ڪھاڻيون

پيار جي گھُٽ

”پيار جِي گھُٽ“ سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جو ڪهاڻين ۽ سفرنامي تي مشتمل هڪ بهترين ڪتاب آهي جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو.
  • 4.5/5.0
  • 2374
  • 866
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي گھُٽ

پيار جي گھُٽ

(افسانو)

هي مغرب آهي، اسان جي مشرق کان بلڪل نرالو ـــ رسم، رواج، رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي، هر ڳالهه هر ڍنگ ۾. ايتري قدر جو هتي زندگيءَ جا قدر به مختلف ساهمين ۾، مختلف تورن ذريعي توريا وڃن ٿا. هتي هر شيءِ ماديات جي خيال ۽ نقطهء نگاهه سان پرکي وڃي ٿي. جانچي وڃي ٿي. ڏٺي وڃي ٿي. هن مغرب ۽ اسان جي مشرق ۾ تمام گھڻو فرق آهي. مشرق روحانيت آهي ته مغرب ماديات ــــــ جتي هر جسماني خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ، هر روز نوان طريقا ايجاد ڪيا وڃن ٿا. هتي هر نئين سج جي نمودار ٿيڻ سان گڏ نواڻ ڳولهي وڃي ٿي. ساڳي ساڳي شيءِ جو ذري ذري استعمال هتي جي بور زندگيءَ ۾ شامل آهي ۽ ان سان نفرت هتي جو فئشن آهي. پوءِ اها شيءِ کڻي لکڻ جو قلم هجي يا پهرڻ جو ڪپڙو. انسان جي دوستي يا ڪنهن جو پيار.
بي غرض دوستي، سچو پيارُ، همدردي، سڪ، بي انتها ۽ اڻ کٽ چاهت، قرباني جهڙا لطيف ۽ سچا جذبا ته هتي جي عجائب گھرن ۾ به نظر نه ايندا ڇو جو هي مغرب آهي.
پر منهنجو اهڙي ماحول ۾ توسان پيار ٿي ويو ۽ تنهنجو مون سان! اها غلط فهمي ناهي، پر هڪ تمام وڏي حقيقت آهي، جنهن تي پهرين مون کي به اعتبار نه آيو هو. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ٻُڌڻ واري کي يقين نه آيو ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. پنهنجو پيار جيتوڻيڪ ايترو ناممڪن هو جيترو مشرق ۽ مغرب جو پاڻ ۾ ميلاپ يا نديءَ جي ٻن ڪپرن جو سنگم. پر جو ٿي وي ته ان کي ڇا ڪجي! ۽ اها ته هر هڪ کي خبر آهي ته عشق انڌو ٿيندو آهي. جا تمام سٺي ڳالهه آهي نه ته ڇا مغرب جي تو جهڙي گوري رنگ واري پريءَ جهڙي سهڻي ۽ ڇا مشرق جو هڪ Coloured انسان! (پري مون ڏٺي ته ناهي پر ٻُڌو اٿم ته تمام خوبصورت ٿيندي آهي. ۽ جي پريون خوبصورت ٿينديون آهن ته پوءِ مغرب پرين جو ملڪ آهي، حسينائن جو ملڪ آهي. ڇا حسن ڇا سونهري وار. ڇا نيريون اکيون ۽ ڇا کير جهڙي اڇي چمڙي!)
پر عشق کان وڌيڪ عشق ڪرڻ وارا انڌا ٿيندا آهن. نه فقط اکين کان. پر سمجھڻ کان. سوچڻ کان. هر شيءِ کان ـــــ جا هيڪاندي سٺي ڳالهه منهنجي Favour ۾ آهي. نه ته پڪل ميوي وانگر تون ڪڏهن به منهنجي گود ۾ نه اچي ڪرين ها ۽ هن وقت هي تنهنجي ريشمي سنهري وارن جون چڳون، جي گاڏيءَ ۾ لڳندڙ تکي هوا ۾ اڏامي منهنجي ساهه سان ٽڪرائجي رهيون آهن سي ايتريون خوبصورت هرگز نه لڳن ها ۽ نه تنهنجي بدن ۾ لڳل توباڪ ڊيوڊورنٽ جي سُڳنڌ ۾ سَنڌُ سَنڌُ منهنجو سرهو ٿي وڃي ها ـــ جنهن جي عام طرح ڪنهن به دڪان تي ڪابه قيمت ناهي.
ها هينئر جو اسٽاپ ايندو ان کان پورن ٽن اسٽاپن بعد نيويارڪ (مئن هٽن) جي سينٽرل اسٽيشن ايندي، جنهن تي پاڻ ٻئي لهنداسون. آئون ٿورو پٺيان رڙهي توکي اڳيان لهڻ لاءِ جڳهه ڏيندس ۽ تون مون کي ڏسڻ سان چوندينءَ: ”اختر! تون اتي منهنجي پُٺيان ويٺو هئين ڇا؟ مون ته توکي ڏٺو ئي ڪونه!“ ۽ مسڪرائي مون کي به ساڻ ڇڪي، هيٺ لهندينءَ ۽ گاڏي اسان کي ڇڏي پنهنجي منزل ڏي هلي ويندي. پاڻ هٿُ هٿَ ۾ ملائي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري ”براڊوي“ تي اينداسين. پهرين تنهنجي آفيس ايندي جتي تون پارٽ ٽائيم جاب ڪرين ٿي، ان بعد منهنجي. تنهنجي آفيس وٽ پهچي توکي شام جو ڊيوٽي ختم ڪرڻ وقت ملڻ لاءِ چوندس. تون اقرار ۾ ناز سان ڪنڌ لوڏي، پنهنجي مخصوص آمريڪن لهجي ۾ منهنجو نالو وٺي ’باءِ باءِ‘ چوندينءَ (منهنجو نالو تنهنجي مٺي آواز سان ملي ڪيڏي نه جاذبيت اختيار ٿو ڪري!).
آئون جڏهن پنجين وڳي ڊيوٽي ختم ڪري راڪ فيلر سينٽر وٽ پهچندس ته تون مون کان اڳ منهنجو انتظار ڪندي ملندينءَ.
”انيتا! توکي انتظار جي زحمت ٿي. دراصل مون کي انتظار ڪرڻ کپندو هو. تون آهين ئي اهڙي پياري شيءِ جنهن کي ذري جي تڪليف به ڏيڻ نٿي جُڳائي“ آئون چوندس.
”نه نه اختر. پوءِ ڇا ٿيو“، تون مرڪي هميشه وانگر مون کي سمجھائيندينءََ، ”توکي اهو سوچڻ نه گھرجي. هتي مرد ۽ عورت برابر آهن، هي مغرب آهي.“
پوءِ پاڻ ٻئي رستو ٽپي، ڀر واري ڊرگ اسٽور تان آئيس ڪريم جا ڪون وٺي کائينداسين ــــ ڇاڪاڻ جو توکي آئيس ڪريم تمام گھڻي وڻي ٿي. اڄُ تون شايد ونيلا آئيس ڪريم کائين يا اسٽابيري يا ڪا ٻي. پر آئون هميشه وانگر چاڪليٽ آئيس ڪريم کائيندس ۽ تون هڪ دفعو وري ٽوڪيندينءَ: ”ڪمال آهي ساڳي ساڳي کائي تنگ نه ٿو ٿين؟ آئون ته هڪ ئي آئيس ڪريم يڪو هفتو کانوان ته اگھي ٿي پوان.“
۽ آئون ڪو جواب نه سوچي، ڪجهه ڳالهائڻ خاطر چوندس: ”انيتا! اسان جي ملڪ ۾ ڪو ههڙي سرديءَ ۾ آئيس ڪريم کائي ته ماڻهو مٿس کلن!“
”پر هي ته مغرب آهي پيارا!“ تون چلولي ٻار وانگر چوندينءَ.
پاڻ پوءِ ڪجهه پنڌ هٿُ هٿَ ۾ ڏيئي ۽ ڪجهه پنڌ هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۽ چيلهه ۾ ٻانهون ورائي ٽائيمس اسڪائر جي ڪنهن سئنيما هال وٽ پهچنداسين ـــــ ’فني ــ گرل‘ فلم جي پوسٽر اڳيان، جنهن تي فلم جو هيرو عمر شريف هيروئن کي ڀاڪر ۾ جھلي بيٺو آهي.
”ڇا پيو سوچين ـــــ؟“
”سوچيان پيو ته هيرو ڪيڏو نه خوشنصيب آهي“ آئون تنهنجي ڪلهي تي کاڏي رکي توکي چيڙائيندس. ”Not more than you“ تون رُسڻ واري انداز ۾ چوندينءَ. ”فني گرل.“
”ڪير آءٌ“ تون پنهنجي مخصوص انداز ۽ ادا ۾ ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر سيني تي رکي ۽ کاٻي هٿ سان، منهنجي هٿ کي سوگهو جھلي پٺيان نئڙي پُڇندينءَ. ۽ آئون توکي پاڻ ڏانهن ڇڪي چوندس: ”نه نه. تون نه. هن فلم جي هيروئن باربرا.“ ۽ تون اچي منهنجي سيني سان لڳندينءَ. پاسن کان لنگھندڙ ڇوڪرا ڇوڪريون، عورتون مرد ـــــ ڪوبه اسان ڏي ڌيان نه ڌريندو. ڇو ته هتي ان قسم جي ڳالهه ڪا غير معمولي ناهي. ۽ پهرين دفعي ئي تو مون کي ٻُڌايو هو ته هي مغرب آهي. پوءِ تون رازدارانه انداز ۾ مون کان آهستي پُڇندينءَ! ”اختر فلم ڏسبي يا.....؟“
”نه نه. هتان هل ته هلون انيتا. هن ماڻهن جي گوڙ شور کان پري ڪٿي خاموش جڳهه تي. سينٽرل پارڪ جي ڪنهن ويران ڪُنڊ ۾ جتي فقط تون ۽ مان هجان. جتي تون ’تون‘ نه رهين ۽ مان ’مان‘ نه رهان. جتي فقط ڊگھن يوڪلپٽس وڻن جا پاڇا هجن. گلن جون ٻاريون هجن. ٿڌي ۽ کليل هوا هجي. ڀر ۾ وهندڙ ڦوهاري جي پاڻيءَ جو سنهو آواز هجي.“
پاڻ هميشه وانگر زمين دوز گاڏي IRT ذريعي اتي پهچي ويندا سين. ٿي سگھي ٿو ته گاڏي هيءَ ئي هجي، جنهن ۾ پاڻ شام جو چڙهي سينٽرل پارڪ هلون، پر انيتا وقت بدلي چُڪو هوندو. وقت ـــــ جو هر شيءِ کي ماضيءَ ۾ ڌڪيو ڇڏي. هر ڳالهه، هر ڪهاڻي، هر واقعو، هر ساعت ماضيءَ ۾ بدلجيو وڃي. هر انسان، هر صورت، هر نگاهه هر آواز، هر خوشبوءِ ۽ هر رشتو هڪ ياد بنجيو وڃي. پنهنجي هن حسين ملاقات جا لمحا به فقط ياد ۾ بدلجي ويندا ـــــ ٻين انيڪ يادن سان گڏ. پوءِ ڪجهه يادون هميشه ذهن ۾ محفوظ تازن گُلن وانگر سدا بهار رهن ٿيون. ڪي وڻ مان ڪريل سُڪل پنن وانگر، جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي اکين کان اوجھل ۽ غائب ٿي وڃن ٿا. ڪي يادون ذهن ۾ اچڻ سان تازگي ۽ سڪون ڏيارين ٿيون.
گاڏي پنهنجي رفتار سان هلي رهي آهي. سندس ڦيٿن جو هرهڪ چڪر، ڪرئنڪ شافٽ ۽ پسٽنن جي چُرپُر ۽ اچُ وڃ، وقت سان گڏ ماضيءَ ۾ داخل ٿي رهي آهي ۽ هاڻي ٻه اسٽاپ سينٽرل اچڻ ۾ وڃي بچيا آهن. گذريل اسٽاپ جون گھڙيون ماضيءَ جي کنڊرن ۾ وڃي مليون، جتي ان ڏينهن جي ياد پڻ دٻيل آهي، جڏهن منهنجي ملاقات توسان پهريون دفعو ٿي هئي.
آمريڪا ۾ تعليم وٺڻ لاءِ آئي مون کي اڃان ٽي مهينا مس ٿيا هئا ته ”سمر هاليڊيز“ شروع ٿي ويا. آءٌ پنهنجي يونيورسٽي، ڇڏي، موڪل جا ڏينهن ’پارٽ ٽائيم جاب‘ لاءِ، گھما گهميءَ جي شهر نيويارڪ ۾ ٻين ملڪي دوستن سان هڪ اپارٽمينٽ ۾ اچي رهيو هوس. آءٌ ان کان اڳ فقط پنهنجي ملڪ ۽ معاشري سان هريل هوس ۽ ان جي قدرن جو مغرب جي ڌارئين ماحول ۽ معاشري جي مادي نظريات سان جڏهن تصادم ٿيو ته آئون پهرين سخت ذهني الجھن ۾ پئجي ويس ۽ انهيءَ الجهن مان ڪڍڻ لاءِ جڏهن مون کي دوست برانڪس جي هڪ ڊڪوٿي ۾ وٺي آيا ۽ زور ڪرڻ تي به ڊانس ڪرڻ کان انڪار ڪيم ته هڪ هتي جي ماحول کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته: ”لالا هي مغرب آهي. هتي هر انسان خوشيءَ جا لمحا ائين گذاري ٿو.“ اتي تو فلور تان اچي پنهنجي هٿ جي آڇَ ڏئي مون کي ڊانس لاءِ اٿاريو. ۽ آئون خبر ناهي ڇو ڪهڙي ڪشش هيٺ ڇڪجي توسان ڊانس فلور تائين هليو ويس.
”آئون توکي سيکاريندس. هرهڪ ڄمندي ڄام نه ٿيندو آهي.“ تنهنجي آواز ۾ ان وقت ايڏي همدردي هئي، پيار هو، خلوص هو جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
”آئون اڪنامڪس جي ٻئي سال ۾ آهيان. لوزيانا رياست جي نيو اورلينس شهر ۾ رهان ٿي. جتان مشهور ۽ ڊگھي ندي ’مسي سپي‘ وهي ٿي. هر سال موڪل جا ڏينهن نيويارڪ ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ لاءِ ايندي آهيان.“ تو مون کي ڊانس جا قدم سيکاريندي ننڍڙن جملن ذريعي پاڻ بابت ٻُڌايو هو.
”آئون بالٽيمور ۾ ڪيميڪل انجنيئرنگ جي پهرين سال ۾ آهيان. اڄُ ڪلهه مئن هٽن ۾ R.C.A بلڊنگ ۾ هڪ آفيس ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪريان ٿو ۽ مئن هٽن ويسٽ ۾ رهان ٿو.“
”منهنجي آفيس به اتي ئي آهي. ڏاڍو سٺو. ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ضرور ٿيندي رهندي.“
”تون آچر تي مون سان ماني کائج.“ مون خبر ناهي، ڪيئن توکي دل ٻَڌي دعوت ڏني. اهو آمريڪا ۾ منهنجو پهريون دليريءَ جو ڪم هو. تو ان وقت جواب ۾ ”ضرور“ چيو پر مون کي پڪ هئي ته تون ڪانه ايندينءَ. هڪ ڇوڪري جي اپارٽمينٽ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو اڪيلو اچڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو. پر هي مغرب آهي. تون مون وٽ پوري وقت تي اچي وئينءَ. هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪندي رهينءَ. ايشيا جي تاريخ بابت، ايشيا جي ادب بابت. ايشيا جي تهذيب ۽ تمدن بابت ۽ ان پهرين ملاقات ۾ تون ايڏو فري ٿي وئينءَ جو ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻُ پاڻ هڪ ٻئي کي ازل کان سُڃاڻون. پنهنجي دوستي جنم جنم کان هلندي اچي. ٻئي ’ويڪ ائنڊ‘ تي پنهنجي ملاقات راڪ فيلر سينٽر وٽ ٿي هئي، جتي اڄُ وري ملڻ لاءِ توکي چوندس. اتان تون مون کي پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ وٺي وئي هُئينءَ جنهن ۾ تنهنجي ساهيڙي پئٽريشيا پڻ رهي ٿي. هوءَ ان وقت پنهنجي بُئاءِ فرينڊ ائنٽونيو سان فلم ڏسڻ وئي هئي، تو ٻُڌايو هو. تون مون کي ’مان شيري امور، لومي ائز اي سمر ڊي‘ ۽ ٽام جونس جي رڪارڊ ’وي هئڊ گڊ ٿنگس گوئنگ‘ تي ڊانس ڏيکاريندي رهينءَ. جڏهن ميوزڪ ختم ٿي ته ڪوچ تي ويٺاسين. تو منهنجو يڪدم هٿ جھلي چيو: ”اختر! آئون توکي چاهيان ٿي. منهنجو توسان پيار ٿي ويو آهي.“ تو اهي لفظ ائين چيا، ڄڻ ڪو هوٽل ۾ ويهي ڪوڪا ڪولا جو آرڊر ڏئي. آئون توکي ورنديءَ ۾ ڪجهه چئي نه سگھيس. جيتوڻيڪ دل ڪجهه چئي رهي هئي. منهنجي نرڙ تي پگھر جون بوندون مِڙي آيون هيون. پئٽريشيا جي ٽيبل تان مٿيون فوٽو کڻي پڇيومانءِ ته هيءَ آهي تنهنجي ساهيڙيءَ جو بُئاءِ فرينڊ ائنٽونيو.
”نه. هي ته باب جو فوٽو آهي. پئٽريشيا جو پهريون دوست.“
”ڇو هاڻ ڪونهيس ڇا؟“
”نه. کيس باب جو نڪ نه وڻندو هو. انڪري ڇڏي ڏنائين.“
”۽ هي ٻيو فوٽو؟“
”هي سندس باب کان اڳ جو دوست آهي.“
مون سوچيو ته توکان پڇان ته تنهنجي ساهيڙيءَ وانگر توکي به ڪو ٻيو دوست هو يا آهي. پر ان جي ضرورت مون محسوس نٿي ڪئي. ان قسم جو شڪ دل ۾ آڻڻ به مون گناهه ٿي ڄاتو ۽ وڏي ڳالهه ته مون کي همت به نٿي ٿي پڇڻ جي، ڇاڪاڻ جو مون کي به توسان پيار ٿي ويو هو. زبان سان اقرار نه ڪيو هوم پر دل بار بار اقرار ڪندي رهي. ۽ ڪوبه پنهنجي محبوبا بابت ڪا اونڌي سونڌي ڳالهه ٻُڌڻ پسند نه ڪندو.
تون منهنجي زندگيءَ ۾ ڇا آئينءَ، منهنجي بيقرار ڪيفيتن ۾ تازگي اچي وئي. پنهنجو هر روز هڪ ٻئي لاءِ وڌندڙ پيار ۽ ملاقاتون جاري رهيون ۽ وقت جي خبر نه پيئي ته ڪيئن موڪلن جا ٽي مهينا جلدي گذري ويا ۽ نيويارڪ ڇڏي تون نيو اورلينس هلي وئينءَ ۽ آئون ميري لئنڊ رياست جي شهر بالٽيمور ۾. آخري ڏينهن آئون توکي هوائي اڏي تي ڇڏڻ آيو هوس. موڪلائڻ وقت به اهو ئي پيارُ هو، وعدا ۽ وچن هئا ـــــ خط لکڻ جا، ياد ڪرڻ جا. وري سياري جي موڪلن ۾ نيويارڪ ۾ ملڻ جا.
پوءِ منهنجي حسرتن ۾ اهڙيون عجيب ڪيفيتون شامل ٿي ويون جو توکي وساري ڇڏڻ جا سڀُ حيلا ناڪام ٿي ويا. تنهنجي ياد منهنجي زندگي بڻجي وئي. هر ڪتاب کولڻ سان تنهنجي من موهڻي ۽ پياري صورت نظر اچڻ لڳي. آءٌ توکي هر وقت ساريندو ۽ سنڀاريندو رهيس، پر تون وساريندي رهينءَ. منهنجا انيڪ خط ۽ تارون ائين ئي وڃڻ لڳيون پر تو وٽان پهچ جا ٻه لفط به جواب ۾ نه آيا. آئون سهندو رهيس. آئون ڀوڳيندو رهيس. مون پنهنجو مستقبل توسان وابسته ڪري ڇڏيو هو. ’تون منهنجي آهين، پرائي ٿي نٿي سگھين. ٻيو ڪو تنهنجو هٿُ هرگز نٿو جھلي سگھي‘ ـــــ مون سوچيو هو.
مس مس پنج مهينا گذريا ۽ سيميسٽر جا امتحان ٿيا. امتحان ۾ فيل ٿيس، جنهن جي به پڪ هيم. اسڪالر جا ۽ گھران آيل پئسا ختم ٿي چُڪا هئا ۽ نيويارڪ پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ آيس. اتفاق سان پهرين رات ئي روزيلينڊ بار ۾ مون توکي هڪ جرمن سان گڏ ڏٺو، هڪ ڌارئين کي توسان ائين نچندو ڏسي آءٌ غم ۽ غصي ۾ پڄرندو رهيس. ميوزڪ ختم ٿيڻ تي تون منهنجي ڀرسان لنگھي وئينءَ. مون سمجھيو تون مون سان ملي معافي وٺندينءَ. خط نه لکڻ جا سبب ٻُڌائيندينءَ. پر انسان ڪيڏو غلط ٿو سوچي! هو هر ڳالهه ۾ پنهنجي تمنا ۽ چاهنا جي ويجھو ٿو سوچي. مون سوچيو ٿي ته جسمن جي قريب اچڻ سان سوچڻ جو انداز به هڪ ٿي ويندو. پر تون فقط تن جي پوڄاري رهي من جي موهه کي ڪٿَ ۾ نه آڻي سگھينءَ.
ڀرسان لنگھڻ وقت، مون تي نظر پوڻ تي تو فقط ٿڌي طرح ’هيلو‘ چئي جرمن ڇوڪري کي ڀاڪر پائي ٻاهر نڪري وئينءَ ۽ آئون پنهنجي اندر جي باهه جي کوري ۾ ئي جلندو رهيس. پچندو رهيس، گھُٽ کان ساههُ مُنجھي رهيو هو. اُڃ کان نڙي سُڪي وئي هئي. ٽيبل تي رکيل سڄو دٻو جوس جو هڪ ئي ڳيت ۾ پي ويس. پر باهه تي ڄڻ ڇنڊو به نه لڳو. مون سمجھيو هيءِ باهه مون کي ساڙي پوءِ وسامندي. پر صدين جو قول سچو ئي ثابت ٿيو ۽ وقت نه فقط جسم جا، پر منهنجي دل جا زخم به چيٺي ڇڏيا.
ان رات بعد ـــــ جنهن رات مون پنهنجو پاڻ کي زندگي جي هر امتحان ۾ فيل ٿيندي ڏٺو هو. ان رات کان پوءِ، توکي اڄُ هن گاڏيءَ ۾ ڏسي رهيو آهيان. ٽن سالن جي عرصي کان پوءِ هينئر جڏهن آئون پنهنجي تعليم ختم ڪري پنهنجي وطن مشرق ڏي وڃڻ جي تيارين ۾ آهيان. تون منهنجي اڳئين سيٽ تي بيخياليءَ ۾ ويٺي آهين. تنهنجي ڀر ۾ اڄُ هڪ نئون دوست ويٺو آهي ـــــ شايد اسپيني يا پورٽريڪن آهي ــــــ يا ڪو ٻيو. سينٽرل اسٽيشن وٽ جڏهن گاڏي بيهندي ته لهڻ وقت پنهنجون نگاهون ملنديون. آئون چاهيندي به توکي نه چوندس ته ’انيتا اڄُ مون سان وري راڪ فيلر سينٽر وٽ ملجانءِ.‘ نه نه. هرگز نه. ٿي سگھي ٿو اڄُ تون مون کي اها ٿڌي ’هيلو‘ به نه ڪرين. ۽ نه ان قسم جي هاڻ مون کي اميد رکڻ کپي. مون کي هاڻ تو بابت سوچڻ به نه جُڳائي، ڇو ته آئون سمجھان ٿو ته هي مغرب آهي. ڪالهه جي منهنجو وارو هو ته اڄُ هينريءَ جو ـــــ يا ڪنهن ٻئي جو. پر منهنجي اندر ۾ اڄُ وري گھُٽ محسوس ڇو ٿي رهي آهي ـــــ؟ اڄُ منهنجي نڙي سُڪي ٺوٺ ڇو ٿي وئي آهي! سينٽرل اسٽيشن تي توکي هڪ ڌارئين سان هٿَ ۾ هٿُ ملائي لهندو ڏسي، شايد اڃان به وڌيڪ گھُٽَ محسوس ڪريان. ان کان بهتر آهي ته آئون هڪ اسٽاپ اڳ ۾ ئي لهي وڃان. ۽ هاڻي جو 34-St جو اسٽاپ ايندو، ان تي آئون ماٺ مٺوڙي ۾ لهي ويندس، توکي خبر به نه پوندي ته تنهنجي پويان ويٺل هن اسٽاپ تي، جنهن جي ويجھو آئيس ڪريم جو دڪان آهي، لهي ويو. اڄُ آئون اتي چاڪليٽ آئيس ڪريم نه کائيندس. اڄُ آئون ونيلا آئيس ڪريم يا اسٽرابيري آئيس ڪريم ـــــ يا ڪا ٻي کائڻ جي ڪوشش ڪندس. ٿي سگھي ٿو ته اها منهنجي اندر جي گھُٽ ۽ تانگھه کي ختم ڪري ڇڏي.

(1970 موزمبيق ــ آفريڪا ۾ لکيل.)