(10) مسلمانن جي سياست
اسلام دين ۽ دنيا، عبادت ۽ عادت کي ايئن ته پاڻ ۾ گڏي ڇڏيو، جو اسلام جي تاريخ، مسلمانن جي تاريخ کان ڌار نٿي ڪري سگهجي. اسلام يا مسلمانن جو نالو کڻو ته ملڪ گيري جا حوصلا، علمي خدمتون، واپار ۽ تهذيب، قانون ۽ اخلاق، مطلب ته زندگي جي هر پاسو ۽ ترقيءَ جو هر ميدان نظرن جي سامهون اچي وڃي ٿو. غير مسلمانن کي اهو عجيب ٿو لڳي ته مسلمان پنهنجي مذهب کي دنيا ۽ تاريخ جي آرائشن کان پاڪ ڪرڻ نٿا چاهين. ڪجهه مسلمان ان ڳالهه تي ڦڪا ٿيندا آهن ته سندن هر جنگ جهاد ۽ هر سياسي ڪاروائي شرعي مسئلو مڃي ويئي آهي، پر جتي اسلام جي تعليم آهي ته دين ۽ دنيا، روح ۽ جسم، اخلاق ۽ تهذيب نه ڌار آهن ۽ نه ئي وري ڪري سگهجن ٿا. اتي ٻي پاسي خود تاريخ کي ڏسجي ته اها ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي ڪهاڻي آهي، نه ڪي روحانيت جو ڪرشمو. دنيا جي حقيقتن کان بيزار ٿي، فلسفي ۽ نج روحانيت ۾ منهن لڪائڻ دراصل سڄي انساني تاريخ کي بي معنيٰ ۽ بيڪار سمجهڻ جي برابر آهي. پر پنهنجي اک بند ڪرڻ سان اسين تاريخ جي روشني کي وسائي نٿا سگهون. ان جو اثر وڃائي نٿا سگهون. تاريخ جو جيڪو معيار آهي اهو قائم رهندو ۽ سچو هنر اهو آهي، جيڪو عيب جو مقابلو ڪري. ترقي جا محرڪ اهي ماڻهو آهن، جن پنهنجي پراڻي خامين ۽ غلطين جي باوجود به دنيا کي ان کان بهتر ڇڏيو، جهڙي هنن کي ملي هئي.
اسلامي سياست جو بنياد مذهب سان رکيو ويو. پيغمبر اسلام جي زماني ۾ آباد دنيا جي ٻين ملڪن تائين اسلام جي دعوت موڪلي ويئي ۽ ان زماني ۾ ملت جو اهو تصور قائم ٿيو، جنهن ذات، قوم توڙي نسل جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو. هر مسلمان کي سڌوسنئون شرع يعني ديني قانون جي تابع ڪري ڇڏيو ۽ متڀيد کي رد ڪري مساوات ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل سياسي انتظامن جي عمارت کڙي ڪئي. ان ديني مساوات جي سياست ۽ ترجماني ڪئي ويئي. ملت کي حڪومت ۽ حڪمت عملي جي سڀني معاملن ۾ پورو اختيار ڏنو ويو ته، پنهنجي حاڪمن کي چونڊين، انهن جي هلت چلت کي جانچين ۽ پرکين ۽ انهن کي هر وقت پنهنجي راءِ ۽ خواهش کان واقف ڪندا رهن. هيڏانهن ملت ٺهي ته هوڏانهن رواداري کي هڪ سياسي ۽ قانوني شڪل ڏني ويئي، ته جيئن غيرمذهب وارا چاهين ته آزادي ۽ آبرو سان مسلمان حاڪمن جي رعيت بنجي رهي سگهن ٿا. مسلمانن کي جهاد ۽ شهادت جو تمام گهڻو شوق ڏياريو ويو، پر سپاهه گري کي ٻين ڌنڌن تي ڪا به فضيلت نه ڏني ويئي. ان کي خدا جو دوست چيو ويو، جيڪو محنت ڪري روزي روٽي ڪمائي ۽ سياست کي هنر ۽ صنعت جو ادب ڪرڻ ۽ ان جي ترقي کي پنهنجي اصل ڪاميابي ڄاڻڻ سيکاريو ويو. ان زماني ۾ زڪوات جو قانون ٺهيو، جيڪو هڪ ديني فرض به هو. اهڙي طرح محتاج ۽ مجبور، بيواهن ۽ يتيمن جي خبرچار لهڻ ملت ۽ رياست ٻنهي جي ذميداري قرار ڏني ويئي.
عرب، اسلام جا پيدا ڪيل حوصلا پنهنجي دل ۾ رکي، پنهنجن گهرن ۾ نٿي ويهي سگهيا. هنن جو دنيا ۾ پکڙجڻ لازمي هو ۽ اسين ڏسون ٿا ته هو ڪجهه اهڙي ته تيزي سان اولهه ايشيا، مصر ۽ رومي سمنڊ تي ڇانئجي ويا، جنهن جو تاريخ ۾ ڪو جواب ئي نه آهي. اهو ڪرشمو نه انهن جي تلوار ڏيکاريو ۽ نه ڏيکاري سگهي ٿي. هنن جون فوجون ايتريون ته مختصر هونديون هيون ۽ وٽن سرمائي ۽ سامان جي ايتري ته کوٽ هوندي هئي، جو جيڪڏهن هو انهن تي ڀروسو ڪن ها ته وقت جو سلطنتون کين نپوڙي رکن ها. پر اسلام کين سياست جا جيڪي گر ٻڌايا هئا، انهن سندن هر ڏکيائي کي سولو ڪري ڇڏيو. قلعن جا دروازا کوليا ويا، شهرن جون ڀتيون ڪيرايون ويون، دشمنن جون همتون جواب ڏيئي ويون ۽ مسلمانن جي پاڇي کي اهو گڻ بخشيو، جو هو جتي به ويا اتي بر ۾ بازاريون ڪري ڇڏيائون. مسلمانن جي سياست اسلام جي لاءِ اهو ڪجهه ڪيو، جيڪو گوتم ٻڌ جي تعليم جي لاءِ اشوڪ ڪيو ۽ عيسائي مذهب جي لاءِ رومي شهنشاهن جي سرپرستي ڪيو. دراصل اسلامي سياست ئي سڀني کان پهرين دنيا جون اکيون کوليون. قومن، اسلام کي هوريان هوريان، اڪثر حاڪمن جي مرضي جي خلاف قبول ڪيو. مسلمان فاتحن جون تراڙون ته بس هڪ نشتر هو، جنهن دنيا جي بدن مان فاسد رت ڪڍي تندرستي جو امڪان پيدا ڪيو. مسلمان ڪامياب نئين زندگي جي ان پيغام کي کڻي هر هنڌ پهتا ۽ جواب ۾ کين سلطنت انعام ۾ ملي.
مسلمانن جون ذميداريون ۽ اختيار ايتري ته تيزي سان وڌيا، جو حڪومت جو جيڪو نظام شروع ۾ قائم ٿيو هو، اهو نين گهرجن موجب بدلائجي نه سگهيو. حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر رضي الله عنهما جون شخصيتون اهڙيون هيون، جو هڪ جوشيلي ۽ گرم مزاج قوم جا وڌندڙ حوصلا به انهن جي اڳيان ڪنڌ نوايو بيٺا رهيا، پر پوءِ اهي قابو کان ٻاهر ٿي ويا. عرب سردار اڃا تائين فرمانبرداري جا عادي نه ٿيا هئا. هنن جون دليون پراڻين عداوتن کان پاڪ نه ٿيون هيون ۽ دنيا جي حڪومت اهڙي شئي نه آهي، جيڪا دلين کي گڏي. هڪ ٻي ڳالهه به هئي ته عربن تي شام، ايران ۽ قسطنطنيه جي تهذيبن جو فوري طور تي اثر پوڻ لڳو ۽ اهو انهن جي ٺٺ ۽ ٺانگر واري زندگين کي لالچي نظرن سان ڏسڻ لڳا، جيڪي مسلمانن جي جماعت کان ٻاهر دنيا ۾ حاڪم جو حق ۽ انهن جي راڄ سهرو سمجهيو ويندو هو. اهڙي طرح مسلمانن ۾ ماڻهو ٻن خيالن جا ٿي پيا. هڪڙا اهي هئا، جن جي نظر ۾ حڪومت جا فرض ادا ڪرڻ ۽ اسلامي سياست جا ظاهري آداب اختيار ڪرڻ ڪافي هو ۽ جيڪي پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي پنهنجي شئي سمجهي، جيئن وڻين، تيئن زندگي گذارڻ جو حق گهرندا هئا. ٻيا اهي ماڻهو هئا، جن لازمي سمجهيو ٿي ته مسلمان حاڪم بهترين مسلمان پڻ هجن ۽ سندن ذاتي زندگي ان نموني تي هجي، جهڙي پيغمبر اسلام پيش ڪئي هئي. حضرت علي رضه کان پوءِ پهرين خيال وارا همراه اسلامي رياست جي سگهه ۽ سرمائي تي قابض ٿي ويا. پر بيوسيءَ ۾ به، کرن ۽ سچن مسلمانن، جن بادشاهي ۽ فقيري، حڪومت ۽ خدمت، وڏائي ۽ خاڪساري جي ٻن رنگن مان هڪ رنگ ٺاهڻ ٿي چاهيو، همت ڪا نه هاري ۽ آخرڪار امام حسين جي شهادت، حق پرستيءَ جو هڪ مثال قائم ڪيو، جيڪو اسلامي شهرين ۽ سياسي اخلاق جو سڀ کان يادگار قيمتي تحفو آهي.
مسلمانن جي جيڪا مرڪزي حڪومت حضرت علي رضه کان پوءِ قائم ٿي، ان ۾ خليفي جي چونڊ جي رسم ته رکي ويئي، پر اها اصل شاهي حڪومت ئي هئي ۽ انهن جهيڙن جهڳڙن کان سواءِ، جيڪي هر نئين چونڊ وقت ٿيندا هئا، عرب قبيلن ۽ گهراڻن جون عداوتون ۽ ڪينو، ان کي ڪمزور ڪندو رهيو. عربن جي ان ڪوشش ته فوج ۽ حڪومت سندن هٿن ۾ رهي، ماتحت قومن کي سندن ۽ سندن سلطنت جو دشمن بنائي ڇڏيو. عربن جو عيسائين ۽ يهودين سان رويو نه بدليو، انصاف ۽ رعايا پروريءَ ۾ انهن جي حڪومت پنهنجي زماني ۾ بي نظير هئي، پر سندن پنهنجي جماعت، اندروني فسادن سبب تباهه ٿيندي رهي. عربن انسانيت ۽ تهذيب جي جيڪا خدمت ڪئي، ان جي ڀيٽ ۾ سندن سياسي ذهنيت ۽ انتشار پسند طبيعتن کي ڏسجي ته حيرت ٿي ٿئي ۽ واقعي جيڪڏهن سندن حڪومت کي ان ربط ۽ اتحاد جو سهارو نه ملي ها، جيڪو اسلام پيدا ڪيو هو، ته شايد عرب ان دنيا کي ڏهن پندرهن سالن ۾ ئي وڃائي ويهن ها، جيڪا هنن پنجاهه سٺ سالن ۾ حاصل ڪئي هئي.
انهن عربن جي سياسي تهذيب، انهن جي انسانيت ۽ رواداري جي صورت اسان کي ان باهه جي پسمنظر ۾ گهڻي صاف ٿي نظر اچي جيڪا عيسائي ملت جي اڳواڻن يارهين صدي جي آخر ۾ لڳائي، ۽ جيڪا ڏيڍ سؤ سالن تائين ڪڏهن وسامندي ته ڪڏهن ڀڙڪندي رهي. مسلمانن جو ڏوهه بس ايترو هو ته هنن مختلف عيسائي فرقن جي وچ ۾ صلح قائم رکڻ ٿي چاهيو ۽ کين ان ڳالهه جو خيال نه رهيو ته ٻين جذبن جيان ديني جذبو به جيڪڏهن وڌيڪ شديد ٿي وڃي ۽ عمل ان جي لاءِ ڪو رستو نه ڪڍي ته اهو سياڻي کي به چريو ڪري ڇڏيندو آهي. بهرحال انهن جي ظلمن جا داستان اولهائين دنيا ۾ ٻڌائجڻ لڳا ۽ روم جي پاپا، جيڪو بي لگام ۽ ويڙهاڪ بادشاهن کي سياسي ميدان مان هٽائي، پنهنجو اثر قائم ڪرڻ ٿي چاهيو، مختلف ملڪن جا بادشاهه جيڪي پنهنجي فوجي سردارن جي بدعنوانين کان عاجز هئا، عام سپاهي جن جي لاءِ ڦرلٽ جا موقعا گهٽجي رهيا هئا، عوام جيڪو قرضدار ٿي چڪو هو، يا جن وٽ کائڻ جي لاءِ ڪجهه به نه هو، مرد، عورتون ۽ ٻار جن جي مٿي ۾ سوداءُ سمايل هو، سڀئي بي دينن جي خلاف وڙهڻ ۽ بيت المقدس کي انهن جي قبضي مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجن گهرن مان نڪري پيا. پهريون ٽي فوجون، جيڪي صليب جي عزت بچائڻ جي لاءِ اوڀر طرف روانيون ٿيون، اهي فوجون نه، پر بکايل جانورن جا ڌڻ هئا، جن پنهنجي ملڪ مان نڪرندي ئي اهو سمجهيو ته ڪافرن جو ملڪ اچي ويو آهي ۽ پنهنجي عيسائي ڀائرن سان ايئن پيش آيا، جو انهن مان هڪ ماڻهو به جيئرو نه ڇڏيائون. چوٿين صليبي فوج ۾ چرين سان گڏ ٽي لک سپاهي به هئا. مسلمانن جي قسمت ان وقت ڪجهه اهڙو ڦيرو کاڌو، جو آبادي ۽ انسانن جا هيءُ دشمن ڪٿي به روڪجي نه سگهيا. صليبي فوج ”دره درنيال“ کي پار ڪيو ۽ ايشيا ۽ ڪوچڪ ۽ شام مان گذري، هوريان هوريان بيت المقدس ڏانهن وڌي، پر ڪهڙي شان سان؟ ڳوٺن کي اجاڙيندي، فصلن کي ساڙيندي، رت جون نديون وهائيندي، هٿين خالي مردن ۽ عورتن کي اذيتون ڏيئي قتل ڪندي.
ان فوج جا ماڻهو رستي ۾ نه رڳو مردار، پر ماڻهوءَ جو گوشت به کائي چڪا هئا. هنن جي اُڃ زندگي جا سڀ آثار ختم ڪرڻ کان سواءِ لهي نٿي سگهي. ان شهر ۾ جتي حضرت عمر، ديول جي اڱڻ ۾ رڳو ان ڪري نماز پڙهڻ کان انڪار ڪيو ته متان مسلمان سندس نقل ڪن ۽ ديول تي قبضو نه ڪري وٺن. انهن ماڻهن، مسجدن ۾ گهڙي انهن ويچارن جي رت سان جن اتي پناهه ورتي هئي، مسجد جي اڱڻ کي رت جو تلاءُ بنائي ڇڏيو. يهودين کي سندن عبادت گهرن ۾ بند ڪري باهه لڳائي ڇڏي ۽ پوءِ ڀوت بنجي ان ويراني تي راڄ ڪرڻ لڳا. هاڻ ان تصوير جو ٻيو پاسو به ڏسو. مسلمان لڳ ڀڳ سٺ سالن کان اهو ڏسندا پي آيا ته عيسائي سندن جان جا دشمن آهن. يورپ مان صليبي سپاهين جو جيڪو به نئون ريلو اچي ٿو، اهو پاڻ سان گڏ ظلم ۽ ستم جو ڪو نه ڪو نئون طريقو پڻ کنيو اچي ۽ انهن جي اکين جي سامهون هڪ شاهه ۽ آريا ملڪ زخمي ٿي پيو آهي. پر جڏهن سلطان صلاح الدين ايوبيءَ بيت المقدس تي قبضو ڪيو ته هٿين خالي ته ڇا، سپاهين کي به امان ڏني ويئي. جنگ ۾ جيڪي عزيز ۽ مٽ مائٽ، ڀائر، ڀينر، مڙس، زال ۽ ماءُ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويا هئا، تن کي ڳولهي هڪ ٻئي وٽ پهچايو ويو. ڪيترائي اهڙا ماڻهو، جيڪي پئسا ڏيئي پنهنجي آزادي خريد ڪري نٿي سگهيا، تن کي معاف ڪيو ويو. ڪجهه ته اهڙا به هئا، جن پاران صلاح الدين ايوبي ۽ سندس ڀاءُ پنهنجي کيسي مان پئسا ڏنا ۽ تنهن کان سواءِ کين سفر خرچ به ڏنو ويندو هو. ان شرافت کي جيڪڏهن ڪنهن داد ڏنو ته انگلينڊ جي بادشاهه رچرڊ جي شرمندگي ۽ ندامت ڏني. ٻيا سندن ڪهڙو قدر ڪن ها، جڏهن انهن پنهنجن ئي عيسائي ڀائرن کي، جن کي مسلمانن جي رحمدليءَ ساحل تائين پهچايو هو، ڪتن جيان ڊوڙائي ڪڍيو ۽ کين بکن وگهي مرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو. عيسائين جي مذهبي اڳواڻن به مسلمانن جي شرافت ۽ سندن هر احسان جي ياد کي تعصب جي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. ۽ عيسائين جي خيال ۾ مسلمان بي دين، سنگدل، وحشي ۽ ناپاڪ ئي رهيا. مسلمانن بهرحال پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو، هو نقصان ۾ رهيا، پر خدا جي اطاعت ۽ دنيا تي احسان اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو اهڙي نقصان کي خوشيءَ سان گوارا ڪري، ڇاڪاڻ ته ماڻهپو اهڙي ئي نقصان تي پلبو آهي.
صليبي جنگين جو زمانو اهو هو، جڏهن عباسين جي سلطنت جو سج لهي چڪو هو ۽ ترڪستان جا خانه بدوش نسل ايران ۽ عراق تي لالچي نظرون وجهي رهيا هئا. اولهه ۾ صليبي جنگيون مسلمانن جي خلاف ۽ تهذيب جو امتحان وٺي چڪيون هيون ته اتر اوڀر مان تاتاري ڪاهي آيا. جيئن ته دنيا جو دستور آهي، هڪ تهذيب مٽبي آهي ته ٻي ان جي جاءِ والاريندي آهي، پر عيسائين جي برخلاف، انهن نون دشمنن ۾ دوستي جو مادو پڻ هو، هو جلد ئي مسلمانن جي تهذيب جا محافظ ۽ علمبردار بنجي ويا ۽ اوڀر جي لهندڙ ڏينهن کي هڪ نئين روشني سان چمڪائي ڇڏيو.