ڪھاڻيون

پيار جي گھُٽ

”پيار جِي گھُٽ“ سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جو ڪهاڻين ۽ سفرنامي تي مشتمل هڪ بهترين ڪتاب آهي جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو.
  • 4.5/5.0
  • 2374
  • 866
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي گھُٽ

اڄُ ڇا پچائجي........؟

(فقط مردن لاءِ)
اڄُڪلهه جيڪو به کڻي رسالو کڻُ ته ان ۾ ٻيو ڪو ڪالم هجي يا نه، پر رڌُ پچاءُ جو صفحو ضرور هوندو. جنهن ۾ عورتون دل کولي قسمن قسمن جا کاڌا ۽ انهن جي رڌڻ جا اونڌا ابتا طريقا لکنديون آهن. آئون نٿو سمجھان ته ان ڪالم ۾ ڪنهن مرد جو مضمون به آيو هجي. جيتوڻيڪ ڪيترا مرد سٺا بورچي آهن ـــــ بلڪ تمام سٺا. پر جيئن ته رڌُ پچاءُ گھريلو ڪم (يا شايد عورت جو زيور پڻ) سمجھيو وڃي ٿو ـــــ يا ڪنهن زماني تائين سمجھيو ويندو هو، ان ڪري عورتون پنهنجو پاڻ کي ان معاملي ۾ اٿارٽي ٿيون سمجھن (۽ ان اٿارٽيءَ کي تمام گھڻو Exploit ڪن ٿيون ۽ جيڪيو وڻين ٿو سو لکن ٿيون.) ڪو مرد ان کي پڙهڻ وارو ڪونهي، ڪو تنقيد ڪرڻ وارو ڪونهي ۽ شايد ئي ڪو اهي طعام تيار ڪري ڏسڻ وارو هجي، جو سچ ڪُوڙ جي خبر پوي. ويتر جي ان رسالي جي ايڊيٽر ڪا عورت آهي ته بس: ’ناني رڌڻ واري ڏوهٽيون کائڻ واريون‘ ـــ جيڪي لکجي آيو سو ڇپجي ويو. اها به ڪا پڪ ناهي ته گھٽ ۾ گھٽ لکڻ واريءَ به ڪو ائين پچايو هوندو ـــ خيالي پُلاءُ پچائي ٻين کي گُمراهه ڪرڻ لاءِ اها ترڪيب تمام سولي آهي.
بيضن جا ڪواب، ٽماٽن جون ٽڪيون، بصرن جو قيمون، کير جي خوراڪ، پٽاٽن جو حلوو يا ٻيا ان قسم جا عجيب ۽ غريب (يا امير)، رومانٽڪ ۽ سنسني خيز نالا ڏئي، پوءِ سامان جي لسٽ ۽ ان بعد رڌڻ جو طريقو لکيل هوندو آهي. پڙهڻ وارو رڌڻ جي طريقي تائين پهچڻ کان اڳ، سامان جي لسٽ ئي ڏسي، اهو طعام رڌڻ تان هٿ (بلڪ ٻئي هٿَ) کڻندو آهي. ڇو ته ڪمال هوشياريءَ سان سامان جي لسٽ ڪجهه اهڙي لکي ويندي آهي، جن ۾ هڪ اڌ شيءِ يا مصالحي جو نالو اڻ ٻُڌل هوندو آهي ۽ جنهن کي شهر جي لوڪل مارڪيٽ مان ته پر برما جي جنگل يا ممباسا جي مارڪيٽ مان حاصل ڪري سگھجي. يا ته وري ان جي تور يا ماپ اهڙن ڌڙن ۾ ڏنل هوندي جو تورو دڪاندار وٽ به نه هجي مثال طور:
بادام ـــــ پنج گرام
زئفران ـــــ چوٿو آئونس
ادرڪ ـــــ ٽي داڻا (خبر ناهي ننڍا يا وڏا)
بصر ـــــ اڌ ڪلو
چانور ـــــ ٽي چوٿايون يا پاٽي کن.
پاڻي ڊسٽلڊ ـــــ هڪ لٽر.
آئسنس ـــــ ست ڦُڙا
ديڳڙو ـــــ وچولو
باهه ـــــ پوري پُني، سؤ ۽ ٻه سؤ سينٽي گريڊ جي وچ ۾.
گھمائڻ لاءِ ڏوئي ـــــ ڪاٺ يا اليومينم برونز جي.
هاڻي سائين ڪو فزڪس آنرس جو شاگرد هجي. يا ڪو Applied-Maths ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو هجي جيڪو ويهي ليبارٽري جي ساهمي ۾ مختلف تورن ذريعي حساب ڪري سامان توري، باقي ٻي جي جاءِ ناهي.
گھڻو اڳ عبرت اخبار ۾ به هفتي ۾ هڪ دفعو اهڙو ڪالم ايندو هو (ٿي سگھي ٿو هاڻ به ايندو هجي) جنهن کي هڪ ڏينهن پڙهي منهنجي دوست اڪبر منگيءَ کي به ’مرغي برياني‘ رڌڻ جو شوق جاڳيو ـــــ يا کڻي چئجي ته پيدا ٿيو. (ڇو ته اهو شوق سندس من ۾ پهرين کان ڪو ستل ته نه هو). اسان ٻئي ڪراچي ۾ هڪ جاءِ ۾ گڏ رهندا هئاسين. ڪيترن ڏينهن کان بورچي موڪل تان نه وريو هو. پر بقول منگيءَ جي ته عبرت اخبار ته اچي پئي. ان ڏينهن هو يونيورسٽيءَ ۾ به نه ويو. صبح سان ’سامان جي لسٽ‘ مطابق سيڌو گڏ ڪيوسين، رڌڻ جو طريقو ٻه ٽي دفعا پڙهي هينئين سان هنڊايونسين. پوءِ هو رڌڻ ۾ جنبي ويو. آئون شپ يارڊ ڊيوٽي تي هليو ويس.
منجهند جو موٽي اچي ڏسان ته ديڳڙي پاسي کان رکي، اسان جو هيرو اخبارن جي ڍير مان ڪا اخبار پيو ڦولهي. منهنجي گھڙڻ سان پڇڻ لڳو: ”اها اخبار ڪيڏانهن وئي جنهن ۾ ترڪيب لکيل آهي؟“
”بريانيءَ جو ڇا ٿيو؟“ مون پڇيومانس.
”پهرين اخبار ۾ ترڪيب لکڻ واريءَ جي ائڊريس ڳول“.
”ڇو ـــــ ؟“
”هيءَ برياني ان ڏي پارسل ڪبي.“
ديڳڙيءَ جو ڍڪُ کولي ڏسان ته سڀُ چانور سڙيا پيا هئا. وچ تان ڪجهه اڻ سڙيل چانور ڦڪيم ته سخت کارا لڳا. ساڳيو حال مرغيءَ جو هو. ٻئي وڃي ايرانيءَ جي هوٽل تان ماني کائي آياسين. گھر واپس پهچڻ سان ويٽنامي زخمين جهڙي معصوم صورت ٺاهي منگيءَ چيو: ”پارٽنر! برياني ته رڌي مون. هاڻ ديڳڙو ته گھٽ ۾ گھٽ تون ڌوءِ.“
پوءِ ڪپ سان ديڳڙو کرڙي کرڙي جڏهن ٽي دفعا ڇاڻ ۽ موئيءَ سان مليم تڏهن وڃي اصل شڪل جهڙو ٿيو. ان ڏينهن کان پوءِ جڏهن به ڪو رڌُ پچاءُ جو صفحو ڏسندو آهيان، ته يڪدم خيال ايندو آهي ته اهي سڀُ ديڳڙي ڌُئارڻ لاءِ سٽل آهن.
يا ته ان ڏينهن اسان جو ڌيان رڌڻ جو طريقو پڙهي، پريڪٽيڪل ڪرڻ وقت ٻئي هنڌ کُتل هو. جيئن ٻُڌو اٿم ته هڪ دفعي ڪنهن ريڊيو اسٽيشن تان رڌڻ جو طريقو پئي ٻُڌايو ويو. ساڳي وقت ڀر واري اسٽيشن تان وري ڪسرت ڪرڻ جو طريقو پئي ٻُڌايو ويو ته ٿولهه ڪيئن گھٽائجي. موسم جي خرابي ڪري، يا ريڊيو جي خرابي ڪري، ٻئي اسٽيشنون گڏ وچڙ ٻُڌڻ ۾ پئي آيون. ڪنهن ٻُڌڻ واري، پني تي جو ڪجهه، جلدي جلدي لکيو سو هن ريت ٿي ويو.
”........ هڪ پيالو ميدي سان ڀري، ڪُلهن تائين کڻي وڃو. گوڏن وٽ جھُڪي کڙين تي زور ڏيو. پوءِ ان کي کير جي ٿانوَ ۾ چڱيءَ طرح ملايو. ڇهه دفعا اها ساڳي مشق دهرايو. پوءِ اڌ چمچو خمير سان گڏ ٻوڙ اندر ڇڪيو. ٽنگون ڦاڙي، ٻه بيضا پيٽيو. ان کان پوءِ آهستي آهستي ساهه کڻو ۽ پيالين ۾ وجھو. هاڻ سڌا ٿي بيهو ۽ ان کان پوءِ فرش تي ليٽي، بيضن جي اڇِ چڱيءَ طرح پيٽيو. ڏهن منٽن تائين باهه تي رکي چڱيءَ طرح مالش ڪريو. آخر ۾ ڪنڌُ هيٺ ۽ ٽنگون مٿي ڪري، ملائيءَ سان گڏ کائو.“
پاڻيءَ جي هر جهاز تي آڌيءَ رات کان چئين بجي تائين ڊيوٽي ڪرڻ وارا انجنيئر ۽ نيويگيٽر ناشتي جو صبح تائين انتظار نه ڪن. ڪجهه نه ڪجهه پاڻهي پچائي، کائي سمهي رهن. يا اڳواٽ بورچيءَ کان ڪجهه تيار ڪرائي رکن. تعليم ختم ڪري جڏهن جهاز تي پهتس، ته مون کي پهرين سفر ۾ هڪ پراڻي انجنيئر سيف الدين سان گڏ رات جو ٻارهين کان چئين واري ڊيوٽي ڏني وئي. صبح جا پوڻا چار ٿيا ته سينيئر انجنيئر سيف الدين مون کي چيو:
”برادر! آئون Log-Book لکي چئين کان اٺين تائين جهاز هلائيندڙ انجنيئرن کي چارج ڏيو ٿو اچان، تون ڪجهه کائڻ جو بندوبست هلي ڪر.“
آئون وڃڻ وارو هوس ته پڇيائين: ”آمليٽ بيضا ته ٺهي ويندا نه؟“
”ڇو نه.“ مون پڪ ڏنيمانس، ”انهن ۾ ڇاهي. آمليٽ ته هڪ عورت به ٺاهي سگھي ٿي. پهرين بصر جي ڪاتر ڪري، مکڻ تئيءَ ۾ گرم ڪجي. پوءِ ساون مرچن ۽ ٽماٽن جي ڪاتر ڪري بيضن کي انهن سان گڏ......“
”ٺهيو، چار ته اتي ئي ٿي ويا.“
جلدي جلدي جهاز جي گئلي (رڌڻي) ۾ آيس. اچي بيضا تيار ڪيم. ڊبل روٽيءَ کي به مکڻ ۾ سيڪيم. ٻي رات پنجويهه منٽ اڳ بورچيخاني ۾ پهتس ته بيضن کان علاوه سيويون به پچايم. پهرين ڪڏهن سيويون پچندي به نه ڏٺيون هيم. پر هاڻ پنهنجي خيال مطابق مکڻ ۾ ڀُڃي، ٿورو پاڻي وجھي، تئيءَ کي ڍَڪُ ڏئي، ٻاڦ کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏنم. ان کان پوءِ کنڊ پستا ۽ بادام ــ مطلب ته رڌڻي جي کليل ڪٻٽ ۾ جيڪي ڪجهه رکيل هو، تنهن مان ذرو ذرو وڌم. ائين آهستي آهستي اسان جي ماني سئنڊوچن مان ’فل ڊنر‘ ٿيڻ لڳي. سامان جي پرواهه نه رهندي هئي جو هر جهاز تي يڪو ٻن ٽن مهينن جو فالتو راشن رهندو آهي.
هڪ رات سيويون پچائي لاهڻ وارو هوس ته سيف الدين چَورائي موڪليو ته ٻيا به ٻه چار ڄڻا جاڳن پيا، جو جهاز ڇهين بجي ممباسا جي بندرگاهه ۾ پهچي رهيو آهي. سو سيويون ڪجهه سنئاليون رڌجانءِ.
مون ٻيون سيويون ته نه رڌيون، جو وري ساڳي گھل ڪنهن کان ٿي پُني. رَڌل سيوين ۾ مُٺ مُٺ بادامن ۽ پستن جي، ڊبل روٽي ٽڪر ٽڪر ڪري، Evaporated کير جا ٻه دٻا ملائي، ٿورو گرم ڪري ڊش ۾ وجھي، ڊائننگ هال ۾ کڻي آيس. جتي سيف الدين سيوين جي تعريف ۾ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻي رهيو هو. ڊش کليو ته سيويون ته ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيون. دوست چوڻ لڳا: ”هي سيويون ته نه چئبيون. هي ته الائي ڇا پَڪو آهي.“
چيومان ته ڇا ٻا ڪجهه به نه آهي. کائيندا وڃو. هن ۾ مالَ پيل آهن. ’مال‘ جو ٻُڌي سڀُ کلڻ لڳا. پڙهندڙن لاءِ هتي ’مالن‘ وارو چرچو پڻُ ٻُڌائڻ ضروري ٿو سمجھان، جنهن کان هتي جا مڙيئي جهازي واقف آهن.
موڪلن ۾ پنهنجي ڳوٺ اسان چار پنج ڳوٺائي، هڪ جي اوطاق تي پتي راند کيڏي رهيا هئاسين. رات جا ٻارهن ٿي ويا. اوطاق وارو دوست چانهه لاءِ گھر چوڻ ويو ته سندس ماءُ چيو ته بهتر ٿيندو، هوٽل تان ٺهرائي وٺو. هينئر سيءَ ۾ ڪير اٿي چُلهه دُکائيندو. اتي اسان جي ميزبان دوست جو نانو اٿيو ـــ جنهن کي سڄو ڳوٺ ’نانو‘ سڏي ۽ ڪجهه دماغ هيٺ مٿي هجڻ جي باوجود، بيحد دلچسپ شخصيت آهي. سو چوڻ لڳو: ”پرواهه نه ڪر ٻچا! تنهنجي دوستن لاءِ آئون ٿو چانهه ٺاهي وٺان.“
ميزبان دوست اچي اسان کي ٻُڌايو ته يار ڳالهه ته ڏاڍي ٿي. بس هاڻ الله خير ڪري اڄُ نانا چانهه ٺاهي ٿو اچي. الائي ڪهڙي هوندي. ’نانو‘ چانهه ته عاليشان ٺاهي آيو. ڏاڍا ڦوٽا، مَلائي وڌي هئائين. پر آخر ۾ چانهه جي پتي وجھڻ بدران، غلط دٻي مان ڳاڙهن مرچن جو ٻُڪ وجھي آيو هو. اسان جو کڻي ڪٽليءَ جو ڍَڪ کوليون ته کل جا ڪُوڪرا پئجي ويا. ميزبان دوست چيو: ”نانا هيءَ چانهه ڪير پيئندو، هاري ڇڏيو.“ پر نانو ڪٿي مُڙي. چي : ”ابا هن ۾ مال وڌا اٿم. اجايا ضايع ٿي ويندا. ڏاها ٿيو پي ڇڏيو.“
اسان ته موٽائي ڏنس. هوٽل تان گھُرائي پيتيسين. ڳاڙهن مرچن واري چانهه نانو واپس کڻي ٻاهر نڪتو ۽ وڃي پاڙي وارن جو آڌيءَ رات جو در کڙڪايائين. ڪو ننڊ مان اٿي نڪتو هوندو. تنهن کي نانو زور زور سان سمجھائي رهيو هو: ”ابا هيءَ چانهه پي ڇڏيو بچي پئي آهي، هن ۾ مال ئي مال پيل آهن.“
سو اهو آهي ”مالن“ جو پس ــ منظر.
گذريل هفتي جهاز جي هتي جپان ۾ ڳري مرمت ٿي رهي هئي. مترڪن ۽ هٿوڙن جي گوڙ سمهڻ نه ٿي ڏنو. سو ضروري سامان ٿيلهي ۾ وجھي رهڻ لاءِ پراڻي ڪلاس ميٽ خداداد ابڙي جي دعوت تي، سندس گھر ٽوڪيو وڃي نڪتس. هو هتي جپان ۾ Settled آهي. ۽ هڪ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي به ڪئي اٿس. ملي ڏاڍو خوش ٿياسين. سندس گھرواري ان وقت هڪ جپاني رسالي ۾ رڌُ پچاءَ جو صفحو پڙهي رهي هئي. سڄي صفحي تي فقط ٽي کن سٽون لکيل هيون ۽ ٻيا ڪارٽون هئا. ڀاڄائيءَ کان پڇيم ته ”جپاني رسالي ۾ به اهو صفحو ايندو آهي ڇا ــــ؟“
”ها. آمريڪي رسالن کي ڏسي جپاني رسالن کي به ان صفحي ڏيڻ جو شوق ٿيو آهي.“
ڪي ــ ڊي ـــ ابڙي کي چيم ته پيارا ترجمو ڪري ٻُڌاءِ ته اهو مختصر نسخو ڪهڙو آهي، جيڪو فقط ٽن سٽن ۾ ڏنل آهي. خداداد منهنجي لاءِ سڄي صفحي جو لفظ به لفظ ترجمو ڪيو:
”عورتن جو (۽ مردن جو پڻُ) صفحو.
ـــــ اڄُ ڇا پچائجي ـــــ ؟ ـــــ
اڄُ ڪجهه به نه پچائجي. ٻارن ٻچن سميت پنهنجي ڪنهن دوست يا مائٽ جي گھر ديرو ڄمائجي. ائين ڪرڻ سان رڌُ پچاءَ جي مصيبت کان به بچي پئبو ۽ بچت جي به عادت پوندي ـــ جو قومي فرض پڻُ آهي.“
”اريگاتو! بلڪل صحيح آهي.“ مون داد ڏيندي خداداد کي چيو؛ ”ٻيا ان تي عمل ڪن يا نه، پر مون اڄُ کان ان تي عمل شُروع ڪيو آهي. يعني رلي ڪُلهي تي ماني راڄن تي ـــ رڌُ پچاءَ جا طريقا وري ڇا جا سڄڻ ـــ!“