لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڏکڻ ڪاڇي جا سگهڙ شاعر

ڪاڇي جو علائقو لوڪ ادب، سُگهڙائپ ۽ شعري ادب ۾ زرخيز رهيو آهي. ھن ڪتاب ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ ڪاڇي جي آڳاٽن لوڪ ۽ سگهڙ شاعرن سان گڏوگڏ، ويجهي ماضيءَ ۽ موجودہ دور تائين جي سگهڙ شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام جو نمونو سھيڙيو آھي. ڪاڇي جي حوالي سان هيءُ ڪم نہ صرف منفرد پر پنھنجي نوعيت جو نئون ڪم بہ نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ 23 سگهڙن کي شامل ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book Dakhen Kachhy ja Sugher Shair

سُگهڙ نبن خان لنڊ

سُگهڙ نبن خان لنڊ 1898ع ۾ ڳوٺ ڪمال خان لنڊ تعلقہ جوهيءَ ۾ ڄائو. پنھنجي قبيلي جو لٺ سردار هو. اڄ بہ سندس پويَرن تي چڱ مُڙسي جي دستار بندي هلندي اچي ٿي. قبيلي جو سردار هئڻ باوجود بہ سندس ميل جول ماڻھن سان سٻاجهائپ وارو هوندو هو. سندس فطرت ۾ سادگيءَ جو عنصر شامل هو، ڪڏهن بہ هٺ ۽ وڏائي نہ ڌاريائين، سندس اوطاق تي هر روز تر جا سُگهڙ اچي گڏ ٿيندا هئا. پاڻ جھڙو هو جراح سُگهڙ تھڙو هو سندس مھمان نوازي وارو سلڇڻو ورتاءُ. سُگهڙ چاھہ ڪري اچي سندس اوطاق تي ناصحانہ نقطن جي ڏي وٺ ڪندا هئا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’سنڌ جي سينگار شاعري‘ ۾ جوهيءَ جي ٻين سُگهڙن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ، ”ان کان پوءِ جا وڏا سُگهڙ جيڪي اتي ٿي گُذريا تن ۾ محمد خان لغاري، (قصبي جو) مُريد خان چانڊيو، نبي بخش لنڊ (ڳوٺ ڪمال خان جو) ۽ ٻيا جن سان 1954- 1958ع وارن سالن ۾ راقم جون پڻ ڪچھريون ٿيون.“(ص- 161) پاڻ اٽڪل 69 سالن جي ڄمار ۾ 1967ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪجهہ ٽڙيل پکڙيل شعرن جو سٽون مليون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

نمونہ ڪلام
*
انسان نالو اُنس جو جيڪو سڀ سان رکي پيار
خلقيو جنھن کي خدمت لاءِ خاص خلقڻھار
پيتي جر نہ کٽندو، توڙي پيئجي بار بار
نوڙت ۽ نياز سين بڻجي ساھہ سينگار
سدا سائو سوئي رهندو سدا باغ بھار
جو ڏکي ويل غريب جي ڪُڏي لھندو سار
خلقيل سڀ مخلوق آ سندي رب ستار
ڏينھان راتيان ڏوھہ ۾ چارئي چاڪ چِڪار
”نبن خان“ نوڙت سين اٺئي پھر گُذار
ڪري رحم قھار، شل راضي ٿئي مسڪين تي.