سيلف ڊولپمينٽ

هيرا تراشڻ جو فن

ٻارن جي تريبت جي تحريڪ پيدا ڪندڙ ھن ڪتاب جو ليکڪ قاسم علي شاھ آھي ۽ سنڌي ترجمو اظهر آدرش ڪيو آھي.
”هيرا تراشڻ جو فن“ ننڍڙو پر جامع اصلاحي ڄاڻ ڏيندڙ بهترين ڪتابچو آهي. هن ڪتاب جا باب آهن ته مختصر پر، ڏاڍا پُراثر آهن. ڪتاب جو هڪ هڪ جملو ذهن جي تبديلي جو محرڪ آهي. هڪ جملو لک لهي ٿو. هڪ جملو توهان جي زندگي سان گڏ توهان جي نسلن جي زندگي کي جوڙي ڇڏي ٿو. هن سماج کي مهذب، خوشحال ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ هنن ڪتابن جي ضرورت هوندي آهي. دنيا جي هر وڏي ماڻهوءَ جي ماءُ ڪهڙا تربيتي اصول اپنايا اھوئي ھي ڪتاب ٻڌائي ٿو.
Title Cover of book هيرا تراشڻ جو فن

توهان جا ٻار منفرد آهن

”وڏي عمر واري ماڻهو کي خبر هوندي آهي ته سڀ انسان مون جيان منفرد هوندا آهن. تنهن ڪري هو انهن ماڻهن جي عزت ڪرڻ گهرندو آهي، جيڪي سندس قابليت ۾، خوبين ۾، نظرين ۾، عادتن، رنگ ۽ مذهب ۾ به مختلف هوندا آهن.“ (ايلس وٽزمن)

مان جڏهن به ڪنهن ٽن، چئن سالن جي ٻار کي روئندي اسڪول ۾ دروازي منجهان داخل ٿيندو ڏسندو آهيان ته مون کي البرٽ آئن اسٽائن ياد اچي ويندو آهي. آئن اسٽائن به اسڪول وڃڻ پسند نه ڪندو هو. هو سمجهندو هو ته اسڪول هڪ فوجي جاءِ آهي. هن جو خيال هو ته اسڪول ۾ آزادي سان نٿو رهي سگهجي، البرٽ جي خيال ۾ آزادي، خصوصاً سوچ جي آزادي اهميت واري هئي. هو ڪابه ڳالهه ان وقت تائين نه ڪندو هو، جيستائين هو ان کي مڪمل طور سمجهي نه سگهندو هو. اڪثر اهڙي حرڪتن تي استادن کي ڪاوڙ ايندي هئي. هو ڏينهن جو خواب ڏسندو يا پنهنجو پاڻ سان پيو کيڏندو هو. آخر ڪار سڀني استادن هن کي بي وقوف ۽ نالائق قرار ڏئي ڇڏيو. پر ايندڙ وقت ۾ آئن اسٽائن دنيا جي تاريخ کي بدلائي ڇڏيو.
هن پنهنجي زندگي ۾ 1093 ايجادون ڪيون ۽ اهو ڪنهن هڪ شخص ڏانهن منسوب ٿيندڙ ايجادن جو ريڪارڊ هو. سڄي زندگي ۾ هو صرف ٽي مهينا اسڪول ويو هو. باقاعده تعليم نه هجڻ باوجود هن جديد سائنس ۾ هڪ انقلاب آڻي ڇڏيو هو، ۽ هن جي نالي کان اڄ زمانو واقف آهي. اهڙي طرح ٿامس ايڊيسن، ڇا توهان کي خبر آهي ته ٿامس ايڊيسن جي ايجادن جتي دنيا کي بهترين تحفا ڏنا، اتي آمريڪا کي سپر پاور ٺاهڻ جو بنياد فراهم پڻ ڪيو. هن کي شروع کان وٺي ”ڇو“ ۽ ”ڇالاءِ“ ڄاڻڻ جو شوق هو. هو هڪ ڏينهن ڪڪڙين جي کُڏيءَ ۾ انڊن جي مٿان ٿي ويهي رهيو. جيسين سندس گهر وارن کي خبر پئي ته موصوف انڊن تي آرو ڪرڻ لاءِ ويٺو آهي، جڏهن کيس اٿاريو ويو ان وقت تائين سڀ انڊا ڀڄي سندس ٽنگن سان چمبڙي ويا هئا.

”مونکي خبر ناهي ته دنيا منهنجي ڪم کي ڪيئن ڏسي ٿي، منهنجي پنهنجي خيال ۾ ته، منهنجو مثال ان ڇوڪري وانگر آهي جيڪو سمنڊ جي ڪناري راند ئي راند ۾ سِپين جي ڍڳ مان ڪجهه ڳولهي رهيو هجي. اهو ڇوڪرو سمجهي ٿو ته ان جي اڳيان سچ جو وسيع سمنڊ لهرون هڻي رهيو آهي. جنهن جي تھه ۾ ان کي وڃڻو آهي“ (آئزڪ نيوٽن)

جڏهن هو پيدا ٿيو هو ته ايترو ته ڪمزور ۽ نٻل هو، جو هن کي هڪ پيالي ۾ رکي پئي سگهيا. ان ٻار جي هڪ ڏينهن به زندهه رهڻ جو امڪان نه هو پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته صدين تائين ان ٻار جو نالو زندهه رهندو. ان جو نالو آئزڪ نيوٽن هو. هن کي اسڪولي ڪتابن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي. هُو اڪثر پنهنجي ڪلاس ۾ آخري پوزيشن کڻندڙ شاگرد هو- پر جڏهن 1978ع ۾ مائيڪل هارٽ دنيا جي مؤثر عظيم ترين شخصيتن جي لسٽ ٺاهي ته ان ۾ نيوٽن جو ٻيون نمبر هو.
هي سڀ ڪهاڻيون ياد ڏيارينديون ته ڪيئن هڪ معمولي، ڊيڄو، ضديرو، هٺ ڌرم، بدتميز ۽ ويڙهاڪ قسم جو انسان محنت، جدوجهد ۽ جستجو سان هڪ عظيم انسان ۽ سائنسدان بڻجي ويو. اهڙيون صلاحيتون توهان جي ٻارن ۾ به آهن ۽ ايتريون ئي آهن جيئن آئن اسٽائن، ايڊيسن، وليم هارولي، جوزف لسٽر، لوئين پاسچر، نيوٽن ۽ رائٽ برادرز ۾ هيون. فرق صرف هڪ ڳالهه جو آهي، ته هنن جي والدين کي يقين هو ته هنن جي گود ۾ هڪ اهڙو فرد پرورش وٺي رهيو آهي جنهن کي ايندڙ وقت ۾ زماني جو مقابلو ڪرڻو آهي. توهان جو ٻار منفرد ۽ الڳ ٿلڳ (بي نظير) قسم جو ٻار آهي. ان ڳالهه ۾ جي توهان کي ٿورو به شڪ آهي ته ڀلا پوري دنيا ۾ صرف هڪ ٻار پنهنجي ٻار جهڙو ڳولي ته ڏيکاريو.