ڪھاڻيون

پيار جي گھُٽ

”پيار جِي گھُٽ“ سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جو ڪهاڻين ۽ سفرنامي تي مشتمل هڪ بهترين ڪتاب آهي جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو.
  • 4.5/5.0
  • 2374
  • 866
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي گھُٽ

توهان کان ڇا لڪائجي

جلدي جلدي ۾ هوس. فلم شُروع ٿيڻ ۾ فقط پندرهن کن منٽ هئا. وار به ٺهرائڻا ضروري هئا ته فلم ڏسڻ جو شوق به چوٽ تي هو. فلم کان پوءِ ڪوبه حجام جو دڪان کليل نه ملي ها، ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ کان اڳ ممباسا جو شهر ڇڏي رهيا هئاسين. حجام جي دڪان ۾ گھڙيس ۽ ڪرسي خالي ڏسي ويهي رهيس. شيدي حجام ڳچيءَ جي چؤڌاري اڇو کير جهڙو ڪپڙو ويڙهي، صاف ڇڻيل انگريزيءَ ۾ پڇيو ته وار ٺهرائڻا آهن يا رڳو ڏاڙهي.
”جلدي جلدي فقط وار ننڍا ڪر. بلڪ Crew ڪَٽ“ مون تاڪيد ڪئي مانس.
ٻه اڍائي منٽ منهنجي هڪ پاسي کان به اڍائي منٽ ٻئي پاسي کان بيهي، ڪئنچيءَ جي ڪتر ڪتر ڪري پڇيائين:
”O.k?“
آرسيءَ ۾ ڏٺم ته ويتر خوفناڪ بڻائي ڇڏيو هئائين. ڪٿان ٿورا ڪٿان گھڻا وار لاهي، مڙيئي آنگ لاٿي هئائين. ڪجهه نه چيومانس. هڪ ته وقت ڪونه هو ۽ اهو به سوچي ته هفتو ٻه يڪو سمنڊ تي، ڪير ڏسڻ وارو هوندو. بهرحال منهنجو خيلا هو ته ههڙي خراب هيئر ڪٽ تي، وقت ۽ محنت گھٽ لڳڻ ڪري پئسا به گھٽ وٺندو. پڇيومانس، ”گھڻا پئسا ـــ؟“
جواب ڏنائين ”فقط اٺ شلنگ“
”هان! مون کان ٻيڻا ڇو؟“ پاڪستاني فلمن جي مسخرن وانگر هڪ هٿ مٿي تي ٻيو پيٽ تي رکي، کڙين تي بيهي وائڙن وانگر پڇيومانس.
آمريڪي فلمي هيرو وانگر ڪلهن کي جھٽڪو ڏيندي چيائين: ”سر! ارجنٽ جو ڪم هو.“
چُپ ٿي ويس. پنهنجي هلڪي هاٺيءَ کي هن سانَ جهڙي آفريڪن شيدي سان ڀيٽي، ماٺ مٺوڙي ۾ اَٺ شلنگ سندس هٿ تي رکي دڪان تان هيٺ لٿس.
: : :
بدنام فقط دنيا جون عورتون آهن ته هو گھڻ ڳالهائو آهن. پر اڄُ تائين ڪڏهن ڪنهن غور ڪيو آهي ته دنيا جا حجام، ڳالهائڻ ۾ عورتن کان به ٻه قدم اڳتي آهن. حجام چاهي چار درجا پڙهيل هجي، يا نسورو اڻپڙهيل. پر دنيا جي هر عنوان تي توهان سان ڳالهائيندو. ڇا توهان جي ڳوٺ يا شهر ۾ حجام کان وڌيڪ ٻي بهتر خبر رسان ايجنسي به آهي؟ هرگز نه! ڇا توهان جا وار ٺاهيندي وقت، پنج منٽ به هو خاموش رهيو آهي؟
آئون اڄُ تائين پنجٽيهه ملڪن جي ستاسي شهرن، چاليهه بندرگاهن، پنجن ٻيٽن تي وار ٺهرائي چُڪو آهيان. پر مون کي ته ڪٿي به ماٺيڻو حجام نه مليو آهي. چين ۾ مون کي اميد هئي ته اتي حجام گھڻو نه ڳالهائيندو ـــ منهنجي نه، مائوءَ جي ڊپ کان. پر باوجود ان ڄاڻ جي ته آئون سندس زبان ٺپ نه ٿو ڄاڻان، هو جھرڪين واري چين چين ــ چُون چُون ڪندو رهيو. هاڻي مون کي ٻُڌايو ته دنيا ۾ سڀ کان گھڻو بڪ بڪيو ڪير آهي؟ ـــ عورت يا حجام؟
: : :
اسان وٽ پاڪستان ۾ روز ماڻهو اڌ ڪلاڪ کن هٿ ڏيڻ ۾، ٽي ڪلاڪ کن ڪچهريءَ ۾ وڃائي ٿو. يعني پنهنجي سراسري پنجاهه سالن جي عمر مان اٽڪل سال هٿ ڏيڻ ۾ ۽ ڇهه سال ڪچهري ڪرڻ ۾ کپائي ٿو. اڄُ ڪلهه هن راڪيٽن جي دور ۾، هر ملڪ ۾ کيڪار تمام رواجي ۽ مختصر وڃي رهي آهي. ٻه ڄڻا گس پنڌ تي ملندا ته فقط هڪ ٻئي کان پُڇندا:
”ڪيئن آهين؟“ ۽ جواب ۾ به ”ڪيئن آهين.“ هاڻي ته ايترو به نه رهيو آهي. آمريڪا طرف ته فقط ”هاءِ“ ۽ ”هاءِ ٿئنڪس“ تائين محدود ٿي ويو آهي. پر اسان وٽ پاڪستان ۾ هڪ عورت جڏهن ٻيءَ کي واٽ ويندي ملندي (يا زبردستي پنهنجو داستان ٻُڌائڻ لاءِ ٻيءَ کي ملندي) ته چوندي، ”ڪر خبر ڪيئن آهين؟“ ته ٻي يڪدم پنهنجي اگھائيءَ جو ذڪر کولي وهندي.
”مٿي جو سور اڃان تائين نٿو ڇڏيم.“
”مٿي جو سور! منهنجو جيئندل جڏهن ٿڃ تي هو، تڏهن مون کي مٿي ۾ سور ٿيو هو. مون حڪيم ’روح قبض‘ کان علاج ڪرايو هو. تون سڃاڻين ان حڪيم کي؟ جنهن جي ڀائٽي توهان جي پاڙي ۾، سبڻ ڀرڻ جو ڪم ٿي سکي. ڪير آهن، اهي توهان جي پاڙي وارا ذات جا؟ مون کان وسري ويو آهي. ان ڏينهن اسان سندن گھر مومل دائيءَ جي ڀاڻيجيءَ جي ٻُڪيءَ جو سڏ ڏيڻ ويوسين ته اسان به ٻُڌا..........................“ وغيره وغيره.
۽ ٻُڌڻ واريءَ کي نه به هوندو ته مٿي جو سور پئجي ويندو.
: : :
فرانس ۾ هڪ خوبصورت فرينچ عورت کي (پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هر فرينچ عورت پاڻ کي خوبصورت ٿي سمجهي، ’ويندي اهي عورتون جي بلڪل نه آهن.) ان کان وڌيڪ ڏک نه ٿيندو جڏهن توهان هن جي ڀرسان کيس بنا ڏسڻ جي لنگھي ويندائو‘ يا سندس نئين سبيل فراڪ کي تعريف جي نگاهه کان نه ڏسندائو. جيڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ توهان جي سامهون ڪا خوبصورت عورت ويٺي آهي ته توهان جو فرض آهي ته پنهنجي جڳهه تان اُٿي کيس وڃي دلداري ڏيو ته ”محترمه توهان بيحد حسين آهيو.“ پوءِ چاهي اهو ڪُوڙ توهان کي دل تي پٿر رکي ڳالهائڻو پوي. پر انگلنڊ ۾ ڪنهن به عورت جي تعريف سندس منهن تي ڪرڻ، خراب سمجھيو وڃي ٿو. انگريز عورت اهو مناسب نٿي سمجهي ته ڪو اوپرو ماڻهو سندس تعريف ڪري يا هٿُ چُمي ـــ ها جيڪڏهن اهو مرد سندس مُڙس آهي ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي پر مڙس وري ان خير جي ڪم بابت ڪڏهن به نه سوچيندو.
: : :
آمريڪن پنڌ ويندڙ جڏهن ڪنهن کي وڏي ڪار ۾ گھمندو ڏسي ٿو ته هو ان ڏينهن جا خواب ڏسي ٿو جڏهن کيس به هڪ ڏينهن، ايڏي وڏي ڪار هلائڻ لاءِ ملندي. پر هڪ هندستاني پيدل جڏهن ٻئي کي ڪار ۾ ويندو ڏسي ٿو ته هو ان ڏينهن خواب لهڻ شُروع ڪري ٿو جڏهن هو ڪنهن طريقي سان هن ڪار واري کي پاڻ وانگيان پنڌ هلڻ لاءِ مجبور ڪندو.
جيئن چوندا آهن ته هڪ غريب جي الله دعا اگھائي ۽ کيس ڌڻُ رڍُن جو مليو. ٻيو جنهن کي اڳهين رڍن جو ڌڻ هو تنهن کان جڏهن پڇيو ويو ته تون ڇا جي دعا ٿو گھرين ته چوڻ لڳو: ”الله مون کي ڪو اهڙو بگھڙ ڏياري جو ٻئي جون سڀُ رڍون کائي وڃي.“
: : :
ڪنري ٻيٽ تمام خوبصورت ٻيٽ آهن. وڻندڙ آبهوا ۽ بي انتها سامونڊي ڪناري Beaches ڪري ٻارهوئي دنيا جا امير ۽ نوان شادي شُده جوڙا هني مون ملهائڻ لاءِ ايندا رهن ٿا ـــــ سواءِ اسان جهڙن چند جهازين جي. هتي سماجي آزادي حد درجي جي آهي. پهرين ڏينهن ڀريل بس ۾ هڪ نوجوان جوڙي کي کُليو کُلايو زور سان ٻُچڪار سان چُمي ڏيندو ڏسي وائڙو ٿي ويس. ان جاءِ تي جيڪڏهن ڪو ائٽم بم ڦاٽي ها، يا ڪو بس هيٺان اچي مري وڃي ها ته مون کي يا منهنجي ديس واسين کي ايترو تعجب نه لڳي ها.
: : :
جرمن جڏهن ڪنهن سهڻي ڇوڪريءَ اڳيان لنگھندو آهي ته هن ڏي بنا نهارڻ جي ڏسي وٺندو آهي ۽ ڪڏهن به مُڙي نه ڏسندو آهي. پر اسپينيءَ کي اها کيڏ نٿي اچي. هن جي جڏهن ڪنهن سامهون ايندڙ ڇوڪريءَ تي نظر پوي ٿي ته هو هن کي وري وري ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڀرسان جڏهن هوءَ گذري ويندي اٿس تڏهن به ڍؤ نه ٿيندو اٿس ۽ مُڙي مُڙي ڏسندو ويندو. اهو سلسلو هلندو رهندو آهي، تان جو هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيندو آهي ته هو انهيءَ طرف واپس وڃي رهيو آهي، جنهن کان آيو هو.
: : :
ملڪ ڇڏڻ بعد مون ۾ هڪ عجيب تبديلي آئي آهي. جڏهن آئون اڃان ملڪ کان ٻاهر نڪتو نه هوس ته انگريزي گانن، پاپ ميوزڪ، بيٽلز ۽ سپريم جي آواز پٺيان چريو هوس. آمريڪن اسٽائيل ڪپڙا ۽ ڪانٽينينٽل کاڌو پسند ڪندو هوس. پر هاڻ پنهنجو وطن ڇڏڻ بعد مون کي ملڪ جي هر شيءِ وڻڻ لڳي آهي. سڄو سڄو ڏينهن خميسي خان جي الغوزي جو ٽيپ، جمن ۽ حسين بخش جا راڳ ۽ ڪافيون ٻُڌندو رهان ٿو. شلوار ۽ پهراڻ پائيندي فخر محسوس ڪريان ٿو ۽ اها نه فقط مون سان حالت آهي پر مون ڪيترن هم وطنين کي لنڊن جي پڪاڊلي، نيويارڪ جي ٽائيم اسڪائر، هئمبرگ جي سينٽ پولي، روم، بيروت، استنبول ۾ مردن کي شلوار قميص ۾ ۽ عورتن کي ساڙهيءَ ۾ ناز سان هلندو ڏٺو آهي.
هتي ولائت ۾ جڏهن به فرصت ملندي آهي ته ٻه چار پاڪستاني گڏجي پاڻهي اٽو ڳوهي ماني ۽ پوريون پچائي کائيندا آهيون ـــــ جو اسان لاءِ سڀ کان لذيذ کاڌو هوندو آهي. آچر ڏينهن پڪوڙا ۽ ڪواب ٺاهي کائڻ ۾ ته جو سواد آهي، ان جو ڇا بيان ڪجي! پاڻکي پاڪستاني سڏائيندي فخر محسوس ڪندا آهيون ـــ سوچيان پيو هي ملڪ لاءِ وڌيڪ پيار ۽ محبت، ملڪ کان دوريءَ ئي پيدا ڪيو آهي. چوڻي آهي ته:
’While in Rome do as Romans do‘ جيسين روم ۾ آهيو ته رومين وانگر هلو پر آئون دنيا جي هر ملڪ ۾ پاڪستاني ٿي رهڻ وڌيڪ پسند ڪندس. چوندا آهن ته هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪُلهي تي رکجي. پر نه سائين آئون ٻن ٽنگن سان هلڻ بهتر سمجھان ٿو ـــــ چاهي هڪ ٽنگي جو ملڪ هجي، يا ٽن ٽنگن وارن جو.