سمنڊ تي عيد
جهاز هڪ ٻيٽ مثل آهي جو هلندو ئي رهي ٿو. جهاز هڪ محدود ۽ ننڍڙي الڳ ٿلڳ دنيا آهي جنهن جو ڪناري جي زندگيءَ سان ڪو واسطو ناهي. هر اهو ڏينهن عيد آهي جنهن ڏينهن جهاز بندرگاهه ۾ آهي، يا سمنڊ تي موسم صاف آهي ۽ پاڻي ماٺو آهي. ۽ اهو ڏينهن حشر مثل آهي جنهن ڏينهن موسم خراب آهي ۽ پاڻيءَ ۾ جوش آهي. اهو هرگز ضروري نه آهي ته عيد جي ڏينهن جهاز بندرگاهه ۾ هجي.
اهي به ڪي ڏينهن هئا جڏهن جاگرافيءَ ۾ جهازن جا رستا ياد ڪبا هئا ته ڪراچيءَ کان لنڊن جهاز تي وڃڻ لاءِ رستي تي ممباسا، لارينزومارڪس، لئانڊا، ڊڪار وغيره ۾ ترسي، راشن پاڻي کڻي پوءِ لنڊن پهچبو. پر اڄُڪلهه اهو زمانو ختم ٿي چُڪو آهي. هاڻ ڪراچيءَ کان لنڊن ته ڇا پر ڪراچيءَ کان سڌو نيويارڪ بنا ترسڻ جي به پهچي سگھجي ٿو ۽ جهاز هفتن جا هفتا به لڳاتار سفر ڪري سگھي ٿو. اڄُڪلهه جا جهاز ايڏا وڏا آهن جن ۾ ٻارڻ جو تيل تمام گھڻو اسٽور ٿي سگھي ٿو. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ لاءِ Evaporator آهن ۽ ڪولڊ اسٽوريج ۾ گوشت مڇي ڀاڄيون ميوا ڇهن مهينن تائين رکي سگھجن ٿا. اهڙي صورت ۾ عيد يا ڪنهن وڏي ڏينهن تي بندرگاهه ۾ جهاز جو هجڻ ضروري ناهي.
عجيب اتفاق آهي ته سامونڊي زندگيءَ ۾ گھڙڻ بعد منهنجو هر عيد جو ڏينهن سمنڊ تي گذريو آهي ۽ ڪناري کان ميلن جا ميل پري، اهو ڏينهن ملهائڻو پيو هوندو. پوءِ ڪا عيد بحر اسود (ڪاري سمنڊ) ۾ آئي آهي ته ڪا عيد ائٽلانٽڪ جهڙي خطرناڪ سمنڊ ۾. تازو هن دفعي واري عيدالفطر به باوجود ڪوشش جي سمنڊ تي ئي گذري، ۽ اهڙي هنڌ تي ان ڏينهن اسان جو جهاز هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سمنڊ جو خطرناڪ ترين حصو سڏيو ويندو هو. جنهن يورپين کي سالن جا سال اوڀر اچڻ کان پئي روڪيو، ۽ ڪيتريون جانيون ۽ جهاز سخت سامونڊي ڇولين جي نظر ٿي ويا. اهو هنڌ ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ سڏجي ٿو. اهو هنڌ آفريڪا کنڊ جي بلڪل هيٺان پنج ڇهه سؤ ميلن جي پکيڙ ۾ اچي ٿو، جتي دنيا جا ٻه وڏا سمنڊ ــ ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. ان ئي هنڌ تي اسان هڪٻئي سان ڀاڪر پائي عيد ملهائي.
ڪراچي ڇڏڻ وقت اٺون روزو هلي رهيو هو. ممباسا (آفريڪا) ۾ هفتي کن جو ڪم هو ۽ اسان ٻُڌو ته ممباسا جي بندرگاهه ۾ سوڙ آهي. جنهن حساب سان اسان سوچيو ته اسان کي جي هفتو کن به ٻاهر انتظار ڪرايائون ته عيد ممباسا ۾ پڪ ٿي ويندي. پر ائين نه ٿيو ممباسا شام جو اٺين بجي پهتاسين ۽ رات جو ٻارهين بجي جهاز کي اندر بندرگاهه ۾ اچڻ جو سگنل ڏنو ويو. پاڪستان ۾ انهن ڏينهن ۾ سرديءَ جي باوجود ممباسا ۾ سخت گرمي ۾ گذارڻو پيو جو ممباسا خط استوا تي آهي ۽ اهي ملڪ جيڪي خط استوا واري پٽِي تي آهن، انهن ۾ ٻارهوئي گرمي ٿئي. اتي چند ڏينهن ڪو معمولي سيءُ پوي.
ممباسا ڇڏيوسين ته ٻاويهون روزو هلي رهيو هو، ۽ حساب لڳايوسين ته عيد آفريڪا کنڊ جي هيٺان ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ ۾ ٿيندي. جنهن جو سوچي هرهڪ کي بوريت ٿي، جو اهو سمنڊ جو حصو اهڙو آهي جتي ٻارهو ئي سمنڊ خراب رهندو آهي. اتفاق سان ڪو ڏينهن اڌ اهڙو هوندو، جو سمنڊ سانتيڪو هجي، نه ته وڏا وڏا جهاز به لهرن جي رحم ڪرم تي هوندا آهن ۽ اهو سمنڊ جي خراب هجڻ جو سلسلو ٽي چار ڏينهن اڳ ’موزمبيق‘ چينل ۾ گھڙڻ سان شروع ٿي ويندو آهي. موزمبيق چينل سمنڊ جو اهو حصو آهي جيڪو ’موزمبيق‘ ملڪ ۽ ’مئڊگاسڪر‘ ٻيٽ جي وچ ۾ اچي ٿو. هي اهي سمنڊ جا حصا آهن جن کان وڏا وڏا ملاح به ڪيٻائيندا آهن ۽ هاڻ ته سئيز ڪئنال بند ٿيڻ بعد آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو ويجھو گس ڪونهي.
ممباسا ڇڏڻ کان پوءِ اسان جو جهاز ٽن ڏينهن کان پوءِ موزمبيق چينل جي منهن وٽ پهتو ۽ آهستي آهستي سمنڊ پنهنجي اصليت ڏيکارڻ لڳو. شام کان سمنڊ جهاز کي گڏهه وانگر ڪُڏائڻ شُروع ڪيو. آئون پنهنجي رات جي چار ڪلاڪ ڊيوٽي (اٺين کان ٻارهين تائين) ڏيئي پنهنجي ڪئبن ۾ آيس ته ڪئبن جو نقشو بدلجي چُڪو هو. ڪو ٽپڙ ڪٿي ته ڪو ڪٿي! جلدي جلدي هر شيءِ رسن سان سوگھي ڪري سُتس. رات جو چئين بجي اک کُلي پيئي ۽ محسوس ڪيم ته پلنگ تي هاڻ سمهڻ مشڪل آهي. جهاز ڪڏهن کاٻي ڪڏهن ساڄي جھُڪي رهيو هو ۽ سمنڊ جون ڇوليون جهاز کي ٻنهي پاسن کان ڄڻ ٿڦڙون هڻي رهيون هيون. ٻه ٻه وهاڻا پاسن کان ڏيئي ڪوچ تي سمهي رهيس ۽ باقي چار ڪلاڪ جهڙي تهڙي ننڊ ۾ گذاريم. صبح جو اک کُلي ۽ دريءَ جو پردو هٽائي ڏٺم ته سمنڊ جي حالت ويتر خراب هئي. اهو سمنڊ، جو رات تائين اندر ئي اندر وَٽ کائي رهيو هو، سو هاڻي گردي جي مريض وانگر ڦٿڪڻ لڳو هو.
جهاز جي اڻپوري چُرپُر جو انجڻ تي به اثر پيو، ڪڏهن ليوب آئل پمپ جو دٻاءُ گھٽجي ٿي ويو ۽ انجڻ خطري جون گھنٽيون ٿي وڄايون ته ڪڏهن Pistons کي ٿڌي رکڻ جو پاڻي گرم ٿيو ٿي ويو. مين ــ انجڻ جي ٻئي ۽ پنجين نمبر يونٽ ۾ هڪ طرف مستقل ناڪنگ ٿي رهي هئي ته ٻئي طرف’گورنر‘ آٽوميٽڪ تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. مطلب ته ڏينهن جي ڊيوٽيءَ جا ٻه چار ڪلاڪ ڀــڄ ڊڪ ۾ گذريا. پنهنجي طبيعت کي سنڀال ته جهاز جي انجڻ جي طبيعت خراب!
منجهند کان پوءِ ته سمنڊ بلڪل هٿن مان نڪري ويو. ائين ٿي لڳو ته ڄڻ حد کان وڌيڪ پي ويو هجي ۽ نشي ۾ بدمست ٿي اناپ شناپ بڪڻ لڳو هجي. دريءَ مان سمنڊ ڏسڻ سان هيبت پئي ٿي. اهو سمنڊ، جو جهاز جي ڊيڪ تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسڻ سان به دل نه ڀرجي، تنهن جي تصور سان ئي دل ۾ خوف ۽ سيوڪاري پيدا ٿي ٿي. اسان جو جهاز فقط مالبردار هجڻ جي باوجود ڪجهه مسافر لنڊن لاءِ کڻي هليو هو. ۽ ان وقت ممباسا کان سڌو لنڊن ٻاويهن ڏينهن جي سفر تي هلي رهيو هو. جهاز جي اها حالت شروع ٿيڻ کان وٺي ڪو مسافر ٻاهر نظر نٿي آيو. مسافر ته ڪو دل ٻڌي نٿي سگھيو پر اسان جي عملي جي به ڪن ماڻهن همت هاري ڇڏي. رکي رکي ڪنهن ڪنڊ پاسي مان ڪنهن جي اٻڙاڪ يا الٽيءَ جو آواز ٿي آيو. سڀُ شرابين وانگر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين هلڻ وقت لڏي رهيا هئا، ۽ هر جهازي پنهنجي بچيل همت ۽ آزمودي کان ڪم وٺي هر لوڏي ۽ لهر جو دليراڻو مقابلو ٿي ڪيو. جهاز تي هڪ مستقل زلزلو برپا ٿي چُڪو هو. سي ــ سڪنيس ٿيڻ ڪري ٻئي ڏينهن ڪيترن روزو ئي نه رکيو. اسر ويل جيڪي روزو رکڻ لاءِ ڊائننگ هال ۾ آيا تن سان به حالت هئي. هڪ هٿ سان پنهنجو پاڻ کي جھلڻو ٿي پيو ته ٻئي سان بيهي کائڻو ٿي پيو. حالت اها هئي جو چمچو منهن تائين آڻ ته هيٺان پليٽ نڪريو وڃي. ڪنهن به شيءِ کي کائڻ تي دل نه ٿي چاهيو. جھٽڪن ڪري ائين ٿي لڳو ته ڄڻ آنڊا ٻاهر نڪرڻ وارا آهن. پاسي کان ٿرڊ آفيسر احمد حسين مخدوم بيٺو هو. ان کي چيم ته ”شهزادا عيد ته ٿيندي ڪيپ آف گڊ هوپ ۾. سمنڊ جي هينئر ئي حالت اهڙي جو ڄڻ جن پيو هجيس ته اڳتي ڇا ٿيندو؟“
”ادا مون ته اٺن وانگر ٻورا سبجڻ کان اڳ ممباسا کان روئڻ شروع ڪيو هو. اڳتي جي موسم جي رپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ريڊيو آفيسر ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي . في الحال ته منهنجي Appendicitis جي ان ناميد مريض جهڙي حالت آهي جيڪو آپريشن ڪرائي نجات حاصل ڪرڻ بدران اهو ئي چاهيندو آهي ته هينئر ئي مران، ٻُڏان، جهاز ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ته هن لڳاتار عذاب کان جان ڇُٽي.“
جهاز ٻُڏو يا ٽڪرا ٽڪرا ته نه ٿيو پر ٽئين ڏينهن اوچتو سمنڊ ڦيرو کاڌو ۽ سامونڊي زلزلي جا لوڏا جھَڪا ٿيندا ويا. مست اٺ جي وات مان نڪرندڙ گجي جهڙي سامونڊ گجي ــــ جنهن کي جهازي، ”وائيٽ هارس“ سڏين، اوچتو غائب ٿي ويئي. هاڻي سمنڊ پوڙهي شينهن وانگر پنهنجي چُر جي اڳيان ستي ستي گجگوڙون ڪرڻ لڳو ـــ شام ڌاري ڏسندي ئي ڏسندي ماٺ ٿي ويو. هرهڪ جي جان ۾ جان اچي ويئي. سج لٿي مهل جهاز جي فاڪسل کان ساڄي پاسي ڏکڻ آفريڪا جي بندرگاهه ڊربن جي لائٽ هائوس جي روشني نظر آئي ـــ جتان کان ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ شروع ٿئي ٿو ۽ اسان جي جهاز ڏکڻ آفريڪا جي Coasting شُروع ڪئي. عجيب اتفاق چئجي جو ٻئي ڏينهن کان سمنڊ بلڪل ماٺو ٿي ويو. اسان به اهو ئي چاهيو ٿي ۽ دعائون گھرڻ لڳاسين ته هڪ ڏينهن وڌيڪ اهڙي حالت رهي، جو ٻئي ڏينهن عيد ٿيڻ جي اميد هئي. شام جي وقت آسمان به بلڪل صاف هو ۽ سڀني عيد جو چنڊ چٽيءَ طرح ڏٺو ۽ ان وقت کان ئي ’چنڊ مبارڪ‘ جو جهاز تي هُل مچي ويو.
جهاز جي ڪئڊٽن، اليڪٽريڪل انجينيئرن ۽ اليڪٽريشن گڏجي ڊائننگ سئلون، سموڪ روم (جهاز جو ڊرائنگ روم) ۽ ائلي وي (جهاز جون گھٽيون) رنگين بلبن، دنيا جي ملڪن جي جھنڊن ۽ سگنل ڪرڻ جي مختلف جھنڊن سان سينگاريون. ريفريجريشن انجنيئر ۽ سيڪنڊ آفيسر پنهنجي فرانسي عطر مان حصو حصو سڀني ۾ ورهايو. بٽلر ۽ ريڊيو آفيسر کاڌي جي فهرست ٺاهڻ ۾ لڳي ويا. عيد نماز جو ٽائيم صبح جا نَو وڳا مقرر ڪيو ويو. عيد جو ئي هڪڙو اهڙو ڏينهن هو، جنهن تي سڀني پنهنجا يونيفارم ڦٽا ڪري پنهنجا ملڪي ۽ علاقائي ڪپڙا پهريا. فورٿ انجنيئر نثار ۽ عبدالصمد عليڳڙهي تنگ پجامي ۾ مهاراجا لڳي رهيا هئا. فخر زمان ۽ رشيد ٿرڊ انجنيئر بنگالي ڪُرتي پجامي ۾ گھُمي رهيا هئا. احمد حسين سنڌي ڀرت جي پهراڻ شلوار ۾ راڻو لڳي رهيو هو.
”نه ڪوئي بنده رها نه ڪوئي بنده نواز“ وارو حساب هو.
هن کان اڳ وارن جهازن تي چيف انجنيئر ڪونه ڪو ڪرسچن هوندو هو. ان ڪري عيد ڏينهن اهو ڊيوٽي ڪندو هو ۽ ٻين سڀني کي نماز پڙهڻ جو موقعو ملي ويندو هو. پر هن جهاز جو چيف انجنيئر ’عبدالباقي زينر‘ ترڪيءَ جو مسلمان هو. سو فيصلو ٿيو ته جيڪي ڊيوٽي تي هوندا، سي ڊيوٽي تي رهندا. ’نماز جو وقت‘ منهنجي ڊيوٽيءَ ۾ ٿي آيو. مون سان گڏ مدد لاءِ جونئر انجنيئر، هڪ فٽر، گريزر به شامل هئا. مون خيال ڪيو ته ٻئي سڄي عملي کي انجڻ روم ۾ ڇڏي آئون نماز تي هليو ويندس ته فرق نه پوندو. نماز لاءِ ’مونڪي آئلنڊ‘ تي گلم وڇايا ويا هئا، جيڪو (برج ڪنٽرول روم) جي مٿان ٿئي. مددگار عملي کي سمجھائي ڇڏيو هوم ته جيڪڏهن خدانخواسته ڪجهه ٿي پوي ته مون کي خطري جي گھنٽيءَ ذريعي گھُرائي وٺجو.
نماز کان پندرهن منٽ اڳ هيٺ انجڻ روم ۾ آخري ڀيرو چڪاس لاءِ ويس، ته گيجز ۽ ميٽرن کان وڌيڪ عملي جا منهن ڦريل هئا. سڀُ ڏکويل منهن ٺاهي بيٺا هئا. مون کي يڪدم خيال آيو ته مون هڪ بدران هيترا ڇو قرباني ڏين. سو کين موڪل ڏئي آءٌ ترسي پيس. ڪنٽرول روم ۾ فون ڪيم. ان وقت احمد حسين نيويگيشن ڪري رهيو هو سو به سکاني ۽ ٻين کي موڪل ڏئي اڪيلي سر ڊيوٽي ڪري رهيو هو. مون کي اڪيلائي کائي رهي هئي. سوچي رهيو هوس ته ڪيڏو بدنصيب آهيان جو نماز نه پڙهي سگھيس. ايتري ۾ نماز ختم ٿي ۽ ڊيوٽيءَ وارا همراهه موٽيا. سندن چهرا ٿوري دير اڳ نيم مُڙده هئا، سي خوشيءَ کان ٻهڪي رهيا هئا. سندس چهرن تي خوشي ڏسي منهنجو نماز ۾ شامل نه ٿيڻ جو ڏک غائب ٿي ويو. مون کي اهو محسوس ٿيو ته نماز پڙهڻ بعد به مون کي ايتري خوشي نه ٿئي ها، جيتري هينئر ٻين کي خوش ٿيندو ڏسي ٿي اٿم. ٻارهين بجي اسان جي ڊيوٽي ختم ٿي ۽ ٻين کي چارج ڏئي، جهاز جي چهچٽي ۾ اچي شامل ٿياسين.
ساڍي ٻارهين بجي لنچ جو پروگرام سئلون ۾ رکيو ويو هو. ان ۾ جهاز جي عملي، ملاحن ۽ مسافرن کي عام دعوت هئي. رٿا موجب ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کان ڪئڊٽ ۽ جونئر انجنيئرن تائين آفيسرن، هيٺين عملي جي خلاصين کي ماني Serve ڪئي. ڪيترن خلاصين ته شرم کان چڱي طرح ماني به نه کاڌي. پنهنجي بنگالي ڪئبن بئاءِ کان ان لنچ بابت ٻئي ڏينهن پڇيم ته چوڻ لڳو، ”اسان کي بُک مارڻ جو اهو سٺو طريقو هو.“ بهرحال ان ڏينهن بورچين کي پنهنجي هنر جو مظاهرو ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويو. هر قسم جو کاڌو تيار ڪيو ويو هو. انگريزي کاڌي کان علاوه ٻين ملڪن جو به ڪجهه نه ڪجهه هيو. چيني گانگٽ ۽ سوپ، اٽلين اسپاگھيٽي ۽ آمريڪن ڊف نٽس. کائڻ وقت ڪنهن چيو ته عيد کي مزيدار بنائڻ ۾ بورچين جو هٿ آهي. اتي ٻئي درستي ڪندي چيو:
”آهستي ڳالهايو. ڪٿي سمنڊ راجا بگڙي نه پوي. نه ته هي کاڌا ڇا، جيڪي پيٽ ۾ آهن اهو به ٻاهر نڪري ايندو.“
واقعي عيد جي بهتريءَ جو دارومدار سمنڊ جي حالت تي آهي. ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ ۾ اهڙو ماٺو پاڻي ملي، ڪرامت کان گھٽ ڳالهه ناهي ۽ پوءِ ته عيد جو ڏينهن ڇا، سمنڊ يڪي جا کڻي ماٺ ڪئي ۽ اک پوري ته ڏهن ڏينهن بعد ڪنري ٻيٽ لتاڙڻ بعد اک پٽيائين، تيسين سانت ۾ ئي هو. ڇوليون ته ڇا، ڪا معمولي لهر يا گجي به نظر ڪانه آئي. تازي ڪٺل ٻڪريءَ جي گوشت وانگر فقط ٿورو ٿورو ڏڪندو رهيو. ڪٿي ڪٿي ته ائين لڳو ڄڻ شيشو وڇايو پيو هجي.
شام جو فنڪشن ڪيو ويو، جنهن ۾ پهرين هر هڪ کي پنهنجي طرفان ڪونه ڪو هنر ڏيکارڻو هو. ڪنهن خوشيءَ سان ڪنهن زبردستيءَ ڪنهن منٿن ۽ نخرن سان، ڪنهن دڙڪي ۽ ڊپ مان، بهرحال سڀني کي پاڻ ملهائڻو پيو. ٻين رڪارڊن سان گڏ، اسان جي جهاز تي سنڌي ميوزڪ ۽ گانن جا رڪارڊ پڻ آهن. احمد حسين ۽ مون، ٻين سان گڏ هوجمالو پيش ڪيو. بعد ۾ ڳائڻ جو وارو آيو. ان تي به ڪي پڙُ ڪڍي بيٺا ته اسان کي ڳائڻ نٿو اچي. انهن ۾ آئون به هڪ هوس.
”مونکي به ڪو راڳ ڪونه ٿو اچي، آءٌ رڳو ٻُڌڻ پسند ڪندو آهيان.“ مون ٺهه پهه جواب ڏنو.
”ڇڏ يار، هاڻ سنگت ۾ ائين نه ڪبو. ٻيا وري ڪهڙا ڳائڻا آهن.“ هڪ همت افزائي ڪئي.
”وهنجڻ جي جاءِ ۾ ته هرڪوئي ڳائي ٿو. سمجھه کڻي ته هيءَ به وهنجڻ جي جاءِ آهي.“ ڪنهن ٻئي چيو.
”وڌيڪ نه ته ٿورو ئي سهي.“ اهڙي طرح سڀُ ورائي ويا ۽ جڏهن بچڻ جي جاءِ نظر نه آئي، ته سوچيم ته هن خوشين سان ڀريل محفل کي وڌيڪ ئي خوش رکجي. ۽ هڪ ترڪيب کي ڌيان ۾ آڻي پڪو ارادو ڪري اٿيس. اسٽيج تي بيهي پهرين پڪ ورتم:
”ڳائيندس پر هڪ شرط تي ته سڄو گانو ٻُڌندؤ؟“
”بلڪل بلڪل“ سڀني دانهون ڪري پڪ ڏني. پوءِ ته سائين بسم الله، نڪ جو پڪو ٿي، رفيع جو هڪ اهڙو ڪلاسيڪل راڳ کنيم جو رفيع به ڳائيندي گھٻرايو هوندو ۽ مهينا پريڪٽس ڪئي هوندي. ڳائڻ ته مون کي ڇا اچي، بنا سُر ۽ ساز جي ڳائيندو ويس. يا ٻين لفظن ۾ رڙيون ڪندو ويس. پهرين ته سڀُ کلندا رهيا. آخر ٿڪجي پيا پر گاني جي پچر نه ڇڏيم، هڪ سٽ کي ذري ذري ورجائيندو ويس. وڏي ڳالهه ته ان سان گڏ اونڌي ابتي ميوزڪ به وات کي ڦڏو ڪندي ڏيندو ويس. آخر جنهن جي اميد هئي سو ٿيو. ٻڌڻ وارا ٿڪجي پيا ۽ ميڙ مان ڪنهن دانهن ڪئي: ”يار هاڻي بس ڪر. اجايو رفيع بيروزگار ٿيندو.“ پر مون لاءِ هر ريمارڪ ائين هو جيئن بدڪ مٿان پاڻي. مون کي بور ڪرڻ لاءِ پوءِ تاڙيون ۽ سيٽيون وڄڻ لڳيون پر منهنجو گانو نه کٽڻو هو. آخر مون کي ڌڪا ڏئي اسٽيج تان لاٿائون. ان جو اهو فائدو ٿيو جو مون کان پوءِ ٻئي ڪنهن کي ڳائڻ لاءِ نه چيو ويو ۽ سڀُ رهيل بچي ويا. ان کان پوءِ فئنسي ڊريس ٿي جن ۾ ڪيترن جهاز جي آفيسرن ۽ مسافرن حصو ورتو. سڀ کان بهترين مظاهرو هڪ مسافر ڪيو. هو بئگ هٿ ۾ کڻي اسٽيج تي ائين آيو، جيئن مسافر جهاز مان لهڻ وقت ڪسٽم جي چيڪنگ لاءِ ايندا آهن. سندس هر هڪ ٻانهن ۾ ٽي ٽي واچون ٻڌل هيون. هڪ هٿ ۾ ٻه ڪئميرائون ۽ ٻئي ۾ ٽيپ رڪارڊر. ڪلهي تي هڪ ٽرانسسٽر لُڏي رهيو هوس. مٿي تي پني جي هڪ اڇي ٽوپي هيس جنهن تي لکيل هو Nothing to Declare يعني مون وٽ ڪجهه به نه آهي. دراصل هر نئين ملڪ يا پنهنجي وطن اچڻ وقت ڪسٽم وارن کي هڪ فهرست ڏيڻي پوندي آهي ته اسان وٽ هي هي قيمتي شيون آهن، جنهن کي ”ڊڪلئريشن“ سڏبو آهي. پر هن همراهه وٽ ظاهر ظهور ئي هيتريون شيون هجڻ جي باوجود ٻڌائي رهيو هو ته مون وٽ ڪجهه به ناهي.
ان بعد ٻئي نمبر تي ٻه انجنيئر هئا. جن مان هڪ عرب سردار ٿيو هو ۽ ٻيو زنانا ڪپڙا پائي عرب حسينا ٿيو هو ۽ هڪ عربي گاني تي ٻنهي نچي ڏيکاريو. فئنسي ڊريس بعد چيف انجنيئر سڀني کي مختلف ۽ مزاحيه نالا ڏنا. ان بعد هڪ ننڍڙو ڊرامو ڪيو، جنهن ۾ ڪجهه مسافرن کي به شامل ڪيو ويو ۽ عورتن جو ڪردار عورتن خوشيءَ سان ادا ڪيو. ڊرامي بعد ڊنر جو دور هليو. ڊنر بعد ڪنهن اچي ٻُڌايو ته ڪيپ ٽائون شهر جو لائٽ هائوس نظر اچي رهيو آهي. سڀُ ٻاهر اچي بيٺاسين ۽ زمين طرفان ايندڙ روشنيءَ کي ڏسندا رهياسين. اها شايد سمنڊ جي مسافرن کي نه فقط رستو ٻڌائي رهي هئي، پر عيد مبارڪ به چئي رهي هئي. ڪيترائي ڪلاڪ لائٽ هائوس جي روشني چٽي نظر ايندي رهي جنهن کي ڪيتري فاصلي تائين ڏسندا رهياسين اهوئي سوچي ته هاڻ ڪنري ٻيٽن تائين ڪابه روشني، ڪوبه ڪنارو، ڪوبه پکي نظر نه ايندو
(1969ع ـــ بالٽڪ سمنڊ تان لکيل)