منهنجو جاني ته جهاز ۾
تاريخ ۽ جاگرافي:
اسان جو جهاز ايترو ئي پراڻو ۽ دلچسپ هو، جيترو موهن جو دڙو عربن لاءِ يا ڀنڀور انگريزن لاءِ چون ٿا ته سن 1930ع ۾ ڪنهن امير ماڻهوءَ هن جهاز ٺهرائڻ لاءِ هڪ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ کي آرڊر ڏنو اڃان اڌ مس ٺهيو ته ان ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ جهاز ٺاهڻ جو ٺيڪو ٻي ڪمپنيءَ کي سونپيو ويو. جڏهن جهاز ٺهي راس ٿيو ته اتفاق سان ان جو مالڪ گُذاري ويو. سڄا سارا اڍائي سال جهاز خشڪ گوديءَ ۾ پيو رهيو جو ان شپ يارڊ کي ٻي جهاز جو وري آرڊر نه مليو. ان بعد ان مرحوم مالڪ جي اولاد اهو جهاز هڪ ٻيءَ جهازران ڪمپنيءَ کي وڪڻي ڏنو. تنهن هن جهاز ۾ ڪجهه تبديليون آڻي، کيس مال بردار جهاز مان ڦيرائي پئسينجر جهاز بڻايو. هاڻ جهاز خيرن سان سمنڊ ۾ هلڻ لاءِ روانو ٿيو. اڃان پهرين ئي سفر تي نڪتو ته قضا الاهيءَ سان کيس حادثو پيش آيو ۽ پورو اڳيون اڌ تباهه ٿي ويس. وري آيو گوديءَ ۾ ۽ ڪجهه عرصو مرمت هلندي رهي. هاڻي کيس وري مالبردار جهاز بڻايو ويو ۽ هر سامان هر بندرگاهه مان ڍوئيندو رهيو. مصالحي ۽ ميوي کان لوهه ۽ لُوڻ تائين، هر ڪنهن وڙ وڙ جون شيون کڻندو رهيو. پر حال اهڙو هوس جو هڪڙو سفر ٻن اڍائي مهينن جو ڪندو هو ته ٻيڻو ٽائيم مرمت پئي هلندي هيس. ۽ مرمت به ڪا اهڙي تهڙي؟! ڪڏهن ڏس ته ڪرئنڪ شافٽ پئي بدلجي، ڪڏهن سڀني بئرينگن جي White Metaling پئي ٿئي. ڪڏهن سڄو Tween Deck سڌو پيو ٿئي ته ڪڏهن Hull جون چٻيون ٿيل پليٽون بدلي پيون ٿين. آخر اهو سلسلو به ٻيءَ جنگ عظيم تائين هليو، ان بعد هن کي وري پئسيجنر جهاز بڻايو ويو ۽ ملٽري ٽروپ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين کڻڻ لڳو. هڪ دفعي ته نازين (دشمنن) جي هوائي جهازن مٿس ذري گھٽ حملو ٿي ڪيو پر وري الائي ڇو مٿس رحم کائي ٽري ويا. پڪ سان اهو سوچيو هوندائون ته، هن مڙهي تي بم ڪيرائڻ، معنى پنهنجو بارود اجايو وڃائڻ آهي، کين پڪ خاطري هوندي ته اهو ائين ئي پاڻمُرادو ڪٿي ٻڏي مري ويندو.
خير ڳالهه کُٽائڻي. جنگ کان پوءِ هي جهاز اسان جي جهازران ڪمپنيءَ ڦُلن مُٺ ۾ خريد ڪيو. ڪي ته چون ٿا ته اهو مفت ۾ ڏنو ويو، پاڻ مٿان ڪجهه خرچ پکو به ڏنو ويو ته جيئن هن مصيبت کي ـــ جا اجائي بندرگاهه ۾ جاءِ ولاريو بيٺي آهي ۽ Port-Dues پيا چڙهن تنهن کي ڪڍيو وڃي. جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جي ڳالهين مان وري ائين لڳندو هو، ڄڻ هي جهاز ڪنهن ڪمپنيءَ جو نه پر کين شاديءَ تي ڏاج ۾ يا ڪنهن ويجھي مائٽ جي وفات تي ورثي ۾ مليو هجي.
جهاز جو عملو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کان بورچي ۽ ڀنگي تائين، هرڪو پاڻ کي خودمختيار حاڪم سمجهندو هو. آئون تڏهن ڪئڊٽ هوس ۽ جهاز تي ڪئڊٽ جي حيثيت ان خچر وانگر ٿيندي آهي جو نه گھوڙن سان گڏ نه گڏهن سان. نه هوس آفيسر نه شاگرد. گھٽ پگھار، ڪنهن به ڳالهه ۾ وزن صفا نه. هر ڏکئي ڪم لاءِ مون کي سڏ. موڪل لاءِ به منٿ ميڙ! منهنجو ڪپتان پنجهٺ سالن جو پوڙهو مڙس هو. (اها ٻي ڳالهه آهي جو هو پنهنجو پاڻ کي اڃان ڪنواٽ سمجهندو هو.) ٿلهو ايترو جو مون جهڙا هن مان پنج ٿين. پوءِ به ڪجهه هڏ چم بچي. قد ۾ به اها بلا هئي جو ڪڏهن ڪڏهن ليڪچر ڏيڻ وقت، منهنجي ڪلهي تي ٺونٺ رکي بيهندو هو. سڀ کان جونئر آفيسر (؟) هوس، هر وقت هر ڳالهه لاءِ شامت مون تي ايندي هئي. جهاز تي آئون اها نڌڻڪي ڌيءَ هيس، جنهن کي، ننهن کي سبق سيکارڻ لاءِ، دڙڪا ڏنا ويندا آهن ۽ جهاز جون ننهرون اهي انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر هئا جن جي هر وقت ڇڪتاڻ لڳي رهي ٿي. ٻئي ڌريون سمجھنديون هيون ته، جهاز سندن ڪري ٿو هلي. هڪ ڏينهن ته چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جون زالون وڙهي رهيون هيون ته اهي به ساڳيا مهڻا ڏئي رهيون هيون:
”توکي خبر به آهي ته اڄُ کان ويهه سال اڳ جهاز تي ڪوبه انجنيئر نه هوندو هو؟“ ڪپتان جي زال چيو،
”۽ اڄُ کان ويهه سال پوءِ،“ چيف انجنيئر جي زال ورندي ڏنس، ”ڪنهن به ڪپتان جي ضرورت نه پوندي.“
هڪ ڏينهن صبح ساڻ ڪپتان مون کي ننڊ مان اٿاري، ڇڪي پنهنجي ڪئبن ۾ وٺي آيو. (ڪاوڙ ۾ هن کان ڪجهه ڪڇيو نه ٿيندو آهي.) مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙي ڏوهه ۾ اڄُ ڦاسيءَ تي آئون چڙهندس. ڪئبن جو درُ کوليائين ته ڪمري ۾ تلاءُ لڳو پيو هو. جنهن ۾ بوٽ، چمپل، پالش جا برش پنهنجي مرضيءَ سان تري رهيا هئا. ۽ سندس زال ٽيبل جي مٿان پٿل ماري، ڀنل ڪپڙا نپوڙي رهي هئي. آخر ڪپتان ٻُڌايو ته باٿ روم جي زنجير ڇڪڻ سان پاڻي سمنڊ ۾ نه ٿو وڃي، پر ماڳهين سمنڊ جو پاڻي اندر ٿو اچي، ڪنهن پمپ ۾ رولو هوندو. انهن کي ڄاڻ هوندي. يعني جهاز جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کي ئي خبر هوندي.
ٿرڊ انجنيئر کي وٺي آيس تنهن کي سمجھائڻ لڳو ته شايد پمپ يا والو Valve جي سيل خراب ٿي وئي آهي. پر هن هڪ به نه ٻُڌس. ٻاهر نڪتو ته پڇيومانس، ”ڇا پيا سوچيو؟“ کلي چيائين، ”اسان پاڻ ئي ته اهڙو ڪم ڪيو آهي. سوچي رهيو آهيان ته رات اندر پاڻيءَ سان ڪئبن ڇو نه ڀرجي وئي. هيتري ٿوري پاڻيءَ ۾ ڪهڙو مروان ٻُڏي سگھندو.“
ٿرڊ انجنيئر ته ٿيو ڌارئين ڊپارٽمينٽ جو. پر پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي سيڪنڊ آفيسر جي به ڪئپٽن سان ڪانه پوندي هئي. جيستائين سوچن ۽ خيالن جي ڪا اهميت آهي ته هو خبر ناهي ڪيترا دفعا ڪئپٽن جو خوابن ۽ خيالن ۾ خون ڪري چُڪو هو. سندس خواهش ــــ بلڪ آخري خواهش اها هئي ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن سکاني کيس ٻارهين بجي ڊيوٽيءَ لاءِ اٿارڻ وقت اچي ٻُڌائيندو ته اڄُ رات ڪپتان پنهنجو مري ويو ۽ سڀاڻي Half-Mast جهنڊو چڙهندو.
آئون ڪپتان کي صبح شام سلام ڪندو هوس، خاص ڪري سندس زال اڳيان ـــ جو فقط منهنجي پروموشن ۽ ڪردار جي رپورٽ جو دارومدار، سندس وس ۾ هو. مون مان خوش به ڏاڍو هو. ڪرسمس ڊي تي پراڻي ڪاليج جي پراڻي ٽائي استري ڪري، تحفي ۾ ڏني مانس ته، ڪوٽ ڏيجي جي عجائب گھر مان ڊئريڪٽ آئي آهي، ڏاڍو خوش ٿيو. جهاز تي هرهڪ کي ٻُڌايائين. خاص ڪري مصري ٿرڊ آفيسر ۽ يوناني ريڊيو آفيسر کي ــــ جن ڀلجي کيس ڪڏهن پنهنجي ملڪن جي کنڊرن جو، ڀڳل ٺڪر به نه ڏنو. سنگاپور جهاز پهتو ته سؤ روپيا کن ڏنائين ته سندس پاران تحفي طور قميص وٺان. قميص نه ورتم، گھمڻ ۽ فلمن پٺيان خرچ ٿي ويا. کيس ريڊيو آفيسرن جون ٻه ٽي نيون قميصون ڏيکاري ٻُڌايم ته اهي سندس پئسن مان ورتيون اٿم. کيس به پسند آيون. مهيني ٻن بعد جڏهن ممباسا ۾ پهتاسين ته اتي ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ مون کي چيائين ته قميصون کڻي اچ، ريڊيو آفيسر ته موڪل تي هليو ويو هو، قميصون ڪٿان ٿي آڻي سگھيس. چيومانس: ”ڌوٻيءَ کي موڪليون اٿم.“
”ٽيٽران جون قميصون اڳتي ڌوٻيءَ کي نه ڏيندو ڪر. توکي بچت ڪرڻ کپي، پاڻهي ڌوئندو ڪر. صابڻ نه هجئي ته منهنجو استعمال ڪندو ڪر.“
”حاضر سائين“ ادب سان چيومانس ۽ سندس صابڻ جو ٻورو کڻي ٻاهر نڪتس.
جيستائين ڊسيپلين جو سوال هو، اهو لفظ هن جهاز جي ڊڪشنريءَ ۾ ئي ڪونه هو. وچ سمنڊ تي جهاز جي سڀني آفيسرن ڏاڙهيون رکايون ۽ فيصلو ٿيو ته بندرگاهه تائين شيو نه ڪنداسين. ڪپتان کي ڏاڍا خار لڳا پر ڪجهه ڪُڇي نه سگھيو. پڪ هيس ته ڪوبه مڃيندو ڪونه، اجائي بيعزتي ٿيندي. پر اوچتو ڪو پُور پئجي ويس ۽ ”واڻئي جي ڪاهه پڳڙيءَ تي“ وانگر، مون کي آفيس ۾ گھُرايائين. اکيون ڪڍي رڙ ڪيائين:
”پورا ٻه منٽ ٿو ڏيانءِ، ان کان پوءِ توکي آئون ڪلين شيو ۽ يونيفارم ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان.“
هر حال ۾ مون کي سندس حڪم ته مڃڻو هو. حاضر سائين چئي ٻاهر نڪتس. پر وري اندر گھڙي آيس:
”سائين بليڊ ڪونه آهن.“
”بليڊ! کڻ کڻ ڪٻٽ ۾ پيا آهن.“
هو دل ئي دل ۾ پڪ اهو سوچي رهيو هوندو ته گھر سڙيو ته گھوريو، ڪئا ته مئا ـــ سو گھٽ ۾ گھٽ هڪ تي ته منهنجو به حڪم هلي ٿو. وچيون در ٽپي سندس ڪئبن ۾ گھڙيس. سندس جوءِ ”How to win friends and influence people“ منهن تي رکي کونگھرا هڻي رهي هئي. ڪٻٽ آهستي ڪري کوليم ته ڪيترن ئي قسمن جا عطر، پائوڊر، لوشن سندس ۽ سندس زال جا پيا هئا. شيونگ لوشن ۾ هٿ وجھي چيم: ”سائين، هيءَ....“
”چڱو ڀلي اها به کڻ، ڇا ياد ڪندين.“
ان شيشي جي ڀر ۾ هڪ تمام اعلى قسم جو عطر پيو هو. پنهنجي بيوقوفيءَ جو يڪدم احساس آيو ته لوشن ته آئون هيئنر ئي خريد ڪري سگھان ٿو. پر اهو عطر ٻن سالن بعد خريد ڪرڻ لاءِ به ٻه دفعا سوچڻو پوندو. هوند اهو هينئر ملي وڃي ته ڇا کپي. ڪپتان جي ’جزوي طور‘ خوشگوار موڊ ڏسي دل ٻَڌي چيومانس: ”سائين، هن جي مهرباني نه ٿي سگھندي، لوشن واپس ٿو رکان.“
”نو! گيٽ آئوٽ!“ اهڙي دانهن ڪيائين جو آئون ته خير روز ٻُڌڻ جو عادي ٿي ويو هوس پر جوڻس ننڊ مان ٽپ ڏئي اٿي بيهي رهي.
جڏهن جهاز بمبئي ڀرسان لنگھندو هو ته منهنجو نوڪر ٿڌو ساهه کڻي ٻُڌائيندو هو ته هيءَ اها جڳهه آهي، جتي هن گذريل سال سوپاريون پوکيون هيون ـــ يعني سمنڊ ۾! همراهه ڪولمبو مان مڻن جا مڻ سوپاريون سستي اگھه تي وٺي، بمبئي وڪڻڻ لاءِ آڻي رهيو هو. جهاز بمبئي ڀرسان پهتو ته کيس معلوم ٿيو ته اندر بندرگاهه ۾ ڪسٽم چيڪنگ هلي رهي آهي. ان جي ڊپ کان، ٻاهر سمنڊ ۾ ئي کيس سڀُ سوپاريون اڇلڻيون پيون.
اسان جو چيف آفيسر پاڻ کي نيويگيٽر کان وڌيڪ، انجنيئر سمجھندو هو. هڪ ڏينهن جهاز جي چمنيءَ ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته ”دونهون تمام گھڻو ۽ ڪارو پيو نڪري، شايد انجڻ ۾ خرابي ٿي پئي آهي. انجڻ روم ۾ فون ڪري ڇڏ.“
سندس اڳيان ٽيليفون کڻي هيٺ اطلاع ڪيم:
”انجڻ کي ڪجهه ٿي ته نه ويو آ؟“
”ڇو؟ توهان جي دماغ کي ته ڪجهه نه ٿي ويو آهي؟“ هيٺيان ڪنهن انجنيئر ڪاوڙ ۾ چيو.
”اسان جو چيف آفيسر پيو چوي ته چمنيءَ مان دونهون پيو نڪري.“
”پنهنجي چيف آفيسر کي چئو ته پنهنجو ڪم ڪري، چمنيءَ مان دونهون نه ته ڇا سون نڪرندو؟“
”انجڻ واقعي خراب هئي نه؟“ فون رکيم ته چيف آفيسر پڇيو، ”ها سائين. ٺيڪ ڪري رهيا آهن.“ جھيڙي کي ٽارڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن مصلحت خاطر ڪوڙ به ڳالهائڻو پوندو هو. ان هوندي به هر روز اسان جي هن جهاز تي ڪونه ڪو ڦڏو پيو هلندو هو. ڪانه ڪا کٽ پٽ رهندي هئي.
بندرگاهه پهچڻ کان اڳ انجنيئر ڪڏهن انجڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا، جو هنن جي انجڻ مطابق جهاز هميشه ڏينهن اڌ اڳ بندرگاهه ۾ پهچندو هو. هو انجڻ جي چڪرن موجب حساب ڪندا هئا.
آخر هڪ اهڙو ڏينهن ۽ بندرگاهه به آيو جو جهاز جي Scrape (ڀڃڻ) جي خبر ـــــ بلڪ خير خبر ملي ۽ ان جهاز ۽ ڪمپنيءَ کي الوداع چئي، هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي ملڪ Fly ڪرڻو پيو ـــــ ڪمپنيءَ جي خرچ تي.
(ڪراچي 1968ع ۾ لکيو ويو)