ٽرنيڊاڊ ٻيٽ
اسان جڏهن ڪولمبو (سلون) کان آمريڪا لاءِ نڪتا هئاسين ته اهو پروگرام هو ته رستي تي هن ٻيٽ کان چڱو پري، جهاز کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ترسائي تيل وٺي هليا وينداسين. هن ٻيٽ کي گھمڻ ۽ ڏسڻ جو گمان خواب خيال ۾ به نه هو. اسان جي جهاز رات جو پوري ڏهين بجي بندرگاهه کان ست اٺ ميل پري، کليل سمنڊ ۾ لنگر اچي ڪيرايو ۽ وائرليس ذريعي تيل جي ڪمپنيءَ کي ٻُڌايوسين ته اسان کي تيل، ٻيڙيءَ (Barge) ذريعي ٻاهر ئي پهچايو وڃي.
تيل جي بارج صبح جون چئين بجي ڌاري پهچي وئي پر جن پمپن ذريعي تيل ڪمپني وارا تيل ڏئي رهيا هئا، سي تمام سست رفتار هئا. سو جهاز جي ڪپتان صبح جو ئي آمريڪا لاءِ لنگر کڻڻ بدران، رات جو نڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ اسان کي سڄو ڏينهن هي ٻيٽ گھمڻ لاءِ ملي ويو.
هي ٻيٽ نما ننڍڙو ملڪ، جيڪو پکيڙ، (ڊيگھه ضربيان ويڪر) ۾ حيدرآباد جيڏو مس ٿيندو، خط استوا جي ويجھو هئڻ ڪري گرم ملڪن مان آهي. پر ساڳئي وقت چؤڌاري سمنڊ، ٽڪريون، گھاٽن وڻن سان جھنجھيل ۽ ٻارهوئي ٽمندڙ مينهن، هتي جي موسم کي اهڙو ٺاهي ڇڏيو آهي جو سياري ۾ نه گھڻو ٿڌ ٿئي ٿي ۽ نه اونهاري ۾ نه گھڻو گرمي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آسپاس جي ڪيترن ئي ٿڌن توڙي گرم ملڪن جا ماڻهو موڪلن جا ڏينهن هتي آرام سان گذارڻ لاءِ اچن ٿا. ان ڪري ٻارهو ئي هتي هرملڪ ۽ رنگ جا ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا. هونئن به هن ٻيٽ جا رهاڪو ڪي خاص ماڻهو يا خاص قوم نه آهن. سالن کان هتي آفريڪا جا شيدي ۽ يورپ جا گورا رهيل آهن، ته ساڳي وقت چيني، جپاني، هندستاني ۽ مڊل ايسٽ جا عرب پڻ. ان ڪري هتي جي ماڻهن جا مختلف مذهب ۽ گاڏڙ ساڏڙ رسمون ۽ رواج آهن. گھڻائي مسلمانن ۽ ڪرسچنن جي آهي
صبح جو اٺين بجي اسين ايجنٽ جي ٻيڙي ذريعي بندرگاهه ۾ آياسين. پري کان ته ائين پئي لڳو ڄڻ سڄو ٻيٽ ساوڪ سان ٽمٽار جبلن سان ڀريو پيو آهي. ايتريقدر جو اسان مان هڪ همراهه چيو ته هتي ته رڳو جبل ئي جبل پيا ڏسڻ ۾ اچن، هتي جا ماڻهو ڪرڪيٽ ڪٿي ٿا کيڏن! بندرگاهه کان ٻاهر نڪتاسين ته سامهون گدام جي ڀت تي هندستاني فلمن جا پوسٽر ڏسي اندازو لڳايوسين، ته هتي هندستاني به ڪافي آهن. اهي، ٻين ٻيٽن ۽ دور دراز ملڪن وانگر، هتي به ورهاڱي کان گھڻو اڳ آيل آهن. اسان جي يڪي ٽولي کي ڏسي، ٻيٽ جي هڪ رهاڪوءَ پڇيو: ”اوهين انڊين آهيو؟“
”پاڪستاني پر ساڳئي Anatomy ڪري ڀل ٿي اٿئي.“ اسان وراڻيس.
”ضرور مسلمان هونداؤ، سڀُ.“ هن چيو.
ان مان حساب لڳايم ته هي نه فقط جاگرافي کان پر اسان جي تاريخ کان به ٿورو يا گھڻو واقف آهي. نه ته هنن ڏورانهن ملڪن جو ته ڇا پر يورپ جي به ڪيترن ملڪن ۾ ڪاليجن جي ’جاگرافي ــ هالن‘ ۾ لڙڪيل دنيائي نقشن تي پاڪستان اڃان قدم نه رکيو آهي ـــــ دل ۽ ذهن ته پري جون ڳالهيون ٿيون.
”ها منهنجا ڀاءُ! اهو مذهب ئي آهي جنهن جي ڪري اسان الڳ رهڻ پسند ڪيو ۽ اهوئي کونئر آهي، جنهن هزار ميلن جي وڇوٽي ناس ڪري مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي رکيو آهي نه ته اڄُ ڪلهه تار، فون، ٽيلي پرنٽر ۽ راڪيٽ جي ماڊرن دؤر ۾ به ڪٿي اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جهڙو مثال نٿو ملي.“
”ان کونئر جي سنڀال ۾ توهان جي سلامتي آهي.“ هاڻ پيو سوچيان ته همراهه ڪو عام رواجي شخصيت نه هو جيتوڻيڪ ٻاهريون روپ موالين جهڙو هوس. اسان جلدي ۾ کيس پٺيان ڇڏي اڳتي وڌي وياسين.
ٿورو ئي اڳتي هلياسين ته هتي جي مشهور بازار شروع ٿي وئي. سڄي بازار وڏن وڏن دڪانن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن سان ڀريل هئي. رستي تي هر رنگ ۽ قسم جي ماڻهن جي گپا گيهه لڳل هئي. جن ۾ گھڻائي ڇوڪرين جي هئي. هيڏانهن هوڏانهن رڳو ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر ٿي آيون. ڪاري، سانوري، گوري رنگ جي چمڙيءَ واريون ڇوڪريون. ٿلهن نڪن واريون حبشياڻيون، نڪ منيون جپاني ۽ چيني ڇوڪريون، بندريون ۽ ٿلهين دڏين واريون ٿائي ۽ ملئي ڇوڪريون، ڊگھيون آمريڪي ڇوڪريون، ساڙهيءَ ۾ هندستاني ۽ سنڌي هندو ڇوڪريون، شلوار قميص ۽ غرارن ۾ سک آغا خاني ڇوڪريون. مني اسڪرٽن، بشرٽ ۽ پتلونن ۾ ڇوڪريون.... مطلب ته ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄي دنيا جون نمائنده ڇوڪريون آيل هجن. باقي مردن جو ساڳيو، ذري گھٽ آمريڪي لباس. عجيب چهچٽو ۽ ميلو متل هو ـــــ جيڪو ٻارهوئي لڳو رهي ٿو.
پهرين نظر ۾ يڪدم معلوم نٿو ٿئي ته هتي جا اصل باشندا ڪير آهن. هتي جا ويسٽ انڊيز بدن ۽ شڪل ۾ آفريڪا جي شيدين جهڙا آهن، پر رنگ انهن جهڙو ڪارو ۽ ڪوئلي جهڙو نه اٿن. ٿورو مشڪي آهن. جيئن ته هتي سالن کان مختلف ملڪن جا ماڻهو رهيل آهن، سو هڪ ٻئي سان سڱابنديءَ ڪري خون گڏ وچڙ ٿي ويو اٿن. مذهب جي آزادي آهي. شهر ۾ ڪافي مندر، ڪليسائون ۽ مسجدون آهن. سڀ کان سهڻي ۽ وڏي مسجد، محمد علي جناح مسجد آهي. عام زبان هتي جي انگريزي آهي. آمريڪا جو سڄو کنڊ ڀر ۾ آهي، سو ان جو هتي جي تهذيب ۽ معاشيات تي چڱو اثر آهي.
هتي جا ماڻهو به لاس پاماس، مالٽا، فجي ۽ سئچلس ٻيٽن وانگر مهمانواز ۽ دوست مزاج آهن. خاص ڪري ٻاهران آيل ٽورسٽن سان سندس سڀاءُ تمام سٺو آهي. ڪٿي به اوهان وائڙن وانگر نهاريو يا ڪنهن شيءِ جي ڳولا ڪئي، ته يڪدم ڪيترا اوهان جي چؤڌاري ڦري ايندا ۽ مدد لاءِ پڇندا. هن ننڍڙي ٻيٽ تي ڪيترون ئي انجمنون، سوسائٽيون، ادارا ۽ ڪلب آهن، جن جو ڪم ئي آهي ٻاهران آيل مهمانن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ. انهن مان ڪي خاص هي آهن: زرعي انجمن، هنري سوسائٽي، تاش ۽ ٻين راندين جون سوسائٽيون، واپارين جي انجمن، هر مذهب جي سوسائٽي، ميوزڪ ڪلب، ٻارن جون انجمنون، زالن جون انجمنون، فوٽو گرافي ۽ ٻين وندرن جا ڪلب. پکين، مڇين ڦاسائڻ ۽ پالڻ جون انجمنون. وغيره وغيره. ان کان علاوه ڪيترائي اهڙا رضاڪار آهن، جن جي ٽيليفون نمبرن، گھر يا آفيس جي ائڊريسن جي لسٽ هر هنڌان ملي سگھي ٿي. هو اوهان جي هر قسم جي مدد هر وقت ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جيئن اوهان کي هن ٻيٽ تي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ هر قسم جو آرام ۽ سهوليت رهي. هتي جي ماڻهن کي ٻاهران آيل ماڻهن جو، ان ڪري به خيال آهي جو ڌارين ٽوئرسٽن جي اچڻ ڪري، هنن جي ڪمائي، ٻيٽ جي سکئي ستابي هئڻ جو سبب آهن. ظاهر آهي ته هن ٻيٽ تي، سمنڊ جھاڳي يا هوائي سفر رستي ملڪ لتاڙي اهو ايندو، جو شاهوڪار هوندو. (سواءِ اسان ٿورن Sailors جي، جن جي نوڪري در در ڌڪا کائڻ واري ٿي.) ۽ ڪوبه جڏهن گھمڻ نڪري ٿو، پوءِ چاهي ميلي ملاکڙي تي، ته هو دل کولي خرچ ڪري ٿو. ان ريت هتي جي ماڻهن جي چڱي ڪمائي ٿئي ٿي.
ٻاهران آيل ماڻهن لاءِ هتي وندر جون ڪيتريون ئي شيون آهن. ڪي شوقين هتي جون رنگبرنگي مڇيون ڦاسائيندا آهن، ته ڪي هتي جي جابلو ۽ آبي پکين پٺيان لڳا رهندا آهن. ڪي ٿڌن ملڪن جا سڄو ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي ليٽي، سج جي تپش جو سيڪ وٺندا آهن ته ڪي وري هتي جون خاص هٿ جون ٺهيل سوکڙيون خريدڻ ۾ پورا هوندا آهن. ڪي ناچ جا شوقين، جوان جوڙا يا جوان دليون رکندڙ پوڙها، هتي جي ٻهڪندڙ ۽ نشيلي راتين ۾ ساز جي مدهوش آواز تي نچندا رهندا آهن. دنيا جو Limbo-Rock لمبو راڪ هتي جي ايجاد آهي.
هتي جو سڪو ٽرنيڊاڊ سڏجي ٿو جو آمريڪي ڊالر جي اڌ جيترو آهي. هتي جي مقامي سڪي کان علاوه پائونڊ ڊالر، فرئنڪ ۽ ٻيو دنيا جو هر مشهور سڪو عام جام مٽجي ٿو. ’تاج محل‘ نالي هڪ وڏو دڪان سنڌيءَ جو آهي، ان کان پئسا مٽاياسين. اسان ان ئي دڪان تان ڪجهه شاپنگ ڪئي ته دڪاندار سنڌيءَ ۾ چيو ته بهتر ٿيندو اسان هتان خريداري ڪرڻ بدران لاس پاماس جهڙي ڪنهن ٽئڪس فري بندرگاهه مان ڪريون، جو اسان جهاز تي ايندا ويندا رهون ٿا. ٽرنيڊاڊ آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا کان ايندڙ ٽورسٽن لاءِ سستو آهي. ڪئڊٽ رفيق پنجابيءَ ۾ چيو: ”ماڻهو ڀلو ٿو ڏسجي، جو اسان کي اجائي خرچ کان جھلي رهيو آهي. هن دڪاندار جو شايد دين ايمان پئسي کان علاوه ڪجهه ٻيو ئي آهي.“
بهرحال اسان تنهن هوندي به ڪجهه تصويرن جا ڪارڊ، رسالا ۽ هتي جا سووينر ورتا. يارهين بجي تائين هيڏانهن هوڏانهن گھمندا رهياسين. پوءِ شهر جي وچ ۾ هڪ پارڪ ۾ پاڻي پي پروگرام ٺاهيوسين ته ڪنهن هوٽل ۾ هلي ماني کائجي. پارڪ مان ٻاهر نڪري ڪنهن غريباڻي هوٽل جي ڳولا ڪندا رهياسين. پر ڪابه اسان جي ڏانءَ جهڙي هوٽل اوسي پاسي ۾ نظر نه آئي. جتي اسان جهڙا جهاز جا سڀ کان جونئر کائي سگھن. ساڳي حالت اسان سان ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿي آهي. ان لحاظ کان اسان جي ملڪ ۾ مزو آهي. حيدرآباد ۽ ملتان جهڙن ننڍن شهرن ۾ به وک وک تي ڪيتريون ئي ننڍيون، وڏيون، ساديون، اوچيون هوٽلون ملنديون. بهرحال هڪ هوٽل نظر آئي. ڏاڍا خوش ٿياسين. رستا ٽَپي اچي اڳيا بيٺاسين. ڏکڻ آمريڪا جي برازيل، ارجنٽائين ملڪن جي طرز جي هئي. اندر ڏاڍو گند لڳو پيو هو. ڪني گيهه يا تيل جي سڙڻ جي ڌپ اچي رهي هئي. دروازي وٽ هڪ همراهه جيڪو ڪاسائي ٿي لڳو بيهي ڪٺل سوئر جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيو هو. ٻيو هن جي ڀرسان بيهي مزي سان جست جي گلاس مان بيئر يا ڪنهن لوڪل برانڊ جي شراب جا ڍُڪ پي رهيو . هوٽل جي يتيماڻي حالت ڏسي انهن ئي پيرن سان ٻاهر نڪري آياسين. ٿورو اڳتي هڪ ٻئي سنڌيءَ جو دڪان ”بمبئي بازار“ نالي نظر آيو. ان جي ڀرسان ”خان اسٽور“ نالي هڪ ڪتابن جو دڪان هو. ”خان“ پڙهي پڪ ڄاتوسين ته دڪان ڪنهن پاڪستاني مسلمان يا آغاخانيءَ جو آهي، جنهن کان ڪنهن اهڙي هوٽل جو ڏس ملي سگھندو جا اسان لاءِ مناسب هجي. ڪائونٽر تي هڪ حبشي ڇوڪري ويٺي هئي. تنهن ٻُڌايو ته هي دڪان اسماعيل خان جو آهي جو سندس چاچو ٿئي ۽ هن ٻيٽ جا ئي رهاڪو آهن. هن ڇوڪريءَ کان ئي اسان کي معلوم ٿيو ته هتي جا ڪجهه اصل رهاڪو به مسلمان آهن. هن پنهنجو نالو انيتا حسين ٻُڌايو. هن ٻيٽ تي اسلام ڪڏهن آيو، اهي ڪير بزرگ هئا جن اسلام جي تبليغ هتي پهرين اچي ڪئي، تنهن بابت هيءَ ننڍڙي ڇوڪري ٻُڌائي نه سگھي. سندس دڪان تي مون اهڙي قسم جي ڪتاب جي ڳولا ڪئي، جنهن ۾ هن ٻيٽ بابت وڌيڪ معلومات ملي سگھي. پر وقت جي کوٽ سبب ۽ دوستن جي تڪڙ ڪري اهڙي ڪتاب ڳولڻ بنا هوٽل جو پڇائي، هوٽل ۾ اچي نڪتاسين.
هيءَ هڪ چيني هوٽل هئي. صاف سٿري هوادار ۽ اسان جي پگھار جي سمپل ارٿميٽڪ مطابق اعلى قسم جي، چيني طرز سان آرڊر وٺڻ جيڪا نينگري آئي سا به هتي جي رهاڪو هئي. (مغربي ملڪن ۾ گھڻو ڪري هر دڪان، هوٽل ۽ آفيس ۾ عورتون ڪم ڪن ٿيون. مرد ڪارخانن ۽ ٻين هنڌ ڳرو ۽ سخت پورهيو ڪن.) ڪئڊٽ راجا رفيق کي چرچو سُجھيو. ڇوڪريءَ اڃان ٽيبل تي پاڻيءَ جا گلاس ئي مس رکيا ته هي يار يڪدم سندس ڀرسان بيهي، سندس منهن کي گھورڻ لڳو، اسين به وائڙا ٿي وياسين ته هن کي ڇا ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جي منهن ۾ ڇا ڏسي رهيو آهي. هوءَ خود به ششدر ٿي ويئي. پر دل ٻڌي پڇيائين: ”ڇا آهي؟“
اسان جي دوست ويهي چيس : ”محترمه معاف ڪجو، مون ڪڏهن چيني ماڻهو نه ڏٺا هئا. هي پهريون موقعو آهي جو چتائي پيو ڏسان.“
اسان کان به کل نڪري وئي ته اڃان هاڻ ئي ته چين مان ٿي آيا آهيون ۽ هيءَ ڇوڪري ته چيني ڇوڪرين جي بلڪل ابتڙ، ٿلهي نڪ ۽ چپ واري ۽ مشڪي رنگ جي حبشڻ آهي.
هن ويچاريءَ ٿورو شرمائي ۽ هٻڪي چيو: ”پر آئون ته چيني نه آهيان. آءٌ ته ويسٽ انڊيز جي آهيان.“
”اهو وري ڪيئن؟ هوٽل چيني ۽ ماڻهو ويسٽ انڊيز جا!“
”جي ها. مالڪ اسين آهيون پر اسان جا بورچي چيني آهن. هاڻي جلدي ٻُڌايو، اوهان کي ڇاڇا کپي ــــ؟“
هن جلدي جلدي پنهنجي جان ڇڏائڻ ٿي چاهي، پر اسان جو دوست به ڪو موڊ ۾ هو، تنهن سندس ڳالهائڻ جي اهل ڪندي چيو:
”ڇا کپي؟ ڇا کپي؟ جلدي جلدي ٻُڌايو... ها. مون لاءِ ٻه نانگ تريل، اسان جي هن دوست لاءِ پنج ڇهه گانگٽ ۽ هن ٽئي لاءِ کيکڙا هجن ته اهي، نه ته ٻيو ڪو چيني کاڌو.“
اهو ٻُڌي اسين به کلڻ لڳاسين. ميزبان به ـــــــ جا هن کان اڳ ڪاوڙي بيٺي هئي تنهن جي به منهن تي مرڪ تري آئي. پوءِ هن ٻُڌايو ته هيءَ مسلمانن جي هوٽل آهي ۽ هتي ڪا به اهڙي شيءِ ناهي، اسان کي به اهو ئي ٿي کَٿو سو چانور، مڇي ۽ ڪوڪاڪولا آڻڻ لاءِ چيوسين.
بل ڀرڻ کان پوءِ اسان وٽ ڪجهه هن ٻيٽ جا پئسا بچي پيا، جي ٻئي ڪنهن ملڪ لاءِ بيڪار هئا، سو اسان اهي به خرچ ڪرڻ مناسب سمجھيا. هيٺ هڪ ڪيلن وارو بيٺو هو. ان کي ڪجهه سڪا ڏناسين ته ڪيلا ڏي. اسان سمجھيو ته وڌ ۾ وڌ اٺ ڏهه ڪيلا ملندا. پر پوءِ خبر پئي ته هتي ميوو جام ٿو ٿئي ۽ تمام سستو آهي. سو هن همراهه جڏهن ڊزن ڊزن جا ٽي لفافا ڀري ڏنا ته اسان پاڻ ئي کيس وڌيڪ ڏيڻ کان جھليو. ٿورو اڳتي آياسين ته هڪ گاڏي وارو ناريلن جو پاڻي وڪڻي رهيو هو. ڪيترا هتي جا ۽ ٻاهر جا پي رهيا هئا. اسان به ناريلن جو پاڻي وٺي پيئڻ لڳاسين. ناريلن واري جي ڀر ۾، هڪ پوڙهي مائي ڪيلن جا لفافا ڏسي پڇڻ لڳي ته ”ڪهڙي اگھه تي ورتا اٿَوَ ـــ؟“ (جيئن اسان وٽ ٿيندو آهي. ٻيو دڪاندار ان کان ٿورو گھٽ اگھه ٻُڌائي چوندو آهي ته آئون ان کان سستو ٿو ڏيان). اسان کيس اشارو ڪري ٻُڌايو ته مفت ۾.
”انگريزي ڄاڻو ـــــ؟“ هن پڇيو.
”ها. اها ئي ڳالهائي رهيا آهيون.“ اسان چيس.
”ڪنهن ٻئي ملڪ جا آهيو ــــــ؟“ هن پڇيو.
”پاڪستان جا.“
”پاڪستان ڪٿي آهي؟“ ويچاري ڪا ڳوٺاڻي هئي. جاگرافي جي ڄاڻ کان بنهه اڻڄاڻ. ٻُڌايوسينس ته ”هندستان جي ڀرسان.“
”۽ هندستاسن ڪٿي آهي.“ وري تعجب مان پڇڻ لڳي.”
اسان کي به سندس ان قسم جي سوالن ۾ مزو اچي رهيو هو. مون کي هڪ لطيفو ياد اچي ويو، جنهن ۾ هڪ همراهه ٻئي کان سندس گھر جو ڏسُ پتو پڇيو ته ڪٿي آهي.
”مسجد سامهون.“ ٻئي وراڻيس.
”۽ مسجد ڪٿي آهي؟“
”گھر سامهون.“
”۽ ٻئي ڪٿي آهن؟“
”آمهون سامهون.“
سو مون به سوچيو ته چوانس ته هندستان پاڪستان جي ڀر ۾ آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون.
دراصل پاڪستان هندستان جاگرافيڪل سُڃاڻپ کان هڪ ئي ڳالهه ٿيا. هڪ ٻي به ڳالهه ياد آيم ته حيدرآباد جو هڪ همراهه ڪنهن ڏورانهين ولائت کان وڃي نڪتو، جتي هڪ انگريز پڇيس ته ”سرڪار ڪٿي رهو ٿا.؟“
”حيدرآباد ۾ رهان ٿو.“ اسان واري همراهه ٻُڌايس.
”۽ حيدرآباد ڪٿي آهي ـــــ؟“ انگريز وائڙو ٿي پڇيس.
اسان واري جوان ڪياڙي کنهندي چيس:
”حيدرآباد از ابائوٽ ٽو مائيلس فرام ٽنڊو ٺوڙهو.“
سو اسان پوڙهيءَ کي فقط هندستان بدران ٻُڌايس ته پاڪستان ۽ هندستان جپان جي ويجھو آهن. اسان سمجھو ته جپان مشهور ملڪ آهي، جنهن جا ريڊيا، ڪئميرائون هتي هرهڪ جي هٿ ۾ آهن. پر سخت افسوس ٿيو ته هوءَ ته ان کان به اڻڄاڻ نڪتي. هوءَ ته ڪا رڳو اوسي پاسي وارن ٻيٽن: ٽباگو، پورٽوريڪو، ڪيوبا ۽ جئميڪا جهڙن کان واقف هئي. دل ۾ آيو ته چوانس ته ”اسان جي ڳوٺن جون اڻپڙهيل پوڙهيون سُڄاڻ آهن. صفا ڪا چَٽُ آهين.“ آخر پاڻ ئي پُڇي پُڇي ٿڪجي پئي، سو اڀرندي طرف اشارو ڪري چيائين! ”اوهان جو ملڪ تمام پري آهي!“
”تمام پري“ ـــــ جواب ڏنوسينس.
ڪجهه ساعت ترسي، سوچي، وري پڪ ڪرڻ لاءِ پڇڻ لڳي:
”تمام پري؟“
”باءِ گاڊ، تمام پري.“ قسم کڻي ٻُڌائڻو پيوسين.
هن ٻيٽ جا رهاڪو پڻ اسان جي گفتگو ٻُڌي کلي رهيا هئا. هڪ چيو اڃان به جي پوڙهي اعتبار نه ڪري ته ڪنهن مسجد يا چرچ ۾ وٺي، اتي قسم کڻي ٻُڌائجوس ته مائي اسان جو ملڪ هتان کان تمام گھڻو پري آهي.
پاڪستان ذري گھٽ دنيا جي گولي تي ويسٽ انڊيز جي ٻئي پاسي آهي. يعني ويسٽ انڊيز مان جي زمين کوٽجي (جا ڳالهه ناممڪن آهي ۽ اٽڪل اٺ هزار ميل کوٽڻو پوندو) ته هيٺ ٻئي پاسي ڊاڪا جي ويجھڙائي کان وڃي نڪربو. هتي ۽ ڪراچي جي وقت ۾ يارهن ڪلاڪن جو فرق آهي.
هن وقت اسين ويسٽ انڊيز تمام پري ڇڏي آيا آهيون ۽ ڪئريبين سمنڊ پار ڪري رهيا آهيون. چئن ڏينهن کان پوءِ آمريڪا جي بندرگاهه هيوسٽن ۾ پهچنداسين جو ٽيڪساز رياست ۾ آهي.
(ڪئريبين سمنڊ تي لکيل 1968ع)