بد حواسيون
سو سائين اها آهي اڄُڪلهه جي جلدي جلدي واري زندگي، حساب لڳايو ويو آهي ته جيترو گھٽ سڪون ۽ گھڻي مشغوليت اوتري گھڻي بدحواسي. خير اهو ڪهڙو انسان آهي، جنهن جا حواس ڪڏهن به خطا نه ٿيا هجن. ڪا اهڙي گھڙي ضرور اچيو وڃي جڏهن هو مجبورن بدحواس ٿيو وڃي. پر ڳوٺ جي رهاڪن کان شهر جا ماڻهو بدحواسيءَ جو گھڻو شڪار رهن ٿا، ڇو ته هنن کي ڳوٺاڻڻ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گھٽ ئي ذهني سڪون ۽ آرام ميسر آهي. بهرحال بدحواسي ڪنهن کان به ٿئي پر ڪي ڪي ”بدحواسيون“ ٿينديون ڏاڍيون دلچسپ آهن. اسان جيڪڏهن فقط پنهنجون بدحواسيون قلم بند ڪندا وڃون ته ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ عمدو مجموعو تيار ٿي وڃي. ڪجهه ذاتي بدحواسيون پڙهندڙن واسطي:
انتظار:
شل نه ڪراچيءَ ۾ ڪنهن سواريءَ جي ضرورت پوي. ان ڏينهن رڪشا جي انتظار ۾ اڌ ڪلاڪ گذري ويو، پر خالي نه آئي سا نه آئي. ايتري ۾ منهنجو دوست اسڪوٽر تي اچي لنگھيو. پنهنجي ڪم جي اهميت ٻُڌائي کيس پنهنجي روم جون چاٻيون ڏنم ته وڃي هاسٽل ۾ آرامي ٿئي ۽ کانئس اسڪوٽر جون چاٻيون وٺي، اسٽيٽ بئنڪ ڏي راهي ٿيس. ان ڏينهن اتفاق سان لائيٽ به فيل هجي سو لفٽ بدران ڏاڪڻيون چڙهندو پنجين مار تي پهتس. جلدي جلدي ڪم لاهڻ بعد پنهنجي ئي خيالن ۾ هيٺ لهي رستي تي بيٺس. اوچتو هڪ خالي رڪشا ان وقت اچي لنگھي. پاڻ کي خوشنصيب سمجهي، رڪشا ترسائي چڙهي پيس، جنهن اچي هاسٽل جي در وٽ ڇڏيو.
روم وٽ پهتس ته در اڳهين کُليل ڏسي وائڙو ٿي ويس ته ڪهڙو چور ڪلف ڀڃي اندر ريڊيو ويٺو ٻُڌي! جان کڻي ڏسان ته اسڪوٽر جو مالڪ! ۽ منهنجي هٿ ۾ اسڪوٽر جي چاٻي هئي. ٻي گھڙيءَ وري ساڳئي رڪشا جو انتظار شُروع ڪري ڏنم. پر هن دفعي مان اڪيلو نه هوس، مون سان گڏ منهنجو دوست اسڪوٽر جو مالڪ پڻ هو.