ڪونهي ات ڪوهيار
هيءَ هتي جو مشهور ڪاليج آهي. هن مان هر سال شهر جا ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گريجوئيٽ ٿي نڪرندا آهن. هن ڪاليج جو حال به ساڳيو ٻين ڪاليجن جهڙو آهي جن ۾ Co-education آهي. ڇوڪريون پاڻ وڻائڻ لاءِ هر روز نوان نخرا ڪنديون آهن، ۽ ڇوڪرا انهن جي ادائن تي مرندا آهن. هتي ان ڇوڪري جو گھڻو مان نه هوندو آهي جو پڙهائيءَ ۾ گھڻو هوشيار هجي پر جنهن جي گھڻين ڇوڪرين سان دوستي هجي ـــ بلڪ کِل ٽهڪو هجي. ڪيترا ڇوڪرا، ڇوڪرين جي مرڪڻ جهڙي ادا لاءِ به واجهائيندا رهندا آهن. جي اتفاق سان ڪنهن ٻه مٺا ٻول ڳالهايا ته همراهه خوشيءَ ۾ پيا ٽڙندا. رسيس ۾، ڪامن روم ۾، هاسٽل ۾، چونڪ وٽ پارسيءَ جي هوٽل ۾ هفتو ڏيڍُ پيا مرچ مسالا وجھي ان ڳالهه جو دور ڪندا ته مس فلاڻيءَ مون کي هي چيو جنهن جي جواب ۾ مون وري هي تير هنيو.
ڇوڪرين جا ڪيترائي قسم آهن. ڪي ويچاريون شڪل صورت کان مار کاڌل، زوريءَ پيون ڳالهائينديون ۽ پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪنديون ته ڪي ويچاريون ڀورڙيون ۽ مت جون موڙهيل ـــ يا کڻي ائين چئجي ته ’عورت کي عقل ڏائي کُڙيءَ ۾ هوندو آهي‘ ـــ ان کي ثابت ڪرڻ واريون، ڪنهن ڇوڪري جي ڳالهين ۾ ڦاسي، ان کي ئي غنيمت سمجھي، محبت جي مڃتا ڪري ويهنديون آهن. پوءِ وڏا وڏا اسڪئنڊل ٿيندا آهن. ڇوڪرو ايترا رقيب ۽ ڳالهيون ٻُڌي ڊڄي ويندو آهي ۽ ڇوڪري ان کان به اڳ دوستيءَ تان هٿُ کڻي پنهنجي اڀري سڀري ساک واپس قائم رکڻ ۾ لڳي ويندي آهي.
پر سلما انهن مڙني ڇوڪرين کان نرالي آهي. تمام گھڻي چالاڪ، ذهين ۽ عمر جي لحاظ کان ڏيڍوڻي، ٻيڻي هوشيار. بي.ايس.سي جو پهريون سڄو سال ماٺ ۾ گذاري هاڻي ٻي سال ۾ آئي آهي. هڪ معمولي اسٽيشن ماستر جي ڌيءَ آهي. پر سونهن جي ڪري (جنهن ۾ قدرت جو حصو گھٽ ۽ اڄُ جي نت نوَن ڪاسميٽڪس جو وڌيڪ آهي) ائين ٿو لڳي ڄڻ هوءَ هن وڏي شهر جي ڪنهن وڏي واپاري يا رشوت خور آفيسر جي ڌيءَ هجي. عمر ۾ ٻاويهن سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي پر پڇڻ تي حرام جو ارڙهن سالن کان هڪ ڏينهن به مٿي ٻُڌائي ـــــ ۽ واقعي ڏيک ويک ۾ به سترهن ــ ارڙهن سالن جي ٿي لڳي. پاڻ ڪاليج جي ڇوڪرين ۾ ڏاڍي مشهور آهي. حال ڀاياڻي پڻ. هر ڇوڪري ساڻس دل جو حال اوريندي آهي. کيس خبر پوندي آهي ته سندس فلاڻي ساهيڙي جنهن کي سندس فلاڻو ڪلاس ميٽ چاهيندو هو ۽ هاڻي ڇڏي ڏنو اٿس، ان ڪري اداس رهي ٿي ته کيس ڏاڍو افسوس ۽ چڙ لڳندي آهي. سندس بي وقوفيءَ تي کلي چوندي: ”چرين جي ڪهڙي نه سادي دل آهي. بس جھٽ پَٽ جنهن کي ٿو اچين تنهن کي دل ڏيو ويهن.“
”تون وري ان حفيظ پويان اچي پئي آهين. سچي دل جي هجيس ها ۽ شاديءَ جو خيال ته هيستائين سندس ماءُ پيءُ منٿون ڪرڻ لاءِ توهان جي گھر جا چڪر هڻن ها. منهنجي ورِ چڙهي ته ڏينهن جا تارا ڏيکاريانس. ايڊيٽ“ هڪ ڏينهن فوزيا کي سمجھائيندي چيائين.
”اهڙو به ته تنهنجو دوست ناهي.“ فوزيا جذباتي ٿيندي وراڻيو.
”منهنجي ڳالهه نه ڪر، مان ڪا تو جهڙي پرَمتڙي ۽ بيوقوف ناهيان. اسان اڃان ماٺ ۾ آهيون. مارينداسين، پر ڪو مير مارينداسين. باقي چاڪر ڪهڙا چڪائبا! اڙي منهنجي فوزي، هڪ ڏينهن ويهي ڏسجانءِ ته جنهن کي مان دل ڏيندس، سو ته هميشه لاءِ حواس وڃائي منهنجي پويان چڪر هڻندو رهندو.“ سلما اعتماد ڀري لهجي ۾ چيو. ۽ اهو واقعي سچ آهي. سلما ماٺ مٺوڙي ۾ هر ڪلاس ميٽ جو جائزو وٺندي رهي. هوءَ هڪ ذهين مهاڻي وانگر بي.ايس.سي جو پهريون سال پورو ڪري ٻئي جي به آخري مهينن تائين پهتي آهي. هن کي خبر آهي ته ڄار ڪٿي ۽ ڪڏهن اڇلائجي. ان لاءِ ڪاليج ڇڏڻ کان ٿورا مهينا اڳ بهتر رهندو آهي. آخر اهي ڏينهن به اچي ويا. هن پنهنجي نشاني تي تير هنيو ۽ تير نه گُٿو.
اسلم سلما جو ڪلاس ميٽ آهي ۽ منهنجو گھاٽو دوست ۽ روم ميٽ. سکر جي هڪ وڏي واپاريءَ جو پُٽ آهي. شڪل شبيهه جو به ڪو ويل ناهي، ۽ نه ئي پئسي جي کوٽ. پر ان هوندي به سڄي سال اندر ڪوثر جهڙي ڪالي ڪلوٽيءَ سان به ويجھڙائپ پيدا ڪري نه سگھيو. پهرين سال هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته جنهن شيءِ جي هن کي ضرورت آهي، اها پڻ پوري ٿي وڃي. سلما بابت ته هو خواب خيال ۾ به سوچي نٿي سگھيو، پر حسنا ۽ بلقيس لاءِ به ڏاڍو واجھايائين ته من انهن چٻين ڦڏين مان ئي، ڪا لفٽ ڏئي ته واهه واهه ٿي ويندي. ۽ ڪاليج ۽ هاسٽل جي ٻين همراهن تي به واهه جي لئه ويهي ويندي. پر جڏهن پهريون سال ان جاکوڙ ۾ گذري ويس. پر کڙ تيل ڪجهه نه نڪتو ته ٻئي سال اهو سوچي ته ’جنهن سج چڙهندي تاءُ نه ڪيو، سو لهندي ڪهڙو ڪندو،‘ ماٺ ڪري هڪ مَنو ٿي پڙهڻ ۾ جنبي ويو. آخر هن کي هاڻ فڪر ئي ڪهڙو هو. شادي ته هن کي ڪنهن به ڪلاس ميٽ سان ڪرڻي نه هئي، جو امتحانن بعد سندس خاندان جي هڪ ڇوڪري زرينا سان ٿيڻ جو پروگرام هو. زرينا سان سندس مڱڻو گھڻو اڳ ٿي چُڪو هو ۽ ڳوٺ جي ئي اسڪول ۾ مئٽرڪ پئي ڪيائين. اسلم هن جي تعريف جا ڍُڪ هر وقت پنهنجن دوستن اڳيان ڀريندو آهي؛ ”زرينا ههڙي آهي. هوءَ مون کي ڏاڍو چاهي ٿي. تمام خوش مزاج کلمُک آهي. وڏي ڳالهه ته هوءَ به ساڳيا خيال رکي ٿي. ڪڏهن به ائين نٿو ٿئي جو آءٌ يا شاهه يا ساميءَ تي ڳالهايان ته هوءَ پيٽلز ۽ باب هوپ جون برٿ ڊيٽون ٻُڌائي....“ ۽ اسان اسلم جون اهي ڳالهيون ٻُڌي ڏاڍو متاثر ٿيندا هئاسين.
پر چوندا آهن ته لڳيءَ کي لعنت آهي. شل نه ڪنهن جي اندر ۾ عشق جهڙي مرض جي باهه دُکي. ۽ هينئر جڏهن سلما ۽ اسلم کي ڪامن روم ۾ چانهه جي آفر ڪئي ۽ لئبارٽري ۾ زولاجي جو Experiment ڪرڻ وقت اچي هن جي پارٽنر ٿي، ته هو واقعي پنهنجا حواس وڃائي ويٺو. اڄُ هن پاڻ کي خوشنصيب ٿي سمجھيو. هن جڏهن مليل سانڊي کي ڪلوروفارم ڏنو ته اڄُ هن جي دل ۾ هڪ عجيب سڌ پيدا ٿي. جيڪر هن جي هٿ ۾ هجي ها ته ڪجهه ساعتن لاءِ هال ۾ بيٺل سڀ شاگردن، ڊمانسٽريٽر ۽ نوڪر کي ڪلوروفارم سونگھائي بيهوش ڪري ڇڏي، ۽ پوءِ ڇَڙو پاڻ هجي ۽ سلما هجي ۽ پيار جون ڳالهيون. اڄُ ته هن جي جھوليءَ ۾ چنڊ جھُليو هو! اهو سوچي هن کان کِل نڪري وئي. سلما ناز سان Scalpal کڻي بيهوش سانڊي جي پيٽ کي چهڪ ڏنو ۽ گھاٽو گھاٽو، ڪاراڻ تي مائل رتُ، سانڊي جي پيٽ مان وهي ڊش جون حدون ڳولڻ لڳو. اسلم ائين محسوس ڪيو ڄڻ سلما سانڊي کي نه پر سندس دل کي وڍي پنهنجي پيار جو پيوند لڳايو هجي. اسلم سڀُ پراڻيون ڳالهيون وساري ويٺو ـــــ هاڻي سلما هئي ۽ سندس اڻ کُٽ ڳالهيون ـــــ ”اڄُ مون کان هن منهنجي مائٽن جو پڇيو. اڄُ پاڻ ٻُڌايائين ته ٻئي يونيورسٽي ۾ مائڪروبائلاجي ۾ ايم.ايس.سي ڪنداسين. سندس پيءُ ريلوي ۾ وڏو آفيسر آهي. سوسائٽي ۽ ڪلفٽن ۾ سندس وڏا بنگلا آهن. پر في الحال دستگير ڪالوني ۾ هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهن ٿا. سندس اکيون ههڙيون آهن. وارن جو اهڙو اسٽائيل ٻي ڪا ڇوڪري ٺاهي ڏيکاري؟ اڄُ هن مون کان پڇيو ته اسان جي خاندان ۾ مون جيڏي ڪا ٻي ڇوڪري آهي. يا منهنجو مڱڻو ته نه ٿي چُڪو آهي...“
”پوءِ تون ڪهڙو جواب ڏنس ـــــ؟“ آئون هن جون ڳالهيون سدائين چُپ چاپ ويٺو ٻُڌندو آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ سوال پڇي به ويهندو آهيان.
”پوءِ مان ڇا چوندس ـــــ چوانس ته کوڙ آهن ۽ مڱڻو به ٿي چُڪو آهي. ته اهي جيڪي تريل ڀينڊيون ۽ لڏون روم تي موڪلي سي به بند ٿي وڃن ۽ دوستي پڻُ.“
اهي ڳالهيون ٻُڌي آئون ٻُڌي ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويندو آهيان ته اسلم جهڙو ڇوڪرو سو ڪيئن نه ٻئي جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. اهو اسلم جي خودداري کي داغ آهي جو هو زرينا جهڙي وفادار ڇوڪريءَ کي ائين ڇڏي ڏنو اٿس. جنهن جي تعريف جي تسبيح ننڍي لاڪون پڙهندو اچي. سلما واقعي چالاڪ نڪتي. پر هڪ ڳالهه جيتوڻيڪ اسلم ۾ محسوس ڪئي ته هو پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ هٿ ڦاڙ نٿي رهيو. شايد هي پهريون ڀيرو هو جو چانهه جو بل اڄُ پاڻ ڀري آيو هو. مون کي جڏهن اها خبر پئي ته چيڙائڻ لاءِ چيومانس ته: ”ميان! سلما اسحاق جو ڇا حال آهي؟ ٻُڌو اٿم ته تو اڄُ حاتم جي قبر تي لت هڻي آيو آهين........؟“
”يار پڻس جو نالو نه کڻ، مان کي ڊڄُ ٿو لڳي. باقي لت اپاڪي لڳي وئي آهي، ان ڪري ته اڄُ اداس آهيان.“
”يا ڪٿي عشق ۾ انٽرويل يعني جدائي ويجھي آهي، جنهن توکي اداس ڪيو آهي.“ مون پڇيو.
”اهڙي جُدائيءَ جهڙي ڳالهه، سا به هن طرفان، ناهي. تون اجايو هر ڳالهه تي گھرو ٿو سوچين“ اسلم وراڻيو ۽ آئون چُپ ٿي ويس.
اسلم جون حسب معمول ملاقاتون جاري رهيون. لڪ ڇَپ ۾ ملاقاتون، ڪامن روم ۾ ملاقاتون، لئبريري جي پُٺيان لان ۾ ملاقاتون، ڪچهري روڊ تان لنگھندڙن کي شڪ ۾ وجھندڙ ملاقاتون، خيالن ۽ خوابن ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. ۽ نه فقط مون کي، پر ٻين به هاسٽل ۽ ڪاليج ۾ رهندڙن کي پڪ ٿي وئي ته ورهين بعد هن ڪاليج مان هڪ روميو جوليٽ جو نڪاح قاضي پڙهندو، رڳو امتحان پورا ٿين.
آخر امتحان جي به رزلٽ نڪتي. ٻئي پاس ٿيا. ان ئي ڏينهن سلما هن سان ملڻ لاءِ هاسٽل جي دروازي وٽ آئي. دروازي وٽ هميشه وانگر بيٺل اردني شاگردن مان هڪ اچي اسلم کي اطلاع ڏنو. اسلم اچي مون کي ٻُڌايو: ”ادا منهنجي ماني سڀاڻي سلما جي گھر آهي. ولي محمد بورچيءَ کي چئي ميس جي مانيءَ بند ڪرائي ڇڏجان.“
ٻئي ڏينهن اسلم ٺَهي ٺُڪي روانو ٿيو. شام جو جڏهن موٽيو ته پڇيومانس: ”ڪر خبر. ڪهڙو حال آهي مستقبل جي ڀاڀيءَ جو ۽ قصو ڪٿي پهتو آهي.“ خبر ناهي ڇو اڄُ مون هن سان حد کان وڌيڪ فري ٿيڻ ٿي چاهيو. مون کي هن ڳجھارت ڏاڍو تشويش ۾ وجھي ڇڏيو هو.
”ڀاڀي ــــ! اڙي ڀاڀي!!“ هن ٽاءِ کوليندي عجب مان چيو، ”جناب عالي چئه ته ڪڏهن ــ به ــ نه ــ ٿيڻ ــ واري ــ ڀاڀي جو ڇا حال آهي ــــــ“
”ڏاڍي ٻُڌايئي. هي وري ڇا! شادي ٻادي جو خيال ناهي ڇا.؟“ مون وائڙو ٿي پڇيومانس.
”شاديءَ جو خيال بلڪل آهي پر ايم.ايس.سي بعد، تيسين زرينا به بي.اي ڪري وٺندي.“
”۽ پوءِ سلما جو فيوچر ـــــ؟“
”سلما ته جيئن مون کي بيوقوف بڻائي رهي آهي. تيئن مان به هن کي بڻائي رهيو آهيان. تون ڇا ٿو سمجھين ته مان هن جي ظاهري ٺاٺ ۾ اچي ويندس.“
”پوءِ هن ويچاريءَ کي آسري ۾ ڇو رکيو ويٺي آهين.“
”حرام جو هن کي آسري ۾ رکيو هجيم. اڄُ جڏهن هن جي گھروارن شاديءَ جي ڳالهه ڪڍي ته صاف صاف ٻُڌائي ڇڏيومان ته اهڙو منهنجو ارادو ناهي.“
”وڏو ڪو خود غرض چئبين. هاڻ ته هوءَ دوستي به ڇڏي ڏيندءِ.“
”وڏي ڪا خود غرض هوءَ چئبي جو سندس دوستي لالچ تي آهي.“ ائين چئي هو ڪنهن جي سڏ تي ٻاهر نڪري ويو.
هيءُ هتي جو مشهور ڪاليج آهي. هن مان هر سال شهر جا ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گريجوئيٽ ٿي نڪرندا آهن. هن ڪاليج جو حال به ساڳيو ٻين ڪاليجن جهڙو آهي، جن ۾ Co-education آهي. ڇوڪريون پاڻ وڻائڻ لاءِ هرروز نوان نوان نخرا ڪنديون آهن ۽ ڇوڪرا انهن جي ادائن تي مرندا آهن.
(1964ع ميٺارام هاسٽل ڪراچي ۾ لکيل)