(15) جديد يورپ
سياست دنيا ۾ ڪا نئين شئي ڪونهي ۽ جيستائين يورپ جي سياست بادشاهن جي هٿ ۾ رهي، ان ۾ ڪا نئين يا نرالي ڳالهه نه هئي. پر هوريان هوريان اهي شڪايتون ۽ عداوتون، جيڪي بادشاهن پنهنجي رعيت کي، پاڻ ۾ ويڙهائي پيدا ڪيون هيون، تاريخ بنجي ويون ۽ ان تاريخ ۾ اهڙا عنصر شامل ٿي ويا، جن قومي داستانن کي قوميت جو ڌرم بنائي ڇڏيو. جيئن جئين اهو ڌرم پکڙيو، تيئن تيئن سياسي تنظيم جا نوان اصول به دريافت ڪيا ويا جن سماج کي اٽي جيان ڳوهيو. حڪومتن جي نين تدبيرن ۽ ترڪيبن سان ان ۾ لس پيدا ڪئي ويئي ۽ آزادي جي گرمي ڏيئي ان جو خمير ٺاهيو ويو. قوميت جي ڌرم همتن کي ايئن اڳتي وڌايو، جو يورپ وارا دنيا تي ڇانئجي ويا ۽ سياست ۽ واپار جي ڄار کي اهڙي نموني پکيڙيائون جو، دنيا جي هر ننڍي ۽ وڏي جماعت ۽ دنيا جي هر وسندي ان جي ڦندي ۾ ڦاسي پئي. جديد يورپ جي سياسي تاريخ جو جوهر اهوئي قوميت جو ڌرم آهي ۽ هن وقت سياست جي دنيا انهيءَ سج جي پويان چڪر هڻي رهي آهي.
اسين يورپ جي ديکا ديکي ان کي هڪ قدرتي باب سمجهڻ لڳا آهيون ته هر ملڪ جا رهاڪو پنهنجو پاڻ کي هڪ قوم ڪري مڃين ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن. پر يورپ ۾ جيڪي قومون ٺهيون، اهي پاڻ مرادو نه ٺهيون. بادشاهه سدائين هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا آهن. مذهب، رواج، طبيعت ۽ مزاج جو فرق سدائين دنيا جي آبادي کي ڌار ڌار حصن ۾ ورهائيندو رهيو آهي. قوميت سان ڌرم جو اختلاف هڪ بلڪل ڌار شئي آهي. انساني طبيعت جي هڪ ايجاد آهي، جنهن جو مثال اسان کي ڪنهن ٻئي ديس، ڪنهن ٻئي زماني ۾ نٿو ملي، سماج جو قوم بنجڻ قدرتي ڳالهه آهي، نه ڪي لازمي. يورپ اهو نئون ڌرم اختيار ڪيو، ته ان جو هڪ خاص سبب هو. ارادي ۽ مجبوريءَ جو هڪ خاص سانچو هو، جنهن ۾ يورپ جي زندگي ۽ ذهنيت وڌي ويئي، تڏهن ئي وڃي هو ان مذهب کي قبول ڪري سگهيا. اهو سانچو تيار ڪرڻ ۾ ڪجهه ته جاگرافي ۽ تاريخ جو هٿ هو ۽ ڪجهه وري مذهب جو پڻ. ڪجهه انهن ماڻهن جو، جيڪي وچولي طبقي ۾ ڳڻيا وڃن ٿا، جن جو تعداد ڪٿي ٻي هنڌ، ڪڏهن به ايترو نه رهيو جيترو يورپ ۾.
روس کان سواءِ يورپ جا ٻيا ملڪ نه ايترا وڏا آهن ۽ نه ئي وري انهن ۾ رهڻي ڪهڻي، هڪ طبيعت ۽ هڪجهڙا مقصد رکڻ جو احساس پيدا ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري ايترا ننڍا جو انهن جي لاءِ پنهنجي حفاظت ڪرڻ وس جي ڳالهه نه هجي. انهن سڀني ملڪن ۾ هڪ ئي نسل جا ماڻهو آباد نه آهن. ڪٿي ڪٿي مذهب ۽ زبان جو اختلاف پڻ اٿن ۽ ڪي حصا اهڙا به اٿن، جن بابت اڃا تائين اهو طئي ٿي نه سگهيو آهي ته انهن کي ڪهڙي ملڪ ۽ ڪهڙي قوم ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. پر يورپ جي اڪثر ملڪن جي وڏن حصن بابت اسين چئي سگهون ٿا ته پهاڙن يا دريائن، انهن کي ٻين ملڪن کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جا رهاڪو، نسل، زبان يا ڪنهن ٻي سبب جي ڪري پنهنجو پاڻ کي جدا سمجهن ته غلط نه هوندو. پنهنجي پراڻي، ديسي، پرديسي جي ان فرق کي عداوتن ۽ لڙاين اڃا به وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، پر اهي سڀ ڳالهيون قوميت جو اهو جوش پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪافي نه آهن، جن کي اسين اڄڪلهه يورپ ۾ موجون هڻندي پيا ڏسون. قدرت قوميت کي ٿورو سهارو ته ڏنو، پر انهن ۾ ساهه ڪنهن ٻي نموني پيو، بادشاهن جون چالون، انهن جا جهيڙا جهٽا ملڪن جون حدون وڌائيندا ۽ گهٽائيندا رهيا ۽ هڪ ٻئي جي سگهه کي آزمائيندا رهيا. پنهنجي مطلب کي اصول بنائي ڇڏڻ، فوج ۽ قوم کي هڪ شئي جا ٻه نالا ڪري ڇڏڻ، بادشاهن جي وس جي به ڳالهه نه هئي. قدرت جيان بادشاهن جي سياست به بس قوميت کي سهارو ڏنو.
هاڻ مذهب کي ئي ڏسو ته ڇا ڇا نه ڪيو. يورپ جي ماڻهن کي جڏهن ٿوري سڌ ۽ سمجهه آئي ته، ٿوري علم جي روشني پکڙي ۽ هنن پنهنجن پراڻن مذهبي اڳواڻن جي تعليم ۽ زندگي کي ڄاڻڻ ۽ پرکڻ چاهيو ته انهن کي ڏاڍو ڪريل ڏٺو. پر ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا، جن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي پراڻي مذهب کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. سورهين صدي ۾ جرمني ۾ لوٿر ۽ فرانس ۾ ڪال ون به اهڙا سڌارا پسند جنميا، جن جي تعليم جي وڏي هاڪ هئي ۽ هزارين لکين ماڻهو پنهنجا پراڻا مذهب ڇڏي سندن اچي مريد ٿيا. نون ۽ پراڻن خيالن ۾ بنيادي اختلاف هو ۽ جيئن ته ٻنهي جو اهو اصول هو ته غلط عقيدي کي پاڙان پٽي ڇڏڻ گهرجي، يعني انهن جي مڃيندڙن کي قتل ڪرڻ يا ساڙي ڇڏڻ گهرجي، تنهن ڪري لڙائي جو به سامان پيدا ٿي پيو. جرمني جي ڪيترن ئي بادشاهن لوٿر جي سرپرستي ڪئي. ڪال ون، جنويا کي پنهنجو مرڪز بنايو. اتي هڪ قسم جي مذهبي حڪومت قائم ڪئي جيڪا نموني جو ڪم ڏيندي هئي ۽ ڏکڻ فرانس، هالينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي لڳ ڀڳ سموري آبادي اهو عقيدو اختيار ڪري ورتو. انگلينڊ ۾ ته لوٿر ۽ ڪال ون جي تعليم جو چڱو موچارو اثر هو. جيتوڻيڪ عام طور تي پوري طرح ماڻهو ان جاءِ سندن مريد نه ٿيا، پر ان زماني ۾ جڏهن نوان مذهبي خيال پکڙجڻ لڳا ته، ماڻهن ۾ ايترو تعصب نه هوندو هو ته مذهبي اختلاف جي ڪري هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي وڃن يا انهن جي قوم جي سلامتي ۽ عزت جو ايترو ته الڪو هوندو هو جو مذهب جي خاطر اهو وڃائڻ جي لاءِ تيار نه هجي، ته شايد ان وقت اسين قوميت جي جذبي کي ايترو سگهارو نه ڏسون ها. پر ٿيو هيئن جو پهرين فرانس ۽ پوءِ جرمني ۽ انگلينڊ ۾ مذهبي عداوتن هر قسم جي فتني ۽ فساد کي وڌڻ ڏنو ۽ پاڻ ۾ جنگين ۾ جيڪا رتوڇاڻ ۽ بربادي ٿي، تنهن کان سواءِ هم مذهب پرڏيهين کان به مدد گهري ويئي ۽ ايئن آزادي ۽ رواداري به خطري ۾ پئجي ويئي. جنگ جو نتيجو عام طور تي هڪ فرقي جي فتح ٿي ۽ ان پنهنجي مذهب کي سرڪاري مذهب بنائي ڇڏيو. ايئن هر سطلنت هڪ رياست ٿي ويئي، جنهن ۾ مذهبي جماعت جو به هڪ شان هو ۽ جيئن ته ان کي ديسي ۽ پرديسي دشمنن کان بچائڻ جي لاءِ رت وهايو ويو هو، تنهن ڪري اها ديسين کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عزيز ٿي ويئي هئي. مذهبي جنگين جي زماني ۾ ۽ ان کان پنجاهه سٺ سالن پوءِ تائين رياست ۽ حڪومت جا ڳڻ ڳاتا ويندا آهن. ان مان اسان کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته مذهب فساد ڪري به رياست ۽ قوميت کي ڪيترو اڀاريو. ٻئي طرف مذهب رعيت ۾ مخالفت جو مادو پيدا ڪري، سياسي آزادي جو بنياد به رکيو. اهو مذهبي جنگين جو ئي زمانو هو جڏهن هالينڊ وارن اسپين سان وڙهي پنهنجي آزادي حاصل ڪئي ۽ ٻين ملڪن ۾ نه پر انگلينڊ ۾ مذهبي اختلافن جي ڪري ئي قانون جون اهڙيون تشريحون ۽ ترميمون ٿيون، جن شهرين جي حقن ۽ انهن جي آزادي محفوظ ڪري ڇڏي. هائو، جيڪڏهن پوءِ جا ماڻهو مذهبي جنگين کي ياد ڪري خيالن جي آزادي کي ضروري قرار ڏيڻ لڳا ۽ تعصب سان مذهب جي پويان به پئجي ويا ته به قوميت کي هڪ لحاظ کان اڀاريو ويو. ڇو ته مذهب بحث کان خارج ڪيو ويو ته قوميت کان سواءِ سياسي اتحاد ۽ يڪجهتي بلڪ ايئن کڻي چئجي ته زندگي جي صورت قائم رکڻ جو ڪو ٻيو ذريعو نه بچيو هو.
سورهين صديءَ ۾ جيڪي نوان عقيدا لاڳو ٿيا، ان دين ۽ دنيا جي عداوت کي مٽائي ڇڏيو، جيڪي پراڻي مذهب جي جان هئا ۽ نوڪري، ڪاروبار ۽ ڌنڌي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کي هڪ سٺو ۽ سچو حوصلو قرار ڏنو ويو. اهو هڪ وڏو انقلاب هو ۽ اهو ان سبب جي ڪري ٿيو ته هاڻ يورپ ۾ انهن ماڻهن جي وچ ۾، جيڪي دنيا کان منهن موڙڻ تي مجبور هئا ته دنيا کين ڪجهه به نه ڏيندي هئي ته الائجي ڪهڙي بلا آهي. هڪ خاص وڏو طبقو اهڙن ماڻهن جو به پيدا ٿي پيو هو، جن جي لاءِ دولت ڪمائڻ يا پيدا ڪرڻ جو امڪان هو ۽ جن کي ان جي گهرج هئي ته انهن جي همت وڌائي وڃي ۽ انهن جي محنت کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ڏنو وڃي. نون مذهبين انهن جي خواهش پوري ڪئي ۽ اسين ڏسون ٿا ته هر ملڪ ۾ نئين مذهب کي اتان جي وچولي طبقي اختيار ڪيو. حقن ۽ آزادي جي لاءِ سڀ کان پهرين انهن تلوار ڪڍي ۽ جنگين کان پوءِ حڪومت ۽ ڪاروهنوار کي به انهن ئي سنڀاليو، جن ملڪن ۾ اهو طبقو ڪمزور هو، جهڙوڪ: اسپين يا اٽلي. اتي نئين مذهب ڪا به چرپر پيدا نه ڪئي ۽ انهن ملڪن سياست ۽ واپار ۾ ترقي نه ڪئي. جتي اهو طبقو سگهارو هو. جهڙوڪ انگلينڊ يا هالينڊ ۾. اتي پراڻو مذهب صفا ڌوپجي ويو. نئين مذهب جي پيدا ڪيل حوصلي سبب پئسن جا مينهن وسڻ لڳا، آزادي قانون جوڙيا. امن ۽ شانتي جي سرپرست ۽ نگهبان بنجي ويئي.
فرانس هڪ اهڙو ملڪ هو، جتي وچولو طبقو ڪمزور نه هو ۽ جتي نئين مذهب صنعت ۽ واپار کي وڏو فروغ ڏنو. پر هڪ طرف هاري ۽ ٻي طرف حڪومت پراڻي مذهب تي قائم رهيا ۽ مذهبي جنگين کي ختم ٿيندي پنجاهه سٺ سال ٿي چڪا هئا. جڏهن هڪ بادشاهه جي تعصب نئين مذهبي فرقي ۽ ان جي پيدا ڪيل خوشحالي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ غير ذميداراڻي حڪومت جو هڪ اهڙو بنياد وڌو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سؤ سالن جي اندر ئي حڪومت جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ وچين طبقي جا ماڻهو، جيڪي هر سياسي ۽ سماجي حق کان محروم رکيا ويا هئا، شاهي حڪومت جا جاني دشمن بنجي ويا. جيئن ته انهن کي ڪنهن به نموني حڪومت ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو ويو هو، تعليم يافته فرانسسين جي دماغن ۾ اهي ئي اصول ڀرجي ويا ۽ اهو ئي سبب هو ته فرانسيسي انقلاب ۾ رت وهيو ۽ حڪومت جو شيرازو وکري ويو ۽ انهن ئي ماڻهن جي هڪ بادشاهه جو ڪنڌ رڳو ان ڏوهه ۾ ڪپيو هو ته هو پنهنجي پيءُ جو پٽ هو. اهو ڏسي ته، ٻي ڪنهن طريقي سان ڪم نٿو هلي، نيپولين جي شخصي حڪومت تي راضي ٿي ويا ۽ هنن کيس بادشاهه ئي نه، شهنشاهه بنائي ڇڏيو. پر فرانسي انقلابين جا اصولي بحث ۽ اڻ تڻ بيڪار نه ويئي. نيپولين جي فوجن اسپين کان وٺي روس تائين هر پراڻي شاهي حڪومت ۽ ان جي انتقام کي اهڙي ته لت هنئي، جو هو پاسو بدلائڻ کان سواءِ سنڀالي نٿي سگهيو ۽ جڏهن يورپ جون هڙئي قومون نيپولين جي خلاف ميدان ۾ اچي ويون ۽ ان جي سياست ۽ فرعونيت کي مٽي ۾ ملايو ويو ته اهي به فرانسيسي انقلابين جيان حق ۽ آزادي جا قسم کائڻ لڳيون ۽ يورپ ۾ جمهوري حڪومتون عام معيار بنجي ويون. پر انهن نين حڪومتن پنهنجو نالو ڀلي ڪهڙو به رکيو، اهي اصل ۾ سرمائيدارن ۽ وچولي طبقي جي هوشيار ماڻهن جون حڪومتون هيون، جن کي صنعتي انقلاب، جيڪو ارڙهين صدي جي وچ ۾ آهستي آهستي شروع ٿيو ۽ لڳ ڀڳ سؤ سالن ۾ پورو ٿيو، قومي زندگي تي اڃا به حاوي ڪري ڇڏيو هو. صنعت ۽ واپار کي وڌائڻ پنهنجي کيسي ۽ پنهنجين مشينن جو پيٽ ڀرڻ جي لاءِ سرمائيدارن قوميت کي پنهنجو ڌرم بنايو. دنيا جي منڊين تي پاڻ پيشقدمي ڪري يا سياست ۽ فوج جي ٻل تي قبضو ڪيو ۽ جڏهن قبضو ٿي ويو ته تهذيبي خدمت ۽ اخلاق ۽ جمهوريت جي آڙ وٺي اهو قائم رکيو. صنعتي نظام جي مجبورين، جلد يورپي قومن جي لاءِ دنيا سوڙهي ڪري ڇڏيو ۽ 1914ع ۾ انهن جي وچ ۾ اهو ٽڪرا ٿيو، جيڪو مهاڀاري جنگ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ جيڪو ملوڪيت ۽ سرمائيداري جي زوال جو پهريون قدم آهي.
صنعت ۽ واپار جو جيڪو مقابلو 1870ع کان پوءِ شروع ٿيو، ان ۾ انگلينڊ سڀني کان اڳيان وڌيل هو. اهو ملڪ ٻيٽ هئڻ سبب گهڻو محفوظ هو ۽ ان سبب جي ڪري انگريزن کي سڄي دنيا ۾ گهمڻ ۽ هنڌ هنڌ تي پنهنجا جهنڊا کوڙي حڪومت ڪرڻ جو ڏاڍو سٺو موقعو مليو. هندستان ۾ سندن هٿ ايترو ته سرمايو چڙهيو ۽ پنهنجي صنعت پهرين سبق سيکارڻ جي لاءِ اهڙا ته سٺا نمونا مليا، جو انهن جي صنعت ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي ويئي ۽ جڏهن ٻين قومن کي خام مال ۽ منڊين جي گهرج پئي ته، هنن هر هنڌ انگريزن کي پنهنجي رستي ۾ حائل ڏٺو. جرمن قوم پنهنجي سگهه کي محسوس ڪندي هئي ۽ ترقي ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندي هئي، تنهن ڪري اها هوريان هوريان مقابلي ۾ آئي ۽ ان جي سياسي رهبري دورانديش ۽ موقعي شناس ماڻهن جي هٿن ۾ هجي ها ته هو به شايد انگريزن کي سياست ۾ ايئن ئي هيٺاهين ڏيکارين ها، جيئن صنعت ۾. پر بدقسمتي سان قيصر وليم ۽ ان جا صلاحڪار اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا، جو سڀ سندن خلاف ٿي وڃن ۽ چالون اهڙيون هلندا هئا، جو سندن مخالفن ۾ اتحاد پيدا ٿي ويندو هو. اهو سراسر جرمن سياست جو ڏوهه آهي ته، انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾ 1895ع ۾ اتحاد پيدا ٿيو ۽ 1905ع ۾ روس به ان اتحاد ۾ شامل ٿي ويو، نه ته انگريز ۽ فرنيچ مدبرن کي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هو ڇا ڪن. جرمني جيڪڏهن انڌو بنجي منڊي آسٽريا کي پنهنجن ڪلهن تي نه کنيو هجي ها ۽ پنهنجي عقل کي آسٽريا جي موروثي مونجهارن ۾ نه منجهايو هجي ها ته، گهڻو ممڪن هو ته هو انگريزن جي واپار ۽ سياست جي ڄار کي، جيڪو يورپ جي اولهائين سري کان ايشيا جي اوڀر ڇيڙي تائين پکڙيل هو، وچ مان ڪٽي ڇڏين ها. پر آسٽريا، کيس بلقان ۾ ڦاسائي ڇڏيو ۽ ان ڦندي مان نڪرڻ جي لاءِ کيس روس، فرانس ۽ انگلينڊ سان جنگ جو اعلان ڪرڻو پيو.
مهاڀاري جنگ نه سياست جا اصول بدلايا ۽ نه وري معيشيت جا. هولناڪ رتوڇاڻ جو نتيجو رڳو اهو نڪتو ته انگلينڊ ۽ فرانس کي يورپ جو نقشو پنهنجي مرضي موجب بدلائڻ جو موقعو ملي ويو. پر دنيا جو ان ۾ ڇوٽڪاور هرگز نه هو ته انگلينڊ ۽ فرانس جا اختيار وڌن ۽ ٻين جا گهٽ ٿين. يورپ جي سياسي مونجهارن جو به اهو نبيرو نه هو، اڃا مهاڀاري جنگ کي ٿيندي ويهه سال به نه ٿيا هئا، جو هڪ ڀيرو ٻيهر چوڌاري اهڙي طوفان جا آثار نظر اچي رهيا هئا، جيڪو يورپ جي ڪنهن به قوم کي ان لائق نه ڇڏيندو ته اها پنهنجي ڀلائي جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ۽ چئني طرفن کنڊرن مان خاڪ اڏندي نظر ايندي.