهان ڪڏهن به حقيقت پسند نه ٿا ٿي سگهو، ۽ ڪيئن اهو ممڪن آهي ته ”صوف ۽ ڪيلي“ تي ليڪچر ٻُڌي، يا ان موضوع تي ڪتاب پڙهي، انهن جي ذائقي جي خبرپئجي وڃي؟ صوف ۽ ڪيلي تي ڇهه ڪلاڪن جو ليڪچر ٻڌڻ، پنج ڪلاڪ بحث ڪرڻ ۽ چار سئو صفحن جو ڪتاب پڙهڻ کان بهتر اهو آهي ته توهان صرف پنجين روپين جا صوف ۽ ڪيلا خريد ڪري، چَکي ڏسو ته حقيقت جي خبر پاڻ ئي پئجي ويندي. هر ڳالهه جي وجهه قسمت نه هوندي آهي، اهو ته قسمت تي صرف الزام هڻي، اسان غير ذميداري وارو رويو روا رکندا آهيون.
جارج واشنگٽن چيو ته: ”99 فيصد ناڪام ماڻهن جي پهرين ۽ نمايان بُري عادت غير ذميداري آهي“
ياد رکو ته دولت مند هجڻ هڪ نتيجو آهي، غريب هجڻ نتيجو آهي، صحتمند هجڻ نتيجو آهي، بيماري به نتيجو آهي، شهرت، بدنامي نتيجو آهي، ڪاميابي، ناڪامي نتيجو آهي، طاقت ۽ ڪمزوري به نتيجو آهي، ڇو ته اسين جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، اها سبب ۽ اثر (Caused and Effect) جي دنيا آهي. هن نظام ۾ هڪ ائٽم (ذرو) جي ٻي ائٽم سان ملڻ جي ڪا وڏي وجهه موجود هوندي آهي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي، ته انسان جي واڌ ويجهه ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابيءَ جا ڪي به سبب نه هجن!
ڇا توهان چاهيو ٿا ته توهان به انهن اصولن ۽ سببن کان باخبر هجو جن جي ڪري ڪو ٻار ڪامياب ۽ ڪو ٻار وري ناڪام بڻجي وڃي ٿو. اچو ته توهان کي اهو پهريون راز ٻڌايون، جنهن جي ڄاڻ کانپوءِ توهان دنيا جا ڪامياب ترين مائٽ/ والدين بڻجي ويندا.