(13) هندستان (700- 1800ع)
انهن نون ماڻهن جو اصل گڻ اهو هو ته اهي مسلمان هئا. انهن جي نسل کي ڏسبو ته سڀ کان پهرين ايندڙ عرب هئا. اهي واپار ڪندا هئا، واپار ۾ کرا هئا، تنهن ڪري سندن آجيان ڪئي ويئي ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ جيڪي سمنڊ جي ڪنڌي تي شهر هئا، انهن ۾ هنن ننڍيون ننڍيون وسنديون آباد ڪيون. واپار ۽ عزت بچائڻ جي لاءِ کين سنڌ جي راجپوت رياست سان وڙهڻو پيو. پر هنن سنڌ کان اڳتي وک نه وڌائي. کين هندستان تي حڪومت ڪرڻ جي خواهش نه هئي. واپار، تهذيب يا مذهب پکيڙڻ جو جيڪو ڪم هنن ڪيو، اهو ڏاڍي خاموشي سان ڪيو. پر حقيقت کي ڏسبو ته ڏکڻ هندستان جي عربن جيڪو اثر هندستاني زندگي تي وڌو، تنهن جو مثال اتر هندستان جي مسلمان رياستن جي سڄي ڪارگذاري سان به نٿو ملي ۽ هنن هندو سماج ۾ جيڪا چرپر پيدا ڪئي. اها ملڪ جي فتح ۽ غيرن جي حڪومت به پيدا نه ڪري سگهي. اٺين صدي کان ٻاهرين صدي عيسوي تائين ڏکڻ هند مان جيڪي سڌار واري تحريڪون اڀريون، انهن تحريڪن جن ٻڌ ڌرم، جيت ڌرم، شومت ۽ وشنو مت کي گڏي هندو ڌرم بنايو، جن جاترن جي رسم قائم ڪئي ۽ هندستان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ماڻهن کي ثواب ڪمائڻ جي لاءِ موڪلڻ ۽ ثواب پيدا ڪرڻ ۽ معاشرتي اتحاد جو هڪ خيال پيدا ڪيو، جيڪو اڳ ڪڏهن ۽ ڪٿي به نظر نه ٿي آيو؛ انهن تحريڪن جن ذات پات جي ديوارن کي ٽپي هندو ڌرم کي عوامي ڌرم بنايو، اهو سڀ عربن جي اسلام جي تبليغ انهن جي ديني جوش، انهن جي آزادي ۽ مساوات جو جواب هو.
عربن کان پوءِ جيڪي مسلمان هندستان ۾ آيا اهي ترڪ هئا ۽ انهن جي اچڻ جو ٺٺ ڪجهه ٻيو هو. هنن جو پنهنجو ديس يعني ”اورخون دريا“ ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماٿرين ۾ سندن آبادي تمام گهڻي وڌي ويئي هئي ۽ انهن جا قبيلا هڪ ٻئي کي هيڏانهن هوڏانهن ڌڪي رهيا هئا. اوهان کي ياد هوندو ته ٻي صدي قبل مسيح ۾ هتان کان ئي هڪ نسل گهر ڇڏي نڪتو هو ۽ ان قبيلي جا سردار جيڪي ”ڪسان“ سڏبا هئا، هڪ وڏي سلطنت قائم ڪئي هئي، جنهن جي گاڌي جو هنڌ ”پشاور“ شهر هو ۽ جنهن ۾ اتر هندستان جو هڪ وڏو حصو شامل هو. پنجاب، سنڌ، گجرات ۽ اتر مهاراشٽر ۾ ان نسل جا ڪيترائي ماڻهو آباد ٿي ويا هئا. نائين صدي ۾ اسين ٻيهر انهن ترڪ قبيلن کي برابر ترڪستان ۽ ايران طرف وڌندي ڏسون ٿا. پنهنجي ديس مان هو ايئن نڪتا، جيئن گهڙي مان پاڻي ٽمي نڪرندو آهي ۽ مسلمانن جي آبادي ۾ گڏوچڙ ٿي ويا. پر اهو سڀني ڄاتو ٿي ۽ سڀني کان وڌيڪ ترڪن ته اهو گهڙو هڪ نه هڪ ڏينهن پاڻي جي زور سان ڦاٽي پوندو. محمود غزنوي (989- 1030ع) پنهنجي سامهون ترڪ قبيلن کي هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندي ڏسي رهيو هو ۽ هن جي سياست هڪ پاسي شهرت جي خواهشمند هئي ته ٻئي پاسي خطري کان بچڻ جي تدبير به هئي. هن پنهنجو گهر ٻار بچائڻ جي لاءِ ٻئي جو گهر ڦريو، پر هن جي اک پوريندي ئي، جيڪا ڪجهه موڙي هن ڇڏي هئي اها هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويئي ۽ اهو ئي سيلاب، جيڪو هن روڪڻ ٿي چاهيو، خراسان ۽ چين کان ٿيندو عراق تائين پهتو. محمود جي جانشين غزني ڇڏي پنجاب ۾ پناهه ورتي ۽ ان کان پوءِ غوري به هنن جيان هڪ ٻئي جي پويان پنهنجن مورچن مان نڪتا. انهن جي لاءِ بس هڪ ئي سهارو هو ته هو ڪنهن به طرح سان هندستان ۾ پنهنجا پير ڄمائين. اهو سڀ ڏسندي اڄڪلهه محمود يا شهاب الدين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا سندن ڳڻ ڳائڻ ٺيڪ ڪونهن. انهن ماڻهن دنيا کي هڪ حال ۾ ڏسڻ ۾ پي چاهيو، انهن جي قسمت ۾ ته ڪڙهجڻ لکيل آهي، هو ان ڳالهه تي نه ته ڪنهن ٻي ڳالهه تي پاڻ کي ساڙيندا، پر هو سمجهن ٿا ته زندگي نالو ئي آهي ڇڪتاڻ ۽ طوفان ۽ انقلاب جو. هو رتوڇاڻ ۽ لڙاين جي شڪايت نه ڪندا، پر هو اهو ڏسندا ته انهن جي ڪري هڪ نئون حوصلو ۽ نئون دين هندستان ۾ آيو ۽ هتي جا ميدان ۽ پهاڙ هڪ نئين زندگي جي هنگامن سان پرائجڻ لڳا.
مسلمانن جي اچڻ کان اڳ به هندستان هڪ راڄ ۽ هڪ ديس رهي چڪو هو، پر اتحاد جو جيڪو حوصلو ترڪ پنهنجي دلين ۾ کڻي آيا، اهو ڪجهه ٻيو ئي هو. هنن سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي هنڌان حڪومت ڪرڻ ٿي چاهي. هنن جي جسمن جا ته ٽڪرا ٿي ويندا هئا، پر هو پنهنجي رياست جا ٽڪرا ڪرڻ نه ڏيندا هئا ۽ ان معاملي ۾ پوءِ پنهنجو هجي يا پرايو، جيڪو به ضد ڪندو هو، ان کي هو جيئرو نه ڇڏيندا هئا. سڄو هندستان ته سندن قبضي ۾ نه آيو، پر جتي به سندن وس هليو، اتي هنن گڏيل رياست جي خاطر هنڌ ۽ نسل ۽ مذهب جو فرق مٽائي ڇڏيو. حڪومت جو حق سڀني تي برابر رکيو ۽ حڪومت تي سڀني جو برابر حق رکيو، پوءِ ڀلي اهي ويجهڙ جا ماڻهو هجن يا پري جا، پنجاب جا هجن يا بنگال يا گجرات جا. جيڪو به حڪومت جو دشمن هوندو هو، تنهن کي هو دشمن ئي سمجهندا هئا پوءِ ڀلي اهو هندو هجي يا مسلمان. ساڳئي طرح هو دوستي جو حق به ادا ڪندا هئا ۽ ان ۾ به هو ڪنهن نسل يا مذهب جو ڪو فرق نه رکندا هئا. انهن جو حوصلو ڪنهن هڪ شخص جو حوصلو نه هوندو هو، پر انهن سڀني ماڻهن جي جيڪي سمجهدار هئا ۽ خود غرض نه هئا. انهن ۾ ايئن سمجهبو ته سندن دليون ۽ دماغ ٻڌل هئا. هندستان ۾ ايندي ئي هنن رياست جو بنياد رکيو ۽ ان کي وڌائڻ ۽ سگهارو ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ڏيڍ سؤ سالن جي اندر هنن پشاور کان ملوار تائين ۽ بلوچستان کان آسام تائين ان رياست کي پکيڙيو، پر آخر ۾ ان رياست جو وزن هنن تي ايترو ته وڌي ويو جو انهن جا ڪلها انهن جو بار سنڀالي نه سگهيا ۽ ٿڙي ڪري پيا ۽ سندن رياست جا ڪيترائي حصا ۽ پتيون ٿي ويا. پوءِ پٺاڻ آيا، جن کي اهو حوصلو ورثي ۾ مليو هو، ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. شير شاهه سوري جي زماني ۾ اتر هندستان ٻيهر هڪ ڇٽيءَ جي ڇانوَ ۾ اچي ويو ۽ جڏهن پٺاڻن جي همت جواب ڏيڻ لڳي ته مغلن اڳتي وڌي ڪلهو ڏنو. اڪبر جي زماني ۾ مسلمانن جي رياست جو ٻيو دور شروع ٿيو، اها ٻي رياست به سڄي هندستان کي هڪ راڄ ۽ هڪ ديس بنائڻ جي ڪوششن ۾ وڌي ۽ ويجهي به ۽ تباهه به ٿي ۽ ترڪن وانگيان مغلن کي به هڪ اتحاد جي خواهش، ڪاميابي جي عروج تائين پهچايو ۽ پوءِ ان کي ڊاهي به ڇڏيو.
هندستان کي هڪ ملڪ بنائڻ جو جيڪو حوصلو مسلمانن ۾ هو، پوءِ ڀلي اهي ترڪ هجن يا پٺاڻ يا مغل، ان جو خيال رکڻ گهڻو ضروري به آهي. ان جي پويان هنن نه رڳو پنهنجو پگهر وهايو، پر ڪيتريون عداوتون به سٺيون، جيڪي اڃا به پنهنجو رنگ ڏيکاري رهيون آهن. ان مان جيڪو فائدو ٿيو، اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي، جو ان حوصلي ٻيلا ڪٽرايا، اهڙا رستا ٺهرايا، جيڪي هندستان جي هڪ سري کان ٻي سري تائين پکڙيل هئا. انهن جي دڳن ۾ مسافر خانا، چوڪيون، وسنديون ۽ شهر پوتا. هنن ٿاڻا ۽ ڇانوڻيون ٺهرايون ۽ حڪومت جو اهو ڍانچو تيار ڪيو، جيڪو اڄ به ايئن ئي بيٺل آهي، ۽ صنعت معاشرت، تهذيب، سڀني ۾ هڪ ئي ڌن پيدا ڪري ڇڏي. ترڪن ۾ اهو حوصلو نه هجي ها ته هندستان اسي سالن تائين تاتارين جي هٿان ڦربو، لٽبو رهي ها ۽ اسين به ڄاڻو ٿا ته اها بربادي ڪيئن هجي ها. انهن وحشين ترڪستان، ايران ۽ عراق ۾ ڪيترا نه ظلم ۽ جبر ڪيا، انهن جي رام ڪهاڻي انهن ملڪن جي تاريخ کان ٻڌي وٺجو. مغلن ۾ اهو حوصلو نه هجي ها ته هن وقت هندستان پورچو گالين، ڊچ، فرينچ ۽ انگريزي بيٺڪيت ۽ والار جو مرڪز هجي ها. اها تهذيب زبان نه هجي ها، جيڪا هنيئر اسان جي اتحاد جو سهارو آهي ۽ اسين پنهنجي تاريخ جي نالي کان ڦڪا ٿيون ها.
اتحاد جو اهو حوصلو، خالي سياسي اتحاد جو حوصلو ٿي نٿي سگهيو. ترڪن ۽ مغلن کي هڪ ٺڪاڻي جي ڳولا هئي. هندستان کي هنن پنهنجو وطن بنايو ۽ اهو سمجهي ڪري رهيا ته هاڻ هتان وڃبو ته سڌو خدا ڏانهن ئي وڃبو. هنن جي سرڪاري زبان ته فارسي ئي رهي، پر هنن ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هتان جو مقامي زبانون سکيون ۽ انهن مان هر ڪنهن زبان کي ادبي زبان جو درجو ڏنو ۽ اتر هندستان جي زبانن کي گڏي هڪ اهڙي زبان ٺاهي، جنهن کي رابطي جي زبان چئي سگهجي ٿو. هو اهڙا به نه هئا، جو هر ڳالهه جو نقل ڪن ها ۽ اهڙا تنگ دل به نه هئا، جو سري کان ٻين جي سٺين شين کي پسند نه ڪن ها. هندستان ايندي ئي هتي جي فضا انهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويئي. زبان جيان هنن هتان جي هر فن جو قدر ڪيو. هر صنعت کي ترقي ڏني، پنهنجي مزاج کي هتان جي مزاج ۾ سمائي ڇڏيو ۽ هر شئي جو هڪ طريقو ڪڍيو، جنهن کي اسين ٺيٺ هندستاني کان سواءِ ٻيو ڪجهه چئي نٿا سگهون. هندو مسلم مزاج جو اهو ميل امير خسرو جي گڏيل سڏيل فارسي، هندي نظمن، ان جي غزلن ۽ ڳجهارتن کان شروع ٿئي ٿو. جڏهن ترڪن کي آباد ٿيندي ئي پيڙهيون به نه گذريون هيون ۽ هاڻ هو اسان جي طبيعت ۽ عادت ۾ ايئن شامل ٿي ويا هئا، جو انهن تي گڏپ جو شڪ به نه ٿيندو هو. انگريزي تعليم، يورپي تهذيب ۽ واپاري مال، جيڪو ان يقين سان اسان جي بازارن ۾ ڀريو وڃي ٿو ته اسين اهو ڊوڙي وڃي خريد ڪنداسين، انهن ڳالهين کي وساري ڇڏيو آهي، جيڪي هندستان کي نج هندستاني تهذيب سيکاريون. انهن شين کي اسان جي نظرن کان لڪائي ڇڏيو، جيڪي اُن ٺاهيون، اسين وساري ويٺا آهيون ته دري ۽ غاليچا، چلمن ۽ پردو، حوض، ڦوهارو ۽ چبوترو، سلنچي، دسترخوان ۽ پليٽون، لوٽا ۽ صراحيون، جوتا ۽ ٽوپيون ۽ سبيل ڪپڙن جو عام رواج نه هو. هٿ هلائڻ ۽ گلي ملڻ جي رسم ۽ گهرجي ورهاست جو اهو طريقو جنهن ۾ ملاقات جي لاءِ ڌار حصو هوندو آهي ۽ خلوت جو الڳ. اهي صحبتون جن ۾ ڌارين جو قدر پنهنجن کان به وڌيڪ ڪيو ويندو آهي، اهي دعوتون جن ۾ هر ذات ۽ ڌنڌي جي ماڻهن جو هڪ هنڌ ويهي کائين ٿا، تعليم حاصل ڪرڻ جو عام حق، پنهنجي صلاحيتن ڏيکارڻ جو سڀني کي موقعو، اهي سڀ ڳالهيون مسلمانن سان گڏ آيون ۽ هندستاني تهذيب ۾ رچي ويون. هنن نين شين جو شوق به پيدا ڪيو، ڌوڻي ۽ ساڙهي هزارين سالن تائين هندستانين جو لباس رهيو ۽ ٿورو به نه بدليو. پر مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ ڏسبو ته هر نئين پيڙهيءَ لباس کي بدلائي هڪ نئون طريقو اختيار پي ڪيو آهي. رهڻي ڪهڻي ۾ به تڪلف ۽ نفاست ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويئي ۽ گهرو زندگي ۽ ميل جول کي هر ممڪن طريقي سان سنواريو ويو.
پر اها هندستاني تهذيب هڪ ڏيکاءُ هجي ها ۽ اندران کوکلي هجي ها، جيڪڏهن مذهب ان ۾ سالا نه وجهي ها. نئين تعليم اسان کي پٽي پڙهائي ته مسلمانن جيئن زبردستي حڪومت قائم ڪئي، تيئن ئي پنهنجي دين کي به پکيڙيو ۽ انهن جي هلت اهڙي هئي، جو جن هنڌن کي پنهنجي ڌرم ۽ قومي عزت جو خيال هو، سي کانئن ڌار رهيا. تنهن کان سواءِ اڄڪلهه جي سياست اهو به سبق پئي پڙهائي ته مذهب ته سدائين ويڙهائي ٿو، گڏي نٿو، هاڻ اسين ڀائيچاري جو ڪيئن ٿا اندازو لڳائي سگهون ته، جيڪو صوفين ۽ جوڳين، شاعرن ۽ ڀگتن جي خلوص ۽ صفائي جو عڪس هو، جنهن جو اجالو اڃا تائين اسان جي زندگين جي رونق هجي ها، جيڪڏهن اسين ان کي پنهنجي خود غرضين تي قربان نه ڪريون ها، ان ڀائيچاري جو بنياد خواجه معين الدين چشتي رکيو هو. جڏهن هو اجمير آيو ۽ اڇوتن ۾ رهي انهن جي خدمت ڪري اسلامي ڀائيچاري جو پيغام ٻڌايو. ان کان پوءِ سندس پوئلڳ اسلامي اخلاق جو مظاهرو ڪندا رهيا، انهن ۾ ايتري ته رواداري هئي، جو دينداري ۽ دل جي صفائي کي جتي به ڏسن ها قدر ڪن ها، کين علم حاصل ڪرڻ جو اهڙو ته شوق هو جو يوگ ۽ گيان ۽ ڌيان سڀني رستن تي هلي، ان آخري منزل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪن، جنهن جي اڳيان رڳو خدا جي ذات آهي. انهن صوفين جا پنهنجا حلقا هئا، جن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي شريڪ ٿيندا هئا ۽ اهو روحاني يڪجهتي جو بي مثل نمونو هو.
اسلام جتي به پکڙيو، صوفين جي ڪري پکڙيو. پر اها به ياد رکڻ جي ڳالهه آهي ته ان جي اثر سان هندن جا پنهنجا عقيدا به پختا ٿيا. اپنشندن ۾ ڀڳوت گيتا جي تعليم، يوگ ۽ فلسفي سان کين نئون لڳاءُ ٿيو. هنن پنهنجي ڌرم جي تعليم جو پرچار ڪيو ۽ ان علم کي، جيڪو ان وقت تائين برهمڻن وٽ ڪتابن ۾ بند ٿيو پيو هو، هندن جي سڄي سماج ۾ دل کولي ورهايو. تلسي داس جي رامائڻ ۾ رام چندر جي ڪٿا بيان ڪيل هئي، پر هو هندي ۾ ڪڏهن به نه کلي ها، جيڪڏهن مسلمانن ان زبان کي عزت نه ڏني هجي ها ۽ اهو خيال هر ڪنهن جي دل ۾ اهو خيال نه ويهاريو وڃي ها ته دين جي دولت تي سڀني جو حق هڪ جيترو آهي.
هندن ۽ مسلمانن جي گڏجڻ سان نه ڪو نئون مذهب جڙيو ۽ نه جڙڻ گهرجي ها، پر جيئن صنعت، فن تعمير، موسيقي ۽ فنون لطيفه جي ٻين شعبن ۾ ٻنهي جي مزاج گڏجي هڪ معيار قائم ڪيو، جيئن ٻنهي جي ميل ميلاپ ڳالهه ٻولهه ۽ صحبت جا آداب مقرر ڪيا، تيئن سندن دلين ۾ گڏجي انسانيت جو هڪ تصور جڙيو، جنهن جي سامهون سڀني جا ڪنڌ جهڪندا هئا ۽ جيڪي سڀني کي هڪ جيترا پيارا هئا. انسانيت جو اهو تصور ان زماني ۾ هڪ سهارو هو، جڏهن ته مغل سلطنت برباد ٿي چڪي هئي. ان تي ان وقت به ڀروسو رهيو، جڏهن عام ماڻهن، عام طور تي هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. اهو تصور آهي ته ٻڍاپڻ ۽ زوال جو يادگار، پر اهو اسان جي گڏيل سڏيل زبان (اردو) جو جوهر آهي. ان جي تهذيبي قدر ۽ قيمت اسان جي بهترين فني يادگارن کان ڪجهه وڌيڪ ئي آهي ۽ ڪهڙو نه عجيب آهي ته اسين اوپرائپ ۽ عداوت جون سڀئي منزلون طئي ڪرڻ کان پوءِ، ٻيهر ان ئي هنڌ تي پهتا آهيون، جتان کان اسين هليا هئا سين. اسين پنهنجي آخري محفل جي ان ڏيئي کي ٻيهر ٻارينداسين. ان جي سهائيءَ ۾ هڪ ٻئي کي ڏسنداسين ۽ سڃاڻنداسين ۽ اها اسان جي دلين ۾ پراڻي وساريل محبت کي ٻيهر تازو ڪري ڇڏيندي.