طالب قمبراڻي
وائي نما ڪافي
عورت روئي ٿي.
ڇالاءِ روئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
رڌ پچاءُ ۽ ٻيا ڪم گهر جا،
گاھہ بہ ڍوئي ٿي،
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
کوهن شاخن، ٽيوب ويلن تي،
ڪپڙا ڌوئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
لکڻ پڙهڻ کان قاصر آهي،
ڦٽيون سوئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
سُگهڙ سياڻي، سنڌ جي نياڻي،
موتي پوئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
”طالب“ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو اٿس،
پاڻ کي ڪوئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
****
ڪافي
ويو آهيان لٽجي.
مونکان منھنجا ماءُ ۽ پيءُ.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
ڀورا ڀورا ٿي ويو آهيان،
ري آريءَ ڪپجي.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
هِن ۽ هُن جون ڇڙٻون سھندي،
جهُري پوي ٿو جيءُ.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
ننڍپڻ ۾ئي کسجي ويم،
جيجل جي جهولي.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
گُلشن منھنجو ”طالب“ چوي،
بلڪل ويو اجڙي.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
****
ڪافي
ظلمن پاتا پير.
جاڳيا آهيون دير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
نياڻيءَ کي مجبور بڻاءِ،
پارائي اٿن ڇير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
جنھن جي دم سان، سڀ رنگ وکريا،
تنھن سان پاتئون وير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
ڀيڻ پڙهي ٿي، ڀاءُ سڙي ٿو،
رکيو من ۾ مير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
سسئي بڻجي ڪنوار سمھي پئي،
وَر وٺي ويس ڏير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
