ڪھاڻيون

پيار جي گھُٽ

”پيار جِي گھُٽ“ سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جو ڪهاڻين ۽ سفرنامي تي مشتمل هڪ بهترين ڪتاب آهي جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو.
  • 4.5/5.0
  • 2374
  • 866
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي گھُٽ

مان ۽ منهنجو ڪئبن ــ ميٽ

ڪجهه ڳالهه ئي اهڙي هئي جو نه رڳو ڊاڪٽر کي ٻُڌي تعجب لڳو پر مون کي پڻ ٻُڌائيندي عجيب پئي لڳو. ٻي ڪا عام بيماري ان موسم ۽ ملڪ جي هجي ها ته ايڏو اچرج نه لڳيس ها. جيئن اسان جي ڳوٺ جي نالي ماتر سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر موسم مان ئي سمجھي ويندو آهي ته اڄُ ڪلهه موسمي بخار عام آهي ته اڳواٽ ئي وڏي پئماني تي وڏو ڊرم مڪسچر جو ٺهرائي رکندو آهي. مريض ڊاڪٽر کان دوا جي پرچي وٺندو ايندو آهي ۽ ڪمپائونڊر اکيون ٻوٽي حق جو نعرو هڻي، هر مريض جي شيشي ۾ نلڪو کولي، اها وڏي پئماني تي ٺهيل دوا اوتيندو ويندو آهي. وري هفتي ڏيڍ کان پوءِ ڪو ڪاسائي ڪنهن بيمار ٻڪريءَ يا ڍڳيءَ کي سير وجهندو آهي ته ان ڊرم کي دستن جي دوا سان ڀريو ويندو آهي ۽ هر آيل مريض کي ان مڪسچر مان نوازيو ويندو آهي. ساڳي طرح مٿي ذڪر ڪيل اسپين جو ڊاڪٽر به ان قسم جا مريض سوچي رهيو هو ته اوچتو مون جهڙو مٿي ڦريل اونهاري جي موسم ۾، اسپين جهڙي ملڪ ۾ اچي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته: ”مون کي سائين نمونيا ٿي پئي آهي.“ ”هان!“ ڊاڪٽر وائڙو ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن ڊاڪٽر کي نمونيا لاءِ ٻُڌائڻ ائين هو جيئن سخت اونهاري جي موسم ۾ جيڪب آباد ۾ ڪو شخص گرم ڪوٽ پائي منجهند جي ماني تي وڃي.
”ها ـــ سائين. نمونيا ٿي پئي آهي، هفتي کن کان.“ هاڻ آئون زور زور سان کنگھڻ لڳس.
آخر ڊاڪٽر سمجھي ويو ته هي اسپين جو رهاڪو ناهي پر ڪو سياح يا سيلاني، اتر آمريڪا، ڪئناڊا يا اتر ڏکڻ قطب جهڙي ٿڌي جڳهه تان نمونيا جهڙو اوپرو يا ڌاريو مرض کڻي هتي پهتو آهي، سو پڇڻ لڳو ته ”آئون شايد ڪٿان ٻاهران پيو اچان“.
”هائو.“ مون ٻُڌايومانس، ”آءٌ آفريڪا کان ڪالهه هتي پهتو آهيان.“
ڊاڪٽر کي هيڪاندو تعجب لڳو پر هو منهنجي تپاس ۾ لڳي ويو ۽ نمونيا جو علاج ڪرڻ لڳو. پاڻ اڄُ ڏينهن تائين سوچي رهيو هوندو ته آفريڪا جيڪو اسپين کان به وڌيڪ گرم ملڪ آهي، جتي ٻارهوئي جھولا ۽ لڪون لڳن ٿيون، اتي هن شخص کي نمونيا ڪيئن ٿي. هن مون کي ايترو سو چيو هو: ”ڪمال آهي! توکي نمونيا ههڙي گرم ملڪ ۾ ٿي!“
پر ان لاءِ آئون پنهنجي ڪئبن ــ ميٽ کي ڏوهي بنائڻ کان نٽائي، کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. ان بيماريءَ لاءِ جوابدار منهنجي ڪئبن ۾ مون سان رهندڙ انجنيئر هو. سندس نالو ته ٻيو هو پر اسان کيس ڪاليج جي ڏينهن کان پيار مان ’فخرو‘ سڏيندا هئاسين.
فخرو ـــ جنهن ننڍپڻ جيتوڻيڪ بنگال جي سخت گرميءَ ۾ گذاريو هو پر شايد خواب ڪي سئٽزرلئنڊ جي برف سان ڍڪيل جبلن جي چوٽين Alaps جا ڏٺا هئا جو ايئرڪنڊيشنڊ جهاز تي نوڪري ملڻ سان هن ڪئبن کي ايترو ته ٿڌو رکڻ شُروع ڪيو جو مون ته پهرين ڏينهن ئي لنگر کڻڻ وقت چيومانس ته، ”يار ههڙي ٿڌي ڪمري ۾ مون کان رهيو نه ٿيندو. ههڙن ٿڌن ڪمرن ۾ جيئرا ماڻهو ته رهي نه سگهندا آهن پر ولائت ۾ ڪُٺل ٻڪرين جو گوشت يا ميڊيڪل ڪاليجن ۾ مردا رکيا ويندا آهن“.
ايئرڪنڊيشنر جي چاٻي چئن انگن تي ڦري ٿي: هڪ تي بند، ٻن تي ڪمرو ٿڌيرو ’Pleasant‘ ٿيو ٿي، ٽن تي چڱو خاصو ٿڌو، ’Cool‘ ۽ چئن تي تمام گھڻو ٿڌو، ’Cold‘ ٿيو ٿي ـــ جنهن تي گھڻو ڪري ڪير به نه رکندو هو ۽ اهو نمبر ائين هو جيئن ڪارن جي اسپيڊو ميٽر تي ’100 mph‘جو انگ، جنهن تائين ڪوبه ڊرائيور هلائيندو ناهي. ٽن تي رکڻ تي به ڪمرو ايترو ٿڌو ٿيو ٿي جو اسان بلاڪيٽ وجھي سمهندا هئاسين. پر هي اسان جو بنگالي ڪئبن ــ ميٽ هميشه چئن تي رکڻ کان نه مُڙندو هو ۽ پڙهندڙ اندازو لڳائي سگھن ٿا ته ڪمري ۾ ڪيتري ٿڌاڻ ٿيندي هوندي. آئون کيس گھڻو ئي ٽوڪيندو هوس ۽ گھٽائي ٽن تي رکندو هوس يا دري کولي ڇڏيندو هوس، جيئن صحرا رڻ پٽ کان ايندڙ ڪوسيون هوائون ڪمري جي ٿڌ کي نارمل ڪري ڇڏين پر مون کي ننڊ ۾ ڏسي وري چئن تي ايئرڪنڊيشنر رکي ڇڏيندو هو ۽ منهنجو وجود ڪُلفيءَ ۾ تبديل ٿي ويندو هو.
شام جو چئين کان اٺين لڳي تائين کيس جهاز هلائڻو هوندو هو، ان کان پوءِ اٺين کان رات جو ٻارهين تائين انجڻ روم ۾ منهنجي ڊيوٽي هوندي هئي. انجڻ روم جي گرمي ـــ الله جي پناهه! جهاز جا انجنيئر چوندا آهن ته ههڙي ڊيوٽيءَ کان پوءِ دوزخ جي باهه به ٿڌي لڳندي. ويتر سئيز ڪئنال جو بند ٿيو آهي ۽ آفريڪا جي ڦيري وارو هفتو ڏيڍُ (ٻنهي پاسي) گرمي چوٽ تي هوندي آهي. اهي اَٺ ڏهه ڏينهن ڊيوٽيءَ جو منٽ منٽ ڏکيو گذرندو آهي. چارئي ڪلاڪ ڊيوٽيءَ وارا پگھر پيو ٽمندو آهي. ڊيوٽي ختم ٿيندي آهي، سڌو ڪمري ۾ ڌوڪيندا آهيون، جي ٿڌيرا هوندا آهن. پر اسان جي ڪمري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! لوهه جي ڀتين ڇتين بدران برف جي ڇپن مان ٺهيل هو جنهن ۾ رهڻ لاءِ ايسڪيمو به ٻه دفعا سوچي. آئون ڊيوٽيءَ تي ويندو هوس ته فخرو ايئرڪنڊيشنر وڌائي چئن تي رکي ڇڏيندو هو ۽ ڪمرو ريفريجريٽر بڻجي ويندو هو ـــ جنهن جو در کولڻ سان مکڻ، پنير، ميوي بدران ٽيبل، ڪرسيون، ڪتاب ۽ هڪ انسان ’فخرو‘ ٻن بلاڪيٽن ۾ ليٽيل نظر ايندو هو. آئون ٿڪل ٽُٽل ۽ اڃايل، پگھر ۾ شل، اهڙي حالت ۾ يڪدم ڪئبن ۾ گھڙڻ غير صحتمند سمجھي به هليو ويندو هوس ۽ ايئرڪنڊيشنر مٿان رکيل ٿڌي پاڻيءَ جي شيشي جي گھُگھيءَ مان برف جهڙو ٿڌو پاڻي گلاس ۾ نائي پيئندو هوس. پوءِ نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو مٿي پڙهي چُڪا آهيو. ۽ آئون اسپين جي اسپتال ۾ نمونيا لاءِ زير علاج هوس.
منهنجي روم ميٽ فخروءَ جون ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون لکي ڪهڙيون لکجن. جتي قدرت هن کي قد ۽ سونهن ۾ گھٽ نوازيو هو، اتي هن ۾ ذهانت ۽ چالاڪي ته ڄڻ لت ڏئي ڀريل هئي. سندس ٻه خاص مشغلا هئا. جهاز سمنڊ تي هوندو هو ته ڏينهن رات ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪناري تي ملڪ ملڪ جي ڇوڪرين سان سنگت رکڻ. ان کان سواءِ سندس نه ڪا وندر هئي نه ڪم. ڊيوٽيءَ ڪري انجڻ روم مان ايندو هو ته بئالر سوٽ انجڻ روم جي باٿ روم ۾ ڇڏي اچڻ بدران سڌو ڪمري ۾ گھڙندو هو. هو ان معاملي ۾ به ايترو سست هو، يا ته هو ان لاءِ پنج منٽ به ضايع ڪرڻ نه چاهيندو هو جو لاهي کڻي ٻيا ڪپڙا پائجن. اڌوگابرا هٿ ڌوئي ماني جا ٻه چار گراهه بدن سارو پيٽ ۾ وجهي، منهنجي پلنگ ڀرسان پيل ڪوچ تي سمهي، پنهنجي تور جيڏو ڪتاب هٿ ۾ جھلي پڙهڻ ۾ جنبي ويندو هو. سندس پلنگ منهنجي پلنگ جي مٿان هو. هفتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا موڊ ٿيندي هيس يا بقول عاشق ميمڻ جي، ’جڏهن ڪو ڪانگ بجو ڏيندو هوس،‘ تڏهن ڀولڙي وانگر ٽپو ڏئي پنهنجي پلنگ تي وڃي سمهندو هو نه ته اهو ڪوچ اهو پاڻ ۽ سندس ڊيزل ۾ ٻُڏل ڍانگري. سڄي ڪئبن ۾ ڊيزل جي ڌپ جو راڄ هوندو هو. پاڻ روم ۾ گھڙندو هو ته ڄڻ انجڻ روم جون دريون کُلي وينديون هيون، جن مان تيل جي بوءِ ايندي آهي.
ننڍا ڪپڙا ـــ گنجيون جوراب، اڳٺ، ڪڇا وغيره سڀ پاڻهي ڌوئندا هئاسين جنهن لاءِ پائوڊر صابڻ جو دٻو هفتي هفتي ملندو هو. پر اسانجي روم ميٽ جي سستيءَ جي اها حد هئي جو گنجي ميري ٿي ويندي ته به بدن کي چهٽي پئي هوندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن پُور پوندو هوس ته پلاسٽڪ جي بارديءَ ۾ پاڻي ۽ اڌ دٻو کن پائوڊر جو اونڌي ان ۾ گنجون ڪڇا وجھي ڇڏيندو هو. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ انهن مان امونيا گئس جهڙي چُڀندڙ ڌپ نڪرندي هئي ۽ جڏهن آيو ويو ٽوڪڻ شروع ڪندو هوس ته پوءِ هڪ ڏينهن نعرو هڻي اٿندو هو. ڪمري جي دري جيڪا سمنڊ طرف کُلندي هئي، اها کولي، ڪنو ٿيل پاڻي ۽ ڪپڙا بارديءَ سميت ٻاهر اڇلي ڇڏيندو هو. پوءِ ايندڙ بندرگاهه مان کُٽل ڪپڙا ۽ باردي وٺِي ايندو هو. سندس ڪپڙا ائين ئي سمنڊ جي حوالي ٿيندا رهندا هئا. ۽ ڌوپندا فقط اهي هئا جيڪي پاڻ لڪ چوريءَ ٻين جي ڪپڙن جي بارديءَ ۾ وجھي ايندو هو ـــ جيئن ڪانگڻ پنهنجا آنا ڪوئل کان ئي ڦوڙائيندي آهي يا شايد ڪوئل ڪانگڻ جي آکيري ۾ آنا ڇڏي ايندي آهي. پر هن جهاز تي ڪوئلن بدران اهي باز رهندا هئا جي کيس سڃاڻي ويا هئا ۽ سندس ڪپڙا سندس منهن ۾ هڻندا هئا ـــ ان ڪري اڳتي هلي اسان جي روم ميٽ ڪپڙن ڌوئڻ جي پچر ئي ڇڏي ڏني. سڀڪو چوندو هوس، ”فخرو چڱو جو تون ڇوڪري نه ٿئين.“
جيئن ئي جهاز بندرگاهه سان اچي لڳندو هو ته سڀني کان اڳ هي تيار ٿي ٻاهر نڪرندو هو. هن جي تياري تمام سولي ۽ جھٽ پَٽ جي هئي. نه وهجندو هو نه ميرا ڪپڙا لاهيندو هو. انجڻ روم واري ڍانگري Boiler Suit لاهي ميري مَرُ لڳل گنجي ۽ ڪڇي مٿان ڪمپليٽ سوٽ ـــ سو به ٿري ـــ پيس پائيندو هو. مشرقي يورپ جي ڇوڪرين وانگر جي پري کان ڏسبو ته شڪل ۽ پوشاڪ ۾ ته چمڪنديون پيون پر ڀر ۾ وهڻ سان منجھائن مئل ڪوئن جي ڌپ پئي ايندي آهي، سو اسان جي فخروءَ کي به اندران گند جهڙا ڪپڙا ٻاهران ٻانهون مٿي ڪري، ٽوپاز يوڊي ڪولين جو ڦوهارو ڦِس ڦِس هڻي، اڪيلو ئي اڪيلو اهو پيو سِٽي ـــ سروي ڪرڻ وڃي.
ان جهاز تي اسين ٽي جونيئر انجنيئر هئاسين. فخرو، آئون ۽ ٽيون ڪراچيءَ جي عاشق حسين ميمڻ ـــ جنهن سان اسان جي روم ميٽ فخروءَ جي اصل کان نه پوندي هئي. ڪا خانداني دشمني ته نه هئي پر جڏهن کان جهاز تي ٻئي پهتا هئا، هر ڳالهه ۾ ٻنهي جو مقابلو رهندو هو.
هڪ دفعي جرمنيءَ ۾ جهاز پهتو. جرمن زبان کان اسان مان ڪوبه واقف نه هو، اهڙي ملڪ ۾ اسان جي ڪئبن ميٽ فخرو هڪ خوبصورت جرمن ڇوڪريءَ سان دوستي رکي جهاز تي دعوت ڏئي وٺي آيس، پاڪستاني کاڌو کارائڻ ـــ يا شايد عاشق کي ساڙڻ لاءِ. آخر عاشق پڇيس: ”يار هيءَ پري چهرا تنهنجي ساهيڙي ڪين ٿي؟!“
وڏي شان سان جواب ڏنائينس: ”بس ٿي وئي. آئون هڪ دڪان اڳيان شوڪيس ڏسي رهيو هوس ته پاڻ اچي مونسان ڳالهايائين ۽ گھر به وٺي هلي. مائٽن سان ملايائين.“ ائين چئي عاشق کي زخمي ڇڏي هليو ويو. پر عاشق به گھٽ چرچائي ناهي. پنهنجي علامتي قسطن واري کل کلي اسان کي ٻُڌايائين: ”وڏو ڪُوڙو آهي هي فخرو! منهن ڏسي تلڪ ڏجي. هي پاڻ ان خوشفهميءَ ۾ آهي ته پاڻ ڪو شهزادو آهي جنهن تي آئي وئي پئي ڇڪن ٿئي. پر حقيقت اها آهي جو سندس ڊينڊو قد ۽ ڀولڙي جهڙي شڪل ڏسي هن ويچاري جرمن ڇوڪريءَ، مت جي موڙهيل اهو سوچيو هوندو ته هي ڪهڙو جانور آهي ۽ ڪٿي جي پيدائش آهي. ۽ گھر مائٽن کي به ان خيال کان ڏيکارڻ وئي هوندي. ۽ هونءَ اسان جو فخرو ڀولڙي جي سونهن جي Standard کان ته مٿاهون آهي.“
لورپول ۾ جهاز پهتو ته آئون هفتي کن جي موڪل وٺي ڏيپلي جي ڊاڪٽر الهه ورائي ميمڻ وٽ هليو ويس. فخرو منهنجي غير موجودگيءَ جو ناجائز فائدو وٺي اتي جي يونيورسٽي جي هڪ جئميڪن دوشيزه ــــ شايد ’يتيم‘ واڌو ’بنا ــ گھر ــ گھاٽ‘ جي، کي ڏينهن رات ڪئبن ۾ اچي ٽڪايو. آئون موڪلن کان پوءِ موٽِي جهاز تي آيس ته جهاز جي گئنگوي (ڏاڪڻ) وٽ ئي عاشق ٻڌايو ته يار تنهنجي روم ۾ هڪ پاڻيءَ جي وڏي پخال رکي آهي تنهن مٿان هڪ ڪئو ويٺو آهي. ڪئبن ۾ گھڙيس ته ڏسان ته مار انگريزن جي ملڪ ۾ هڪ ڪاري ٿلهي حبشڻ ڪوچ تي ٽيڪ ڏئي سگريٽ جا ڊگھا ڪَشَ پئي هڻي ۽ سندس ڀرسان اسان جو مئڪرو ــ سائيز روم ميٽ پساهه کڻِي رهيو آهي. مون کي انگريزي ناول جو هڪ ڪردار ”گليور“ ياد اچي ويو جو پنهنجي سفر دوران هڪ اهڙي ملڪ ۾ وڃي پهتو جتي جا ماڻهو سٺ سٺ فٽ ڊگھا ۽ ٽيهه فٽ کن ويڪرا هئا. ۽ هي انهن جي گوڏن تائين مس ٿي آيو. کيس مون ڪجهه ڪونه چيو. ٻاهر نڪتس ته عاشق چيو يار تنهنجي روم ميٽ فخروءَ جهاز تي اهڙا کجيءَ جا جن آندا ته جهاز ڄاڻ ٻُڏو ۽ پوءِ دري کولي فخروءَ کي چوڻ لڳو: ”بابا، ڪپتان صاحب چوي ٿو ته پنهنجي مانواري مهمان کي جهاز تان لاهه ته اسان ٻه سؤ کن ٽن سامان وڌيڪ جهاز تي چاڙهيون.“
فخروءَ جي موجودگيءَ ۾ عاشق جي دلپسند ڳالهه ”هاٿي ۽ ڪُئي“ جي هوندي هئي ته هڪ ڪُئي پهريون دفعو هاٿي ڏٺو، (سو به هاٿيءَ جو ٻچو) ته وائڙو ٿي ويو ۽ تعجب مان سندس عمر پڇيائين.
”منهنجي ته ڇهه مهينا آهي ۽ تنهنجي ـــــ؟“ هاٿيءَ وراڻيو. ڪُئي پنهنجو مٿو کنهي چيو: ”آهي ته منهنجي عمر به ڇهه مهينا پر بيمار شيمار رهان ٿو.“
سو فخروءَ جو نالو به عاشق ”بيمار شيمار“ مشهور ڪري ڇڏيو هو. پر ڪي جهازي فخروءَ جي ذهانت ڏسي ”ڏاهو ڪانگ“ پڻ ڪوٺيندا هئس.
فخروءَ جي ذهانت، هوشياري ۽ پڙهائيءَ جو قدر مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڪري سگھي ٿو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪڏهن گھر (هاسٽل) ۾ فخروءَ وري نه پڙ هيو. ڪلاس ۾ هڪ دفعو ٻڌل ليڪچر يا جهاز تي ڏٺل هڪ دفعو مشين، امتحان تائين ياد رهندي هيس.
فخرو منهنجو آخري روم ميٽ هو ۽ آئون سندس. ان کان پوءِ اسان ٻنهي جي پروموشن ٿيندي رهي. جهاز تي فقط ڪئڊٽ ۽ جونيئر انجنيئر ڊبل بيڊ واري ڪئبن ۾ رهن، ٻين کي الڳ الڳ ڪمرا ٿين. اسان کي پوءِ ڪمرا ته ڇا پر جهاز به جدا جدا ملندا رهيا. ڪيترن سالن کان پوءِ، هڪ دفعي اوچتو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اسان جا جهاز هڪ ٻئي ڀرسان لنگھڻ لڳا. جيئن ئي جهاز وائرليس جي رينج ۾ آيا ته مون ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. جهاز جي هڪ جونيئر انجنيئر ڳالهايو. کانئس فخروءَ جو پڇيم، جو هاڻ سندس سيڪنڊ انجنيئر هو. چوڻ لڳو، ”صاحب هڪ ٿلهو ڪتاب پڙهي رهيو آهي چوي ٿو ته ٻن منٽن ۾ ڪنٽرول روم ۾ اچي ٿو ڳالهايان. سندس زال به ساڻس Sail ڪري رهي آهي اها چوي پئي ته ”ڪنٽرول روم ته پري جي ڳالهه آهي، پهرين ڪتاب جي پچر ڇڏي منهنجي ڳالهه جو جواب ته ڏئي.“
آئون سندس ٻن منٽن بدران ٻه ڪلاڪ انتظار ڪندو رهيس تيسين اسان جا جهاز وائرليس رينج اُڪري هڪ ٻئي کان گھڻو پري نڪري ويا.