هڪ اسپتال ــ هڪ ننڍڙي دنيا
ڪهاڻي هاڻي عروج تي پهچي رهي آهي. ڪيترا پڙهندڙ شايد سمجهن ته هي ڪو چوري يا ڌاڙي جو واقعو آهي يا ڪنهن من گھڙت جاسوسي قصي جو پلاٽ. پر مٿئينءَ ڪهاڻيءَ جو اُن سان ڪو واسطو ناهي. هيءَ هڪ سچي ڪهاڻي آهي جا لاس پاماس ٻيٽ جي اسپتال ۾، منهنجي اڳيان ٿي گذري.
لاس پاماس ٻيٽ مشهور ڪنري ٻيٽن مان هڪ آهي. جنهن جي وڻندڙ آبهوا، ساون ۽ سبز ٽڪرين، چراگاهن، ماٿرين ۽ سمنڊ جي ڊگھن ڪنارن Beaches ۽ جديد و قديم طرز جي گھرن، هوٽلن، بازارن ڪري ٻارهوئي دنيا جا سياح ۽ امير سوين هزارين ميل لتاڙي هتي گھمڻ اچن ٿا. نقشي ۾ ڏسبو ته هي ٻيٽ اهڙي هنڌ تي آهي، جتان هر جهاز يورپ کان آمريڪا ويندي يا ايشيا کان يورپ ويندي، لنگھي ٿو. هتي هر شيءِ ٽئڪس بنا ملڻ ڪري سڀُ جهاز ڏينهن ٻن لاءِ نه ته ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ضرور ترسي ٻيو نه ته جهاز لاءِ تيل ۽ کاڌي پيتي جو سامان ضرور ڳنهي ٿو. اسان جو جهاز به يورپ ۽ آمريڪا ڏي ايندي ويندي هتي ضرور ترسندو آهي. هن دفعي به جهاز ٻه ڏينهن ترسيو. پر بدقسمتي يا خوشقسمتي چئجي جو لاس پاماس ۾ اچڻ سان کنگھه ۽ بخار مون کي ٻاهر نڪرڻ نه پئي ڏنو.
جهاز کي لاس پاماس مان لنگر کڻي لنڊن وڃڻ لاءِ باقي ڪي ٽي چار ڪلاڪ هئا ته ڊاڪٽر مون کي تپاس ڪرڻ لاءِ گهرايو. آئون ٽئڪسي ڪري جبل جي چوٽيءَ تي راڻي ’وڪٽوريا اسپتال‘ پهتس جا هن ٻيٽ تي واحد انگريزن جي اسپتال آهي. ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو انگريزي ڳالهائين. نه ته هتي جي ٻين اسپتالن ۾ اسپيني زبان ڳالهائي ٿي وڃي. هيءَ اسپتال سڀني ۾ سهڻي نئين ۽ جديد طرز جي آهي. سمنڊ جي ڪناري وٽ جبل جي چوٽِيءَ تي هئڻ ڪري، هن ٻيٽ جو اتان نظارو ڏسڻ وٽان آهي. سامهون سڄو بندرگاهه، سمنڊ جو اهو حصو ۽ جهازن جي اچ وڃ، صاف نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر جلدي جلدي منهنجو ايڪسري فوٽو ۽ رتُ وغيره تپاسي مون کي پنهنجي آفيس ۾ گھرايو.
”توکي نمونيا ٿي پئي آهي، اڃان ڪو خاص اثر نه ڏيکاريو اٿس. جي چاهين ته هتي هفتو ٻه رهي علاج ڪراءِ يا دوائون ڏيانءِ. جهاز تي وڃي استعمال ڪر. ٻئي ڳالهيون تنهنجي اڳيان آهن.“
مون دريءَ مان هن ٻيٽ جو هڪ دفعو چند سيڪنڊن لاءِ وري ڏيک ڏٺو ۽ ڊاڪٽر کي پڪي ارادي سان چيم ته آئون اسپتال ۾ ئي رهڻ ٿو چاهيان.
ان بعد منهنجو سامان جهاز تان موڪليو ويو ۽ آئون اسپتال ۾ داخل ٿي ويس. جهاز ان ئي ڏينهن شام جو مقرر وقت تي لنڊن لاءِ لنگر کڻي روانو ٿي ويو ۽ سندس روانگي ڪافي دير دريءَ مان ڏسندو رهيس.
اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد يڪدم معلوم ٿي ويو ته هيءَ اسپتال ڇا هئي. چڱي ڀلي مليٽري اڪيڊمي هئي. جتي مريضن سان اهو ئي برتاءُ ڪيو ويو ٿي ۽ ڊسيپلين رکيو ويو ٿي (يا گھٽ ۾ گھٽ ڪوشش ڪئي وي ٿي) جيڪو مليٽري ڪاليج يا نيول اڪيڊمي ۾ نون آيل ڪئڊٽن سان رکيو ويندو آهي. پر مريض جيڪي ڪنهن به هڪ قوم، ملڪ، رنگ يا مذهب جا نه پر انٽرنيشنل هئا. اهي ان کي ملٽري يا نيول اڪيڊمي سمجھڻ بدران U.N.O جي ميمبرن لاءِ هڪ وڏي هوٽل سمجھندا هئا.
هيءَ اسپتال فقط دنيا جي جهازي عملي لاءِ آهي. ان ڪري هن اسپتال ۾ سڀُ جهازن جا مريض هئا. پهريان ٻه ڏينهن مون کي اسپيشل وارڊ ۾ رکيو ويو، جتي هر ڪمري ۾ ٻه مريض ٿي رهيا ۽ اهي ڪمزور حالت وارا مريض سمجھيا ويا ٿي. مون کي هڪ يوناني مريض سان رکيو ويو. پاڙيوارن ڪمرن مان هڪ ۾ ڪوريا جو ڪپتان ۽ انگلنڊ جو انجنيئر ٿي رهيا ته ٻئي پاسي واري ڪمري ۾ جپاني بٽلر ۽ روسي ريڊيو آفيسر هئا. نالا ڪنهن کي ڪنهن جا به نٿي آيا ۽ نه ڪنهن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. پر اهو ضرور معلوم ڪندا هئاسين ته ڪهڙي ملڪ سان مريض واسطو رکي ٿو. پوءِ يوناني (گريڪ) کي گريڪو، جپانيءَ کي جپانو، چينيءَ کي چينو، سويڊن واري کي سويڊو ته ناروي واري کي ناروو ڪوٺيندا هئاسين. مون کي پاڪستانو سڏيندا هئا.
مون کي پهرين ڏينهن ئي يوناني روم ميٽ سمجھايو ته هن اسپتال کي گھر ڪري سمجھجان. سڀ اسپتال جا مريض دوست آهيون. جڏهن به دل چاهي ته ٻين وٽ گھمڻ هليو وڃجانءِ. ڪوبه اهڙو سيريس بيمار ناهي انڪري آندل ٽيپ رڪارڊر ڀلي زور سان وڄائي سگھان ٿو. جيئن هن جو يا ٻين جا ريڊيا يا فونا وڄي رهيا آهن ــــ جيتوڻيڪ ڪمرو ڏيکارڻ مهل مئٽرن ٻه دفعا پنهنجي لوهي ڪمانن واري عينڪ صاف ڪري چڱي طرح تنبيهه ڪئي هئي ته ڪمري مان ٻاهر ته ڇا پر بستري مان به نڪران. ڀر وارن ڪمرن ۾ سخت بيمار آهن ان ڪري ڏاڍي ته ڇا پر آهستي ڳالهائڻ کان به گريز ڪريان. وغيره.
پر پوءِ جھٽ مون کي معلوم ٿي ويو ته ڪير سچو آهي. صبح جو ڏهين بجي ۽ شام جو اٺين بجي جو سڀ انتظار ڪندا هئا جو ڊاڪٽر چڪر تي ايندو هو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر ڪمري کان نڪتو پٺيان ڪپڙا بدلائي سڀُ گھمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري ويندا هئا ۽ وري مانيءَ جي وقت واپس ورندا هئا. اڌ کان وڌيڪ اهي مريض هئا جن جي بيماري دفع ٿي چُڪي هئي ۽ هاڻ انهن جو علاج ’دوا‘ بدران ’آرام‘ سان ٿي رهيو هو. ڪيترا اهڙا هئا جن جون آپريشنون ٿي چُڪيون هيون ۽ پٽيون ۽ پلاسٽر چاڙهي آرام ڪري رهيا هئا. ڪن مريضن لاءِ اسپتال جي انتظاميه ڪميٽي انتظار ڪري رهي هئي ته سندس جهاز سمنڊ جھاڳي ڪنهن بندرگاهه تي پهچي ۽ اطلاع ملي ته ان مريض کي جيڪو چاڪ چوبند ٿي چُڪو آهي، هوائي جهاز رستي ان جهاز لاءِ ان بندرگاهه تي موڪلجي.
ٻن ٽن ڏينهن بعد منهنجي حالت سڌري ته مون کي اسپيشل وارڊ مان ڪڍي، انهن مريضن سان گڏ جنرل وارڊ ۾ موڪليو ويو جتي ڇهه ڇهه بسترا هئا. جنرل وارڊ جي مختلف زندگي هئي، جتي ڪجهه تڪليف جي هوندي به چهچٽو لڳو پيو هو. هڪ ٻئي سان ملڻ جو به سٺو موقعو ملندو هو. ماني کائڻ لاءِ سڀني مريضن کي ڊائننگ هال ۾ وڃڻو پوندو هو. جتي هر هڪ جي جهاز ، انگريز نرسن ۽ اسپيني ڀنگياڻين سان هلندڙ Afairs جي خبر پئي. جتي ننڍڙي اسپتال ۾ ماضي ۽ حال جا وڏا وڏا هلندڙ Scandal معلوم ٿيا ۽ جتي مستقبل لاءِ اڳ ڪٿيون ٿينديون هيون. جهازن جي مالڪن کي پٽيو ويندو هو ته هو ”پاڻ“ يا سندن ”جهاز“ غرق ٿين. جيئن اسان جهازين (Sailors) کي هن زميني جنت ۾ وڌيڪ رهڻ جو موقعو ملي. وڏين آپريشنن ۽ هڏ گُڏ ڀڳل مريض هيرو تصور ڪيا ويندا هئا. V.D (سفليز ۽ گنو وغيره) جا مريض اڇوت سمجھيا ويندا هئا. انهن لاءِ مانيءَ جو ٽيبل به الڳ هوندو هو. ان ڏينهن جرمن ڪسب جڏهن V.D جهڙي موذي مرض تي ليڪچر ڏئي بس ڪيو ته ڪنهن چيس:
”تون پنهنجو فڪر ڪجانءِ.“
”آءٌ ان بيماريءَ جو چڱيءَ طرح احتياط ڪندو آهيان. هيستائين مون کي فقط ٽي دفعا ٿي آهي!“ جرمن ڪسب فخر سان وراڻيو.
جرنل وارڊ ۾ رهڻ ۾ خرابي اها هئي جو صبح جو سوير اٿڻو پوندو هو. بسترو ٺاهڻ لاءِ به نرسن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته اسان پاڻ ٺاهيون. رات جي ڊيوٽي واريون ٻه نرسيون، شايد انتظار پيون ڪنديون هيون ته ڪيڏي مهل ٿا ڇهه ٿين. پوري ڇهين وڳي رسي ڇنايل ڍور وانگر ڪمرن ۾ ڌوڪي اينديون ۽ بتي ٻاري ٻن ٽن زبانن ۾ ڪوڪراٽ ڪري، سڀني جي ننڊ ڦٽائينديون. سڀڪو پنهنجي پنهنجي زبان ۾ گاريون ڏئي اٿندو هو. ڪير ڪنهن جي زبان نه سمجھندو هو. گھڻو ڪري اشارن ۽ ڀڳل ٽُٽل انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا هئاسين. ڪنڊ ۾ هڪ جپانيءَ جو بسترو هو جو سڀني کان وڌيڪ چاڪ چوبند هو ۽ کيس ٻيا ”چمچو“ سڏيندا هئا. سڀني کان سوير اٿي بتي ٻاري پنهنجو بسترو ٺاهي پوءِ غسل خاني ڏي ويندو هو. نرسون هن جو مثال ڏئي اسان کي اهڙي نموني سان بستر ٺاهڻ ۽ سوير اٿڻ لاءِ نصيحت ڪنديون هيون. پر اها ڳالهه سڀني کي پسند نه آئي. هڪ ٻه دفعو هن جپانيءَ کي سندس ڀر واري لبناني پيار محبت سان سمجھايو. پر جوان جو پُٽ باز نه آيو. پوءِ وارڊ جو يوناني مريض ڇا ڪندو هو جو صبح جو جيئن ئي ’جپانو‘ بسترو ٺاهي غسل خاني ۾ ويندو هو ته پٺيان بسترو ڦٽائي ڇڏيندو هوس، ۽ اسان سڀُ بلاڪيٽ تاڻي دُت هڻي سمهي رهندا هئاسين. ٻه ڏينهن ڊيوٽي وارين نرسن دانهون ڪوڪون ڪيون، اسان نه اٿياسين. ان کان پوءِ صبح جو اچڻ ئي ڇڏي ڏنائون. ڏهين بجي ڌاري ڊاڪٽر جي آمد کان اڳ، اسان مان جيڪو پهرين ڊاڪٽر کي ايندو ڏسندو هو، سو سڀني ڪمرن ۾ ٻڌائيندو ويندو هو. ۽ سڀُ، ٻيا ڪم ڇڏي بسترن ۾ داخل ٿي ويندا هئا.
ڪوريا جو ڪپتان به مون سان گڏ اسپيشل وارڊ مان جنرل وارڊ ۾ آيو هو ۽ ساڳئي ڪمري ۾ هو. ان جهڙو مڃيل مڪار اسان نه ڏٺو. سڄو ڏينهن گھُمندو ڦرندو هو. هيٺان لنگھندڙ اسپيني ۽ اندلسي ڇوڪرين کي اشارا ڪندو هو. دوربين ذريعي ٻه ڪلاڪ کن روز دريءَ وٽ ويهي، جانچ پڙتال ڪندو هو. پر ڊاڪٽر جو نالو جيئن ئي ڪن تي پوندو هوس، ڊوڙ پائي سڀني کان اڳ بستري ۾ ائين گھڙي ويندو جيئن ڪو مرون ڪتي جي ڊپ کان، ڪنهن چُر ۾ گھڙي وڃي. ڪُنجهندو، ٿڌا ٿڌا شوڪارا ڀريندو. ڪورين زبان ۾ ترسي ترسي، ڊاڪٽر کي پنهنجي لاعلاج مرض بابت ٻڌائيندو. ڄڻ ڄاڻ ته مُئو. ڊاڪٽر سندس هڪ لفظ به نه سمجھندو هو. چيني نرس ان ترسيل ترسيل ڪورين زبان کي غلط سلط ترجمو ڪري ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾، ڊاڪٽر کي سندس ڏک سُور ٻُڌائيندي هئي. ساڳي طرح ڊاڪٽر طرفان ٻُڌايل هدايتون مريض تائين پهچڻ کان اڳ ترجمي جي ٽرانزٽ ۾ اصل معنى کان ٿڙي وينديون هيون. ڪورين ڪئپٽن جي من جي فقط اها منشا هوندي هئي ته هن کي اڃان جلد اسپتال يا ٻين اکرن ۾ هن اعلى قسم جي هوٽل مان جلدي نيڪالي نه ڏني وڃي. ڪنڊ وارو جپاني، جنهن کي سمنڊ ۾ غوطا خوريءَ دوران، هڪ وڏي مڇيءَ کي چاقو هڻندي سندس ئي سٿر ۾ لڳو هو، سو جڏهن جپاني زبان ۾ اشارن جي مدد سان اسان کي ٻڌائيندو هو ته هن کي مڪمل صحتياب ٿيڻ بعد به اڃان ڊاڪٽر آرام لاءِ ترسائي ڇڏيو آهي ۽ کيس چاليهن ڏينهن کان به مٿي ڏينهن ٿي چُڪا آهن ته اهو ٻُڌي ڪورين ڪپتان براسو پالش جهڙا پيلا ڏند ڪڍي، خوش ٿيندو هو ته سندس به هن اسپتال ۾ وڌيڪ رهڻ جو گھڻو آسرو آهي ۽ اڃان به ڪيترا ڏينهن هو روز شام جو پنجين بجي اسپتال اڳيان لنگھندڙ Spanish ڇوڪريءَ کي اشارا ڪندو ۽ ’جيئي فرئنڪو، جيئي اسپين‘ جا نعرا هڻي سگھندو.
اسپيشل وارڊ ۾ هوس ته اتي مون سان رهندڙ يوناني چيف آفيسر به دريءَ وٽ ويهي سڄو ڏينهن ايندڙ ويندڙ ڇوڪرين کي اشارا ڪندو هو. مون کي ٻڌايائين ته سندس هڪ ساهيڙي پوري پنجين بجي هيٺان لنگھندي آهي. پاڻ ڏاڪڻ جو هڪ ڏاڪو ڀڳل هئڻ ڪري جهاز جي نمبر پنجين هئچ ۾ ڪري پيو هو پاڻ ٻُڌايائين ته سندس ٽنگ جو ملٽي ــ فرئڪچر جيئن ئي ٺيڪ ٿيندو ته هو هن سان ڊيٽ جو پروگرام رکندو. پهرين ڏينهن ئي مون کي زور ڀريائين ته بستري تان اٿي ڏسان پر مون کي ان ڏينهن سخت تڪليف هئي. کنگھه جو اهو حال هو ڄڻ ڪنهن انجڻ جو انڊيڪيٽر ڪاڪ کولي ڇڏيو هجي. ٻئي ڏينهن منجھند جي مانيءَ کان وٺي هن پنهنجي ساهيڙيءَ جون تعريفون شروع ڪيون. ۽ پنجين بجي مون کي بستري تي بيهي ڏسڻو پيو. واقعي پوري پنجين بجي سامهون واري رستي جي ساڄي پاسي واري گھٽيءَ مان، هڪ اسپيني ڇوڪري اسڪرٽ ۽ چمڙي جي ناسي ڪوٽ ۾ چيونگ گم کائيندي نروار ٿي. ناز سان لڏندي اسپتال اڳيان لنگھي. اڃان هوءَ پري ئي هئي ته اسان جي جوان هٿ لوڏڻ شروع ڪيو. هوءَ جڏهن اسپتال جي ويجھو پهتي، تڏهن بنا مٿي ڏسڻ جي هٿ کي ناز سان لوڏيو، جيئن جهاز مان لهڻ وقت اعلى سرڪاري مهمان هٿ لوڏي هجوم جي تاڙين جو جواب ڏيندو آهي ۽ اکيون ڏاڪڻ ۾ هونديون اٿس. منهنجي هن روم ميٽ جنهنجو سڄو ڏينهن منهن انب جي چوسيل ڪوئلي جهڙو هوندو هو، سو خوشيءَ وچان گدري جيان گول ٿي ويندو هو. جنهن وقت ٻانهن جي لوڏ ٿيندي هئي ته ان وقت ڄڻ کيس وٽئمن بي ڪامپليڪس جي انٽراوينس سئي لڳي.
ٽئين ڏينهن انهيءَ ڀر واري ڪمري ۾ آمريڪن انجنيئر به ان ساڳئيءَ ڇوڪريءَ کي ساڳي وقت پنهنجي دريءَ مان اشارو ڪري مون کان داد وصول ڪيو. هن به ٻڌايوته هوءَ روز ان وقت کيس ان ادا سان سلام ڪري ويندي آهي. اها وچڙندڙ بيماري ان پاسي وارن ڪمرن ۾ دريءَ وٽ بسترن وارن مريضن سان لاڳو هئي. سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ مست هو ۽ ڇوڪري، جنهن کان پوءِ جڏهن اسپتال جي عملي تشويش خاطر پڇيو ته جواب ڏنائين:
”آئون سمجھان ٿي ته هتي سڀُ مريض رهن ٿا. منهنجي فقط هٿ لوڏڻ ۾ آئون ڪا گسي ته ڪانه ٿي وڃان پر مريض ڪيترو ته خوش ٿين ٿا. مون ته اڄُ تائين ڪنهن جي شڪل به چڱيءَ طرح نه ڏٺي آهي. مون لاءِ سڀُ ڌاريان آهن.“
اها خبر جڏهن اسپتال جي ورانڊن ۾ مشهور ٿي ته ان وقت سڀُ دريءَ وارا مريض غم بدران ننڊ جي گوري کائي سمهي رهيا. ڪوريا جي ڪئپٽن به پنهنجي دوربين Binacular هميشه لاءِ ڇنڊي ڦوڪي چمڙي جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري بئگ ۾ رکي ڇڏي.
اڇن ڪپڙن ۾ جي هيون سي سڀُ انگريز نرسون هيون اسان کين سسٽر يا اسپيني زبان ۾ سنوريتا سڏيندا هئاسين. بلو پٽي واريون خدمتگار ڇوڪريون سڀُ اسپيني ۽ ان ٻيٽ لاس پاماس جون رهاڪو هيون. انهن جو ڪم ماني کارائڻ، بسترا ٺاهڻ ۽ ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته ڪئنٽين يا بازار مان آڻڻ هو. اهي فقط اسپيني زبان ڳالهائينديون هيون. کين انگريزي صفا نٿي آئي. زبان جي ڏکيائيءَ ڪري مريضن جي مئجارٽي انگريز نرسن سان عشق ڪرڻ فرمائيندي هئي ـــــــ يا ڪوشش ۾ مبتلا هئي.
انگريز نرسن ۾ هڪ سڀ کان مٿي هئي جنهن کي مئٽرن سڏيو ويو ٿي. ان سان ڪنهن جي به نه پوندي هئي، جو هوءَ هر وقت دڙڪا ڏيندي رهندي هئي ـــــ ’گھڻو نه هلو‘، ’ٻاهر نه نڪرو‘، وغيرهه. پاڻ کي ڊاڪٽر کان گھٽ نه سمجھندي هئي ۽ چوڻيءَ مطابق، ’رئيس ته رئيس پر رئيس جو ڪتو به رئيس‘، هئي. هن کي فقط اها سُڌ هوندي هئي ته سڀُ مريض (جن ۾ مختلف ملڪن جي جهازن جي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن کان ريڊيو آفيسر ۽ ڪئڊٽ اچي ويا ٿي) سندس به ايتري عزت ڪن ۽ مانُ ڏين جيترو وڏي ڊاڪٽر کي. پر هتي ته مريض ڪنهن به پاڻ کي نٿي سمجھيو. هتي ته ڄڻ سڀُ U. N.O جا ميمبر موڪلون ملهائڻ آيا هجن. هيءَ منهن مهانڊي ۾ به ٻين کان ڪجهه ــ بلڪ تمام گھڻي سادي هئي. ويتر جو، بقول هڪ جرمن چيف انجنيئر مريض جي ته ”عيسوي سن کان به ٻه سؤ سال اڳ“ جو چشمو ٿي پاتائين ته واقعي بقول سُويڊش چيف انجنيئر جي ”ڏنگي مشين“ ٿي لڳي! منهنجي ته ڄڻ هن سان پُراڻي دشمني هئي ۽ نه منهنجي ڪا ڳالهه هن کي وڻندي هئي. اصل هڪٻئي سان نه پوندي هئيسين. جنهن ڏينهن کان مونکي سُيون هڻڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو هئائين، تڏهن کان مون کي هن کان ٿورو ٿورو نامعلوم خوف به رهندو هو. بسترا نه ٺاهڻ جي اسٽرائيڪ کان پوءِ ته اسان جي ڪمري وارن کي دوا به پاڻ ڏيڻ ايندي هئي. مون کي ڏينهن ۾ چار دفعا سُئي هڻندي هئي. سندس ويجھو اچڻ تي آئون اونڌو ٿي ويندو هوس ۽ بنا پُڇڻ جي ته پاجامي يا ڪڇي جو رٻڙ کوليو اٿم يا نه، ٻنهي ۾ هڪ ئي وقت هٿ وجهي، سٽ ڏئي هيٺ ڪري، سُئي هڻي ويندي هئي. خبر ناهي ته سُئيءَ لاءِ ڊاڪٽر چيو به هيس يا پنهنجي دشمني پارڻ لاءِ پاڻيءَ جون چار چار سيون هڻندي هئي. پنجن ڏينهن اندر منهنجي دُڏيون ڇلي ڇڏيائين. هڪ دفعي موڊ ۾ ڏسي پڇيومانس ته توکي ڊاڪٽر ايتريون سُيون هڻڻ لاءِ چيو به آهي يا نه. ٿي سگھي ٿو هن توکي هڪ يا ٻن لاءِ چيو هجي ۽ تو روز جو دستور بڻائي ڇڏيو آهي.
منهن ۾ گھنڊ وجھي چيائين، ”هي اسپتال به جهاز آهي جتي هر شيءِ باقاعدي قانون سان ٿئي ٿي. هتي ڪوبه غلط ڪم نٿو ٿئي.“
دل ۾ آيو ته ٻڌايانس قاعدي قانون بابت چڱي طرح ته ڪيئن اسان اڃان رات هتان ڀڄي شهر ۾ فلم ڏسي آيا آهيون. پر پنهنجو نقصان ساري مِٺي به ماٺ، مَٺي به ماٺ تي عمل ڪرڻ ۾ مصلحت سمجھيم. منهنجي جهاز جي دوستن جڏهن لنڊن مان وڃي منهنجو حال احوال پڇيو ته کين به لکيو هوم: ”آئون اهڙو ماڻهو آهيان ته ڪونه پر اتفاق سان جيڪڏهن اخبار ۾ پڙهو ته منهنجي هٿان ڪنري ٻيٽ تي خون ٿي ويو آهي ته سمجھي وڃجو ته چشمي واري مئٽرن جا ڏينهن کُٽا هئا.“
ان ڪرسمس رات، جنهن جو ڪجهه ذڪر شروعات ۾ لکيو اٿم، اسان جي سامهون واري ڪمري ۾ رهندڙ ڀڳل ٻانهن واري نارويجن کي اسپتال مان ڀڄڻ وقت، جڏهن مئٽرن اچي سوگھو ڪيو ته سڀني مريضن جي ڏسڻ لاءِ واهه جو مفت ۾ِ ڊرامو ملي ويو. ان ڪمري جون سڀُ دريون اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ مريضن سان ڀرجي ويون. مئٽرن اکيون ڏيکاري، انگريزيءَ ۾ چيس: ”تون ٻاهر هرگز نٿو وڃي سگھين.“ ته هن به تيز لهجي ۾ وراڻيس: ”آئون ٻاهر ڇو نه ويندس.“
”تون بيمار آهين.“
”پر اڄُ ڪرسمس رات آهي. آئون ڊانس لاءِ ويندس.“
”ڊاڪٽر تنهنجي ٻاهر وڃڻ تي سخت بندش وڌي آهي.“
”ڊاڪٽر مون کي ٻاهر وڃڻ جي موڪل ڏني هئي.“
”ڊاڪٽر توکي بستري ۾ سمهي کائڻ بدران، ٻاهر نڪري ڊائننگ هال ۾ کائڻ لاءِ چيو آهي ۽ نه اسپتال کان ٻاهر ڊانس لاءِ.“
اسان والي بال وانگر ڪڏهن ڪنڌ مئٽرن طرف ڦيرائي ان کي ٿي ٻُڌو ته ڪڏهن پنهنجي ساٿي مريض کي. سروس چئنج ٿيندي رهي، ۽ هيءَ مئچ يا ويڙهه اسان سڀني مريضن جي هئي. سڀني اهو چاهيو ٿي ته مئٽرن هارائي. پر مئٽرن به اُس ۾ وار اڇا نه ڪيا هئا. بحث وڌندو ويو. تان جو مئٽرن چيو: ”تون هرگز ٻاهر نه ويندين جيڪڏهن بي چيو ٿيندين ته آئون سڀاڻي ڊاڪٽر کي اطلاع ڪرائيندس تنهنجي جهازران ڪمپنيءَ کي اطلاع ڪنداسين ته توکي هتان وٺي وڃن.“
بس ان بعد هن همراهه هڪ اکر به وڌيڪ نه ڳالهايو. اصل ڪُتڙيون وٺي ويس. مئٽرن هلي وئي. جڏهن ورانڊو به لتاڙي پنهنجي آفيس اندر گھڙي ته پوءِ اسان جي جوان ڪمري جو دروازو زور سان بند ڪري انگريزي، اسپيني ۽ پنهنجي مادري زبان نارويجن ۾ کيس ايتريون ته گاريون ڏنيون جو مون کي پهريون دفعو انهن زبان جي وسعت جي خبر پئي.
سڀ کان ڏنگا سويڊن جا هئا. هو سڄي رات شراب پي دانهون ڪندا هئا. آخر ڊاڪٽر شراب پيئڻ تي بندش وڌي. هڪ ڏينهن خاموش رهي ٻئي ڏينهن ڪوڪا ڪولا پيئڻ جي اجازت ورتي. روز صبح جو هڪ بوتل ڪوڪا ڪولا جي گھُرائيندا هئا ۽ سڄو ڏينهن گلاسن جا گلاس پيئڻ بعد به اڌ کن مس کپندي هئي ۽ کين مستي ۽ سُرور ساڳيو رهندو هو. (دراصل ان بعد هو جيڪو شراب پيئڻ لڳا ان جو رنگ ڪوڪا ڪولا جهڙو هو. سڀُ سمجھندا هئا ته ڪوڪا ڪولا پيا پين ۽ نه شراب ــــ جنهن جي بوتل هر وقت وهاڻي هيٺان لڪل هوندي هئي.)
منجهند جو اسان جي وارڊ وارا ٿوري دير سُمهندا هئا ته جپاني ۽ انڊونيشي گانن جا ٽيپ وڄائيندا هئا. اسان لاءِ دٻي ۾ ٺڪريون پر پاڻ چپٽيون وڄائيندا هئا. ڪيترو چوڻ تي به اسان جي نه ٻُڌائون. آخر هڪ ڏينهن مون کي اوچتو ياد اچي ويو ۽ ان مرض جي دوا ملي وئي. ڪراچي ڇڏڻ وقت لنڊن ۾ هڪ دوست جي فرمائش تي پڪن راڳن جو ٽيپ کنيو هوم. ان کي بئگ مان ڪڍي سڄي آواز تي وڄائڻ شروع ڪيم. ٻه ڪلاڪ کن به مس وڳو ته جپانيءَ ۽ انڊونيشيءَ ٻنهي کڻي يونانيءَ جي معرفت صلح نامون ڪيو ته ’آئندهه هر هڪ پنهنجي زبان جا گانا آهستي وڄائي پاڻ ئي ٻُڌندو.‘ ان ڏينهن کين احساس ٿيو ته سندن گانا به ٻين لاءِ ساڳي طرح مٿن جو سُور آهن.
منهنجي کاٻي پاسي کٽ واري يونانيءَ جو اهو روز جو دستور هوندو هو ته ڊنر کان پوءِ، مون کي به پنهنجي بستري تي وهاري ٿوري خوشامد ڪري، رائيٽنگ پنڊ، لفافو پراڻا خط ۽ قلم ڪڍي مون کان انگريزيءَ ۾ پنهنجي محبوبا لاءِ خط لکرائيندو هو پاڻ گاڏڙ ساڏڙ يوناني، عربي ۽ اسپيني زبانن ذريعي مون کي پنهنجي من جو مفهوم سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جو مون کي اڌوگابرو سمجھه ۾ ايندو هو. ۽ ان کي انگريزي لفظن جي شڪل ۾ پني تي قلمبند ڪندو هوس. مطلب ته اکين تي هٿ رکي رئڻ جو آواز ڪڍي دل طرف اشارو ڪندو هو يعني ”سندس دل سڄڻ لاءِ هنجون هاري رهي آهي.“
پڪ اٿم ته ڪيترن اشارن ۽ يوناني، اسپيني لفظن جو مطلب نه سمجھي ضرور ڪا غلط ترجماني ڪئي هوندم. پر آئون کيس ۽ سندس عشق کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس جنهن کي هڪ هڪ جملي لکائڻ لاءِ ڪيڏي تـڪليف ڪرڻي پوندي هئي. ڪيڏي ائڪٽنگ ڪرڻي پوندي هئي. سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته جڏهن هي يوناني اسپيني عربي زبانون ڄاڻڻ وارو هيرو تندرست ٿيڻ بعد انگريزي جرمن ۽ فريئچ ڳالهائڻ واري سندس هيروئن سان پئرس ۾ وڃي ملندو ته ڪيئن گذارو ٿيندن؟! ضرور کين ڪو ترجمان رکڻو پوندو.
ڊرائنگ روم جي ڀرواري ڪمري ۾ هڪ فرانسيسي رهندو هو تنهن کي قدرت اها ڏات ڏني هئي جو ڪنهن به ماڻهو کي سامهون وهاري اڌ ڪلاڪ اندر پينسل جي مختلف ٿلهن سنهن ليڪن سان سندس تصوير هوبهو پني تي ٺاهي وٺندو هو. کيس ڪا اهڙي بيماري هئي جو ڊاڪٽر کاڌو بند ڪيو هوس. رڳو رٻَ ۽ سُوپ پيئڻ لاءِ ملندو هوس. سندس جنهن ڏينهن کان کاڌو بند ٿيو هو، هن جو ڪمرو فوٽو اسٽوڊيو ٿي ويو هو. في تصوير پنجن صوفن يا ڏهن ڪيلن تي ٺهڻ لڳي. (ميوو ئي هڪ اهڙي شيءِ هئي جيڪا ڊرائنگ هال مان اسان سمگل ڪري ٻاهر آڻي سگھندا هئاسين) پوءِ هر روز هڪ يا ٻه هتان هُتان ڪجهه پنهنجو ڪجهه ٻين کان انهن جو حصو وٺي کانئس تصوير ڪڍائيندا هئا. ان کان علاوه هو گھٽ ائڪٽر به نه هو. کنگھڻ وقت ڄاڻي ٻُجهي، پٺن سان کٽ کي اڳيان ٿيلها ڏيندو ويندو هو. تان جو اسپتال جي کٽ ــــ جنهن جي هيٺان ڦيٿا لڳل هئا، رڙهي رڙهي وڃي سامهون هندستاني جي کٽ سان لڳندي هئي. سڀني ۾ وڏي عمر جو هو. حاضر جواب ۽ کل مُک به پهرين نمبر جو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس وارڊ جا ٻيا مريض سندس کٽ کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ورانڊي ۾ ڪڍي ڇڏيندا هئا. پوءِ ڪنهن نرس جي ورانڊي مان لنگھندي شل نظر پوي. هڪ قهرام مچي ويندو هو. هو جاسوسي ايجنٽن وارا سوال شروع ڪري ڏينديون هيون، ته اها حرڪت ڪنهن ڪئي. پر شاباس هجي هن شخص کي سڀني سوالن جو هڪ جملي ۾ جواب ڏيندو هو ـــــ ”مون کي خبر ناهي، آئون سُتو پيو هوس. ڏسان ها ته آئون پاڻ نه ان کي جهليان ها.“
سڀُ کان گھٽ عمر وارو بيلجم جو هڪ ڪئڊٽ ڪنڊ تي ٽن بسترن واري جنرل وارڊ ۾ هو. هو سُئي لڳڻ وقت گُم ٿي ويندو هو. پوءِ ٽي ڄڻا جيڪي خدائي فوجدار سڏيا ويندا هئا (جن ۾ اسان جو يوناني وارڊ ميٽ به هو) کيس ڪڏهن وهنجڻ جاءِ مان، ڪڏهن لئبريري مان ته ڪڏهن ’انڊور گيمس روم‘ مان ٽنگو ٽالي ڪري کڻي ايندا هئا.
مطلب ته هڪ اڻ کُٽندڙ تماشو سڄو ڏينهن هلندو هو. هرهڪ مريض بذات خود ٻين لاءِ تماشو به هو ته تماشبين به. روز صبح کان هن اسپتال جي دنيا ۾ نئون کيل شروع ٿيندو هو ۽ هيءَ اسپتال هڪ ننڍڙي دنيا ئي ته هئي. جتي مخلف ملڪن، رنگن ۽ قومن مذهبن جا ماڻهو رهيا ٿي. بيمار هوندي به کل خوشي آرام ۾ رهيا ٿي. ڪوبه ذات پات، رنگ روپ يا ننڍ وڏائيءَ جو فرق نه هو.
آخري شام جڏهن مون کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڏئي چيو ويو ته آئون هاڻي بلڪل چاق آهيان ۽ هيءَ منهنجي آفيس طرفان آئي آهي ته ٻئي ڏينهن صبح جو لنڊن Fly ڪري پنهنجي جهاز تي وڃي چڙهان. ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ٻئي ڏينهن سوير Flight هئڻ ڪري صبح جو ٽي بجي اٿيس. سڀُ خاموش ننڊ ۾ هئا. باوجود منع ڪرڻ جي به ڊيوٽي نرس بئگ کڻائي هيٺ ٽئڪسي ۾ اچي رکي. ٽئڪسي ۾ وهڻ وقت مئٽرن به اچي موڪلايو، سندس پراڻي زماني جي چشمي مان، آليون اکيون نظر اچي رهيون هيون. هن ڪجهه به نه ڪُڇيو. رنگين پنيءَ ۾ بند ٿيل گھڙيال تحفي طور مون کي ڏئي، اسپيني زبان ۾ ڊرائيور کي ايئرپورٽ پهچائڻ لاءِ چيو. جيڪو اسپتال کان چاليهه ميل پري آهي. رستي جو ڀاڙو چار سؤ پسيتا به پاڻ ڏنائين.
هوائي جهاز جنهن وقت مٿي چڙهيو ته اها اسپتال ــــ ننڍڙي دنيا، کل ۽ خوشيءَ سان ٽمٽار، جبل جي چوٽيءَ تي صاف نظر اچي رهي هئي. جيئن جيئن جهاز بلندي حاصل ڪندو ويو ته اسپتال نقطي جي شڪل اختيار ڪري غائب ٿي وئي. پر گريڪو، جپانو، سويڊو، آفريڪو، انڊونيشيو ۽ اسپتال جو هڪ هڪ ماڻهو اڄُ به منهنجي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن.