تاريخ، فلسفو ۽ سياست

دنيا جي تاريخ

دنيا جي تاريخ (تهذيبن، مذهبن ۽ قومن جي ارتقاء جو عالماڻو تذڪرو ) محمد مجيب جي تقريرن جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل مضمون دراصل محمد مجيب جون ڪجهه تقريرون آهن، جيڪي هن آل انڊيا ريڊيو جي فرمائش تي تيار ڪيون هيون. محمد مجيب اهي تقريرون 1938ع ۾ تيار ڪيون هيون. ان وقت پاڪستان، هندستان جو حصو هو ۽ روس ۾ اشتراڪي حڪومت قائم هئي. هنن مضمونن کي ان وقت جي تناظر ۾ پڙهڻ گهرجي.
  • 4.5/5.0
  • 4848
  • 2850
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمد مجيب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا جي تاريخ

(2) دنيا جون شروعاتي سڀيتائون

دنيا جي ڪهاڻيءَ ۾ حضرت آدم جو زمانو اهو وقت آهي، جڏهن ماڻهو، جانور مان انسان ٿيو. سائنس جا پوڄيندڙ حضرت آدم کي نٿا مڃين. پر اهي ئي ماڻهو جڏهن پراڻين قومن جي عقيدن ۽ ڌرم کي بيان ڪن ٿا ته اسان کي هر هنڌ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هڪ اهڙي بزرگ جو نالو ملي ٿو، جنهن آدم وانگر نيڪي ۽ بديءَ جو ميوو چکي، يوناني سورمي پروميٿس جيان آسمان مان باهه آڻي ۽ ماڻهو کي پوکي راهيءَ جو فن سيکاريو يا بم جيان سورڳ جو رستو ڳولهي، ماڻهو ۽ جانورن ۾ اهڙو فرق پيدا ڪري ڇڏيو، جو اهي ٻيهر هڪ ٿي نه سگهيا. پراڻين قومن جي روايتن يا ڏندڪٿائن ۾ اهو بيان ڪيو وڃي ٿو ته انسان کي دنيا کي آباد ڪندي ڪو گهڻو عرصو نه ٿيو هو، جو هڪ طوفان آيو، جنهن ۾ ٿورن ماڻهن کان سواءِ باقي سڀ ماڻهو ٻڏي ويا. اڳين زمانن ۾ عقل جي ڌارا ايتري تيز نه هئي ته جتي به رکجي، اتان ڪٽي ڇڏجي. شايد ماڻهن ان ڌارا کان ڪٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪم به وٺڻ ٿي چاهيو ۽ تنهن ڪري اسان کي مذهبي عقيدا ۽ قصا ڪهاڻيون، تاريخ ۽ خيالي ڳالهيون سڀ گڏو چڙ نظر اچن ٿيون يا ايئن کڻي سمجهجي ته هڪ باغ آهي، جنهن کي اسين ايترو ته پري کان ڏسي رهيا آهيون جو چمن ۾ چمن، رنگ ۾ رنگ، گل ۾ گل گڏجي وڃي ٿو. انهن قصن ڪهاڻين ۾ ڪاٽ ڪوٽ ڪرڻ بي ادبي آهي، هتي به بس ڏسو، لطف وٺو ۽ سبق حاصل ڪريو.
طوفانن جي لهرن ۽ ڪُنن مان جڏهن دنيا نڪري نروار ٿي ته زندگي جون اکڙيل جڙون نيل ندي جي ماٿريءَ ۾ ڏکڻ عراق ۾، اسان جي هندستان ۾، سنڌو درياهه جي ڪنڌين تي ۽ چين ۾ هوانگ هو ۽ يانگ ٽيسي ڪيانگ دريائن جي مهڙن وٽ ٻيهر ڦٽڻ لڳيون. پر دنيا جي آبادي رڳو انهن وسندين ۾ نه هئي. اهڙا ڪيترائي نسل هئا، جن جو ڪو به ٺڪاڻو نه مليو آهي. انهن کي خانه بدوش سڏيو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ ته هنن جي رلهي ڪلهي تي ماني راڄن تي هئي. هو پنهنجا وهٽ چاريندا گهمندا وتندا هئا. جڏهن انهن جو تعداد وڌي ويندو هو يا هو گهمندي ڦرندي، ڪنهن وڏي ڳوٺ يا وسنديءَ وٽ پهچندا هئا ته انهن ۾ ۽ وسندي وارن جي وچ ۾، جنهن کي ظاهر آهي ته هنن ڦرڻ ۽ لٽڻ ٿي چاهيو وڏي ويڙهاند ٿيندي هئي. انهيءَ ويڙهه ۾ آخرڪار خانه بدوش ئي کٽيندا هئا ۽ هو وسندي جي رهاڪن کي ماري مڃائي، کين ڊوڙائي ڪڍندا هئا ۽ پاڻ انهن جي جاءِ تي آباد ٿي ويندا هئا. ٽن چئن سون سالن کان پوءِ وري ڪنهن ٻي قوم جي هٿان اها وسندي به اُجڙي، نون ماڻهن جي هٿان آباد ٿيندي هئي. تهذيب جا پراڻا مرڪز پاڻيءَ جي ڀريل مٽ ۾ کنڊ جون ٻه چار تڙون هوندا هئا. پاڻي کي لوڏيو ويندو هو ته اهي ڳري وينديون هيون يا جڏهن پاڻي ٿمجي ويندو هو ته کنڊ ان جي تري ۾ ويهي رهندي هئي، پر پاڻي کي ڇاڇولڻ وارا پاڻ سان گڏ ڪجهه نه ڪجهه مٺاڻ به ضرور کڻي ايندا هئا. ڳرڻ کان پوءِ جيڪا کنڊ گڏ ٿيندي هئي، اها اڳ کان وڌيڪ ئي هوندي هئي ۽ گهڙي جو پاڻي به ٿورو وڌيڪ ئي مِٺو ٿي ايندو هو. ايئن تهذيب پکڙجندي رهي. عراق، مصر، هندستان کان سواءِ رومي سمنڊ، جنهن کي انگريزي ۾ ميڊيٽرينين سي (Mediteranean sea) چوندا آهن، ان جي ڪنڌين تي، فلسطين ۾، شام ۾، ڪريٽ جي ٻيٽ ۾، اٽلي جي ضلع ايڙو ريا ۽ اتر آفريقا ۾ اڄڪلهه جي تيونس شهر جي ويجهو تهذيب جا مرڪز قائم ٿيا. اسان جا محقق، عالم اڃا تائين اهو طئي ڪري نه سگهيا آهن ته مصر جي تهذيب سڀني کان پراڻي آهي يا عراق جي سوميري تهذيب. بهرحال اهي ٻيئي اٺ ڏهه هزار سال پراڻيون مڃيون وڃن ٿيون ۽ ننڍي کنڊ جي اندر هڙاپا ۽ موهن جو دڙو ۾ جيڪي آثار مليا آهن. انهن مان سڀ کان پراڻا انهن کان گهٽ نه هوندا. مصر جا پراڻا شهر بيمس، هيلي ۽ پولس، ڏکڻ عراق ۾ بابل ۽ اتر ۾ نينوا، ڪريٽ ۾ شهر ڪنوسوس، تهذيب جي ان دور ۾ آباد ٿيا ۽ هزارين سال آباد رهيا.
اڄ کان ڪي چار يا ساڍا چار هزار سال اڳ، هڪ نئين نسل، جنهن جي اسان کي نالي جي به خبر ڪونهي ۽ جيڪو پنهنجو پاڻ کي آريا يعني ‘پاڪ يا پوتر’ چوندو هو، خدا ڄاڻي ڪٿان اچي ظاهر ٿيو. ان ڏکڻ يورپ، عراق، ايران ۽ هندستان تي قبضو ڪيو. هنن آڳاٽين تهذيبن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ گهڻو ڪجهه اختيار ڪري پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. هندستاني، ايراني، يوناني، رومي ۽ آريا هئا ته سڀ هڪ ئي ڪٽنب جا ماڻهو، پر سڀني جون طبيعتون ۽ مزاج ڌار ڌار هئا ۽ انهن سڀني دنيا ۾ بلڪل مختلف يادگار ڇڏيا. آرين جو سڀ کان پهريون سامراج ايران ۾ قائم ٿيو ۽ شام کان وٺي اسان جي سنڌو دريا تائين پکڙيو، جنهن کي يوناني آرين جي مشهور بادشاهه سڪندر اچي ختم ڪيو. ان کان ٿورو عرصو پوءِ هندستان ۾ مور يا سامراج جو بنياد پيو. هتي اهو ختم ٿيو ته اولهه ۾ رومي سلطنت جو ستارو چمڪيو. ان زماني ۾ نون خانه بدوش (رولاڪ) نسلن منگولياجي چراگاهن مان نڪري ٿوري ئي عرصي ۾ هندستان، ايران، ترڪي ۽ اوڀر يورپ کي برباد ڪري وري آباد ڪيو. اهي آهن شروع کان وٺي حضرت عيسيٰ تائين جي زماني جي تاريخ جون اهي اهم ڳالهيون. هاڻ اچو ته ان زماني جي ٻي پهلوءَ تي نظر وجهون ۽ ڏسون ته انهن ڇهن ستن هزارن سالن ۾ انسان ڪيتري ترقي ڪئي؟
اسين جنهن شيءِ کي تهذيب ٿا چئون، تنهن جي معنيٰ آهي دين ايمان، ڌرم، قانون ۽ علم جي ڇانوَ ۾ زندگي گذارڻ. پنهنجي محنت سان زندگي کي سرسبز رکڻ، نيڪ حوصلن سان ان کي رونق بخشڻ ۽ صنعت ۽ واپار جي ذريعي اهي شيون حاصل ڪرڻ، جن سان آرام پهچي ٿو، يا جن جي خوبصورتي دل کي خوش ڪري ٿي. هر قوم پنهنجي زندگي پنهنجي طبيعت ۽ مزاج موجب گذاري ۽ سنواري ٿي، پر پوءِ به ماڻهو ته هر هنڌ ٿو رهي ۽ جيڪڏهن نالي ۽ ڪجهه گڻن جو پردو هٽايو وڃي ته اسان کي هر هنڌ هڪ ئي زندگي نظر ايندي، مصر، سومير يا بابل. قديم هندستان ۽ ايران ۾ مذهب اميد ۽ ڊپ جي اها ئي ٻه رخي تصوير هئي. انهيءَ ۾ انهن قوتن سان لڳاءُ وڌايو ويندو هو، جيڪا زندگي کي قائم رکندي ۽ انهيءَ کي وڌائيندي هئي. انهن قوتن کي رام ڪرڻ جو فڪر ڪيو ويندو هو، جن کان نقصان ۽ موت جو انديشو هوندو هو. پر ماڻهوءَ کي انهن قوتن جي باري ۾ ڪا گهڻي خبر نه آهي ته اهي ڪيتريون وڏيون آهن ۽ کيس چئني ڏسائن کان گهيرو ڪريو بيٺيون آهن، جو سندس عقل دنگ رهجيو وڃي. هو انهن کي مختلف شڪلين ۾ تصور ڪري ٿو ۽ ڀانت ڀانت جا نالا ڏي ٿو ۽ جنهن ڳالهه کي هو چٽي طرح چئي نٿو سگهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو اها ڳالهه چٽي طرح سمجهي نٿو سگهي، تنهن ڪري هو ان کي ڪهاڻي بنايو ڇڏي. پراڻين قومن جي ڏندڪٿائن ۾ اهڙيون هزارين ڪهاڻيون آهن ۽ پاڻ ۾ اهڙيون ته ملندڙ جلندڙ آهن جو اهي سڀ هڪ ئي حقيقت کي بيان ڪرڻ جون ڌار ڌار ڪوششون آهن.
مذهب جي ان شاعراڻي پهلوءَ سان گڏ اسان کي هر هنڌ ڌرم ۽ قانون به شروع کان ئي ملن ٿا ۽ انهن کي جيڪڏهن ڏسبو ته اهي اڄڪلهه جي قانونن کان ڪي گهڻا مختلف به نه آهن، پر ڪن ڳالهين ۾ ته اڄڪلهه کان به سٺا هئا. مصر ۾ ‘اوسي رس’ ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي بادشاهن، بابل ۾ شاهه حمورابي، يهودين جي لاءِ حضرت موسيٰ، ڪريٽ جي ٻيٽ ۾ مي نوس مذهبي، اخلاقي ۽ معاشرتي يعني سماجي قانون جوڙيا.
شاهه حمورابي جو قانون هڪ پٿر تي اڪريل مليو آهي. ان ۾ ڪن ڏوهن جهڙوڪ: چوري، جن جي سزا اڄڪلهه ڏاڍي سخت پيئي لڳي. پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جو اسين ترقي ڪري به انهن تائين پهچي نه سگهيا آهيون. جهڙوڪ؛ جيڪڏهن شهر ۾ ڪنهن جو ڌاڙو لڳي ته حڪومت جو اهو فرض آهي ته اها ڏوهاري جلهي، مال واپس ڪرائي يا ڦريل ڌر جو نقصان پاڻ پورو ڪري ڏي.
اسين اهو به ڏسون ٿا ته عورتن کي به تمام گهڻي آزادي حاصل هئي، کين ڪنهن به طرح مردن کان گهٽ حق حاصل نه هئا. کين اباڻي ملڪيت مان به حصو ملندو هو ۽ هو ڪاروبار ڪري ٿي سگهيون ۽ ڪنديون هيون ۽ مصر جي راڻي ‘هتيسپت’ ۽ راڻي تئي ۽ بابل جي راڻي ‘سمي رس’ جون حالتون پڙهي، خبر پوي ٿي ته انهن ملڪن ۾ عورتون راڄ ڀاڳ جون اهل سمجهيون وينديون هيون. مصري قصن مان خبر پوي ٿي ته اهي ماڻهو پنهنجي عورتن کان ڊڄندا ۽ هڄندا هئا. اهو خيال کڻي صحيح نه به هجي. ته به اسين ڄاڻون ٿا ته مصر ۽ بابل ۾ عورتون شاديءَ کان پوءِ مڙس جي ذات يا سندس ڪٽنب ۾ گم ٿي نه وينديون هيون، پر سندن رشتو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان ئي رهندو هو ۽ هو سولائي سان طلاق وٺي سگهنديون هيون.
قانون کان پوءِ اسين ان زماني جي زندگي جي ٻين شعبن کي ڏسنداسين ته ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي. مصر ۽ بابل ۾ حڪومت جي پاران آبپاشيءَ جو پورو انتظام هو. دريائن مان واهه کوٽي پري پري تائين پاڻي پهچايو ويو هو. ٻوڏ ۽ مينهن جي پاڻيءَ کي گڏ ڪري رکڻ جي لاءِ وڏا وڏا تلاءَ ٺهيل هئا. جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر وستي ۽ واهڻ ۾ پوليس ۽ شهرن ۾ فوج هئي ۽ اسان تائين بابل ۽ مصر جا اهڙا ڪيترائي قصا پهتا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته بادشاهه پاڻ به قاعدن ۽ قانونن جو گهڻو لحاظ ڪندا هئا ۽ سرڪاري ملازمن کي ظلمن ۽ زيادتين کان روڪيندا رهندا هئا. ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ عدالتون موجود هيون ۽ انهن جو رتبو اهڙو هو، جو هو پنهنجا فرض خوبيءَ سان انجام ڏيئي سگهيون ٿي.
قانون ۽ ملڪي انتظام جيان ان قسم جي علم جو، جنهن تي اسين ناز ڪريون ٿا، ان زماني ۾ بنياد وڌيو ويو. مصر ۽ بابل ۾ لکڻ جو طريقو ايجاد ڪيو ويو. بابل وارا مٽيءَ جون تختيون ٺاهي، جڏهن اهي اڃا ڪچيون هونديون هيون ته انهن تي هڪ نوڪدار اوزار جي مدد سان لکت لکي پوءِ انهن تختين کي سڪائي پچايو ويندو هو. جهڙو انهن جو ڪاغذ هو، تهڙو ئي انهن جو ‘خط’ به هو ۽ جيتوڻيڪ بابل ۾ خط و ڪتابت جي رسم به جاري هئي ۽ ماڻهو انهن ئي تختين کي مٽيءَ جي دٻن ۾ بند ڪري ٽپالين جي ذريعي هڪ ٻئي ڏي موڪليندا هئا، لکڻ جي ان طريقي ۾ وڏي ڊيگهه هئي. مصر ۾ هڪ نرم ٿڙ جي ڪاٺ مان جنهن کي ‘پائپرس’ چيو ويندو هو ۽ ان جي ڇوڏي مان سولائي سان هڪ قسم جو ڪاغذ تيار ڪيو ويندو هو. مصري شروع ۾ ته جنهن شيءِ جو ذڪر ڪرڻو هوندو هو، تنهن جي تصوير ٺاهيندا هئا. پوءِ هوريان هوريان انهن تصويرن مان لکڻ جو اهڙو طريقو ڪڍيو ويو، جنهن مان ماڻهو جلدي ۽ صفائي سان پنهنجو مطلب ادا ڪري سگهندا هئا. بابل ۽ مصر جي ڪوششن مان فائدو وٺي هڪ قوم، جيڪا فونيقي سڏبي هئي، سڄن سڄن لفظن جي جاءِ تي ڌار ڌار اکر ٺاهيا، جن مان هر هڪ ڪنهن خاص آواز جي علامت هئي. فونيقي واپاري هئا. هنن واپار سان گڏوگڏ لکڻ جي پنهنجي خاص طريقي کي پکيڙيو ۽ چيني ۽ جاپاني کان سواءِ دنيا ۾ باقي جيتريون به زبانون آهن، انهن سڀني ۾ اهي ئي لفظ شڪل بدلائي ۽ ڪجهه گهٽ وڌائي سان لاڳو ٿيا.
لکڻ پڙهڻ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي علم هئا، جيڪي ان زماني ۾ حاصل ڪيا ويا، وقت کي سالن ۾، سالن کي مهينن ۽ هفتن ۾، ڏينهن کي پهرن ۾، سڀ کان پهرين بابل وارن ورهايو ۽ اس جي گهڙي، سڀ کان پهرين انهن ئي ٺاهي. ستارن ۽ بُرجن جا نالا انهن ئي رکيا ۽ شڀ (نيڪ) گهڙي ڪڍڻ ۽ ستارن مان فال ڪڍڻ جي رسم انهن ئي جاري ڪئي. مصرين جنتري ٺاهي، حساب ۽ اقيلدس يا جاميٽريءَ ۾ هنن جيڪو ڪمال حاصل ڪيو، ان جي ثبوت جي لاءِ مصر جا اهرام يعني (Paramids) موجود آهن. انهن ۾ سڀني کان جيڪو وڏو آهي اهو سوين مڻ وزني پٿرن سان جوڙيو ويو آهي، جن جو ڪل تعداد 20 لکن جي لڳ ڀڳ آهي. اهي پٿر، بنا ڪنهن چن ۽ مسالي جي مدد سان اهڙي ته صفائي سان رکيا ويا آهن، جو انهن ۾ ڪو جوڙ به مشڪل سان ٿو نظر اچي ۽ هزارين سال گذري وڃڻ جي باوجود به پنهنجي جاءِ تان تر جيترو به ناهن سِرڪيا. اها عمارت 748 چورس فوٽ آهي ۽ اوچائيءَ ۾ 440 فوٽ يعني قطب مينار کان ٻه سؤ فوٽ مٿاهين آهي. جن ماڻهن اهڙن وزني پٿرن کي ڪٽي ۽ تراشي هيڏي مٿاهينءَ تي پهچايو، اهي ڪي بيوقوف ته نه هئا ۽ انهن جي انهيءَ يادگار کي ڏسي اسان کي پنهنجي علم تي گهڻو فخر ڪرڻ نه گهرجي. چون ٿا ته بابل ۾ به اهڙي ئي هڪ اوچي ۽ عاليشان عمارت هئي پر آسمان ان جي بلندي تي رشڪ کائي کيس ڪيرائي پٽ ڪري ڇڏيو.
جتي اهڙيون عمارتون ٺاهي ٿي سگهجيون، اتي سهڻا شهر ۽ گهر ٺاهڻ ته ڏائي هٿ جو کيل هو. مصر، عراق، ڪريٽ ۽ اسان جي هندستان ۾ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا ۾ شهرن جا شهر زمين کوٽي ان مان ڪڍيا ويا آهن. انهن جي کنڊرن مان اسين، انهن جي انهيءَ رونق جو اندازو نٿا لڳائي سگهون، جيڪا زندگي سان گڏ ايندي ۽ ويندي آهي. پر اسين اهو ڏسون ٿا ته اهي شهر پکيڙ ۾ هاڻوڪن شهرن کان ڪي گهٽ نه آهن. اهي گهر سرن ۽ سيمنٽ سان ٺهيل ۽ ٽي ٽي چار چار منزلون اوچا آهن. انهن جا رستا ويڪرا ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جي لاءِ سٺو بندوبست ڪيل آهي. هاڻي انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ ٿي سگهي ٿو ته اتي جيڪي ماڻهو رهندا هئا، اهي تمام گهڻو مهذب هئا. انهن کنڊرن مان اسان کي ڪيترائي سهڻا ٿانوَ ۽ زيور مليا آهن ۽ جيئن اڄڪلهه هڪ ملڪ جون ٺهيل شيون ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿيون، تيئن ان وقت به هڪ هنڌ جي شيءِ ٻي هنڌ ويندي هئي. هڪ هنڌ جا فيشن ۽ رسمون ٻي هنڌ منتقل ٿينديون هيون. ريلون ۽ هوائي جهاز نه هئڻ جي باوجود به ان زماني جي دنيا ننڍي ڪا نه هئي.
سڀ کان وڌيڪ حيرت ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن اسين مورتين ۽ تصويرن ۾ ان زماني جي ماڻهن جون شڪليون ڏسون ٿا ۽ انهن جي اٿي ويٺي ۽ دلچسپين جو نقشو اسان جي سامهون پيش ڪيو وڃي ٿو. عراق، مصر ۽ ڪريٽ جي ماڻهن رڳو اهو ئي نه ڪيو ته اهڙا قانون ۽ زندگي جا اهڙا اصول جوڙيا، جن سان سندن سڀيتا هزارين سال قائم رهي، يا علم ۽ فن کي اهڙي درجي تي پهچائي ڇڏيو، جو انهن جي ڪارنامن کي ڏسندي ماڻهو حيرت ۾ پئجي وڃن. زندگي جي سڀني گهرجن کي پورو ڪرڻ جو انهن اهڙو ته بندوبست ڪيو هو، جو کين پنهنجي معاشري جي ڀانت ڀانت جي نفاستن کي سنوارڻ جو موقعو هو. انهن جي شڪلين مان سلڇڻائپ پيئي بکندي هئي. هو اٿي ويٺي جي مهذب طور طريقن کان واقف هئا. انهن جي زائفائن اهي سڀئي ترڪيبون سکي ورتيون هيون جن سان نڪ، شڪل ۽ شبيهه يا ڊيل ڊول جي ڪسر پوري ٿي ويندي هئي ۽ آرائش جي ان فن جا قدردان به گهٽ نه هئا. دريائن ۽ باغن جا سير، دعوتون، محفلون، اهي سڀ روزمره جون ڳالهيون هيون. هنرمندن جي قدرداني، مهمانن جي خدمت چاڪري، محتاجن جي مدد وغيره، مطلب ته انهن مان اسين اڄڪلهه جو ڪو به اهڙو طور طريقو ڪڍي نٿا سگهون، جنهن جي کين خبر نه هئي. تهذيب جي روشني جهڙي هينئر آهي، ان وقت به سڀ ڪجهه اهڙو ئي هو.