(14) يورپي سڀيتا جي شروعات
يورپي قومون پنهنجو پاڻ کي عيسائي چون ٿيون ۽ تنهن ڪري مناسب اهو آهي ته اهو داستان ان وقت کان شروع ڪجي، جڏهن عيسائي مذهب جو رومي سلطنت ۾ پرچار ٿيو. ان کي سڀ کان پهرين انهن غريبن ۽ غلامن قبول ڪيو هو، جن کي رومي حڪومت ۽ تهذيب جي چڪي پيهي رهي هئي ۽ انهن کي دلاسو ڏيڻ جي لاءِ ان مذهب ۾ تمام گهڻو ڪجهه هو. پر عيسائي اڳواڻن پنهنجي محنت ۽ قابليت زندگي کي اهڙي صورت ڏيڻ ۾ نه لڳائي، جنهن سان غريبن جو ڪجهه ڀلو ٿئي ۽ حاڪمن ۽ اميرن جي جوف جيڪو انڌير ڪيو هو، ان ۾ ڪجهه ڪمي ٿئي. هو اهو گهڻو نيڪ ۽ ضروري ڪم سمجهندا هئا ته حضرت عيسيٰ جي خدا يا انسان، يا خدا ۽ انسان هئڻ جي سوال کي طئي ڪن ۽ ان مان جيڪو وقت بچندو هو، ان ۾ هو وري سلطنت کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا هئا ته جيستائين اها موجود هوندي دنيا ۾ خدا جي حڪومت قائم نه ٿي ٿي سگهي. اسان کي اهو صحيح معلوم ته ڪونهي ته رومي سلطنت عيسائين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو، تنهن ڪري مذهب جي سچائي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ان زماني ۾ بي ڌڙڪ ڪوڙ ڳالهايو ويو ۽ عيسائي فرقن جا سردار هڪ ٻئي کي جهڙي نموني گاريون ڏيندا، بدنام ڪندا ۽ ذليل ڪندا هئا، ان کي ڏسندي ئي سندن ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ممڪن نه هو. عيسائي مذهب کي به دنيا سان ۽ دنيا جي سڀني قومن ۽ تهذيبن سان اهڙي ته ڪٽر دشمني هئي، جنهن تي وقت جا گمراهه، بي دين ۽ ڪوڙن ديوتائن کي پوڄيندڙ رومي به دنگ رهجي ويندا هئا ۽ عيسائين تي جيڪڏهن سختيون به ڪيون ويون ته ان جو وڏو سبب هي هو ته رومي کين پنهنجي مذهب جا ئي نه پر خود انسانيت جا به بدخواهه سمجهندا هئا، جن جو هر وقت اها پٽ ۽ پاراتو پيو پوندو هو ته خدا جو ڏمر نازل ٿئي ۽ دنيا سڙي ڦلهيار ٿي وڃي.
پر پنهنجن عيبن ۽ هڪ ٻئي سان جهيڙن جهٽن جي باوجود به عيسائي جماعت وڌندي رهي. رومي سلطنت ۽ رومين جي طبيعت ۾ بگاڙ پيدا ٿي پيو هو. مٿن اتر پاسان وحشين جو دٻاءُ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو ۽ چوٿين صدي جي شروع ۾، شهنشاهه قسطنطين اهو سوچي عيسائي مذهب کي سرڪاري مذهب بنائي ڇڏيو ته، شايد ان تدبير سان سلطنت پاڻ سنڀالي وٺي. پر کيس ڏاڍي مايوسي ٿي، ڇاڪاڻ ته جتي تڪليفون هيون، اتي اها هڪ ڏکي ذميداري به هئي ۽ اڃا به وڌي ويئي ته عيسائي فرقن کي هڪ ٻئي جي زور آزمائي کان بچائجي. هڪ ٻئي کي مارڻ ۽ ساڙي ڇڏڻ کان روڪجي. عيسائين کي هاڻ غريبن سان ڪو به لڳاءُ نه رهيو هو، ڇاڪاڻ ته ان ئي قسطنطينه ۾ ٽيڪس وڌايا ۽ جيڪا غلامن جي کوٽ ٿي پئي هئي، اها پوري ڪرڻ جي لاءِ هن هارين کي غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عيسائي ملت جي سردارن جي ڪنن کي جونءَ به نه سُري. عيسائي مذهب ته هڪ هيرو هو، جيڪو بدقسمتي سان سوناري جي بدران لوهار جي هٿ چڙهي ويو هو ۽ اهو تراشيو نه پر ٽوڙيو ويو. پاڻ به بي آبرو ٿيو ۽ ان سان گڏ اهي ماڻهو به جيڪي ان جا مالڪ هئا، سي به ان جو قدر سڃاڻي نه سگهيا.
ان ۾ ڪو به تعجب ڪونهي ته عيسائي مذهب رومي سلطنت کي بچائي نه سگهيو. اها اندران ئي اندران ڳرندي سڙندي رهي هئي ۽ پوءِ يورپ جي وحشي نسلن کين ڊاهي ڇڏيو، چئن پنجن سؤ سالن تائين تهذيب جون پراڻيون ٻنيون هڪ نئين سيلاب ۾ ٻڏل رهيون ۽ نيٺ پاڻي جو زور ٿيو ته سلطنت ۽ مذهب هڪ ٻئي کي سهارو ڏيئي زمين تي پير کپايا. ان زماني ۾ پادرين ۽ ديون جو اهو بندوبست ۽ مذهبي حڪومت جو اهو طريقو، جنهن جي هڪ سري تي ڳوٺ جو ديول ۽ پادري ۽ ٻي ڪنڊ تي روم ۾ وڏو ديول وڏو پادري هو. ديولن ۽ پادرين جي ان سلسلي کي رومي ڪليسا چوندا آهن ۽ ان جي سردار کي پاپاءِ روم.
800ع ۾ جرمن نسلن جي سردار چارلس اعظم، يورپ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري پنهنجو پاڻ کي شهنشاهه سڏرايو ۽ پنهنجي سلطنت جو نالو مقدس رومي سلطنت رکيو. اها سلطنت مقدس هرگز نه هئي ۽ ان جا بادشاهه ۽ ان جي رعيت جرمن هئي، رومي نه هئي. پر اهو خيال ماڻهن جي دلين ۾ ويهي رهيو ته سڄي عيسائي ملت کي هڪ ڏسجي ۽ هڪ ئي شهنشاهه جي هٿ هيٺ رهڻ گهرجي ۽ ڪيترن ئي سؤ سالن تائين ان خيال کي اتحاد جو ذريعو بنائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي.
يورپ، وچ جي صدين ۾ جيڪا ٿوري گهڻي ترقي ڪئي، ان ۾ يونان ۽ روم جي تهذيب ۽ ڪليسا ٿوري به مدد نه ڪئي. يونان ۽ روم جو ان وقت رڳو نالو وڃي بچيو هو. اتي جي تهذيب کنڊرن جي هيٺان دٻي پيئي هئي ۽ ان جو جيڪڏهن ڪو حصو کوٽي ڪڍيو ويندو هو ته رومي ڪليسا جو تعصب ان کي ٻيهر زمين ۾ دٻائي ڇڏيندو هو. يورپي قومن کي ان اونداهي رات ۾ جيڪا روشني ملي، اها اسپين ۽ سسلي جي عرب تعليم گاهن مان ملي، جتي علم ۽ آزاد خيالي جو وڏو چرچو هو. ان وقت ڪليسا جي ڊپ يورپ وارن کي مسلمانن جي تهذيب ۾ ترقي مان ڪو فائدو وٺڻ نه ڏنو، بلڪ مسلمانن کان اهڙي ته نفرت پيدا ڪئي جنهن احسان مڃڻ ته پري رهيو، پر مسلمانن سان انسانيت جو سلوڪ ڪرڻ به هڪ وڏو ڏوهه بنائي ڇڏيو. اهو ڳجهه ته، اڃا ٿورو اڳ انصاف پسند عالمن جي ڪوششن سان کليو آهي ته مسلمانن ئي يورپ وارن کي علم جا پهريان سبق پڙهيا، صنعت جا گر سيکاريا، انهن جي ذهنن کي ڪال ڪوٺڙي مان ڪڍيو، جنهن ۾ ڪليسا کين بند ڪيو هو ۽ انهن جي دلين کي، جيڪي پٿرائجي ويون هيون، نئين شوق ۽ نئين حوصلي گرمي پهچائي. صليبي جنگين ۾ يورپ جي اميرن ۽ بادشاهن کي پهريون ڀيرو اهو ڏسڻ جو موقعو مليو ته مهذب ماڻهو ڪيئن هوندا آهن، ڇا کائيندا آهن، ڇا پهريندا آهن ۽ ڪيئن رهندا آهن؟ مزاج ۾ رهڻي ڪهڻي جي ان تبديليءَ واپار کي وڌايو، صنعت کي ڀڙڪايو، هنر کي مهميز ڏني ۽ ايئن تهذيب جو ڏيئو ٻاريو ويو. پوءِ به ستن اٺن سؤ سالن تائين يورپ جي تاريخ ڪليسا جي لالچ ۽ تعصب جو داستان رهيو. عيسائي مذهب جي تعليم اها آهي ته انسان کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنياوي زندگي کي گناهه ۽ شيطان جو دوکو سمجهي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ خدا سان کيس، جيڪو سراسر رحم آهي ۽ حضرت عيسيٰ سان جيڪو محبت ۽ قرباني جو ڪامل نمونو آهي، دل لڳائڻ گهرجي. رومي ڪليسا اهو سبق ته ورجائيندو رهيو پر پاڻ ڪڏهن به ان تي ڪاربند نه رهيو، ان کي لالچ هئي ته حڪومت جي هئي ۽ پنهنجي ٺٺ ۽ ٺانگر سان ماڻهن جون اکيون کيريون ڪرڻ جي هئي. سترهين صدي جي هڪ انگريز ليکڪ صحيح چيو هو ته، رومي ڪليسا، قديم رومي سلطنت جو ڀوت آهي جيڪو تاج پايو، ان جي قبر تي ويٺو آهي.
يورپ جي اڌ کان به وڌيڪ زمين ڪليسا جي قبضي ۾ هئي، ان جا عهديدار سڀ زميندار هئا. پاڻ ته ٺٺ ۽ ٺانگر سان رهندا هئا، پر غريب آباديءَ کان ڪيترن ئي قسمن جون ڍلون ۽ محصول وٺي، روم جي خزاني ۾ ڏن طور موڪليندا رهندا هئا. پر ڪليسا جي اُڃ ان سان به نه پي اُجهي؛ پوپ، عيسائي ملن جو سردار ئي نه پر بادشاهن جو به بادشاهه هئڻ جي دعويٰ ڪندا رهيا ۽ ان جي آمدني ۽ اثر رسوخ وڌائڻ جي لاءِ سڀني وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهيو. اهي سوين سالن کان وڙهندا رهيا ۽ انهن لڙائين جو هڪ نتيجو اهو هو ته پوپن صليبي جنگين جو سلسلو شروع ڪيو. انهن جنگين ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا، سوين وسنديون ويران ٿي ويون، پر پوپن کي ان جي پرواهه نه هئي هو ته ان ڳالهه تي خوش هئا ته سندن آمدني وڌي، سندن اثر وڌي ۽ جيڪي بادشاهه کين ستائيندا هئا، تن کي مشڪل ۾ ڦاسايو وڃي. پهرين ته صليبي جنگين جو وڏو هُل متو، پر پوءِ پوپن جي پت پڌري ٿي پئي ۽ سندن چوڻ تي ڪو به صليب جي لاءِ وڙهڻ تي تيار نه ٿيندو هو. ڪليسا جي جيڪا حيثيت هئي، ان تي به بادشاهن سان ٽڪرائجڻ سولو ڪم نه هو. پوپن جو خرچ ايترو ته وڌي ويو هو، جو کين آمدني وڌائڻ جي لاءِ نت نيون تدبيرون سوچڻيون پيون. انهن مان هڪ تدبير اها به هئي ته هو گناهن جا ”معافي ناما“ وڪڻندا هئا ۽ ان يورپ جي مذهبيت کي اهڙو ته صدمون پهچايو جو اها پوپن ۽ ڪليسا سان وڙهڻ جي لاءِ تلوار ڪڍي ميدان ۾ اچي و يئي.
عيسائي فرقن کي هڪ ٻئي سان جيڪا دشمني هئي، ان جو ذڪر ته ڪري چڪو آهيان، اولهه يورپ ۾ جڏهن ڪليسا جو ڌاڪو ڄميو ته ڄڻ نفرت ۽ تعصب جو مادو به هڪ هنڌ گڏ ٿي ويو. انهيءَ جو مزو نه رڳو مسلمانن، پر خود يورپ وارن به چکيو، جو انهن مان جيڪو به شخص يا جماعت ٿوري به رومي ڪليسا جي مخالفت ڪندو هو، ان کي سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون. يعني ڪليسا جي عهديدارن جي هر ڳالهه اکيون ٻوٽي نه مڃڻ وارن کي ڪليسا دوزخ جي باهه کان بچائڻ لاءِ پاڻ ساڙي ڇڏيندي هئي. ايئن ڏکڻ فرانس ۾ ته وسندين جون وسنديون ان باهه ۾ ساڙيون ويون. انهن ۾ اهڙن فرقن جا ماڻهو به شامل هئا، جن جو ڪليسا جي عقيدي سان ٿورو گهڻوا ختلاف هوندو هو ۽ عيسائين مان انهن معصوم ٻارڙن تي به ڪو رحم کائڻ وارو نه نڪتو، جيڪي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ سڙندڙ گهرن ۾ اڇلايا ويا.
ڪليسا جي تعصب جي باهه اهڙي هئي جيڪا وسامڻ لڳندي هئي ته ان جي لاءِ نئون ٻارڻ ڳولهيو ويندو هو ته جيئن ان سان دين جي روشني پکڙجندي ۽ ڪليسا جي بدن کي گرمي پهچندي رهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته رومي ڪليسا جي مخالفت ۾ جيڪي نوان فرقا ٺهيا ۽ ڪامياب ٿيا، انهن به گمراهن ۽ قريلن کي ساڙڻ جي رسم جاري رکي ۽ تعصب جا اُلا دٻجڻ جي بدران ڀنڀٽ بنجي ڀڙڪڻ لڳا.
رومي ڪليسا کي ته پنهنجي تعصب جي ڪري ڪو به نقصان نه ٿيو، پر پوپن ۽ شهنشاهن جي جنگين جو انجام اهو ٿيو ته ٻئي زخمي ٿيا ۽ اهو خيال ته سڄي عيسائي سماج جو هڪ سردار هئڻ گهرجي، دلين تان ميسارجي ويو. ماڻهو انهن ڳالهين تي راضي ٿي ويا ته ڌار ڌار سلطنتون قائم هجن ۽ انهن سلطنتن جا بادشاهه ڪنهن جي ماتحت نه هجن. اهو هڪ وڏو انقلاب هو، جنهن يورپ جي زندگي جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو، جو انهن بادشاهن جي ڪري ئي رومي ڪليسا هيڻي ٿي. حڪومت جون نيون تدبيرون سوچيون ويون ۽ واپار ۽ صنعت جا پراڻا ٻنڌڻ ٽٽا. يورپ ۾ جڏهن نوان نسل آباد ٿيا ته حڪومت جو هڪ طريقو نڪتو ته هاري کان وٺي بادشاهه تائين، هر شخص جو ڪنهن ٻي سان معاهدو هو ۽ هر شخص جا حق ۽ ان جا فرص مقرر هئا. هاري جو فرض هو ته پوکي ڪري زميندار جو حق هو ته اپت مان هاري جي لاءِ هڪ حصو ڇڏي، باقي سڀ پاڻ کڻي، پر هاري جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري. ننڍن زميندارن جي مٿان وڏا زميندار هئا، جن کي هو ڍل به ڏيندا هئا ۽ ان وعدي تي ته گهرج پوڻ تي سندن مدد ڪئي ويندي ۽ هو پاڻ ان ڳالهه جا ذميوار هوندا هئا ته کين جڏهن به گهرايو ويندو، سپاهين جي هڪ خاص تعداد ساڻ وٺي پنهنجي سرپرست وٽ پهچي ويندا. اهو سلسلو بادشاهه بلڪ شهنشاهه تي وڃي ختم ٿيندو هو، جنهن جي فرمانبرداري سڀني تي فرض هئي ۽ سڀني جي خبرگيري جي ذميداري مٿس هوندي هئي. ان نظام ۾ اوهين ڏسي سگهو ٿا ته سڄو وزن هارين تي وڌيو ويو هو، جيڪي حقيقت ۾ غلامن کان به بدتر هئا ۽ سڀني کان وڌيڪ اڻ تڻ بادشاهه کي هوندي هئي ته جيڪڏهن سردار بگڙجي پيا ته وٽس نه فوج رهندي ۽ نه سرمايو رهندو. ٻي ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته واپاري، ڪاريگر، دستڪار ۽ مزدورن جي ان نظام ۾ ڪا به کپت نه هئي. اهي ماڻهو شروع کان ئي اسان کي ٿورن شهرن ۾ ملن ٿا. انهن جي نه ڪا حيثيت هئي ۽ نه ئي وري کين ڪو به پڇڻ وارو هو. پر هوريان هوريان پهرين اطاليا ۾، جيڪو اسلامي دنيا جي ويجهو هو ۽ ٻيو اتر يورپ ۾ به شهرن ۾ واپار ۽ صنعت وڌي. واپاري مالدار ٿيندا ويا ۽ بادشاهن انهن سان ٺاهه ڪري وڏن زميندارن کي دٻايو ۽ معاهدن جي انهن زنجيرن کي ٽوڙيو، جن ۾ سڄي آبادي ٻڌل هئي ۽ پنهنجي ۽ رعيت جي وچ ۾ ڪا به وچ جي ڪڙي نه رکي. بادشاهن کي ان ڳالهه جو فڪر هو ته انهن جي پنهنجي طاقت وڌي ۽ انهن جي سرسي ٿئي، پر پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ جي لاءِ هنن جيڪي چالون هليون، انهن جو نتيجو اهو نڪتو ته يورپ جون قومون به هڪ هڪ ڪري گهري ننڊ مان سجاڳ ٿيون ۽ هنن ڪر موڙي هيڏانهن هوڏانهن نظر وڌي ته همت ۽ حوصلي جي لاءِ هڪ وڏو ميدان موجود ڏٺائون. يورپي قومن شايد تمام جلد ترقي ڪئي هجي ها، جيڪڏهن ڪليسا کين قابو ۾ رکڻ جي لاءِ تعصب ۽ تنگ نظري جي جيڪا دوا پياري هئي، انهيءَ جو مٿن بيدار ۽ هوشيار هئڻ کان پوءِ به اثر نه رهي ها. مسلمانن جي صنعتن جو نقل ڪندي يورپ وارن جي هٿن ۾ چڱي خاشي صفائي اچي ويئي هئي ۽ اطاليا جي واپارين عربن سان وڏو ڪاروبار ڪرڻ جو ڍنگ به سکي ورتو هو. پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن اوڀر ۽ اولهه جي واپارين ۾ مقابلو ٿيو، اولهه وارا محسوس ڪرڻ لڳا ته جيستائين اوڀر جي منڊين ۽ واپاري رستن تي عربن ۽ ترڪن جو قبضو آهي، تيستائين هو اڳيان نه وڌي سگهندا ۽ هنن ايشيا تائين پهچڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولهڻ شروع ڪيا. ان ڪوشش ۾ ڪولمبس آمريڪا ڳولهي لڌي ۽ واسڪو ڊي گاما هندستان پهتو. هيڏانهن تيرهين صدي ۾ تاتارين اوڀر جي صنعت تي اهڙا ته وار ڪيا، جو اها وري اڀري نه سگهي ۽ هوريان هوريان يورپ وارا جيڪي پهرين پاڻ وٽ اوڀر جون ٺهيل شيون گهرائيندا هئا، هاڻ پنهنجو گهرجون پاڻ ئي پوريون ڪرڻ لڳا. واپار سان گڏ هنن وٽ تهذيب به اڳتي وکون وڌايون. منجهن آزادي جو حوصلو سڀ کان پهرين ايئن ظاهر ٿيو ته رومي ڪليسا کان بغاوت ڪئي ويئي، پر باغي هڪ ٻئي سان ان ئي تعصب سان پيش ايندا رهيا، جيڪو رومي ڪليسا جو ڌرم هو. مذهبي اختلافن جي سزا ۾ ماڻهو باهين ۾ سڙندا رهيا ۽ هر ملڪ کي مذهب جي ڪري گهرو ويڙهه جون مصيبتون سهڻيون پيون. آمريڪا ۽ هندستان جو رستو پندرهين صدي جي آخر ۾ دريافت ٿيو ۽ يورپ جي آخري مذهبي جنگ 1648ع ۾ ختم ٿي. نون فرقن جو مذهب، دنيا جو دشمن نه هو، پوءِ به هر ملڪ ۾ سچي تهذيب ۽ ترقي جي شوق جو شوشو رهيو. يورپ ۾ علم جو ڏيئو مذهب جي چراغ کي وسائي ٻاريو ويو ۽ هاڻ به ماڻهو سمجهن ٿا ته انهن ٻنهي جو هڪ ئي وقت ٻرڻ قدرتي قانون جي ابتڙ آهي.