پريشان رهڻ
”پريشاني حالتن سان نه پر خيالن سان پيدا ٿيندي آهي“ (واصف علي واصف)
اسان جا ٻار، اسان جو مستقبل آهن ۽ پريشان رهڻ سان پنهنجو مستقبل تباهه ٿي وڃي ٿو. اڪثريت ۾ والدين جي اها راءِ آهي، ته اسان جي پريشاني اسان مٿان ئي اثر انداز آهي، پر حقيقت بلڪل ابتڙ آهي، جڏهن اسان پريشان هوندا آهيون ته ان جو اثر غير ارادي طور اسان سان ملڻ جلڻ وارن، خاص ڪري گهر وارن تي اثر انداز ٿيندو آهي، ٻار نفيس گل جي مکڙيءَ جيان هوندا آهن، توهان جي پريشان چهري کي ڏسي اهي معصوم ۽ نفيس مُکڙيون مرجهائجي وينديون آهن. ياد رکو اوهان جنهن پريشاني کي اهميت جو درجو ڏيو ٿا، اها پريشاني ختم ٿيڻ جي ناهي هوندي. توهان پنهنجي سمورين ذميوارين کي قبول ڪري صرف پنهنجي ڪم ۽ ڪاروبار سان محبت ڪيو، پريشانيون خود بخود ڀَڄِي وينديون.
صرف هڪ ماڻهو مثبت سوچ رکڻ وارو، گهر جي سموري ماحول کي بهتر ۽ مثبت بڻائي سگهي ٿو، ماحول ڪڏهن ڪڏهن اعليٰ کان اعليٰ دماغي صفتون ضايع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جيڪڏهن محبت ڀريو ماحول ملي وڃي ته ٻار ترقيءَ جي معراج تائين پهچي وڃن ٿا. ٻارن جي ڪردار جي اصلاح جي لاءِ ضروري آهي، ته گهر جي ماحول جي اصلاح ڪجي. خوشيون بازار مان ناهن ملنديون، خوشين کي ته گهر ۾ خود پيدا ڪيو ويندو آهي.
مسڪرائيندڙ چهرا زنده دليءَ جي علامت هوندا آهن، پريشانيون اتي ڊوڙي وينديون آهن، جتي انهن جو آڌ رڀاءُ ڪيو ويندو آهي، هر پريشان ماڻهو کي پنهنجو پاڻ تي ترس کائڻ جي عادت پئجي ويئي آهي، ۽ ياد رکو ته صرف ڪمزور ماڻهو ئي مدد ۽ همدردي جو متلاشي هوندوآهي.
آفيس ۽ دڪان جي پريشانين کي ئي ڇڏي ڏيو ڇو ته مرڻ وقت ڪنهن انسان کي ڪارو بار ياد ناهي ايندو، بلڪ ان وقت اهائي خواهش هوندي آهي، ته ”ڪاش! مان پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان گهڻو وقت گذاريان هان. گهر اچو ته مسڪراهٽ جي سوکڙي کنيو اچو. والدين مونکي چوندا آهن ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مسڪرائين، مان صرف اهو چوندو آهيان ته مون وٽ مسڪرائڻ جي صرف هڪ وجهه آهي ته ”مسڪرائيندو رهڻ منهنجي نبي جي سنت آهي.“