مُحبت
”محبت ايتري طاقتور آهي جو ڪنهن وحشيءَ کي به هڪ لمحي ۾ انسان ڪري ڇڏيندي آهي. محبت هر شئي کي فتح ڪري وٺي ٿي، اچو ته اسان به هن (محبت) اڳيان شڪست قبوليون“ (شيڪسپيئر)
جيڪڏهن ڪو ٻارن سان محبت نه ڪري، ڪوئي انهن جي تعريف نه ڪري ته هو ذهني نشونما جي لاءِ ايندڙ قدم نٿو کڻي سگهي. هو پنهنجا فيصلا پاڻ نٿو ڪري سگهي. مستقبل جو ڪو منصوبو نٿو ٺاهي ۽ نه ئي ننڍي مان ننڍي ذميواري کڻي سگهي ٿو. جيڪو ٻار محبت ۽ پيار کان محروم هوندو آهي، اهو اڪثر ڊيڄو، شرميلو، ۽ ٻڏتر جو شڪار هوندو آهي. يا محبت جي محرومي کي لڪائي بهادري جو مظاهرو ڪندو آهي. پيار ۽ محبت ڀرئي گهر ۾ ٻار گڏجي ڪم ڪرڻ جو پهريون سبق سکي ٿو. ٻين جي مدد ڪري ٿو ۽ ٻين کان مدد گهري ٿو.
تحقيق ۽ منهنجي ذاتي راءِ مطابق ٻار جي شخصيت تي ماءُ، پيءُ جي تعلق جو گهرو اثر ٿئي ٿو. جي ڪڏهن ٻار گهر ۾ ڏسي ٿو ته ماءُ، پيءُ سچي ۽ بي لوث محبت ڪن ٿا ته هن جي ذهن ۽ مَن ۾ به محبت هڪ مکيه قدر طور جڳهه ٺاهي ٿي، ۽ هو سڄي زندگي ڏک ۽ غم کي پنهنجي ذات مٿان غالب ٿيڻ نه ڏيندو آهي. هو محبت ۽ پيار ورهائيندو ۽ محبت ئي حاصل ڪندو. ماهرن مطابق هر ڇھه سئو مان هڪ ٻار قدرتي طور تي ذهني معذوري جو شڪار هوندو آهي. پر مائٽن جي پاڻ ۾ جهيڙي جهٽي جي ڪري هر ڏهن مان هڪ ٻار ذهني معذوري يا نفسياتي بيماري جو شڪار بڻجي وڃي ٿو.
ٻارن ۾ ڏوهاري ذهنيت پوڻ جي وڏي وجهه والدين جي پاڻ ۾ ناچاڪي آهي. نفسياتي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ٻار جي ذهني نشونما جي لاءِ ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، چاچو، مامو ۽ خاندان جي ٻين فردن جي بي لوث محبت وڏي اهميت رکي ٿي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته جيڪي مڙس زالن تي تشدد ڪن ٿا، انهن ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد کي تشدد ڪندي ڏٺو هوندو، ان ڪري انهيءَ جي شخصيت ۾ اهو خال ايندڙ وقت ۾ نفسياتي بيماري طور ظاهر ٿيندو آهي.
”زال مڙس پنهنجي ٻارن مٿان بهترين احسان ڪري سگهن ٿا ته هو پاڻ ۾ محبت ڪن.“ (پروفيسر ارشد جاويد)
دوستو! انساني شخصيت کي تباھ برباد ڪرڻ واري ۽ ڪاميابي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ جو نالو آهي.