تاريخ، فلسفو ۽ سياست

دنيا جي تاريخ

دنيا جي تاريخ (تهذيبن، مذهبن ۽ قومن جي ارتقاء جو عالماڻو تذڪرو ) محمد مجيب جي تقريرن جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل مضمون دراصل محمد مجيب جون ڪجهه تقريرون آهن، جيڪي هن آل انڊيا ريڊيو جي فرمائش تي تيار ڪيون هيون. محمد مجيب اهي تقريرون 1938ع ۾ تيار ڪيون هيون. ان وقت پاڪستان، هندستان جو حصو هو ۽ روس ۾ اشتراڪي حڪومت قائم هئي. هنن مضمونن کي ان وقت جي تناظر ۾ پڙهڻ گهرجي.
  • 4.5/5.0
  • 4848
  • 2850
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمد مجيب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا جي تاريخ

(12) ترڪ ۽ تاتاري

مسلمانن جي پهرين تهذيب وڏي حدتائين عربن جي حوصلي ۽ حيثيت جي يادگار آهي. عربن ۾ اهي سڀ گڻ موجود هئا، جيڪي تهذيب جي رهبرن ۾هئڻ گهرجن. پر منجهن اهو به وڏو عيب هو ته هو ننڍن ننڍن جهيڙن کي وڌائيندي تاريخي فتنو بنائي ڇڏيندا هئا. هنن ٻين تي سدائين ٿورا ڪيا، پر سدائين پنهنجن جي تباهي ڪندا رهيا. هنن جي زوال کان پوءِ تقدير اوڀرندي دنيا جي سرپرستي ۽ پالنا جي ذميداري ايرانين، ترڪن ۽ تاتارين تي وڌي. انهن جي تهذيب ۾ اهو ٺٺ ۽ ٺانگر نه هو، جيڪو دمشق، بغداد، قرطبه ۽ غرناطه ۾ پنهنجو جلوه ڏيکاري ويو هو. ان وقت مسلمان پنهنجي علم ۽ پنهنجي ذهن کي تقليد، يعني بزرگن جي پيروي جي اصول ۾ نظربند ڪري چڪا هئا. انهن جي سياسي اخلاق ۾ اهو حوصلو، انهن جي عمل ۾ اها لوچ ۽ انهن جي طبيعت ۾ اها پهچ نه رهي هئي. حالتن هاڻ کين سختي ۽ حفاظت جي تدبيرن طرف گهڻو ڌيان ڏياري ڇڏيو هو. هاڻ هو آزاد تهذيب ۽ من موجي تخيل جو زمانو گذري ويو هو ۽ سگهارين رياستن جا ڏينهن اچي ويا هئا.
ترڪن جو اصل وطن اولهائين منگوليا ۾ ”اورخون دريا“ جي آسپاس جي ماٿرين ۾ هو ۽ ويجهڙائي ۾ جيڪا تحقيق ڪئي ويئي آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته اهي مهذب هئا ۽ آزاد ۽ سادي زندگي جو سچو قدر ڪندا هئا. آبادي جي وڌڻ سان اهي اوڀر ۽ ڏکڻ طرف پکڙجڻ تي مجبور ٿيا. مسلمانن جي دنيا جي اترين سرحد، جيڪا تاجڪستان ۾ هئي، انهن وٽ هو ايترا ڏينهن رهيا ته انهن جي تهذيب جو قدر به سڃاڻي سگهن ۽ جڏهن ان تهذيب جي بگڙيل ڪمن کي ٺاهڻ سندن حصي ۾ آيو ته هنن ڏيکاريو ته هو وڏي خوبي سان ان جي خدمت ڪري سگهن ٿا. ايران ۾ سلجوق ترڪن جي حڪومت قائم ٿيڻ سان تهذيب جي اجالي ۾ هلڪي ڪڪر جو ڇانورو به نه پيو ۽ زندگي جي ڪاروهنوار نه رڳو جاري رهيو، پر نظام الملڪ طوسي جي انتظام ان ۾ وڌيڪ چهل پهل به پيدا ڪري ڇڏي.
پر مسلمانن جي دنيا، جيڪا ماٿرين ۽ پهاڙن، شهرن ۽ ميدانن ۾ پکڙي هئي، کين اهڙي لالچ ڏياري جو ترڪ سردارن گڏجي حڪومت ڪرڻ ۽ هڪ وڏي نظام کي قائم رکڻ جي بدران، انهن مان پنهنجا حصا ۽ پتيون ڪڍڻ لڳا. جڏهن اتر ۾ سندن ڀائرن جو دٻاءُ وڌيو جيڪي هاڻ سرحدن تي ڦري رهيا هئا ۽ سلجوق کسڪي اناطوليا پهچي ويا ۽ پراڻن ترڪن جو هڪ حصو هندستان ۾ گهڙي آيو ۽ تاتارين جو سيلاب تيرهين صدي ۾ بند ٽوڙي ترڪستان ۽ ايران ۾ ڪاهي پيو ته هتي خوارزمين جي وڏي سلطنت قائم هئي ۽ اهي ئي مسلمانن جي تهذيب جا پاسبان هئا.
چوڻ وارا چون ٿا ته تاتارين جي پنهنجي تهذيب به هئي، پر تاريخ مان اسان کي فقط ايترو ٿو معلوم ٿئي ته هو غيرن جي تهذيب ته ڇا، پر آبادي کي ڏسڻ به گوارا نه ڪري سگهندا هئا. شايد انهن جي رت جي اُڃ جو ڪارڻ هڪ پاسي چيني ۽ ٻي پاسي ترڪي سلطنتن جو دٻاءُ هو. جڏهن کين اهڙو سردار ملي ويو، جنهن جي سامهون سڪندر جهڙا سپهه سالار به اڻ سکيل ٻار ٿي لڳا ته انهن جي همت ۽ قابليت دنيا جي لاءِ هڪ عذاب بنجي نازل ٿي. هڪ اهڙو عذاب، جنهن جي مقابلي ۾ هزارين جنگين جي رتوڇاڻ، وبائون ۽ طوفان ۽ زلزلا ٻارن جي راند ٿا لڳن. چنگيز خان، خوارزم جي درٻار ۾ سفير موڪليا هئا، جيڪي قتل ڪرايا ويا ۽ ان جي بدلي ۾ انهن اتر ترڪستان کان ڏکڻ ايران تائين ۽ سنڌو دريا کان وٺي دجلي جي ڪنڌين تائين، هر آبادي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ ايترا ته ماڻهو ماريا جو هفتن تائين دريائن ۾ پاڻي جي بدران رت وهيو ۽ ملڪن جا ملڪ هڏين جو ٻنيون بنجي ويون. ان ظالم کي لشڪر ڪشي جي فن ۾ اهو ملڪو حاصل هو، جو دنيا هن جي سامهون شطرنج جي راند کان وڌيڪ نه هئي. هن جون چالون اهڙيون ته غضب جون هيون ۽ هارايل مهرن کي اهڙي ته بي پرواهي سان ڀڃي اڇليندو هو، جو چڱن ڀلن رانديگرن جا به پگهر نڪري ويندا هئا ۽ اهي ويچارا جيڪي دنيا ۾ مهرن جي حيثيت رکندا هئا ۽ جن جي جان ۽ مال سان رانديگر اهڙي نموني کيڏندا هئا، جو دعا گهرڻ جي لاءِ وات به پٽي نه سگهندا هئا. پر چنگيز خان جو نالو وٺي، کيس خوازرم جي شهزادي جلال الدين جي ياد به تازي ڪرڻ گهرجي، جنهن جي مڙسيءَ چنگيز خان کي به مات ڏيئي ڇڏي، جيڪو هڪ مئل دنيا ۾ زندگي جي لهر جيان ڊوڙندو وتيو. صلاح الدين ان پهرين جنگ ۾، جيڪا تاتارين ۽ خوارزمين ۾ ٿي، سندس مقابلو چنگيز خان جي پٽ سان هو ۽ سڄي ڏينهن جي جنگ کان پوءِ کيس پٺتي هئڻ تي مجبور ڪيو. ٻي ڏينهن صبح جو خوارزمي وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿيا، ته کيس خبر پيئي ته تاتاري غائب ٿي ويا آهن ۽ هو سوچي رهيو هو ته ڇا ڪرڻ گهرجي، جو کيس خبر ملي ته تاتاري کانئس ڪيترا سؤ ميل پٺيان پهچي ويا آهن ۽ دارالسطنت خوارزم خطري ۾ آهي. چنگيز خان جي ان چال خوارزم جي فوج ۽ رياست کي ختم ڪري ڇڏيو. تاتاري هر طرف پکڙجي ويا ۽ تهذيب ڇا، خود زندگي جا نشان به مٽائڻ لڳا. تباهي ۽ ڊپ جي ان فضا ۾ جلال الدين ئي هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن جي همت تاتارين کي چيڙائيندي هئي. پر سلطنت ۽ فوج جي هٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ منجهس ايتري سگهه ڪٿي هئي، جو هو تاتارين کي روڪي سگهي. ڪنهن ميدان ۾ هو چنگيز خان جي سامهون بيهي نه سگهيو، پر هر هنڌ وڏي دليري سان وڙهيو ۽ ميدان ڇڏيو ته به اهو پڪو پهه ڪري ته هتي نه ته ڪنهن ٻي هنڌ، جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين وڙهبو رهبو. آخر ۾ سنڌو دريا جي ڪناري چنگيز خان کيس گهيري ورتو، ساڻس جيڪي ٿورا سپاهي هئا، اهي سڀ مارجي ويا ۽ پاڻ به زخمي ٿيو. جڏهن وٽس ٻي ڪا واهه نه رهي ته جلال الدين دريا ۾ ٽپو ڏنو ۽ تري ٻي ڪنڌي تي پهتو. خبر ڪونهي ته چنگيز خان کي مٿس رحم آيو يا کيس اهو اطمينان ٿيو ته هاڻ هو مقابلي جي لائق نه رهيو آهي، يا هندستان جي تقدير جي تدبيرن کي ڪنهن ٻي پاسي ڦيري ڇڏيو، بهرحال هو دريا جي هن پار نه آيو.
تاتارين جو هڪ حصو ترڪستان کان ڏکڻ طرف آيو، ٻيو اولهه پاسي موڪليو ويو، جنهن ڏکڻ روس، پولينڊ ۽ هنگري فتح ڪئي. چنگيز خان قراقرم جي شهر کي ان وڏي سلطنت جو مرڪز بنايو، پر اهڙي سلطنت تي ڪنهن هڪ هنڌ تان حڪومت ڪرڻ ممڪن نه هو، پنجاهه سالن جي اندر ئي ان جا ڪيترائي ڀاڱا ٿي ويا ۽ تاتاري سردارن پاڻ ۾ ورهڻ شروع ڪيو. ٿوري ئي عرصي ۾ انهن تهذيبن، جن کي هو ختم ڪرڻ جي لاءِ نڪتا هئا، کين پنهنجو ڪري ورتو. پر تاتارين کي اجاڙڻ جو شوق هو پر کين آباد ڪرڻ جو سليقو نه هو. ايران جا جيڪي شهر هنن برباد ڪيا، اهي اڃا تائين موت جي ننڊ سمهيا پيا آهن. جن ندين کي هنن لٽيو، اهي وري ٻيهر ڪڏهن به زمين کي سيراب ڪرڻ جي لاءِ نه وهيون، جن ٻنين ۽ باغن کي هنن ساڙيو، اتي وري ساوڪ نه اُڀري. چوڏهين صدي جي پڇاڙي ۾ تاتارين جي هڪ سردار امير تيمور کي چنگيز خان جهڙي سلطنت قائم ڪرڻ جي هوس اُڀاريو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جنگ جي فن ۾ هو چنگيز خان جهڙي ئي صلاحيت رکندو هو. چنگيز خان ”قراقرم“ جي رونق وڌائڻ لاءِ دنيا کي ويران ڪيو هو. تيمور، سمرقند کي سنوارڻ لاءِ مسلمانن جي هر ملڪ ۽ شهر کي ماتم گاهه بنائي ڇڏيو. فرق رڳو ايترو هو ته چنگيز خان امير کي ڦريو ۽ تيمورغريب کي، چنگيز خان جيئرن کي ماريو ۽ تيمور مئلن کي.
مسلمانن جي تهذيبي مرڪز عراق ۽ ايران جي لاءِ اهو هڪ آفت جو زمانو هو، جڏهن هڪ بلا جو ٽرڻ ٻي جي اچڻ جو نياپو هو. بازارون خالي پيون هيون، صنعتون اُجڙي ويون هيون، غريب جو سهارو، محنت تي نه پر امير جي پرورش تي هو. چوڌاري ماڻهو، دنيا جي پاسي بدلائڻ سبب بي چين هئا. ان جي دوکي مان بيزار هئا، تقدير کي تدبير سان منهن ڏيڻ زندگي جو اٽل قانون ٿو معلوم ٿئي. اهڙي دور ۾ تهذيب جو پاسو بدلائڻ ضروري هو. ان ۾ ڪا به حيرت ڪونهي ته ان زماني ۾ اسين دنيا ۽ دين کي ڌار ٿيندي ڏسون ٿا. دنيا عمل جو ميدان نٿي رهي، مايا ۽ سنسار بنجي ٿي وڃي. دين اخلاق ۽ حوصلي جو سرچشمو نٿو رهي، دينيات ۽ قانون جو دفتر بنجي ٿو وڃي. علم کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش کي بزرگن جو توهين جو شڪ ڪيو ٿو وڃي ۽ هنرمندن اميرن جي درن تي پنندو وتندو آهي. ان زماني ۾ ڪاميابي ان جو حصو سمجهي ويندي آهي، جيڪا شيخ سعدي جي حڪايتن ۽ نصيحتن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو سليقو ٿي رکي. زاهد جي قانون پرستي ۽ دنيادار جي مصلحت سچي انسانيت کان پري سمجهي ويندي آهي. ڪمال جو تصور وساريو ويندو آهي، جمال جي شڪل ٿڪي ويندي آهي، سعدي جي گلستان جو جواب حافظ جو ديوان آهي، شيخ جي قانون جو ٽوڙ ميڪدن جي آزادي آهي.
جنهن دور ۾ سعدي ۽ حافظ جهڙا اديب، پيدا ٿيا هجن، ان دور کي خالي چوندي خراب ٿو لڳي. پر حقيقت اها آهي ته ان دور ۾ جيڪو تاتاري حملن کان شروع ٿيو، تهذيب جي پراڻن مرڪزن تي ماٺار ڇانيل هئي. ان زماني ۾ زندگي ۽ عمل جا جيڪڏهن آثار نظر اچن ٿا ته اهي ترڪي ۽ هندستان ۾، ۽ هتي به جيڪا ڪارگذاري آهي، اها سياسي آهي نه ڪي تهذيبي.
ترڪي سلطنت جو بنياد هڪ قبيلي رکيو، جيڪو پنهنجي پهرين سردار جي نالي سان ”عثمان لي يا آل عثمان“ سڏبو هو. ان قبيلي کي ٽن چئن سؤ سالن تائين لڳاتار هوشيار سردار ملندا رهيا، جن هوريان هوريان سڄي اناطوليا تي قبضو ڪري ورتو ۽ پوءِ سمنڊ پار ڪري يورپ تي به حملا شروع ڪري ڇڏيا. 1453ع ۾ سلطان محمد فاتح، قسطنطنيه کي، جيڪو ترڪن جي سلطنت ۾ هڪ ٻيٽ بنجي رهجي ويو هو، فتح ڪيو. سندس پٽ پولينڊ تي حملو ڪيو ۽ ان جي پوٽي سليم فرات جي ماٿري، شام، فلسطين ۽ مصر کي ترڪ سلطنت ۾ شامل ڪري ورتو. سليم جي پٽ ”سليمان اعظم“ جو زمانو (1520- 1566ع) ترڪن جي انتهائي عروج جو زمانو هو. جڏهن ترڪن جي حڪومت آسٽريا جي گادي جي هنڌ ويانا کان وٺي بصري تائين ۽ پولينڊ کان وٺي نيل ندي جي ماٿري جي ڏاکڻين سري تائين پکڙجي ويئي هئي.
جڏهن عرب پنهنجي اخلاق ۽ پنهنجي تهذيب جي باوجود به يورپ ۾ بدنام ڪيا ويا هئا، ته اهو ڪٿي ممڪن هو ته ترڪ، جن ڪيترائي ڀيرا جنگ ۽ سياست جي ميدان ۾ يورپي قومن کي دسيو هو، بدنامي کان بچڻ جي لاءِ ترڪ سپاهين جي بهادري کي مڃڻ تي مجبور ٿين ها. پر ان کان سواءِ هنن ترڪن جي ٻي ڪنهن به گڻ جي ڳالهه نه ڪئي، پر سڄي دنيا ۾ اهو مشهور ڪيو ته ترڪ وحشي، ڄٽ ۽ ڪٽر ماڻهو آهن، جيڪي تلوار جي زور تي ماڻهن کي غلام بنائيندا ٿا رهن ۽ انهن کان ڪنهن به قوم جي آزادي ۽ عزت محفوط ڪونهي. اصل حقيقت هي آهي ته جيستائين ترڪن جي حڪومت ۾ بگاڙ پيدا نه ٿيو هو، تيستائين اها پنهنجي زماني جي بهترين حڪومت هئي. ترڪ حڪمرانن ڏٺو ته سندن سلطنت ۾ ڪيترين ئي قومن ۽ مذهبن جا ماڻهو آهن، ته هنن پنهنجي رعيت کي ملتن يعني مذهبي سماجن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ هر سماج کي مڪمل آزادي ڏيئي ڇڏي ته هو پنهنجي مذهبي اڳواڻن جي ماتحت رهن، پنهنجي لاءِ قانون جوڙين، پنهنجن ٻارن کي پنهنجي مذهب جي تعليم ڏين. انهن ملتن مان هڪ ملت سلطان به هئا. مذهبي سماج جي حيثيت سان هو سلطان جي نه پر ”شيخ الاسلام“ جي ماتحت هئا ۽ اهو ئي شيخ الاسلام ٻين مذهبي سماجن جي حقن جي حفاظت به ڪندو هو. فوج سڌوسنئون سلطان جي ماتحت هئي ۽ فوج ۽ سرڪاري نوڪري جي لاءِ جيڪي نوجوان ڀرتي ڪيا ويندا هئا، تن جي تعليم جو بندوسبت رياست پاڻ ڪندي هئي ۽ انهن جو سمورو خرچ برداشت ڪندي هئي. پر ان خيال کان ته اهي همراهه پنهنجن ڀائيبندن جي خاطر رياست جو حق نه مارين، پنهنجن گهراڻن کان ڌار ڪيا ويندا هئا ۽ رياست کان سواءِ هنن جو ڪنهن ٻي سان رشتو ناتو نه هوندو هو. جيئن سياست ۾ هر قوم ۽ مذهب جو لحاظ ڪيو ويو، تيئن واپار ۾ پڻ هر ملڪ جي ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ آزادي ڏني ويئي. مخلتف قومن جا جيڪي واپاري قسطنطنيه ۾ واپار ڪندا هئا، تن کي اهو حق حاصل هو ته پنهنجن سفيرن کي پنهنجو نگران ۽ ذميدار بنائين. انهن جا پنهنجا معاملا سندن پنهنجين عدالتن ۾ پيش ٿين ۽ ٻين سان ڪو جهيڙو جهٽو ٿي پوي تڏهن به فيصلو ڪرڻ مهل انهن جي پنهنجي قاعدن ۽ ريتن رسمن جو خيال ڪيو وڃي. ايئن ترڪن جي حڪومت هڪ پاسي نهايت مضبوط ۽ سگهاري شاهي حڪومت هئي، ته ٻي طرف هڪ بين الاقوامي حڪومت به جنهن ۾ سڀني جا حق ۽ حيثيت برابر هئي.
ترڪن جڏهن اهي اصول جوڙيا ته يورپ وارا چڱي خاشي ترقي ڪري چڪا هئا، پر انهن ۾ تنگ نظري ايتري ته هئي، جو هو انهن عيسائين کي، جن جا عقيدا پادرين کي غلط يا ناگوار لڳندا هئا، تن کي جيئرو ساڙي ڇڏڻ ضروري سمجهندا هئا. ڪو اهڙو ڏينهن نه هو، جڏهن اهڙي تنگ نظري ۽ تعصب جي ڪري گهرو جنگيون ۽ خونريزيون نه ٿيون هجن. رومي ڪليسا، گمراهن کي ساڙڻ جي لاءِ هڪ خاص ”کاتو“ قائم ڪيو هو ۽ اسپين ۾ ته رعيت، جيڪڏهن چئن پنجن ڏينهن تائين ڪنهن ”بي دين“ جي سڙڻ جو تماشو نه ڏسندي هئي ته بدل دل ٿي پوندي هئي. ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ ڏيڍ سؤ سالن تائين هڪ ٻئي کي ساڙيندا رهيا ۽ ان سان گڏ لکين عورتون به ساڙيون ويون، جن تي جادوگرڻين جو شڪ ڪيو ويو. پر ستم ظريفي ته ڏسو، اهي ئي ماڻهو ترڪن کي، جن ڪڏهن به هڪ عيسائي کي به بي دين سمجهي ستايو نه هوندو، وحشي، ناپاڪ ۽ ظالم سڏيندا هئا.
اصل ۾، زبان سان ڀلي هو ڇا به چون، پر دل ۾ ته پندرهين ۽ سورهين تائين يورپ جا بادشاهه، ڪجهه ٻيو سمجهندا هئا، هو سڀ ان الڪي ۾ هوندا هئا ته ترڪي جي سلطان سان لڳ لاڳاپا ڪيئن وڌائين ۽ ٿي سگهي ته پنهنجا جهيڙا جهٽا نبيرڻ ۾ سندس مدد حاصل ڪن. فرانس جي هڪ بادشاهه، سلطان کي، عيسائي ملت جي سردار ”پاپاءِ روم“ (پوپ) جي مخالفت ڪرڻ تي راضي ڪرڻ چاهيو ۽ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ، اسپين جي بادشاهه فلپ جي وار کان بچڻ لاءِ سليمان اعظم جي اڳيان جيئن ليٿڙائي مدد گهري، اهو اهڙو ته شرمناڪ واقعو آهي جو انگريز مؤرخ ان جو ڪٿي به ذڪر نٿا ڪن. ترڪن جي سيرت ۾ اها کوٽ هئي، يا هنن حڪومت ڪرڻ جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو هو، انهيءَ جو هڪ نتيجو اهو هو ته هنن علم ۽ ادب ۾ نالو نه پيدا ڪيو. وٽن شاعر ۽ اديب ته ٿيا، پر هو عرب ۽ ايراني استادن جو نقل ڪندا رهجي ويا ۽ علم ۾ هو انهن کان به وڌيڪ پٺتي رهجي ويا. جيتوڻيڪ تعمير جي فن ۾ هو دنيا جي ڪنهن به قوم جو مقابلو ڪري ٿي سگهيا، پر علم اچي به ته ڪٿان. مسلمان تازو غور ۽ ويچار جو حوصلو ڇڏي، پنهنجي علم جو دروازو بند ڪري چڪا هئا. هيڏانهن يورپ ۾ تعصب ۽ جهالت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو ۽ جيڪڏهن ڪجهه هو به کڻي ته اهو ڪليسا جي ڊپ سبب منهن لڪايو پيو هو. جنهن فعل ۾ سڀني جي کيتي خراب هجي، ان ۾ ڪنهن هڪ تي الزام هڻڻ جو ڪو به فائدو نه آهي.