(6) قديم چيني سڀيتا
چيني سڀيتا جو پهريون دور ساڳئي نموني صبح جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي، جيئن ان زماني ۾ ٻي هنڌ جي زندگي. اسين ايترو فرق ضرور ڏسون ٿا ته مذهب جي معاملي ۾ چينين جي روش بلڪل نرالي هئي. انهن جي آبادي ٻن دريائن جي ڪنڌين تي هئي، جن تي سندن پوکي راهي جو دارومدار هو. پر اهي دريا ۽ خاص ڪري ”هوانگ هوا درياهه“ ڏاڍو خطرناڪ هو. ڇو ته اهو اوچتو رخ بدلائي، انهن ئي ٻنين کي وڃي ٻوڙيندو هو، جن کي هو آباد ڪندو هو. پوءِ به چيني، ان درياهه کي درياهه ئي سمجهندا رهيا، ان جو احسان مڃي يا ان جي ڪاوڙ کان ڊڄي، کيس ديوتا نه بنايو. پر ان کي قابوءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. چيني پنهنجي بادشاهه کي آسمان يا خدا جو پٽ ڪري مڃيندا هئا، پر اهڙو پٽ به نه، جنهن جو حق هر حالت ۾ قائم رهي. جيڪڏهن هو ظلم ڪندو هو يا ڀٽڪي ويندو هو ته هو اهو چئي کيس تخت تان لاهي ڇڏيندا هئا ته بادشاه ڪو سچي پچي ٿورو ئي خدا جو پٽ هوندو آهي، پر گود ورتل هوندو آهي. سندن بادشاهه، هنن جو مذهبي سردار به هوندو هو ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو قرباني ٿيندي هئي ته بادشاهه خدا جي پٽ جي حيثيت سان وڏي پوڄاريءَ جا فرض به ادا ڪندو هو. پر کيس رعيت جي دين ۽ ايمان ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو حق نه هوندو هو ۽ چيني سماج ۾ اسان جي برهمڻ يا عيسائي پادرين جو جواب نٿو ملي.
پراڻين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته چين جا پهريان بادشاه وڏا سورما هئا جن وسندين کي انهن وحشين کان محفوظ رکيو، جيڪي انهن جي چوڌاري ڦرندا وتندا هئا. اهي هوشيار انجنيئر به هئا، جن نهرون ڪڍي ۽ بند ٻڌي ”هوانگ هوا درياهه“ کي لگام ڏنو. شروع ۾ چين جا اهي ئي ٻه مسئلا هئا. پر جيئن جيئن آبادي وڌي، تيئن چين کي منظم ۽ متحد رکڻ جو سوال وڌيڪ اهم ٿيندو ويو. اهو نبيرڻ جون ٻه ئي شڪليون هيون؛ هڪ اها ته ماڻهن کي اهڙي تعليم ڏني وڃي، جيڪا کين قاعدي ۽ قانون جو پابند رکي ۽ ٻي اها ته حڪومت جو بندوبست سٺو هجي ۽ حاڪمن کي انهن ڪمن جو الڪو هجي، جيڪي رعيت تي ڇڏي نه ٿي سگهجيا. چين ۾ انهن ٻنهي ڳالهين جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر عام طور تي ماڻهن جي دلين ۾ تعليم جو قدر وڌيڪ ۽ حڪومت جو گهٽ هو. ٻين ملڪن ۾ علم ۽ تعليم حڪومتي سرپرستي جون محتاج رهيون. چين ۾ حڪومت جي پالنا، تعليم جي پاڇي ۾ ٿي. مؤرخن جي لاءِ چين جي ڪهاڻي ان وقت کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ٻن وڏن عالمن ۽ فلسفين چينين کي منظم سياسي ۽ اخلاقي تعليم جو سبق پڙهايو. ڏکڻ ۾ لائوتسي ۽ اتر ۾ ڪوڏنگ تسي.
لائوتسي جي تعليم ۾ روحانيت وڌيڪ آهي ۽ جيتوڻيڪ هن اهڙا اصول به ٻڌايا، جيڪي سماجي زندگي کي سڌارڻ ۽ ان کي سنئين ڌڳ تي هلائڻ جي ڪم اچي سگهيا ٿي. سندس اصل مقصد به شايد اهو ئي هو ته انسان کي زندگي گذارڻ جا اهڙا گُر ٻڌائي، جيڪي سندس فطرت سان هڪجهڙائي رکندڙ هجن. سندس طبيعت کي آزاد ڇڏين ۽ ان ئي آزادي سان ترقي جي اميد رکن. هو حڪومت ۽ انهن سڀني طور طريقن جي خلاف هو، جن جو دارومدار ظلم ۽ ڏاڍ تي هوندو هو. هو رڳو فطرت کي ئي غلط ۽ صحيح ۾ فرق ڪرڻ جو معيار مڃيندو هو، پر هو فطرت کي سمجهندو به واهه جو هو. ڏسو ته هن هڪ ئي جملي ۾ زندگي جي صحيح تشريح ڪئي آهي ۽ اوهين ان تي جيترو به ويچاريندا اوترو ئي اوهان کي يقين ٿي ويندو ته اوهان وٽ پنهنجي ذات ۽ پنهنجي سماج کي سڌارڻ جي ڪا به اهڙي تدبير ڪونهي، جنهن طرف ان ۾ اشارو ڪونهي. لطف وري اهو آهي ته ان ۾ زندگي جو هر پهلو اچي وڃي ٿو. پوءِ ڀلي اهو اخلاقي هجي يا سياسي، سماجي توڙي معاشرتي. لائوتسي جي نظر ۾ ”ترقي ۽ پالنا هجي، پر حڪومت نه هجي. تخليق هجي، پر ملڪيت نه هجي. عمل هجي، پر اثبات خودي نه هجي.“ پر هائو، اهو به سچ آهي ته دنيا جون هڙئي حقيقتون ايئن مٺ ۾ دٻايون وڃن ته پوءِ اهي سلامت نٿيون رهن. ماڻهن جي سمجهه تي وڌيڪ بار پئجيو وڃي ته هو ڪلها ڍاريو ڇڏين. لائوتسي جي تعليم ۾ فطرت جي جيڪا تصوير ڇڪي ويئي هئي، اها جلد ئي بگڙجي وئي. سندس پوئلڳ ان آڌار تي ته فطرت جي حساب سان هلڻ سان ڪو نقصان نٿو ٿئي، اهو سمجهي ويٺا ته زندگي صحيح طريقي سان گذاري وڃي ته انسان مري نٿو سگهي ۽ هو اهڙو اڪسير ڳولهڻ لڳا، جيڪو سندن غلطين کي سڌاري سگهي ۽ کين سدائين جي لاءِ جيئرو رکي. چين جا ڪيترائي بادشاهه هئا، جن اهڙي اڪسير جي هٿان پنهنجي عمر جا رهيل کهيل ڏينهن به وڃائي ڇڏيا ۽ عام طور تي لائوتسي جي تعليم جالاگري ۽ تماشي گري بنجي ويئي.
ڪوڏنگ فوتسي جي تعليم ايتري گهري نه هئي پر اها غلط سمجهڻ جو امڪان به گهٽ هو. ان ۾ ٿورڙا اصول ۽ ڪيترائي قاعدا هئا. پر ايئن کڻي چئجي ته ان ۾ سڌريل زندگي جا سڀ طور طريقا ٻڌايا ويا هئا. فلسفو ۽ سچو فلسفو ته ان ۾ به هو، پر انهن جي لاءِ جيڪي برداشت ڪري سگهن. باقي ٻين جي لاءِ طور طريقا قاعدا ۽ فرض هئا. ڪوڏنگ فوتسي هڪ هنڌ چوي ٿو، ”مذهب انسان جي دل مان ٻاهر نٿو اچي، ان جو سرچشمو انساني فطرت جي گهرائين ۾ آهي. اهو عام ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿئي ٿو. جذبا جڏهن دل جي تارن کي ڇيڙين ٿا ته مذهب پردي مان ٻاهر نڪري ٿو ۽ سندس اهو نڪرڻ، جيڪڏهن ان ۾ قاعدو به لاڳو ڪيو وڃي ته عبادت بنجي وڃي ٿو. پوڄا پرستش جي رسمن کان سواءِ ٻيا جيڪي قاعدا هوندا، اهي به ڪوڏنگ فوتسي جي خيال ۾ عقل ۽ دل جي گهراين مان نڪرن ٿا. زبردستي مقرر نه ڪيا وڃن ٿا. ان سبب جي ڪري انهن جو لحاظ رکڻ به ايترو ئي ضروري آهي، جيترو عبادت جي قاعدن جو. ڪوڏنگ هڪ ننڍي ڳوٺڙي جو رهاڪو هو، پر هن پنهنجي تعليم جي پرچار واسطي سڄي ملڪ جو سفر ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ اتر چين جا هڙئي رهاڪو سندس پوئلڳ بنجي ويا ۽ سندس تعليم چين جو سرڪاري مذهب بنجي ويئي.
زندگي جي قاعدن ۽ قانونن ۾ اهڙن وقتن تي جڪڙي ڇڏڻ، جڏهن پوري سگهه اُڀري نه چڪي هجي، گهڻو نقصان ٿي پهچائي. پر هڪ وقت اهڙو به اچي ٿو، جڏهن زندگي جي اڀريل سگهه ان وقت ذيان ٿي وڃي ٿي، جڏهن کيس قاعدي ۽ قانون جو سهارو نه ملي. چيني تهذيب شايد ترقيءَ جي ان منزل تي پهچي چڪي هئي ۽ ”ڪووتسي فوتسي“ جي تعليم چيني سڀاءُ ۽ مزاج ۽ چين جي حالتن سان اهڙي ته هڪجهڙائي رکندي هئي، جو پنهنجي ڪجهه خامين جي باوجود به سوين سالن تائين چيني سماج کي سنڀاليندي رهي ۽ واڌويجهه کي روڪڻ جي جاءِ تي ترقي جي لاءِ نيون راهون ڪڍندي رهي. اها تعليم اخلاق جي باري ۾ آهي، جنهن جو واسطو پنهنجي ذات سان ايترو نه هو، جيترو سماج سان. مڪتي ۽ ڇوٽڪاري سان ايترو نه هو جيترو پرسڪون زندگي سان هو. اها جيڪڏهن هوس ۽ ڪاوڙ ۽ خودغرضي کي ايترو ماري نٿي سگهي ته به انهن تي تهذيب ۽ آداب جو اهڙو ته پردو وجهي ڇڏي ٿي، جو اهي عيب ٻين جي اکين ۾ نه ٿي کٽڪيا. ان ماءُ پيءُ ۽ اولاد جو اهڙو ته رشتو قائم ڪري ڇڏيو هو، جو جيڪڏهن انهن ۾ محبت کڻي نه به هجي، ته به ڪٽنب تباهه نه ٿين. هن پاڙيسرين جو لحاظ ڪرڻ ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ جو اهڙو ته سبق پڙهايو، جو جيڪڏهن سزا جو ڊپ نه به هجي ته به جان ۽ مال سلامت رهي. چيني چوندا هئا ته حڪومت جو اثر وڌڻ سندن آزاديءَ جي لاءِ خطرناڪ ٿيندو. ڪوونگ فوتسي سياسي وفاداري يا سياسي اتحاد تي زور نه ڏنو آهي، پر هن ان ڳالهه جو بندوبست ڪري ڇڏيو ته حڪومت جا ننڍا وڏا ڪم جن ماڻهن جي حوالي هجن، اهي چين جي سڀيتا، تاريخ ۽ ادب کان چڱي طرح واقف هجن ۽ حڪومت ۾ جيڪڏهن ابتري پکڙجي وڃي ته سڀيتا ۽ رهڻي ڪهڻي کي صدمون نه رهي. چين ۾ حڪومت هلندڙ ڦرندڙ ڇانورو هئي. قرار هو ته تهذيب کي ۽ ان ئي سبب جي ڪري ”ڪوونگ فوتسي“ حڪومت کي به سڀيتا جو خادم بنائي ڇڏيو.
چينين جي نظر عام طور سان زندگي جي دائمي حقيقت تي رهي ۽ انهن جا دماغ ايترا ته سلجهيل هوندا هئا ۽ کين اهڙن مقصدن ۾ منجهائڻ، جن جي اهميت بلڪل چٽي ۽ يقيني نه هجي، سدائين ڏاڍي ڏکي ثابت ٿي آهي. سپاهي، چين ۾ هينئر به آهن ۽ اڳ به هئا پر انهن وٽ سپهه گيريءَ جا آداب بنهه انوکا هئا. اُتي سپاهي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ هرگز ضروري يا ساراهه جوڳو نه سمجهندا هئا ۽ لائوتسي“ ته ايترو به چئي ڏنو ته سڀني کان چالاڪ سپاهي اهو آهي، جيڪو ڪڏهن وڙهي ئي نه.“ معتبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته پندرهن ويهه سال اڳ جڏهن چين ۾ ڪيترائي سپهه سالار هڪٻئي سان وڙهي رهيا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو هو ته ٻه فوجون منهان منهن ٿيندي ئي مقابلو ڪرڻ جي بدران پڇ پائي اٿي ڀڳيون ۽ سوڀ ان جي مڃي ويئي، جنهن پهرين اهو معلوم ڪري ورتو ته دشمن ڀڄي ويو آهي. اهڙين ڳالهين تي کل ته اچي ٿي، پر اوهين اهو به سوچيو ته جڏهن ويڙهه ۾ نه پنهنجو فائدو هجي، نه ملڪ جو، ته پوءِ وڙهي مرڻ ئي سٺو آهي يا ڀڄي وڃڻ؟ ته اوهين پڪ سان انهن سپاهين جي عقل کي داد ڏيندا، جيڪي ايئن وڙهي مرڻ ۽ پنهنجي ڀائرن جو رت وهائڻ کان پاسو ڪندا هئا. نه رڳو ان زماني ۾، پر پهرين به چيني ڪڏهن به ان دوکي ۾ نه رهيا ته ڪو تلوار جي وسيلي تهذيب پکيڙي سگهجي ٿي يا زندگي کي فروغ ڏيئي سگهجي ٿو. چينين سدائين پنهنجي تهذيب جي سرحد کي پنهنجي ملڪ جي سرحد ڄاتو. نه ٻين ملڪن تي قبضا ڪيائون ۽ نه ئي وري ٻين قومن کي چيني تهذيب اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيائون.
پر هڪ دور اهڙو به ٿي گذريو آهي، جڏهن چيني قوم جي بادشاهن جي حوصلي مندي ۽ انهن جي پنهنجي سگهه کين ملڪ گيريءَ طرف مائل ڪيو. ان ملڪ گيري جي اها صورت ته نه هئي، جيڪا اسين رومي سلطنت جي پکڙجڻ ۾ ڏسون ٿا. چينين کي انهن وحشي خانه بدوش نسلن، جي منگوليا ۽ ”تارم دريا“ جي ماتري جي اتر ۾ رهندا هئا، تمام گهڻو تپايو. شهنشاهه شي خوانگ ئي، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ٻه سوا ٻه سو سال اڳ ٿي گذريو آهي، وڏو من موجي ۽ بهادر ماڻهو هو. هن ان سڄي علائقي ۾، جتي چيني تهذيب پکڙيل هئي، پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو. هن پنهنجو پاڻ کي پهريون شهنشاهه سڏرايو. سڀئي پراڻا ڪتاب ماڻهن کان کسي ساڙائي ڇڏيا ته جيئن پراڻي تعليم جا نقش انهن جي دلين تان مٽجي وڃن ۽ زندگي جي هڪ نئين راهه اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هن اتر ۾ وحشي نسلن کي روڪڻ جي لاءِ هڪ ڀت ڏياري، جيڪا اڃا سوڌي موجود آهي ۽ دنيا جي عجوبن ۾ ڳڻجي ٿي. پوءِ جي بادشاهن چين جي تهذيب کي بدلائڻ جو خيال لاهي ڇڏيو، پر سلطنت وڌائڻ جو حوصلو باقي رهين ۽ ”هان“ گهراڻي جي دور ۾ يعني 200 ق م کان 206 ق م تائين ۽ پوءِ ”تنگ گهراڻي“ جي دور جيڪو 618ع کان 907ع تائين، تارم جي ماٿري، تبت، ۽ ترڪستان جا بادشاهه ۽ سردار چيني شهنشاهن جي برتري تسليم ڪندا رهيا. پر چيني شهنشاهن رومين جيان چوڌار ”ماٺار“ پيدا ڪري، ان جو نالو ”امن“ نه رکيو. کين رڳو پنهنجي تهذيب ۽ ملڪ جي سلامتي سان مطلب هو. هنن ٻين تي حڪومت ڪرڻ نٿي چاهي.
چيني جڏهن اولهه طرف وڌيا ته اهو اهڙو موقعو هو، جڏهن ڪيتريون ئي تهذيبون وچ ايشيا ۾ اچي گڏ ٿيون هيون. سڪندر جي حملي کان پوءِ ڏکڻ ترڪستان ۾ ڪيتريون ئي يوناني سلطنتون قائم ٿيون، جيڪي يونان جي صنعت ۽ تهذيب کي هيڏانهن کڻي آيون، پر هو وري پراڻي ايراني تهذيب کان گهڻا متاثر ٿيا. پوءِ اشوڪ جي همت افزوئي سان ٻڌ ڌرم به هيڏانهن وک وڌائي چڪو هو ۽ ان جي تعليم جو پرچار ڪندڙ اهڙو ته دلدار ٿي ويا، جو اهي هر ديوتا کي گوتم ٻڌ جي پهلوءَ ۾ جاءِ ڏيڻ جي لاءِ تيار هئا. ان ميدان ۾ چيني به پهتا ۽ تهذيبي دولت جي ڏيتي ليتي ۾ شريڪ ٿي ويا. ان وقت کان انهن جي تهذيب جي عروج جو زمانو شروع ٿئي ٿو. هنن وٽ علم جو چرچو عام هو، هو ڪاغذ ٺاهيندا هئا ۽ ڇاپڻ جو طريقو به هنن ايجاد ڪري ورتو هو. هنن زندگي گهارڻ جا طور طريقا سکي ورتا هئا ۽ ٻين جي سٺين ڳالهين جو پڻ قدر ڪري ٿي سگهيا. يورپي عالم چون ٿا ته چينين مصوري يونان کان سکي، پر اها ڳالهه مڃڻ ٿورو ڏکي آهي. ڇاڪاڻ ته مصوري جو خود يونانين ۾ ڪو به گهڻو رواج نه هو ۽ چين جي مصوري اتي جي رسم الخط ۽ فن تعمير سان اهڙي ته ملي ٿي ۽ ان جا احوال اهڙا ته نرالا آهن، جو اها ٻاهرين شيءِ ٿي ئي نٿي سگهي. واپاري منڊين ۾ چينين جو خاص مال سندن ريشم هو ۽ تهذيب جي منڊي ۾ منهنجي خيال ۾ انهن جو مال شائسته زندگي جا اهي طور طريقا ۽ تڪلفات هئا جن کان ان وقت تائين ماڻهو اڻڄاڻ هئا.
آئون عرض ڪري چڪو آهيان ته تهذيب جي معنيٰ ۾، ڌرم ايمان جي ڇانوَ ۾ زندگي گهارڻ، گهرجون پوريون ڪرڻ جو بندوسبت ڪرڻ ۽ پنهنجي خاص مزاج موجب زندگي جي طور طريقن کي سنوارڻ، هڪ لحاظ کان ته دنيا جي هر قوم مهذب هئي، پر ڪن ڳالهين ۾ کوٽ رهجي ويئي. بابل، مصر، هندستان، يونان ۽ روم جا ماڻهو ان وقت تائين جهڙوڪر اگهاڙا رهندا هئا. يعني سندن لباس هڪ چادر هئي، جيڪا ڏنگن کي ويڙهي ڪلهن تي وڌي ويندي هئي، پر اها پنهنجي جاءِ تي قائم رکڻ جي لاءِ عام طور تي ڪجهه نه هوندو هو. چيني اهي پهريان ماڻهو هئا جن بدن کي ڍڪڻ، لباس جو خاص ڪم قرار ڏنو ۽ جيتوڻيڪ آئون اهو ته نٿو چوان ته هنن دنيا کي ستر پوشي سيکاري، پر سڄو جسم ڍڪڻ جو رواج ان زماني ۾ پيو ۽ جتي به ماڻهن قديم چادر کان وڌيڪ ڪجهه پاتو، اتي چينين جي ڪرتي پاجامي جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نقل ڪيو ويو. کاڌي پيتي ۾ نفاست جو شوق سڀ کان پهرين چينين کي ٿيو ۽ هي اُهي ئي هئا جن رڌپچاءَ کي هڪ فن ۽ باورچي کي آرٽسٽ جو درجو ڏنو. ماڻهن ۾ ميل ملاقات جي رسم چين کان ٻاهر به هئي، پر اهي ڳالهيون جن کي اسين مجلس جو آداب چئون ٿا ۽ ٻارن کي سيکاريون ٿا ته سڀني کي جهڪي سلام ڪريو، ادب سان ويهو، اجايو سجايو نه ڳالهايو، جيڪڏهن ڪو ڪجهه پڇي ته جواب ڏيو، نه ته ماٺ ۾ رهو، آهستي ڳالهايو، ٽهڪ ڏيئي نه کلو، زور سان اوڳرائي نه ڏيو ۽ اهو ته ڪنهن جي اڳيان پنهنجي خوشي يا ڪاوڙ کي ظاهر نه ڪريو. ٻين جي ڪا ڳالهه خراب لڳي ته اها ٽاري ڇڏيو. انهن سڀني تڪلفات جو قدر سڀ کان پهرين چين ۾ ڪيو ويو. انهن جو قدر ڪرڻ دنيا کين سيکاريو ۽ اڃا تائين انهن مان گهڻو ڪجهه سکندي ٿي رهي. اٿڻ ويهڻ ۽ ميل ملاقات جا قاعدا، جيڪڏهن انهن جي اندر ڪجهه نه هجي ته اسين انهن کي بناوت ٿا چئون. پر چينين جو اخلاق به اهڙو جيڪو وڏي گهري شائستگي جي خبر ڏيندو. هيستائين مون جن نسلن جي تهذيب جو ذڪر ڪيو آهي، انهن سڀني ۾ خودپسندي هئي ۽ غيرن کي نيچ سمجهڻ، انهن سڀني جي هڪ اڻ وڻندڙ خصوصيت هئي. چينين ۾ ڌارين جي عزت ڪرڻ ۽ انهن جي ڳڻن کي سڃاڻڻ ۽ قدر ڪرڻ هر مهذب ماڻهو جو فرض مڃيو ويو آهي ۽ ان سبب جي ڪري هو اهڙي ته رواداري اختيار ڪندا هئا، جنهن جو مثال اڳ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. چين ۾ عيسائي پرچارڪن جي جيڪا پهرين جماعت پهتي ان جو شهنشاهه سٺي نموني آڌرڀاءُ ڪيو. انجيل جو چيني ٻولي ۾ ترجمو ڪرايو ۽ عيسائي مذهب جو پرچار ڪرڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي. پيغمبر اسلام، مختلف درٻارن ۾ اسلام جي دعوت موڪلي. رومي شهنشاهه هڪ به نه ٻڌي، ايراني شهنشاهه سفيرن جي توهين ڪئي، پر چين ۾ سندن قدر ڪيو ويو ۽ شايد مديني کان ٻاهر سڀ کان پهرين مسجد چين ۾ شهنشاهه تائي سنگ جي حڪم سان ٺهي.
اهو هو چينين جو اخلاق ۽ اوهين جيڪڏهن ان اوڀرندي تهذيب جو هاڻوڪي اولهه سان مقابلو ڪرڻ چاهيو ته ڪري سگهو ٿا. اصل شيءِ حڪومت يا دولت ۽ آرام جو سامان ڪونهي، پر ماڻهو ۽ ان جو اخلاق هوندو آهي. پر فنون لطيفه کي ئي کڻي ڏسو، تڏهن به اوهين چينين کي گهٽ نه ڏسندا. وقت هجي ها ته آئون حسن جي ان معيار جو به ٿورو ذڪر ڪريان ها، جنهن ۾ نقل ڪرڻ جي اجازت نه هئي. نه ئي وري اصل کي نظرانداز ڪرڻ جي. جنهن آرٽسٽ جو اهو فرض قرار ڏنو ته شڪل شڪل ئي نه پر ڪيفيت ۽ فضا جو لقاءُ به بنائي ڏيکاري، وقت هجي ها ته انهن ڪرشمن جو حق به ادا ڪريان ها، جيڪي چيني مصور قلم جي هڪ ٻن ڪششن ۾ ڏيکاري سگهن ٿا. ان نزاڪت جو هڪ هلڪو اشارو ئي دل جو حال ٻڌائي يا سڄو نظر نظرن جي سامهون ڇڪي اچي ها. ان نفاست جو، جيڪا هڪ سڌي ليڪ کان به گهٻرائيندي هئي، پر سادگي جي حد کان گذري وڃڻ بدمذاقي سمجهي ويندي هئي. ان ڪايا پلٽ جو، جيڪو ڀوت پريت ۽ ارزبلائن جو صورت ۽ لطافت ۽ آرائش جو سامان بنائي ڇڏي ها ۽ انهن ٿانون جو جواب، جيڪي انمول هيرن جي ملهه تي وڪامجندا هئا يا انهن خوشناسين جو جن جو مقصد خوشنما هئڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. پر افسوس جو اسان کي ايتري وانڌڪائي ئي ڪونهي، جنهن کي چيني زندگي ۽ تهذيب جي اصل شڪل مڃيندا هئا. اسين پنهنجي ڀڄ ڍڪ ۾ اهڙا ته رڌل آهيون، جو جيڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خوبصورت شيءِ تي نظر پوي به ٿي ته به اها دل کولي ڏسي نٿا سگهون. اسان وٽ هر شيءِ جي لاءِ وقت مقرر آهي، وقت ڪونهي ته رڳو ماڻهو بنجڻ جي لاءِ!